مختلف موضوع

گرهوڙيءَ جون پيشنگويون

هي ننڍڙو ڪتاب ”گرهوڙيءَ جون پيشنگويون“ نامياري ، ليکڪ مخدوم شبير احمد صاحب جو لکيل آهي.
ڪلام گرهوڙيءَ جو پهريون ڇاپو ادبي مسلم سوسائٽيءَ طرفان تقريبا 1903ع ۾ ڇپيو. جنهن جو مولف ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب هو. پاڻ وڏي جاکوڙ بعد هن بزرگ جو ڪجهه مواد هٿ ڪيائون. جيڪو ڏند ڪٿائن تي مشتمل هو. ڪو مستند ڪتاب انهيءَ ڏس ۾ کين به هٿ چڙهي نه سگهيو.اڪثر مواد پاڻ ٻن ڪتابن مرغوب الاحباب ۽ فردوس العارفين تان ورتو اٿن.
Title Cover of book گرهوڙيءَ جون پيشنگويون

ٻيو ڀيرو سندن لنواري اچڻ:

ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب هي روايت پڻ سنگهار فقير کان آندي آهي ته هڪ رات بزرگ گرهوڙيءَ خواب ۾ رسول الله صلعم جو ديدار ڪيو پاڻ ڪريمن کين فرمايو ته هڪدم لنواري وڃ جو هن خاندان ۾ خلل پوڻ جو انديشو آهي. جنهن کي تون وڃي بند ڪر. نبي پاڪ جي فرمان موجب پاڻ هڪدم لنواري شريف پهتا. ڏٺائون ته معاملوواقعي دگرگون آهي مرشد حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان هن جهان مان لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ۽ سندن فرزند ارجمند خواجه گل محمد رحه جنهن جي عمر مبارڪ ان وقت يارهن سالن جي مس هئي. تنهڪري سندن مامي سليمان جي چرچ تي ڪن وڏن مريدن ۽ سندن ساٿين خواجه گل محمد رحه جي سجاده نشيني تي اعتراض واريو ته هي اڃا صغير آهي. مريدن جي تربيت ڪرڻ جي اڃان قابل نه آهي. تنهنڪري خلافت جي هي وڏي عهدي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چاليهن سالن جي عمر ڪنهن فرد کي سجاده نشين مقرر ڪيو وڃي. جيئن هو خاطر خواهه نموني خلافت هلائڻ جو اهل هجي. جيئن ته اڪثر خادمين سلطان الاولياء جي ڪفن دفن ۾ مشغول هئا. پٺيان ميان سليمان مخالف ڌر جي مدد سان خواجه سلطان الاولياء جي مسند تي ”مسند نشين” ٿي ويٺو ۽ مريدکان بيعت وٺڻ لڳو. اها خبر جڏهن گرهوڙي صاحب کي ٻڌائي وئي ته پاڻ هڪدم ڌوڪيندا خانقاه ۾ آيا ۽ گوڏا ڀڃي ”ميان سليمان“ ڏي وڌڻ لڳا. سندن انهيءَ انداز مان ميان سليمان سمجهيو ته شيخ عبدالرحيم رحه به سندس مريدي حلقي ۾ اچڻ لاءِ آماده ٿيو آهي. سو نهايت خوش ٿي پير ٻاهر ڪڍي چمڻ لاءِ ڏانهن جيئن وڌايائين ته شيخ عبدالرحيم هڪدم سندس پير کان وٺي ٽنگ کان گهلي سٽ ڏئي ٻاهر کڻي اڇلايائين ۽ پاڻ صاحبزادي جي دست مبارڪ تي بيعت ڪري پوءِ کيس هنج ۾ ويهاري مسند تي ويهي ٻين کي بيعت ڪرڻ لاءِ آواز ڏنائين ته اچي بيعت ڪريو. سندس آواز تي سڀني حضرت سلطان الاولياء جي خاص خليفن مان شيخ ابو طالب، حاجي طاهر ۽ حافظ هدايت الله به بيعت ڪئي. انهن ڏيکا ڏيکي سڀني موجوده حاضرين به خواجه گل محمد رحه جو هٿ وٺي بيعت ڪئي صرف ٻه ڄڻا پوئتي هٽيا انهن اڳيان قرآن ڪريم جي هيءَ آيت تلاوت ڪيائون ته ”واٰتيناه الحکم صبيتا” (اسان حضرت يحيٰ کي دانائي بخشي جڏهن اڃا هو ٻار هو) ۽ سندس دل جا شڪ شبها دور ڪري هدايت طرف آندائون ۽ ان دليل تحت هن به حضرت خواجه گل محمد رحه جي بيعت مڃي ٻيو شخص ڪمال نالي عصار (چاڪي) هو جيڪو پنهنجي گمراهي تي قائم رهيو جيئن ته اهو ڪمال چاڪي مير بجر خان جو خاص ماڻهو هو جيڪو ڪنهن خاص مقصد تحت اتي آيل هو. مير بجر خان وٽ وڏي عزت وارو هو. گرهوڙي صاحب مناظري واري موقعي تي انهيءَ ڪمال چاڪي کي جيڪو وٽس مير بجر خان جو هڪ سنيهو کڻي آيو هو. هٿ ملائڻ وقت گرهوڙي صاحب هٿ ملائڻ بجاءِ ڏاڙهي کان جهلي هڪ ئي سٽ ۾ زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ لتن سان هنجي خوب مرمت ڪيائين ۽ هي به لفظ چوندو پي ويس ته ان ڏينهن کان وٺي جڏهن تون اسان جي مرشد خواجه رحه جي بيعت کان انڪار ڪيو منهنجي دل ۾ تولاءِ سخت نفرت ويٺل آهي. پير ڀائي هئڻ ڪري گهڻو ئي پاڻ تي ضبط پي ڪيم ته تولاءِ پيدا ٿيل جوش ڍرو ٿئي مگر ڍرو نه ٿيو. جڏهن تون منهنجي سامهون آئين ته سواءِ ان جي ٻي ڳالهه نظر نه آيم ته توسان اها جٺ ڪيان ۽ توکي هلاڪيءَ کان بچايان جي جلال واري نظر وجهانءِ ها ته سڙي دوزخ جي عذاب ۾ هميشه لاءِ سڙندو رهين ها ۽ مرشد وٽ ڪانيارو ٿيڻو پوي ها. جيڪڏهن سوچين ۽ سمجهين ته مون توسان وڏي ڀلائي ڪئي آهي.

ظهور خشم بزرگان تهي ز رحمت نيست
غبار چهره گردوندليل باران است
( بزرگن جي ڪاوڙ رحمت کان خالي نه هوندي آهي. آسمان جي چهري تي لٺ مينهن جو دليل آهي).

الغرض خواجه گل محمد رحه جي بيعت خير خوبي سان ٿي گذري. گرهوڙي صاحب ساندهه هڪ سال سندن خدمت ۾ رهيو.انهيءَ عرصي دوران جڏهن به خواجه گل محمد رحه “ محبوب الصمد” ڪنهن مريدي ڏي متوجهه ٿيندو هو ته عبدالرحيم رحه گرهوڙي سندن پٺيان وهندو هو ۽ توجهه وقت پنهنجي روحانيت جو پرو توو ان مريد مٿان وجهندو هو ته اهو مريد تي سحر جو ڪم ڪندو هو. سال بعد پاڻ خواجه گل محمد رحه کان رخصت وٺي پنهنجي ماڳ موٽي آيو. گرهوڙ تي اچڻ بعد پاڻ خلوت اختيار ڪيائون. کاڌو ترڪ ڪيائون . فقط ضرورت وقت واپرائيندا هئا. هر ٽئين ڏينهن مسهل (جلاب) وٺي معدو بلڪل خالي ڪري ڇڏيندا هئا. تان جو نهايت ضعيف ٿي ويا. بس هڏن جي مٺ وڃي بچيا. اڪثر خادم عرض ڪندا هئا ته ڇو پاڻ کي ايتري محنت ۾ وڌو اٿو ته پاڻ کين قرآن ڪريم جي آيت پڙهي جواب ڏيندا هئا ته : وذکرو الله في ايام معدودات (الله کي ياد ڪريم ڪن ڳاڻ ڳڻين ڏينهن ۾ ) بس مصلحت انهي ڳالهه ۾ ڏٺم. جڏهن الله طرفان امر ٿيس ۽ خلوت جا ڏينهن پوراٿيا.تڏهن غسل ڪري نئون وڳو اوڍيائون ۽ ٻاهر اچي مجلس ۾ ويٺا ۽ دهلاري کي سڏي حڪم ڏنائون ته شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ وڃ ۽ هي پڙهو وڃي گهماءِ ته ”جيڪو اڄ منهنجي بيعت ڪندو ته سڀاڻي( قيامت جي ڏهاڙي) آءٌ سندس دوزخ دوريءَ جو ضامن ٿيندس“ سڄو ڏينهن منادي ڦري مگر ڪوبه وٽس بيعت لاءِ نه آيو سواءِ هڪ مجذوب فقير “بخشو شامو” نالي جيڪو اڳ ئي هڪ مجذوب جو رنڱيل هو.
هڪ مريد شيخ فتح محد بيطار نالي جي روايت اچي ٿي ته اڃابالغ ئي مس ٿيو هو، ته پنهنجن رفيقن سان سامان جا اٺ ڀرائي شهدادپور کان ميرپور خاص پي ويو. شيخ عبدالرحيم رحه گرهوڙي جي اچڻ جو غوغاءُ ٻڌي، دل ۾ خيال ڪيائين ته مان به وڃي سندس ديدار ڪيان. پر دوستن جهليس ته متان وڃين سخت ڪاوڙيل آهي ماڻهن کي ماريندي دير ئي نٿو ڪري اهو ٻڌي دوستن کي چيائين ته مان سندس ويجهو نه ويندس بس پري کان سندس ديدار ڪري موٽي ايندس. ويندي مهل دوستن جو چتاءُ دماغ ۾ پي ڦريس سو هڪ گهر جي پٺين ڀت جي هڪ سوراخ مان وڃي ديدار ڪيائين. جيئن اهو ازلي طور گرهوڙيءَ وٽ مريدي حلقي ۾ داخل هو. تنهنڪري گرهوڙي صاحب ڪشف ذريعي سڀ ڪجهه معلوم ڪري ورتو هو. تنهنڪري پاڻ به ان سوراخ ڏي توجهه ڪيو ويٺو هو. فتح محمد جو ان سوارخ مان ڏسڻ شرط پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته وڃو پڪڙي وٺي اچوس. جڏهن کيس پڪڙي وٺي آيا ته کين چيائون ته هاڻي ڇڏي ڏيوس. خادمن چيو ته سائين! هڪ دفعي ويو ته وري هٿ نه ايندو. پاڻ انهن کي چيائون ته ”هاڻ ڀڄڻ هن جو محال آهي هاڻ ته سندس هڏا به هت پراڻا ٿيندا“. فقير جو هي سخن فتح محمد جي دل ۾ اهڙو ته گهر ڪري ويو جو دنيا ماصواع ڇڏي سندن خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ وڏي روحاني رتبي کي پهتو. ايسيتائين جو چوندو هو ته “ رب جي ذات جو حضور مون کي هر وقت حاصل آهي.” هڪ اک ڇنڀ جو لمحو به مون کان پري نه آهي. اهڙو صاحب ڪمال جو هو ڇو نه ٿئي جو سندس مرشد به اهڙي ڪمال جو صاحب هو. بزرگان دين کان روايت آهي ته مڱريو ڪري الله الله ۽ الله جي ڪري مڱريو مڱريو!”
مرغوب الاحباب جو مولف هڪ روايت آڻي ٿو ته سندس ڏاڏي جو ڀاءُ ابوالحسن غازي جيڪو وڏي خواجه سلطان الاولياء جو مريد هو. ان جڏهن اهو ٻڌو هو ته شيخ عبدالرحيم رحه گرهوڙي شريف ۾ وارد ٿي ويو آهي ته وٽس زيارت لاءِ ويو.ته ڏٺائين ته عبدالرحيم رليءَ ۾ ويڙهيو تونئري(تڏي) تي ستو پيو آهي ۽ ماڻهو چوڌاري مراقبي ۾ ويٺا آهن. هو چوي ٿو ته مون دل ۾ خيال ڪيو ته وڏي خواجه حضرت سلطان الاولياء جو به شان ڏٺم. مگر هي رنگ ڇا پيو ڏسان؟ قوم جي رهبر کي ته قدري تجمل ۾ هجڻ گهرجي. اهو خيال دل ۾ اچڻ ٿيو ته پاڻ هڪدم مون ڏانهن نظر ڪري هي بيت پڙهيائون:

مکن عيب درويش مدهوش مست
که غرق ست زان مي زند پاو دست
(مدهوش ۽ مست درويش مان عيب نه ڪڍ جو هو غرق آهي. انهي ڪري هٿ پير هڻي رهيو آهي)