مختلف موضوع

گرهوڙيءَ جون پيشنگويون

هي ننڍڙو ڪتاب ”گرهوڙيءَ جون پيشنگويون“ نامياري ، ليکڪ مخدوم شبير احمد صاحب جو لکيل آهي.
ڪلام گرهوڙيءَ جو پهريون ڇاپو ادبي مسلم سوسائٽيءَ طرفان تقريبا 1903ع ۾ ڇپيو. جنهن جو مولف ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب هو. پاڻ وڏي جاکوڙ بعد هن بزرگ جو ڪجهه مواد هٿ ڪيائون. جيڪو ڏند ڪٿائن تي مشتمل هو. ڪو مستند ڪتاب انهيءَ ڏس ۾ کين به هٿ چڙهي نه سگهيو.اڪثر مواد پاڻ ٻن ڪتابن مرغوب الاحباب ۽ فردوس العارفين تان ورتو اٿن.
Title Cover of book گرهوڙيءَ جون پيشنگويون

ميرن کي سنڌ جي بادشاهي وٺي ڏيڻ:

شيخ عبدالرحيم گرهوڙي رحه پنهنجي وقت جو مهدي (مجتهد) هو. جيڪو هڪ هزار سالن بعد پيدا ٿيندو آهي. تنهنڪري سندس ايامڪاريءَ ۾ ملڪن جي دورن يعني حڪمرانين جي ردوبدل ٿيندي آهي. سندن شروع جي دور ۾ ڪلهوڙا سنڌ جا بادشاهه هئا. جيڪي بادشاهيءَ سان گڏ پيري مريدي جو ڌنڌو به هلائيندا هئا.ٽالپور يا مير خراسان واري دور کا وٺي ڪلهوڙن جا مريد هئا ۽ مٿن وڏو يقين رکندا هئا. جڏهن ڪلهوڙا سنڌ جا حڪمران ٿيا ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ ميرن کي خراسان مان گهرائي پنهنجي لشڪر ۾ کين وڏن عهدن تي فائز ڪيائون. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دور ۾ ميرن جو وڏو مير بهرام خان ولد مير شهداد خان هو. هن مير، ڪلهوڙا خاندان جون وڏيون خدمتون ڪيون. ۽ ساڻن وڏيون وفاداريون ڪيون. ليڪن ميان سرفراز جي درٻار جي هڪ شرير امير راڄو ليکي جي چرچ تي ميان سرفراز مير بهرام خان کان سڱ جي گهر ڪئي.جنهن تي هن انڪار ڪيو ته ميان سرفراز مير بهرام خان ۽ سندس ڀاءُ مير صوبدار خان کي دغا سان درٻار ۾ گهرائي مارائي ڇڏيو. ان وقت ۾ مير بهرام خان جو وڏو پٽ مير بجار خان حج تي ويل هو.جنهن کي اتي ڪلهوڙن ڪيل هن دردناڪ واقعي کان آگاهه ڪيو ويو. جيسيتائين مير بجار خان سنڌ موٽي انهيءَ وچ ۾ عزيز مير فتح خان بلوچ سپاهين جي مدد سان حيدرآباد جي قلعي کي وڃي گهيرو ڪيو. ميان سرفراز بلوچن جي بغاوت کان ڊڄي ٻي واهه نه ڏسي راتوواهه ٻيڙيون ڪري نڪتو ۽ وڃي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناهه ورتائين. مير فتح خان ميان سرفراز جي جاءِ تي سندس ڀاءُ محمود خان کي تخت تي ويهاريو.اتي چند سپاهي ڇڏي پاڻ هڪدم حيدرآباد ڏي روانو ٿيو. مير فتح خان جي پيش قدمي جي خبر ٻڌي ۽ مير بجار خان جي انتقامي خوف کان ميان سرفراز ڪلهوڙي جا ڪيترا مکيه سردار ۽ اميرجهڙوڪ راڄو ليکو ۽ الله بخش جهنجهڻ ميان جو طرف ڇڏي اچي ميرن سان شامل ٿيا. سڀني گڏجي حيدرآباد جي قلعي کي گهيرو ڪيو. هفتي کن جي گهيري ۾ قلعو فتح ٿي ويو ۽ سڀ منجهس گهري پيا. ميان سرفراز پوءِ ته گهڻو پڇتايو ۽ وفادار ميرن جي قتل تي افسوس جا ڳوڙها ڳاڙيائين. مگرسندس بخت پٺيرو ٿي چڪو هو. سندس پڇتائڻ مان کيس ڪوبه فائدونه پهتو. پاڻ خزاني جون چاٻيون مير فتح خان جي حوالي ڪرڻ چاهيائين. پر هن چاٻيون وٺڻ کان انڪار ڪيو. ميان سرفراز خان کي چيائين ته مير بجار اسان جو وڏو آهي. اهو اچي انهيءَ ڳالهه جو فيصلو ڪندو ۽ دشمن کي جوڳي سزا ڏيندو. مون کي اهڙو به ڪو اختيار نه آهي. مون ته صرف پنهنجي اندر جي آڳ کي ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
راڄي ليکي کي ته اهڙو سونهري موقعو گهربو هو. هن هڪدم ڪنجيون پنهنجي هٿ وس ڪيون. ۽ قلعي جي سنڀال پنهنجي پٽ تاجو ليکي جي هٿ هيٺ ڏنائين. جيئن ئي کيس خزانو هٿ چڙهيو. هن دل کولي ان کي خرچ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ميربجار خان جي مقابلي جي تياري ڪرڻ لڳو. ميرن جي خاص سردارن الله بخش جهنجهڻ ، پيروز پتافي ۽ کوسن جي سردار کي پنهنجي پاسي ڪيائين. مير فتح خان راڄي جي انهيءَ ڪاروائيءَ کي ڏسي حيدرآباد کان هٽي وڃي شهدادپور ۾ پنهنجي ڇانوڻي هنئين. مير فتح خان جي هئڻ سان راڄي ليکي مير فتح خان جي ٿاڦيل حڪمران کي تخت تان لاهي. ميان غلام نبي خان کي پڳ ٻڌائي. (1189ع مطابق 1775ع) ميان غلام نبي خان توڻي جو پاڻ چڱو مڙس هو. مگر لاچار حريفن سان ٺاهه ڪرڻو پيس. ايتري ۾ مير بجار خان جي اچڻ جا به هل پئجي ويا. راڄي ليکي مقابلي جو ست نه ساريندي خوف وچان زهر کائي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو ۽ سڄو ڪاروبار کانئس به وڌ سندس شرير پٽ تاجو ليکي جي هٿن ۾ اچي ويو.
هوڏانهن مير بجار خان حج کان موٽ کائي خدا آباد جي ويجهو پهتو ته سندس پٽ عبدالله خان ۽ صوبدا خان جا چار صغير پٽ ماتم ڪندا اچي کيس مليا. مير بجار خان ٻه ڏينهن سفر جو ٿڪ ڀڃي ڪم جي شروعات ڪئي. سنڌ جي سردارن ۽ چڱن مڙسن ڏي راڄي ليکي ۽ سندس پٽ تاجو ليکي جي ظلمن بابت کين خط لکي آگاهه ڪيائين . جنهن جي نتيجي ۾ گهڻائي ماڻهو اچي ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿيا. انهيءَ دوران مير بجار خان دل ۾ خيال ڪيو ته ميان غلام نبي خان به وچ لهي ڏسجي. پرجيئن ته هوپنهنجن خود غرض سردارن جي هٿن ۾ کينهونءَ مثل پي کيڏيو. تنهنڪري هن مير صاحب طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو. بلڪه پنهنجو مال اسباب کڻي وڃي عمر ڪوٽ کان نڪتو ۽ کوسن کي قلعي مان ڪڍي قلعو والاري ويهي رهيو. پر ستت ئي الله بخش جهنجهڻ جي حرفت سان اهو قلعو ڇڏڻو پئجي ويس. الله بخش جهنجهڻ اتي پنهنجا ٻه هزار سپاهي قلعي جي حفاظت لاءِ مقررڪيا. مير بجار کي جڏهن انهي کيڏ جي خبر پئي ته ڪيئن ميان غلام نبي خان کي قلعي مان ڪڍيو ويو. ته ٻه مهينا جنگي تيارين ڪرڻ بعد مير بجار خان تاجو ليکي کي چوائي موڪليو ته اچ ته پاڻ کلي ميدان ۾ مقابلو ڪريون. تاجو ليکي کي پنهنجي فوج جي اڪثريت تي گهمنڊ هو، تنهنڪري سردارن جي صلح جي صلح کي ريٽي مقابلي لاءِ تيار ٿيو ۽ ٽيهه هزار لشڪر سان مير بجار خان جي سامهون ٿيو. مير بجار وٽ ان وقت صرف ڇهه هزار سرويچ سپاهي هئا. ٻئي لشڪر لانياري (تعلقي شهدادپور ويجهو) وٽ هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا. وڏي خون ريز لڙائي لڳي. جنهن ۾ پروز پتافي مارجي ويو. ميان غلام نبي جڏهن ڏٺو ته سندس سردار هڪ ٻئي پٺيان مارجي رهيا آهن . تڏهن پنهنجن خاص خدمتگارن هٿان مير بجار خان ڏي قرآن شريف جي ميڙ ڏياري موڪليائين ۽ هي پيغام به ته ”مون کي هنن پاپين جي چنبي کان ڇڏاءِ“ تاجو ليکي کي جڏهن اها کڻڪ پئي ته هن هڪدم ميان غلام نبيءَ کي پنهنجن ماڻهن هٿان مارائي ڇڏيو ۽ پاڻ لشڪر سان ٻيڙين ۾ چڙهي شاهه ڳڙهه روانو ٿي ويو. هي واقعو 1190هه ۾ ٿي گذريو.
مگر مرغوب الاحباب هن واقعي ۾ هيءَ روات به درج ڪري ٿو ته جڏهن مير بجار خان ڪلهوڙن سان لڙائيءَ جو ارادو ڪيو، ته شيخ عبدالرحيم رحه جي خدمت ۾ هلي ويو هو ۽ کانئس دعا گهرائي هئائين. گرهوڙي صاحب کيس فرمايو ته اوهان جي فتح ڪجهه شرطن تي منحصر آهي. جيڪڏهن اهي شرط پشت به پشت پيش ڪياوينداته سنڌ تي اوهان جي بادشاهي قائم رهندي نه ته صرف 60 ورهيه چيو وڃي ٿو ته ان ۾ پهريون شرط اهو هو ته اوهان بادشاهي شريعت محمدي مطابق هلائيندا. دين جي آسودگيءَ جو خيال رکندا. بدعت جي پاڙ پٽيندا ۽ باغي ڪافرن کي نيست و نابود ڪندا.الغرض ميرن جي رضامنديءَ سان عهد نامي تي مهرون هنيون ويون.ان وقت مير بجار خان کي سندس مقرر ڪيل خابرو ڪن ۾ اچي چيو ته دشمن جو پنجاهه هزار لشڪر پيروز پتافي جي اڳواڻيءَ هيٺ ويجهو اچي پهتو آهي. پيروز پتافي هڪ ظالم ۽ سرڪش سردارآهي.ان وقت مير بجارخان وٽ صرف ڇهه هزار لشڪر هو. جنهن ڪري سندس منهن مان پريشانيءَ جا آثار نظر اچڻ لڳا. گرهوڙي صاحب کي هن پريشان ڏسي چيو ته تون فڪر نه ڪر. هي ته پنجاهه هزارجو لشڪر آهي، پر جيڪڏهن پنجاه لک جو به لشڪر هوندو پوءِ به سوڀ تنهنجي آهي. انهيءَ دم گرهوڙي صاحب مير جي هڪ سپاهيءَ جي ڏاڙهي کان جهلي ير کي چيو ته هي اٿو سسي پيروز پتافي جي... اچي وٺ! پوءِ فرسنگ مير ۽ ان جي لشڪر سان گڏجي ويو ۽ موڪلائيندي چادر جو ٽڪر ڪاٺي ۾ ٻڌي چيائين ته هي آهي جهنڊو اسلام جو. پوءِ مير کي ڏيندي چيائين ته ”آئون دعا جو لشڪر آهيان، هاڻ اوهان ڀلي اڳتي وڌو.“ پوءِ پاڻ پوئتي هٽي جنگ جو نظارو ڪرڻ لڳو ڪنهن وقت اٿيو ۽ پنهنجي جاءِ کي پنهنجي هٿن سان ٻهاري ڏئي. ڪلهي تي مشڪ پاڻيءَ جي کڻي ڇڻڪار ڪيائين پوءِ ادب جا گوڏا ڀڃي اتي ويهي رهيو ۽ ماڻهن کي چيائين ته ڪوبه ليڪي اندر نه اچي ٿوري دير بعد رکي مٿو مٿي کنيائين ۽ چيائين ته ٻئي امام سڳورا منهنجي سڏ تي آيا هئا. هينئر سوڀ جي مبارڪ ڏئي اٿيا آهن . بس اها ئي گهڙي مير بجار خان جو قاصد فتحيابي جي خوشخبري کڻي آيو ۽ هيءَ خبر پڻ آندائين ته جنهن سپاهي جي ڏاڙهي حضرت شيخ پڪڙي هئي انهيءَ ئي پيروز پتافي جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو. اهو ٻڌي گرهوڙي صاحب الله تعاليٰ جو شڪر بجا آندو ۽ شڪر جو سجدو ڪيائين ۽ هن سوڀ کي اسلام جي فتح ڪري سڏيائين.
ڊاڪٽر دائود پوٽي وري سنگهار فقير کان هي روايت آندي آهي ته جڏهن مير بهرام خان ۽ سندس پٽ مير صوبدار خان کي ميان سرفراز درٻار ۾ گهرائي مارائي ڇڏيو. تڏهن ان حادثي جي خبر مير بجار خان کي حرمين شريفين موڪلي وئي. مير بجار خان کي سخت صدمو پهتو دل ۾ خيال ڪيائين انهيءَ درد جي دانهن کڻي مديني جي مير اڳيان عرض رکان ته اهو ڪو غور ڪري . بس انهيءَ ظلم جو داستان کڻي وڃي روضي پاڪ اڳيان روڄ راڙو ڪيائين. سندس آهه و زاري هڻي هنڌ ڪيو، رات جو خواب ۾ مديني جي مير جو ديدار ڪيائين. جن فرمايس ته سنڌ ۾ ”مهدي“ ويٺو اٿئي وڃي سندس دامن جهل ته ماڳهين سنڌ اوهان کي وٺي ڏئي هن هيٺين بيت ۾ بزرگ گرهوڙي رحه پنهنجي مهدي هجڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي ته:

پاڳون پٽن سنديون گل ڦل گجراتا
آباد آديسين جا واحد وڃايا
گڙو گودڙين جا خالق خوار ڪيا
پيون تلڪن ٽوپيون ٿيا ملا مردودا.
نا مڪو ناهه مدينو، نڪو عرفانه
آهم آس اها ته سيف سٽيندس ڪل تي
آهم آس اها ته مهدي ٿيندس ملڪ جو.

مرغوب الاحباب جو صاحب هڪ ٻي روايت پڻ آڻي ٿو جيڪا هن دعويٰ جي مزيد تائيد ڪري ٿي. جيڪا هن ابيات سنڌي ۾ مذڪور ڪئي آهي.
“ چنانکه مهدي موعود شيخ عبدالرحيم در شرح بيت شصت و فهم از ابيات سندهي آورده است ان کمال الانسان في مراقب القرب”
سنڌ ۾ موٽي اچڻ بعد مير بجار خان گهڻن ي فقيرن جا دروازا کڙڪايا مگر سندس مطلب حاصل نه ٿيو. آخرڪار فقيرن تي پنڌ ڪندي اچي گرهوڙي صاحب جي آستاني تي پهتو ۽ هن فقير تن درويش جو دامن جهلي کيس عرض ڪرڻ تي هو ته گرهوڙي صاحب هن جي چوڻ کان اڳ ئي هن کي چيو ته ڪاڻا!ٰ متان مديني جي نشاني ڏين! اهو اهڃاڻ ٻڌي مير بجار رڙ ڪري چيو ته قبلا! هائو اهو ٻڌي مير کي چيائون ته اسان تنهنجو هينئر ئي ٿا فيصلو ڪريون. اسان ٿا ڪريون ڪُهڙ (ڪڙٻ) تون وڃي ڏي باهه مير صاحب کي اعتبار نه آيو. پاڻ وري کيس واضح ڪندي چيائون ته “ تون آهين ڏاٽو ۽ هو(ڪلهوڙا) آهن گاهه وڃي لڻين” تڏهن به مير صاحب نه مڃيو ۽ عرض ڪيائين ته قبله! آءٌ اڪيلو ڪونه ويندس. مهرباني فرمائي مون سان گڏجي هلو. نيٺ ٿوري دير بعد پاڻ مير بجار خان سان گڏجي هليا. ان وقت مير بجار خان وٽ صرف ڇهه هزار سپاهي هئا. جن مان ڪيترن کي ته بندوقون به ڪونه هيون. ٽنڊي الهيار وٽ منزل ڪيائون. ڪلهوڙن کي اطلاع ڏياري موڪليائون. اهڙي طرح ملڻ تي ميان غلام نبي ڪلهوڙي کي ڏاڍي کل آئي. هن پيروز پتافيءَ جي هٿ هيٺ هڪ هزار گهوڙي سوار ۽ توبخانو هنن جي مقابلي لاءِ روانو ڪيو. ميرن جي لشڪر کي جڏهن اها خبر پئي ته هو ڀڄڻ جون گهٽيون ڳولڻ لڳا. گرهوڙي صاحب اڳيان پنهنجي دل جو حال اوريو ته پيروز پتافي وڏو ظالم سردار آهي. اسان جي هن سان پڄڻ جي واهه نه آهي. سندن اهوحال ٻڌڻ سان پاڻ يڪدم اٿي ڀرسان بيٺل ٻروچ جي ڏاڙهي هٿ ۾ جهلي ڏاڍا لوڏا ڏئي فرمايو ته پيروزپتافيءَ جي ڏاڙهي منهنجي هٿ ۾ آهي. توهان ڇو بي همت ٿياآهيو؟ مير بجار اهي لفظ ٻڌي وهٽ اتي ڇڏي اڳتي وڌي وڃي هڪ ڇن ۾ لڪي ويٺو. دشمن سمجهيو ته مير جو لشڪر شايد اڃان اڳڀرو آهي. اهو سوچي هو اڳتي وڌاندا ويا جڏهن اچي ميرن جي لشڪر جي روبرو ٿيا. تڏهن گرهوڙي صاحب کين بندوقن هلائڻ جو حڪم ڏنو ۽ سندن زبان مبارڪ تي هي بيت هو:

بجر ڪاڻا وڃي وجهينس گهاڻا
نه ڇٽندس توپون نه لڀندس راڻا

اوچتو بندوقون ڇٽڻ تي ڪلهوڙن جي لشڪر ۾ اچي ڀاڄ پئي. ۽ اهو ٻروچ جنهن کي گرهوڙي صاحب ڏاڙهي کان وٺي لوڏا ڏنا هئا. تنهن پيروز پتافي کي قتل ڪري سندس سسي آڻي مير جي اڳيان رکي. ۽ ڪلهوڙن وڃي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناهه ورتي ۽ خدا آباد جو تخت گاهه ميرن جي هٿ آيو. ڪلهوڙا ڪجهه وقت حيدرآباد جي قلعي جي اندر بند رهيا. آخر غلام نبي ڪلهوڙي کي موسيٰ کٽياڻ جي ڳوٺ وٽ ماريو ويو. ان بعد ڪلهوڙا جوڌپور طرف لڏي ويا. جتي اڃا به سندن نسل موجود آهي.
اهڙي طرح جڏهن ميرن کي سنڌ جي صاحبي ملي تڏهن گرهوڙي صاحب کين ڪي شرط لکي ڏنا. انهن ۾ اهم شرط هي هو ته جيڪڏهن اها شريعت محمدي موجب حڪومت هلائي تا قيامت اوهان جي حڪمراني هوندي. جي نه ته صرف 60 ورهيه. پويان مير جيئن ته اهل تشيع طرف مڙي ويا. تنهنڪري سندن بادشاهت سٺ ورهيه کانپوءِ ختم ٿي وئي.