لنواري شريف ڏانهن سفر:
گرهوڙي صاحب جي دل هر وقت مرشد جي طلب ۾ سرگردان رهندي هئي. سندن دلي مراد هئي ته ڪنهن ڪامل مرشد جي لڙهه لڳان ، جو رسول الله ﷺ حديث پاڪ آهي : من له شيخ و هو في شيخ شيطان يعني جنهن جو مرشد نه آهي ان جو مرشد شيطان آهي. طريقت جي منزل ۾ پير پائڻ جي لاءِ رسول الله ﷺ فرمايو ته الرفيق تم طريق پهريون رفيق جي تلاش ڪر، بعد ۾ طريقت جي راهه ۾ پير پاءِ جو طريقت سواءِ مرشد جي رهبريءَ جي طئي ٿي نه سگهندي.انهيءَ ڪري سندن نظرون هر طرف ڪامل مرد جي تلاش ۾ لڳيون رهنديون هيون. هڪ ڏينهن گهر اڳيان وضو پي فرمايائون ته هڪ واٽهڙو اچي عرض ڪيس ته سائين جلدي وضو ڪري مونکي ڪونئرو ڏيو ته مان به وضو ڪري نماز پڙهندس. پاڻ ان واٽهڙوءَ کان پڇيائون ته ڪيڏانهن پيو وڃين. واٽهڙو جواب ۾ چيس ته لنواري شريف مرشد جي ديدار تي پيو وڃان. اهو ٻڌي پاڻ کيس چيائون ته ڏٺي مون تنهنجي لنواري! واٽهڙو جواب ۾ چيس ته اهو ڏينهن به الله جل شانه ضرور ڪندو جو تون لنواري ڏسندين. واٽهڙوءَ جي اها ورندي ٻڌي گرهوڙي صاحب ڪو وقت ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ لنواري وڃي پهتو.
ٻي روايت هن ريت ٻڌائي وڃي ٿي ته هڪ دفعي پاڻ صبح جي وقت گهر جي ٻاهران ويٺا هئا ته سندن اڳيان هڪ واٽهڙوءَ جو اچي گذر ٿيو. واٽهڙوءَ جيئن ته پيرسن هو، پاڻ کيس سڏي پڇيائون ته ڪيڏانهن ٿو وڃين! هن چيس ته لنواري شريف مرشد جي ديدار تي پيو وڃان. پاڻ چيائونس ته مرشد سان ايڏي دل ٿي واٽهڙو چيو ته سائين آهي! تڏهن ته وڃان پيو بزرگ گرهوڙيءَ چيس ته چڱو! پنهنجي مرشد کي چئجان ته واٽ تي هڪ شخص مليو ان اوهان کان پڇيو آهي ته الله جو حبيب معراج شريف تي ويو. اهو معراج صرف انهن لاءِ ئي مخصوص هو يا ٻيو به ڪو وڃي سگهي ٿو. پوءِ جيڪو جواب تنهنجو مرشد توکي ڏئي اهو موٽ تي مون کي ضرور ٻڌائندو وڃجان.واٽهڙو هائوڪار ڪري روانو ٿي ويو. مرشد جي خدمت ۾ پهتو مرشد جي ديدار ۾ ايترو ته محو(فنا) ٿي ويو جو هن کان اهو نياپو ئي وسري ويو. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن هن جو واپس موٽڻ جو خيال ٿيو ته دل ۾ سوچيائين ته صبح جو مرشد جو آخري ديدار ڪري کانئن موڪلائي ڳوٺ روانو ٿيندس.صبح جو آخري ديدار لاءِ مرشد جي خدمت ۾ پهتو ۽ اجازت ڳوٺ وڃڻ جي طلب ڪيائين. ان وقت مرشد کيس چيو ته ميان! توکي اسان جو هڪ نياپو مليو هو. مگر اهو نياپو ته اسان کي ڏنو ئي نه... هاڻي اسان ان جو جيڪو جواب توکي ڏيون ٿا اهو ياد ڪري ان شخص کي پهچائيندو پوءِ ڳوٺ وڃجان. ان شخص کي چئجان ته مرشد تنهنجي سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته بغداد جي خليفي هارون رشيد دجله ندي ءَ جي ڪناري ماڻهن جي سهولت لاءِ هڪ پل ٺهرائي جنهن جو نالو پنهنجي پياري راڻي زبيده جي نالي تي “زبيده پل” رکيائين. ۽ انجو پهريون افتتاح به ان جي پياري راڻي زبيده ڪيو هو. ان بعد اها پل هر عام خاص لاءِ کولي ڇڏي وئي هئي. اهڙي طرح “معراج شريف” به هڪ پل مثل آهي ”بندي ۽ رب جي وچ ۾“ جنهن جو افتتاح سندس محبوب محمد رسول الله ﷺ جي ذريعي ٿيو. جيئن ته پاڻ خاتم النبيين هئا تنهنڪري سندن پويان ايندڙ “اولياء ڪرام” لاءِ اهو رستو جوڙيو ويو هو. جيڪو قيامت تائين کليل آهي. پوءِجيڪي به عشق جي منزل ۾ فنا جي درجي تي پهتا انهن کي اهو ديدار ٿيندو رهندو آهي. رسول الله ﷺ جو ان تان خاص سندن شان ۽ دستور وٽان هو ۽ لشڪر ٿيو جو سلطان پٺيان لنگهڻ به سندن شان ۽ رواج مطابق آهي.
ہن درم کہ در بحر جلال اللہ بود ہستم
بکوہ طور با موسیٰ کلیم اللہ بود ہستم
مان الله جي بحر جلال جو بي بهادر آهان طور جبل تي موسيٰ عليه سان مان ڳالهائندو هئس.
منم بدنام در عشقش بیا ای پارسا بہ بین
نمی ترسمں بہ رسوائی سَر بازار می رقصم
( مان عشق ۾ بدنام ٿيو آهيان اي پارسا! اچ اچي ڏس مان هن رسوائي کان نٿو ڊڄان، جو مان هنجي اڳيان عاشق جي بازار ۾ رقص پيو ڪريان)
انهي جواب ٻڌڻ شرط گرهوڙي صاحب هڪدم لنواري شريف جو سفر اختيار ڪيو. اتي پهچي دل ۾ خيال ڪيائين ته خبر نه آهي خواجه صاحب ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهن. اها ٻڏتر سندن دل ٿيڻ واري ڪيفيت خواجه صاحب کي ڪشفي طرح معلوم ٿي ته پاڻ قرآن ڪريم جي هڪ آيت ڪريمه والطور و ڪتاب مسطور في رق منشور والبيت المعمور جي معنيٰ پڇيائون عبدالرحيم گرهوڙي رحه ظاهري معنيٰ بلڪل سهڻي بيان فرمائي پر جڏهن خواجه صاحب جن انهيءَ قرآني آيت جون روحاني رمزون مٿن واضح ڪرڻ شروع ڪيون ۽ مٿس عين جي علم جي پلٽ ڪيائون ته گرهوڙي صاحب جي اکين تان اونده جا پردا لهندا ويا ۽ پاڻ وٽن دست بيعت ٿي مريدي حلقي ۾ داخل ٿي ويا ۽ وٽانئن روحاني خلافت جو خرقو اوڍيائون هڪ ئي ملاقات کين فرش تان کڻي عرش تي پهچائي ڇڏيو.
جکري جهڙو جوان ڏسان ڪونه ڏيهه ۾،
مهڙ سڀني مرسلن ، سرس سندس شان،
فڪان قاب قوسين او ادنيٰ ميسر ٿيس مڪان،
اي آگي جو احسان ،جنهن هادي ميڙيم ههڙو.
هڪ ئي ملاقات سان عبدالرحيم جو قلب کلي ويو ۽ پاڻ اٺ پهر غش ٿيا پيا رهيا. جڏهن اها خبر خواجه صاحب جي ڌيان تي آندي وئي ته پاڻ فقراء سميت عبدالرحيم مٿان آيا ۽ کين اٿاري هڪ ڪتاب ڏيون هليا ويا. عبدالرحيم رحه اهو ڪتاب پڙهندو پي ويو ۽ زار زار روئيندو به پي ويو ۽ هي بيت سندن زبان تي جاري ٿي ويا.
ڏڙهه ڏونگر ۽ ڏيهه وِڄُن رات وسيا
مون منجهارا کيهه ڪنهن وڏي ڄارڻ نڪري
*
ورد وظيفا وسريا نڪا ٿي نماز
هنيون بحري باز چوري ڪيو چنبن ۾
پوءِ عبدالرحيم اقامت دين تي قائم هئا. هڪ دفعي ٽيپهري نماز جو وقت ضعيف ٿيڻ تي هو. ان وقت پاڻ خواجه صاحب جن کي فرمايو ته اسان جي مشائخن اهو وقت دير سان پڙهيو آهي. نقشبندي مسلڪ جا صاحب جڏهن مسجد نبوي ۾ ظهر نماز بيهندي هئي ته پاڻ ان وقت ظهر نماز جي تياري ڪندا هئا.( جيئن مڪمل اتباع رسول ﷺ ٿي سگهي.) متفرقه رسالات جو صاحب اڳتي هلي لکي ٿو ته خواجه صاحب جن گرهوڙي جي ان اشاري تي ڪجهه لمحوخاموش رهيا بعد ۾ نماز لاءِ اٿيا ۽ عبدالرحيم ڏانهن منهن ڪندي فرمايائون ته اسان ڍرڙائيءَ جو سبب بدن ۽ طبع جي هيڻائي آهي. خواجه صاحب جيڪڏهن چاهين ها ته کين اهو منظر به ڏيکاري پي سگهيا مگر جيئن ته وٽن اڪيلائي ميسر نه هئي ٻي جماعت به موجود هئي تنهنڪري انهيءَ وضاحت کي ڍڪ ۾ رکي ڇڏيائون. جيئن ته اڃان نئون نئون عبدالرحيم سندن حلقه ارادت ۾ هو، تنهنڪري اڃا کين رهبري جي ضرورت هئي. جيئن حضرت عمرفاروق رضه اڃان نئون نئون دين اسلام ۾ داخل ٿيو هو ۽ اها منزل اڃا نه ماڻي هئائون تڏهن جڏهن رسول الله ﷺ جن جنگ بدر جي مقتولن کي خطاب فرمايو هو ته حضرت عمر رضه عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ مقتولين اوهان جو خطاب ڪيئن ٻڌندا ۽ پاڻ ڪريمن کين فرمايو هو ته هو اسان جو خطاب اهڙي طرح ٻڌي رهيا آهن جهڙي طرح اوهان ٻڌي رهيا آهيو. عبدالرحيم رحه به اهڙو ئي مرشد اڳيان اظهار ڪيو ته قبله فرضن جي ادا ڪرڻ ۾طريقت تي هلڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي يعني شريعت جو اتباع شايد ايترو ضروري نه آهي جنهن تي خواجه صاحب کيس مسڪرائي جواب ڏنو ته اڃان مُلن وارامناظرا نٿو ڇڏين! ان وقت پاڻ وضو ساري رهيا هئا. وضو ساريندي وضوءَ جو ڇنڊو مٿس اڇلايائون يعني ڏانهن وضوءَ واري هٿ جو اشارو ڪيائون.ته عبدالرحيم رحه اتيئي غش ٿي ڪري پيو ۽ ٻئي ڏينهن تائين انهيءَ جاءِ تي بيهوش پيو رهيو. ٻئي ڏينهن وچينءَ جي مهل فقيرن گڏجي مٿس اچي بيٺا جو فقيرن عرض ڪيو ته قبله عبدالرحيم اڃاتائين غش ٿيو انهيءَ جاءِ پيو آهي. کيس هوشيار ڪندي چيائون ته مڱريا فقير اسان ته باوجود پيريءَ جي وچين نماز ديرسوير پيا پڙهون. پر تون ڪيترائي وقت قضا ڪري چڪو آهين. عبدالرحيم مرشد جو گفتگو ٻڌي سجاڳ ٿيو ۽ سندس زبان مان هي بيت نڪتو ته:
منهنجو ماهه مجاز پيڃاري جئن پڃيو،
ورد وظيفا وسريا،نڪا رهي نماز،
هينئڙو مجري باز، چوري ڪيو چنبن ۾.
ان بعد مرشد کين وطن ڏي موٽ ڪرڻ جو حڪم ڪيو. پان اچي ميرپور ۾ رهيو. مگر ڪيتري جذب باوجود به جلالت جا الا وسامڻ جا نه هيا. ان جلال ۾ پاڻ وڻن تي چڙهيو پاڻ اتان وٺيو هيٺ ڪيرائي ۽ بار بار هي بيت سندن زبان تي جاري رهندڙ هو.
فرزند بي بي فاطمه جا نا حق ڪسن ڪيئن،
ويرُ وٺندي سنئينءَ پاسو پٽ نه کوڙبا
الله اڪبر، ڪونهي تڪبر.
ائين چئي وٺيو ڀريل ڪونئرو مٿي تي نائي ته سڄو پاڻي مٿي ۾ جذب ٿيو وڃي. هڪ ڦڙو به پاڻي جو پٽ تي نه ڪري اها خبر وڃي لنواري پهتي اتان نياپو آيو ته عبدالرحيم رحه هن وقت جلالي ڪيفيت ۾ آهي. تنهنڪري ڪو به اهڙي صورتحال ۾ وٽس ويجهو نه وڃي. مبادا ڪو نقصان ڪري وجهي. عبدالرحيم رحه جي لاءِ هي پيغام موڪليائون ته “ بهتر آهي ته هلي چليءَ تي هلو!” جڏهن هي پيغام عبدالرحيم رحه کي مليو ته پاڻ چيائون ته اسان جو ته ارادو هو ته شيطان کي ئي دنيا مان تڙي ڪڍون. جيڪو خدا جي مخلوق کي پيو خراب ڪري پرمرشد کان اجازت نه ملي ان بعد آهستي آهستي پاڻ جمالي طبيعت ۾ ايندا ويا.