مڱريا نسل:
• هن ڏند ڪٿائي ڪهاڻيءَ ۾ خود ڪيترا اسرار لڪل نظر پيا اچن ٿي سگهي ٿو ته هي ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ذهن ۾ به هجن. پهريون ته راجپوتانه جي رڻ پٽ ۾ هڪ ننڍي هندو رياست هئي. جنهن جي خبر نه روايت ڪرڻ واري آهي نه دائود پوٽي صاحب کي ئي ان جي خبر لڳي سگهي. راجا جي نالي جي ته خبر پئجي وئي. مگرراجا جي راڄڌانيءَ جو پتو نه پيو. ٻيو ته باجيراءِ هندو راجا آهي ۽ ان جي راڻي به هندو ، ٻار پيٽ ۾ پيو مسلمان . ڪٿي اهو ٻار راجا سان شادي ٿيڻ کان اڳ ۾ ته نه پيو. ان جي جيئن ته وضاحت نه آهي. مگر قياس چوي ٿو ته راڻيءَ جو پيچ ڪنهن مسلمان فقير تن درويش سان اٽڪيو هوندو ۽ هن سان رضائي خداوندي تحت مليو هوندو. ان بعد هن جي شادي هن راجا سان ٿي هوندي. جڏهن راجا مٿان راز کليو ته راڻي کي سزا ڏيڻ خاطر ڏاگهه تي چاڙهڻ جو حڪم ڪيو هوندو ته جيئن ٻنهي کي ساڙي ختم ڪيو وڃي. مگر جيئن ته راڻي هندو هئي سڙي وئي ۽ ٻار جيئن ته مسلمان هو ۽ ۽ رضائي خداونديءَ سان هن جو نطفو ٺهيو هو. تنهنڪري ان جوهر کي باهه ساڙي نه سگهي. ۽ ٻار کي خداوند ڪريم هنن جي سوچ جي ابتڙ شڪم مادر مان ڪڍي زمين تي پهچائي ڇڏيو. ٻار جي عمر جي ڪٿ جيئن ته پنجن مهينن جي ذڪر سان ٿئي ٿي تنهن جا ٻه مهينا ٻيا به ٻڌجن ته ٻار وڌ ۾ وڌ ستن مهينن جو آهي. ۽ زمين تي اچڻ سان زبان سان اچاري ٿو ”محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم“ هي واقعو جيئن ته هيبت ۽ حيرت ۾ وجهڻ جهڙو هو. تنهنڪري ان وقت جو عوام اڻڄاتل خوف ۾ وڪوڙجي ويو، ۽ خوف وچان پري ٿي ويو. راجا به ڊڄي ويو. شايد گرهوڙي صاحب جو هي بيتان منظر جي نشاندهي ڪندڙ آهي ته:
جنهن ڪن ٽوپايا ڪوڏ مان تنهن کي ڪڄاڙو
ماڻس ستڙو پڻس نالو ڪينڪي
عوامي زبانن جي اها راءِ آهي ته خود گرهوڙي رحه هو. ۽ چانهين سندن نالو“مڱريو”يعني باهه جي آڙاهه مان نڪري اچڻ وارو رکيو هو. جتان اڳتي هلي مڱريا ذات نڪتي (راقم)
مڱرراءِ اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو جڏهن بالغ ٿيو ته سندس شادي ڪرائي وئي. کيس ٽي پٽ ڄاوا جن مان وڏي جو نالو”ساهڙ” هو. ساهڙ جڏهن وڏو ٿيو ته ان جي شادي ڪرائي وئي. هن کي هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي ڄائي، پٽ جونالو “ٻڪيو” رکيو. ٻئي ڀاء ُڀيڻ اڄ ننڍا سڀاڻي اچي جوان ٿيا. ساهڙ ته جيئن تيئن غريبي زندگي گذاري جو “ مڱر راءِ” جي گذاري وڃڻ بعد راجا انهن کان جاگيرون کسي ڇڏيون هيون. مگر جڏهن هي ٻئي ڀاءُ ڀيڻ وڏا ٿيا ته پنهنجي ڏاڏي جي روحاني تربيت سان اهي ٻئي ولايت جا صاحب هئا. ڏاڏي جي حڪم تي هنن راجا کان انهن جاگيرن جو مطالبو ڪيو جيڪي هن ڏئي کسي ورتيون هيون. مگر راجا هنن کي جاگيرون ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ته هنن راجا کي چوائي موڪليو ته جيڪڏهن تون جاگيرون جيڪي اسان جو حق آهن. موٽائي نه ڏيندين ته پوءِ اسان پنهنجي زور تي اهي توکان واپس وٺنداسون. پوءِ به راجا هنن جي مطالبي تي ڪن نه ڏنو ٻئي ڀاءُ ڀيڻ ڳوٺان نڪري جيسلمير پهتا. جيئن ته هنن بادشاهه کي اڳئي چتاءُ ڏئي ڇڏيو هو ته اسان توکان جاگيرون پنهنجي زور تي حاصل ڪنداسون. ڀاءُ ڀيڻ پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ته ڀيڻ ڀاءُ کي چيو ته ادا جيئن ته منهنجو درجو ولايت ۾ توکان مٿي آهي. تنهنڪري پهرين تون ”ڪاني هڻ“ يعني ولايت جي قوت استعمال ڪر. جي راجا آڻ مڃي ۽اسانجي ڳالهه قبول ڪيائين ته مان اها ”ڪاني“ واپس موٽائي وٺنديس جيڪڏهن مون ”ڪاني هنئين” يعني ولايت استعمال ڪئي ته توکان اها موٽي نه ٿيندي. ڀاءُ اها ڳالهه قبول ڪئي. ڀاءُ! کيسي مان سُٽ جي ڍيري ڪڍي ان تي دم ڪري اهو سُٽ قلعي تي اڇلايو ته “قلعو پينگهه مثل لڏڻ لڳو ۽ان جو هڪ حصو ڦاٽي ڪري پيو. راجا ۽ ان جا صلاحڪار ڊڄي ويا. راجا جاگيرون موٽائڻ جو واعد ڪيو ته ڀيڻ! اها ڀاءُ جي هنيل ڪاني کڻي ورتي. مگرنشاني طور قلعي جو اهو ڦاٽ قائم رهيو. ٻئي ڀاءُ ڀيڻ جاگيرون واپس ڪرائي. خوشي گذرانڪرڻ لڳا ۽ اهي سندن اولاد ۾ ورهائجنديون رهيون. اهڙي طرح مڱريا قوم جو بنياد پيو.*
———————————————————
• هي واقعو هڪ ڏند ڪٿا کان وڌيڪ معلوم ٿو ٿئي. جو اها ئي جاگير وري راجا کانئن کسي ورتي هئي. ۽ اهي مڱريا نه مگر چانهيا هجڻ گهرجن. گرهوڙي صاحب وٽ دانهين ٿيا هئا ته اوهان هلي اسان کي جاگيرون واپس ڪرائي ڏيو ۽ گرهوڙي صاحب پنهنجي والده(اها والده جنهن کين پاليو هو)جي چوڻ تي ساڻن هلڻ لاءِ به راضي به ٿي هئي. (جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو)
ڪجهه وقت گذرڻ بعد مڱريا جيسلمير مان لڏي (اهي چانهيا هوندا) اچي شاهه ڳڙهه ۾ رهيا. مگر اتي به کين سک سان رهڻ نه ڏنو ويو. تنهن ڪري اتان به لڏو پتي سنڌ ملڪ جو رخ ڪيائون ۽ پهرين راڻيپور ۾ اچي آباد ٿيا.
کڏڙو ان زماني ۾ وڏي ريلوي جنڪشن هو، ۽ وڏو واپاري مرڪز هو. پاڻ کڏڙي ريلوي اسٽيشن جي اوڀر م اچي گهر ٺاهي ويٺا. جتي هن وقت “ ڳاڙها سيد” رهائش پذير آهن. هتي پاڻ ڪيترو وقت رهيا. ان جي ڪابه تصديق نه آهي. قياس طرح چئي سگهجي ٿو ته پاڻ ٻاروتڻ ۾ هتي آباد هوندا. ظاهري علم پاڻ هتي حاصل ڪيائون. کڏري کان ٿورو وٿيرڪو“ چوٽيارين” نالي ڳوٺ ان وقت ۾ وڏو علمي مرڪز هو ۽ “ميان محمد مبين” ان مدرسي جو وڏو مدرس هو. روايت ڪئي وڃي ٿي ته گرهوڙي ظاهري تعليم ميون مبين وٽ ورتي. مدرسي جي طالبن ۾ پاڻ “اصول توڙي فروع” ۾ سڀني کان سرس هوندو هو. فردوس العارفين جو مولف روايت ٿو ڪري ته پاڻ هر وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو. مباحثي ۽ مناظري ۾ سڀني تي غالب پئجي ويندو هو. ميان مبين رحه کي پنهنجو مربي سمجهندو هو ۽ سندن وڏي عزت ڪندو هو کيس هميشه بابا ڪري سڏيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪا پريشاني لاحق ٿيندي هئي ته ان ڏي چورائي موڪليندو هو ميان عبدالرحيم پٽ ميان مبين پٽ ميان رعد سلام موڪليا ٿي ۽ چوئي ٿو ته اي پريشاني هتان نڪري وڃ.انهي نياپي تي اها پريشاني يا خطرو هڪدم دفع ٿي ويندو هو. هڪ ڀيري جي ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن پاڻ گرهوڙي ۾ اچي رهائش پذيرٿيا هئا. بزرگ گرهوڙي اتر ڏي منهن ڪيو زور سان وٺيو چوي ميان مبين ڪوپرو، ميان مبين ڪوپرو! ٿورو ئي وقت ۾ ميان مبين اچي پهتو. سندس هٿن ۾ ڏونگهيءَ جا کوپرا هجن جيڪي اچي سندس اڳيان رکيائين. مجلس ۾ موجود ماڻهن سمجهيو ته شايد گرهوڙي کي ڏونگهيءَ جي ضرورت اچي پئي هئي جنهن لاءِ ميان مبين رحه کي پي سڏ ڪيائون. مگر جڏهن بعد ميان رحه کان انجي وضاحت پڇيائون ته هن چيو ته ميان گرهوڙيءَ مون کان پڇي رهيو هو ته “ذات حق” جو پرو پاند به آهي يا نه! جلدي اچ مون کي ڏس. مگر ماڻهن جي ذهنن ۾ رڳو کوپرا پي گهميا. ان کان علاوه ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب نواب محمد علي تاجپور واري کان هي روايت به آڻي ٿو جيڪا هن راضي فقير کان ٻڌي ته ڪجهه وقت گرهوڙي صاحب “ دائري شريف” اڏيري لعل جي هڪ بزرگ سيد وٽ به درس ورتو هو. جيئن ته گرهوڙي صاحب بدن ۾ تمام ڏٻرو ۽شڪل جو پورو پنو هو. تنهنڪري ٻيا شاگرد کانئس نفرت ڪندا هئا. ايسيتائين جو ماني وقت به هن سان گڏ ويهڻ پسند نه ڪندا هئا. شاگردن جو اهو رويو ڏسي ان سيد بزرگ کيس چيو ته ابا! تون ڇڏ هنن جو اپسو اڳتي تون ۽ مان گڏ ماني کائينداسون. سيد صاحب جي انهيءَ پيار سبب گرهوڙي صاحب پنهنجون ٽي نياڻيون سيدن ۾ پرڻايون هيون ۽ وري مڙي هنن جي صورت نه ڏٺي هئائين جڏهن به نياڻين سان ملڻ ويندو هو انهن سان پٺيرو ٿي ڳالهائيندو هو.
سادات سان بي انتها پيار سبب هيءَ روايت اڪثر عوامي حلقن ۾ گردش ڪندڙ آهي ته هڪ دفعي گرهوڙي صاحب ڪنهن جهنگ مان پي ويو کيس اچي اڃ لڳي. پاڻيءَ جي تلاش ۾ ان جهنگل ڪناري هڪ کوهه وٽ اچي پهتو. مگر ڏٺائين ته پاڻي کوهه جي تري ۾ آهي ، نه ڪو ڏول نه ڪا مالهه کوهه تي رکيل آهي. پريان چند وکن تي هڪ ڳوٺ ڏسڻ ۾ آيس سمجهيائين ته هي شايد ڳوٺ وارن جو کوهه آهي. سوچيائين ته ضرور ڪو کوهه تان پاڻي ڀرڻ ايندو ته مان به پاڻي پي وٺندس. اهو ارادو ڪري اتي ئي کوهه جي ڀر ۾ ويهي رهيو. ٿوري ويرم نه گذري ته ڏٺائين ته هڪ ننڍي نينگر دلو کنيو کوهه طرف پئي اچي. نه هٽ مالها آهي نه ڏول. ڇوڪري سڌو کوهه مٿان بيٺي. ڪجهه پڙهي کوهه تي دم ڪنيائين ته کوهه جو پاڻي تري مان اڀامي کوهه جي ڪناري سان اچي لڳو. نينگر دلو ڀريو، پاڻي وري هيٺ لهي ويو. گرهوڙي صاحب جو کوهه جي ڀر ۾ ويٺو هو تنهن نينگر کي آواز ڏئي چيو ته امان! مون کي به پاڻي پيار، مسافر آهيان اڃ لڳي اٿم، نينگر وڌي هن کي پاڻي پياريو. گرهوڙي صاحب ڇوڪر ڏي ڏسي هن جي هٿ مٿي تي هٿ رکيو ۽ پڇيائينس ته امان! اوهان ڪير آهيو ؟ نينگر جواب ۾ چيو ته اسان سيد آهيون. هي سامهون اسان سيدن جو ڳوٺ آهي. گرهوڙي صاحب اهو ٻڌو ته پنڊ پهڻ ٿي ويو. ڪو وقت وسوري ۾ ويٺو رهيو. هن کي اها ئي هورا کورا اندر ۾ هئي ته سادات نينگريءَ تي منهنجي نظر ڪيئن پئي ! جيئن تيئن ڪري پنهنجي آستان پهتو. مگر اهو فڪر هن جي دل تي ڄمي ويو. هن دل ۾ چيو ته اي گرهوڙي توکان وڏي ڀُل ٿي، تنهنڪري تنهنجي سزا اها آهي ته تنهنجون اهي اکيون ئي نه هجن. نه اکيون هونديون نه ڪنهن سادات نياڻيءَ تي نظر پوندي. اهو فيصلو ڪري هن پنهنجون ٻئي اکيون ڪڍي ڇڏيون. انهيءَ ويرم امام حسن رضه ۽ حسين رضه مٿانئس اچي بيٺا ۽ ٻئي اکيون اکين تي چنبڙائي مٿان هٿ ڦيرايائون ته اکيون اکين جهڙيون ٿي ويو پوءِ کيس فرمايائون ته عبدالرحيم ايڏي سزا تو پاڻ کي ڏني تو ڪو خراب نظر سان ته نياڻيءَ تي اکيون نه کنيو هيون. اسان تنهنجي صداقت کان خوش ٿياسون.
بقول ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي ته گرهوڙي صاحب پنهنجي چوٿين نياڻي پنهنجي ڀائٽي کي ڏني. جڏهن ته ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب گرهوڙي صاحب جي ولادت ۾ ان جي والد ۽ والده جوذڪر ته ڪيو آهي مگر انجي ڪنهن ڀاءُ جو ذڪر نه ڪيو آهي. پوءِ جڏهن گرهوڙي صاحب جو ڀاءُ ئي نه آهي ته ڀائيٽو ڪٿان آيو.