شاهه عبدالرحيم رحه گرهوڙي۽ شاهه عبداللطيف رحه ڀٽائي:
جڏهن ته اها روايت ائين نه آهي بلڪ هن طرح آهي ته شاهه لطيف رحه ماڻهن جي اسرار تي عشاء نماز نه مگر فجر نماز پڙهائي هئي ۽ فجر نماز فرض ۾ فقط ٻه رڪعتون آهن. جماعت پٺيان بيٺي. شاهه صاحب پهرين رڪعت ۾ قرآن شريف جي آخري آيت قل اعوذ برب الناس پڙهيائون ۽ الله اڪبر چوندا رڪوع ڪندا سجدي ۾ ويا. ٻي رڪعت ۾ پاڻ پنهنجي بيت جي هي سٽ ”نه ڄمي ها مارئي، نه ماڻهو پون ها مامري” پڙهي الله اڪبر چئي رڪوع ڪندا سجدي ۾ ويا. جڏهن سلام ڦيريائون ته سواءِ ٻن طرفن جي چئن طرفن سلام ڦيريائون. ماڻهن ته ٻن طرفن سلام ڦيريو. تڏهن ماڻهن عبدالرحيم رحه کان سوال ڪيو ته تو ڇو چئني طرف ڏي سلام ڦيريو. عبدالرحيم رحه هنن کي جواب ۾ چيو ته شاهه لطيف رحه جنهن طرف سلام ٿي ڦيريو ته ڪعبت الله انهيءَ طرف ڦري ٿي بيٺو ۽ اهڙا ڪيترا مثال آهن. ڪعبت الله شريف پنهنجي جاءِ ڇڏي ويندو آهي. هي مشهور مثال آهي ته ڪعبت الله شريف بيبي رابعه بصري جي استقبال تي هليو ويو هو. ڪنهن الله وارن جي نماز وقت سندن سامهون اچي بيهندو آهي. شاهه لطيف رحه جو چئن طرفن سلام ڦيرڻ ۾ به ڪا مصلحت هوندي. جيڪا ضروري نه آهي ته عام کي ٻڌائي وڃي.
دائود پوٽي صاحب هڪ ٻي روايت حڪيم معين الدين گلجين نالي هالائيءَ کان آڻي ٿو ته هڪ ڀيري شاهه لطيف رحه پنهنجي هڪ مريد هٿان هيٺيون سوال ميان عبدالرحيم رحه ڏي جواب لاءِ ڏياري موڪليو هو ته:
سوال: جو مڙني موچارو سو آهي ڪڄاڙو؟
ميان عبدالرحيم رحه جواب ۾ هي بيت موڪليو ته
جواب: هڪڙي صحت سرير جي، ٻيو پرين جو پاڙو
داڪٽر دائودپوٽو صاحب جيئن ته شيخ عبدالرحيم رحه گرهوڙي جي ڪلام مرتب ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ کان ڪم ورتو آهي. جنهنن ۾ هن صاحب نهايت سونهن ۽ صحت سان گرهوڙي صاحب جي هڪ هڪ باب کي ويهي سموهيو ۽ سنڀاليو آهي. انهيءَ ويچار ۽ انهيءَ اڀياس سان سندن هي چوڻ ته شاهه عبداللطيف رح ڪلام جو اثر شيخ عبدالرحيم رحه جي ڪلام تي نهايت گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اها پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت آهي جو ٻنهي فقيرن جو دڳ هڪ ئي هو. واٽ وندر واري ساڳي هئي وڻن ۽ وڻڪار جي ڪيفيت به ساڳئي هئي. فقط مٿين پالش ۾ ٿورو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جو مسلڪ ساڳيو مگر طريقت جو اثر جدا جدا آهي.
حضرت شيخ عبدالرحيم رحه پنهنجي مرشد حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان جي پيروي ڪندي. جدا جدا موقعن تي شاهه جو شعر شاهدي طور ڪتب آندو آهي. جنهن سبب شاهه لطيف رحه جا ڪيترا شعر سندس شعرن سان رلجي ملجي گڏجي ويا آهن. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن دل ۾ شاهه جي شاعري جي بيحد محبت هئي. بلڪه پاڻ ته ان کي الاهي ڪلام چيو اٿن. جنهن جي سندن چيل هي شعر شاهدي ڀري ٿو ته :
آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمٰن،
پڙهيائين پريت مان، باريءَ جو بيان،
جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو (گرهوڙي*)
* راضي فقير ذات جو لاشاري بلوچ هو. مون هن فقيرتي ايم اي سنڌي ڪندي مونو لکيو هو. مون سندس 1300 بيت هٿ ڪيا. جيڪي شاهه لطيف جي تتبع تي چيل هئا. کيس شاهه جو سڄو رسالو ياد هو. دائودپوٽي صاحب راضي فقير جي حوالي ڄاڻايوآهي ته راضي فقير کي گرهوڙي صاحب خواب ۾ آيو ۽ کيس بيت جي وچين سٽ جو اضافو ڪري بيت مڪمل ڪرايائينس. (راقم)