مختلف موضوع

گرهوڙيءَ جون پيشنگويون

هي ننڍڙو ڪتاب ”گرهوڙيءَ جون پيشنگويون“ نامياري ، ليکڪ مخدوم شبير احمد صاحب جو لکيل آهي.
ڪلام گرهوڙيءَ جو پهريون ڇاپو ادبي مسلم سوسائٽيءَ طرفان تقريبا 1903ع ۾ ڇپيو. جنهن جو مولف ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب هو. پاڻ وڏي جاکوڙ بعد هن بزرگ جو ڪجهه مواد هٿ ڪيائون. جيڪو ڏند ڪٿائن تي مشتمل هو. ڪو مستند ڪتاب انهيءَ ڏس ۾ کين به هٿ چڙهي نه سگهيو.اڪثر مواد پاڻ ٻن ڪتابن مرغوب الاحباب ۽ فردوس العارفين تان ورتو اٿن.
Title Cover of book گرهوڙيءَ جون پيشنگويون

چار شرط:

پهريون شرط:
هندن جو سردار اسان وٽ اچي. اسان کيس چاليهه ڏينهن بنا ڪنهن ڄاري يا سوراخ جي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ٻاهران در کي قفل ڏئي ڇڏينداسون. اهڙيءَ طرح مان به جيڪو مسلمانن جو مهندار آهيان. هن سان گڏ چاليهه راتيون انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ قفل اندر بند رهندس. پوءِ جيڪو به اسان مان فوت ٿيو تنهنجو لشڪر آڻ مڃيندو.
مرغوب الاحباب واري ان ۾ واڌارو ڪيو آهي ته ٻنهي ڌرين جا ماڻهو جدا جدا جاين ۾ بند ڪري ڪنجيون کڻي پري وڃي. ويهجي پوءِ جنهن جي طرف ”ذات حق“ هوندي. ان طرف جا ماڻهو پاڻ مرادو نڪري ايندا. پوءِ جيڪا ڌر بنديل رهي اها ٻاهر نڪتل ڌر تي سواءِ ڪنهن شرط شروط جي ايمان آڻي.

ٻيو شرط:
هڪ ميدان مقرر ڪجي. هندن جو لشڪر هڪڙي طرف بيهي ۽ مسلمانن جو انجي سامهون طرف. جيئن ته سڀڪو هڪ ٻئي ڏسي سگهي. پوءِ مان ۽ هندن جو سپهه سالار ميدان ۾ ملهه وڙهون. جيڪڏهن ٽي ڀيرا مان مٿس غالب پيس ته هو مسلمان ٿيندو. نه ته آئون جڻيو پائي ساري لشڪر سميت سندس تابع ٿيندس.
مرغوب الاحباب وري ڪجهه هن طرح ٻيو شرط ٻڌايو آهي ته رات جو ٻئي ڄڻا اڪيلا رهاڻ ڪريون پوءِ جيڪڏهن ساميءَ جي صحبت جو اثر مون تي پيو ته مان جڻيو پائي هندو ٿيڻ جو اعلان ڪندس. پر جيڪڏهن منهنجو اثر ساميءَ تي ٿيو ته سامي خودبخود مسلمان ٿيندو.

ٽيون شرط:
مون کي ۽ هندن جي مهنت کي سڀني ماڻهن جي روبرو پڌري پٽ ساهميءَ ۾ تورين جيڪڏهن هو باوجود ٿلهائي جي ڳورو ٿيو ته مان سندس رسمون پاڻ تي لاڳو ڪندس. پر جيڪڏهن مان باوجود ڏٻرائي جي هنکان وزن ۾ ڳورو ثابت ٿيس ته هو اسلام ۾ داخل ٿيندو يعني ڪلمون پڙهي مسلمان ٿيندو.

چوٿون شرط:
هندو پنهنجي بت اڳيان پنهنجون مذهبي رسمون مثال راڳ روپ ۽ ٻيون ريتون رسمون ادا ڪن. پوءِ جڏهن جوش ۾ اچي تڏهن مان تن تنها اڪيلو وٽن حاضرٿيندس. پوءِ جيڪڏهن مون تي پنهنجو مذهبي تصوف قائم ڪيائون ته مان سندس جماعت ۾ شامل ٿي ويندس يا آءٌ اٿي سامهون ذڪر جي حلقي اندر ويهي رهندس. ۽ سندن مذهبي اڳواڻ يعني مهنت اڪيلو اچي. اڃا اوڻٽيهه وکون يا اوڻويهه وکون پري هوندو ته خودبخود شهادت جو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيندو ۽ دين اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿي ويندو.
جي اهي شرط قبول نه آهن ته پنجون شرط ”جهاد“ آهي جنهن لاءِ اسان سنبري آياآهيون ۽ بنان جهاد ڪئي واپس نه موٽنداسون.
هن پيغام موڪلڻ بعد مخدوم عبدالرحيم رحه پاڻ کي ڪلهن تائين واريءَ ۾ پورايو ۽سڀني مجاهدن کي سڏي کانئن پڇيائين ته جيڪڏهن ڪافر چار ئي شرط نه مڃين ته پوءِ اوهان جي ڪهڙي صلاح آهي. سڀني هڪ آواز ٿي چيو ته
صلاح ماهمه آنست. کان تواست صلاح
(اسان سڀني جي اها ئي صلاح آهي جيڪا اوهان جي آهي)
اهو ٻڌي پاڻ فرمايائون ته مون کي ته هي ڳالهه منظور آهي ته “ شهيدٿي پورجان” اهو ٻڌي سڀني چيو ته اسان به شهادت جو موت قبول ڪري آيا آهيون. ان بعد کين زمين کان ٻاهر ڪڍيائون.
مٿيان چار ئي شرط ساميءَ قبول نه ڪيا ته گرهوڙيءَ صاحب کيس ٻيو وهنوار ڏيندي چيائينس ته ڀلا تون پنهنجو ڪشتو گهراءِ ۽ کانئس پڇ جيئن هو چوي تيئن کڻي ڪريون. سامي ڪشتي کان دريافت ڪيو پر ڪشتي ڪوبه جواب نه ڏنو. تڏن گرهوڙي صاحب چيس ته چڱو ڀلا! هاڻ جمنيءَ کان پڇون ٿا! پوءِ جيئن جمني چوندي تيئن ڪنداسون. سامي سمجهيو ته جمني به ڪشتي وانگر خاموش رهندي. سو هن اهو شرط قبول ڪيو ته جمنيءَ وٺي دين ! دين ! دين! ساميءَ رڙ ڪري چيو ته ڏسو جمنيءَ مان ڌن! ڌن! ڌن! جو آواز اچي ٿوته جمني هڪدم حق! حق جو آواز پڪارڻ لڳي. انهي ڪشمش تي ننڍي ڀاءُ ”گرت گر“ پنهنجي وڏي ڀاءُ ”دت گر“ کي چيو ته بهتر آهي ته هيٺاهين ڪري جان ڇڏائجي نه ته هن بلا مان جان نه ڇٽندي. پوءِ ٻئي ڀائر صلاح ڪرڻ لاءِ اجاز وٺي پنهنجي ماڳ تي موٽي ويا. جڏهن ٻئي ڀائر صلاح مصلحت لاءِ موڪل وٺي ويا ته گرهوڙي صاحب به پنهنجي ساٿين سان مشورو ڪيو. پهريائين ابراهيم سوڍڙي کان صلاح پڇيائون. جيئن ته هي ماڻهو تازو مسلمان ٿيو هو ۽ ويجهڙائي ۾ لنواري شريف مان “ارشاد” وٺي آيو هو. تنهنن جواب ۾ چيو ته قبله! هي به جذيو وٺي ڇڏيندا هئا. پاڻ به کڻي ائين ڪريون!.... وري گرهوڙي صاحب ابراهيم ٽالپور کان پڇيو ته جنهن جواب ۾ چيو ته قبله! هي مهل برڪت واري اسان کي وري هٿ نه ايندي. باقي توهان لاءِ ته اهڙيون گهڙيون هميشه پيون اينديون . اهو ٻڌي پاڻ ابراهيم سوڍڙي کي مخاطب ٿيندي ٿي فرمايائون ته ”توکي تازو ارشاد مليل آهي ۽ پوءِ به تومان ڪفر جي بوءِ اچي ٿي“ بعد ۾ ابراهيم ٽالپر ڏي منهن ڪري چيائون ته ”تنهنجو درجو خليل الله وارو آهي.“
هوڏانهن سامي ڀائر جاءِ تي پهتا ئي مس ته مير بجار خان جو مخفي خط به اچي ملين. جنهن ۾ لکيل هو ته اسان جو مڱريي فقير واري جهيڙي سان ڪوبه واسطو نه آهي. اوهان پاڻ ۾ ڄاڻو، جيئن ته ٻنهي ڀائرن کي ميرن جو گهڻو ڊپ هو. پر جڏهن خبر پين ته ميرن جي پٺڀرائي هن جهيڙي ۾ فقير عبدالرحيم گرهوڙي کي نه آهي ته هنن جو ڊپ لهي ويو ۽ هو شينهن ٿي ويا. ۽ چيائون ته اسان هنن ٻاهتر ڄڻن کي ته هڪ ئي جهاٽڪو ڪري ٿا وٺون. هي 72 مجاهد فقير جي سربراهيءَ ۾ هنن جي اکين تري نه سگهيا ۽ وٺي ڀيڙ تي ڏونڪو هڻي جنگ جو اعلان ڪيائون. ۽ جنگ جي تياري ڪرڻ لڳا.ايتري ۾ گرهوڙي صاحب جي ماڻهن به اچي احوال ڪيو ته قبله توڻي جو سامي ڀائر صلاح مشوري لاءِ وقت وٺي ويا هئا. مگر ڀانئجي ٿو ته هو پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويا آهن. هنن ڀيڙ تي ڏونڪو هڻي جنگ جو اعلان ڪيو آهي. هن وقت هو جنگ جي تياري ڪري رهيا آهن. اهو ٻڌي گرهوڙي صاحب فرمايو ته ڀانئجي ٿو ته مير بجار ڊوهه ڪيو آهي. ساڻس به ٿيندو ڊوهه! پوءِ هي گفتگو ڪيائون ته :
اسان پاري ، بجر نه پاري
وئي بجر جي، سرداري
هن جنگ ۾ جيئن ته ٽالپور به شامل هئا. تن عرض ڪيو ته قبله بجر ته دغا ڪئي پر ٻين ٽالپورن ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو اسان کي به پاراتو ڏنو اٿو. اهو ٻڌي پاڻ ٽالپرن ڏي منهن ڪري چيائون ته “ اوهان مير پيا سُکيو پيٽ پاليندا” سندس دعا جو هي نتيجو ٿيو ته اڄ تائين سڀ ڪنهن ٽالپور وٽ ٿورو ڪي گهڻو زمين جو ٽڪر آهي. جنهن سان هو خوش گذران ڪري رهيو آهي.
جيئن ته مٿي بيان ڪري آياسون ته سامي ڀائرن کي جيئن ئي مير بجار خان طرفان غير جانبداريءَ وارو خط مليو ته ٻئي ڀائر جنگ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ لشڪر تيار ڪري گرهوڙي صاحب ۽ مجاهدن سامهون جنگي طبل وڄايائي. گرهوڙي صاحب پنهنجي ساٿين کي تيار ڪري هن جي سامهون ٿيو. ۽ رامڻ نالي ٽالپور کي حڪم ڏنائون ته بندوق ڀري ڇڏ رامڻ جواب ڏنو ته قبله! مون اڳئي ڀري ڇڏي آهي. پاڻ چيائونس ته ٻيو نال به ڀري ڇڏينس.
رامن ٽالپور بابت مرغوب الاحباب جو صاحب روايت ڪري ٿو ته بزرگ گرهوڙيءَ جي جماعت ۾ ”رامي“ نالي ذات جو ٽالپور هڪ ڳڀرو نوجوان هو. جنهن کي واٽ تان جهاد لاءِ ويندي ساڻ کنيو هئايون. هن کي ڏسندي ئي واڪو ڪري چيو هئائونس ته ”هلي آ اڄ تنهنجو وقت آهي“ هن ڳالهه گرهوڙي صاحب جي ساٿين کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو هو. هي اهو رامو نالي ٽالپور هو ”دت گر“ کي نيزو هٿ ۾ گهوڙي تي چڙهيل ڏٺو هو. جيئن ته ساميءَپاڻ تي سحر ڪري ٻين جي نظرن کان پاڻ لڪايو هو. ٻيو ڪير به هن کي ڏسي نه پيو سگهي. مگر رامو ٽالپور جي نظرن کان هو لڪي نه سگهيو هو. پنهنجي لشڪر وارن کي همٿائيندو ماريو ، ماريو جا آواز ڏيندو مجاهدن طرف ڌوڪيندو پي آيو. گرهوڙي صاهب رامڻ کي حڪم ڏنو. رامڻ الله اڪبر جو نعرو هڻي بندوق ساميءَ جي سيني جو نشانو وٺي ڇوڙي. جيڪا سڌو هنجو سينو چيريندي وئي. هن جو سحر ٽٽي ويو. هو ظاهر ٿي مجاهدن جي لشڪر اڳيان ڦهڪو ڪري اچي ڪريو. لشڪر ساميءَ کي مرندو ڏسي فرار ٿيڻ جا گهٽ ڳولڻ لڳا. جيئن ته ساميءَ جو موت رامن ٽالپور هٿان لکيل هو. تنهنڪري گرهوڙي صاحب جي مرشد زادي خواجه گل محمد رحه کين ڪشف رستي اشاروڪيو هو ته رامي ٽالپور کي واٽ تان پاڻ سان ضرور کنيو وڃجو. جو خداوند ڪريم ساميءَ جو موت هنجي هٿن کان لکيو آهي. هي لوح محفوظ جو فيصلو گرهوڙي صاحب به مشاهدو ڪيو هو. جو رامي کي ڏسڻ سان جيڪو گفتگو ڪيائون جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آياسون. جنگ ڇڙڻ وقت پاڻ مجاهدن کان پرڀرو ٿي رامڻ سان گڏ وڃي بيٺا هئا ۽ کيس چوندا پي رهيا ته جڏهن مان چوان تڏهن بندوق ڇوڙج! جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ساميءَ جي مرڻ واري وقت جي انتظار ۾ هئا. جو موت جو هڪ وقت مقرر آهي. مجاهدن جي ڀر ۾ وڃي ڍال سان سندن بچاءُ ڪري پاڻ هڪدم چال واري کي هٽائي چيائون ته:
سپر سور ڪندياءِ، مرڻ باس ته ميڙ ٿئين.
جيئن ئي سامي مئو ته مجاهدن وٺي هندن جي لشڪر تي لوهه ڪئي. گرهوڙي صاحب پاڻ نه هٿيار هلايو نه ڪاوڙيا پٽ جو لفظ پنهنجي زبان مان ڪڍيائون. فقط قرآن ڪريم جي هي آيت “اياک نعبد و اياک نستعين ” واري پي دهرائون. ويرم نه گذري ته ”دتگر“ پاڻ تي سحر ڪيل ڪاري گهوڙيءَ کي ڊوڙائيندي پي آيو. ٻين کي ته هو نظر نه پي آيو. مگر گرهوڙي صاحب جو رامي جي ڀر ۾ ساڻس گڏ بيٺو هو، انهن ٻنهي تي هن جو سحر هلي نه سگهيو. پاڻ رامڻ ٽالپر کي حڪم ڏنائين ته ساميءَ جي سيني جو نشانو وٺي بندوق ڇوڙ، رامڻ ساميءَ جي سيني جو نشانو وٺي بندوق ڇوڙي بندوق ڇٽي. ساميءَ جو سينو پروڻ ٿي ويو. سامي گهوڙي تان آئٽيو. سندس ٽنگ گهوڙي جي سنج ڪيل رڪيب ۾ ڦاسي پئي ۽ گهوڙو هن کي ميدان ۾ ڦيرائيندو رهيو. هندن جي لشڪر جڏهن ساميءَ جو اهو حشر ڏٺو ته سامي مري چڪو ۽ سندس گهوڙي کيس ميدان اندر گهليندي ٿي وئي. تڏهن چيائون ته پهرين ساميءَ کي سنڀاليون پوءِ انهن ٻاهتر ڄڻن کي به ماريندي دير نه ڪنداسون. هندو لشڪر اڳيئي خوف ۾ وڪوڙجي ويو هو. تنهنڪري انهيءَ بهاني جان بچائڻ لاءِ پوئتي هٽيو. مجاهدن اهو رنگ ڏسي دشمن ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڏنو. هو ڀڄڻ لڳا مسلمان هنن پٺيان ڪاهي پيا. اهو وجهه وٺي دشمن جي ماڻهن ساميءَ جو وير وٺڻ لاءِ گرهوڙي صاحب تي سڌو الر ڪري آيا. پهرين لکاني نالي ذات جي چانهيي گرهوڙي صاهب تي بندوق جو فائر ڪيو ته بندوق ڦاٽي پئي ته ان بندوق اڇلي اچي کيس برڇي هنئين. ۽ ستابو ۽ گجو نالي شخصن ترار جا ڌڪ هنيا. هنڱورجي ۽ راڄڙ مٿس ڪهاڙين جا وار ڪيا. مارو ٿيٻي جڏهن هي حال ڏٺو ته ڊوڙندوڊوڙندو ابو ابو ڪري اچي گرهوڙي صاحب جي مٿان پيو. انهن ساڳين نامرادن کيس به ترارن جا ڌڪ هڻي ماري وڌو. اهڙي طرح گرهوڙي صاحب جي چوڻي مارو ٿيٻي جي حق ۾ سچي ثابت ٿي ته ”تنهنجو رت اسان سان گڏبو“.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي روايت موجب شيخ عبدالرحيم گرهوڙي جنگ هلندي زخمي نه ڪيو ويو هو نه سندس ساٿين مان ئي ڪو شهيد ٿيو هو. بلڪ هندو مهنت کي شڪست ڏيڻ بعد گرهوڙي صاحب مڙهيءَ جي ڀرسان هڪ ڪنڊيءَ هيٺان اڪيلو ويٺو هو ۽ مسجد جي اڏاوت جي نگراني پي ڪيائون ته لکانو چانهيو ۽ ستابو گجو بڙڇيون لڪائي وٽس زيارت جي بهاني سان حاضر ٿيا. جيئن ته ان وقت وٽن ڪير به موجود نه هو. سڀ مسجد جي تعمير ۾ مشغول هئا. اهو وجهه وٺي بڙڇيون ڪڍي مٿس مارو ڪيائون. ۽ کيس سخت زخمي ڪري وڌائون. مارو ٿيٻو جنهن پرڀرو مسجد تي ڪم پي ڪيو سو ڌاڙ گهوڙا ڪندو اچي مٿانئس پيو ايتري ۾ ٻيو فقير اهو هنگامو ڏسي ترار کنيو ڊوڙندو آيو ۽ ڀانيائين ته شايد ماروءَ گرهوڙي صاحب کي زخمي ڪيو آهي. سو ڪاوڙ ۾ ماروءَ کي تلوار هڻي وڌائين هن حادثي تي ماروءَ جي ڀاءُ الياس ٿيٻي هي ٻه بيت چيا آهن.

1 ستابو ٿيو عتابو، جنهن ڌڪيل ڌڪ هنيو
گجو گانڊو غير تي، سواصل عتابو
لک لعنت لکاني تي، جنهن سورهيه ڪين سڃاتو.

2. عبدالرحيم اڌ ٿيو، مارو تنهن مٿاءَ
انين جا الياس چئي، ليکا سڀ لٿا.

گرهوڙي صاحب جا ماڻهو حملي ڪندڙن پٺيان ڊوڙيا. پر بزرگ کين منع فرمائي ۽ چيائين ته کين ڪجهه به نه چئجو نه کانئن ڪو عيوضو وٺجو، جو عيوضو اسان جو ڌڻي وٽ آهي. اهو پوياڙيءَ جو وقت هو. ان وقت ئي فقير صاحب دم ڏنو. سج لٿي لاش لڏيائون. ٻئي ڏينهن سومهڻي جي وقت گرهوڙ آندائون.
مرغوب الاحباب جي روايت موجب:
“ چند ضربات و نيزه حضرت شيخ رسيده ڪه ساعتي وفات بر”( يعني حضرت شيخ کي ايترا ترار ۽ نيزي جا گهاوَ لڳا جو انهيءَ گهڙي وفات فرمايائون)
فردوس العارفين جي عبارت هن طرح آهي:
هي حادثو 1192هه بمطابق 1770ع ۾ ٿي گذريو. ان وقت شيخ صاحب جي عمر چاليهه سال هئي. روايت آهي ته لاڏاڻي وقت بار بار هيٺيون سٽون پي اچاريائون.
هئي وٽ( نه ) سومري، مٿو (نه) ڌوتائين،
قيمتي ڪپڙا، اڇا (نه) اوڍيائين،
ملير ماڻيائين، ستيءَ سيل نباهيو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان روايت آهي ته جيڪي هنڱورجا ذات جا ماڻهو ويٺل هئا. انهن کي پارت ڪري ويو ته مسجد جي سنڀال ۽ حفاظت ڪجو.
چانهيا قوم جا ماڻهو جيئن ته گرهوڙي صاحب جي شهادت ۾ شامل هئا. تنهنڪري گرهوڙ ۾ چانهيو ذات کي گهٽ نظر سان ڏٺو ويندو آهي ۽ مٿس لعنت وڌي ويندي آهي. لک لعنت لکاني تي جنهن مڱريو مارايو. ڪيترن ئي سالن تائين چانهيا درگاهه گرهوڙ تي ڪونه ايندا هئا. انهيءَ ڪري جو جيڪو به روضي مبارڪ جي دروازي کان لنگهندو هو ته ان جي ڏاڙهي ٽنگجي پوندي هئي. هاڻ ڪجهه سالن کان اها تڪليف مٿن گهٽ ٿي آهي.
مگر سنگهار فقير جي روايت موجب ايڏن زخمن رسڻ جي باوجود به پاڻ زنده رهيا ۽ سندن جسم مبارڪ مان رت جو هڪڙو ڦڙو به نه رهيو. سڀيئي گهاوَ اندران اڇا ڏسڻ ۾ پي آيا. انهي حادثي بعد ۾ پاڻ ٽي ڏينهن هن دنيا ۾ زنده رهيا. ساميءَ جي لشڪر تي اچي الاهي مصيبت ڪڙڪي. سمورو لشڪر ناس ٿي ويو. گرهوڙي صاحب جا به چند ساٿي شهيد ٿيا. پاڻ مجاهدن کي حڪم ڏنائون ته مڙهيءَ کي ڊاهيو ۽ بت کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو. پوءِ انهيءَ جاءِ تي مسجد جوڙڻ جو حڪم ڪيائون ۽ ان ۾ خدمتگار مقرر ڪيائون. مجاهدن کي هدايت ڪيائون ته کائڻ پيئڻ مباح آهي. مگر ڪنهن به شئي کڻڻ جي اجازت نه آهي.ٽن ڏينهن اندر سارو انتظام پورو ڪري پوءِ دم ڌڻي حوالي ڪيائون.
سنگهار فقير هيءَ به روايت آڻي ٿو ته وصال وقت امر ڪيو هئائون ته مون کي هڪدم نه پوريو وڃي. جو مان ٽن ڏينهن بعد ڪن جو چوڻ آهي ته چاليهن ڏينهن بعد جيئرو ٿي اٿندس. پر جيڪڏهن منهنجي ميت تي ڪا مک اچي وهي ته پوءِ مون کي هڪدم دفنايو وڃي. سندن همراز ساٿي جيئن ته اڃا پٺتي هئا. جوسندن حڪم موجب مسجد جو ڪم ڪري رهيا هئا. انهي وچ ۾ سندن ٻيا ساٿي گرهوڙي صاحب جو جسم مبارڪ کڻي اچي گرهوڙ پهتا. سندن شهادت جو ٻڌي ڪيترائي ٽالپر به اچي گرهوڙ ۾ ڪٺي ٿيا. جڏهن انهن کي خبر پئي ته گرهوڙي صاحب جو هي فرمان آهي ته کين اچي ڊپ ورايو ته جيڪڏهن گرهوڙي صاحب جيئرو ٿي اٿيو ته اسان سخت ڏوراپي هيٺ اينداسون ۽ وڏي مصيبت ۽ عذاب جي منهن ۾ هونداسين جو اسان سندن سڏ تي ڪوبه ڪن نه ڌريو هو. بس! اچي هاءِ گهوڙا مچايائون. ته بزرگ کي هڪدم دفن ڪيو وڃي. آخر انهن جي زور تي جنازو تڙ تڪڙ ۾ زمين داخل ڪيو ويو. جڏهن همراز گرهوڙ پهتا ۽ کين انهي ظلم جي خبر پئي ته ارادو ڪيائون ته قبرکوٽي جنازو ٻاهر ڪڍي رکون. مگر خواب ۾ کين اشارو مليو ته جيئن ته اهو هي چليءَ جي برخلاف ٿيندو. تنهن ڪري هاڻ ان جي ڪابه ضرورت نه آهي.
مهاڏيو جي مڙهي واري شهر جو نالو مٽائي (دينپور) رکيو ويو. اتي جا خدمتگار اڃا تائين گرهوڙي صاحب جي درگاهه گرهوڙ شريف ۾ سندن عرس مبارڪ تي ايندا آهن ۽ هر سال اتان جي کجي نذراني طور رکي ان بدلي ۾ ڪجهه روحاني وٽ وٺي ويندا آهن.
هيءَ روايت به عام طور ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته گرهوڙي صاحب پنهنجي همراز ساٿين کي چئي ويو هو ته مان جڏهن هيءَ دنيا ڇڏيان ته منهنجو جنازو ٽي ڏينهن نه دفنائجو ته مان توهان کي قيامت تائين سنڌ اندر جيڪو ڪجهه ٿيڻ واروآهي ٻڌائي ويندس. سنڌ جي بزرگان دين جو چوڻ آهي ته خداوند ڪريم ٻه سومسالن جو لوح محفوظ گرهوڙي صاحب جي سامهون ڪري ڇڏيو هو. جنهن تان ڏسي پاڻ هن دنيا مان رحلت بعد به پيشنگوئي ڪندا ٿي ويا. مگر افسوس جو کيس صرف چار پهر زمين کان ٻاهر رکيو ويو. انهن چئن پهرن ۾ به گهڻو ڪجهه پاڻ ٻڌايون ويا آهن جنهن جو اظهار اڳتي ايندو.