گرهوڙ کي پنهنجو آخري آستانو ٺاهڻ:
جيئن ته شيخ عبدالرحيم رحه وڏي ڪاني ڪرامت جو صاحب هو، تنهنڪري مٿس مائٽن(غالبا چانهين) مٿس زور ڀريو ته کين راجا کان سندس پرورش لاءِ مليل جاگيرون واپس وٺرائي ڏئي. پهرين ته پاڻ انهيءَ ڳالهه کان صاف انڪار ڪيائون مگر سموري فقرآء ۽ سندن والده جي زور ڀرڻ تي جيسلمير ڏانهن هلڻ جو قصد ڪيائون . جڏهن گرهوڙ وٽان انهي هنڌان اچي لنگهيا ، جتي هن وقت زيارتي تبرڪ طور خاڪ جي چپٽي کڻندا آهن جو چيو وڃي ٿو ته هن جاءِ گرهوڙي صاحب جن عبادت ڪئي آهي ۽ ڏها رکيا آهن . هن وقت ان جاءِ جي چوڌاري ڀت ڏنل آهي.
جڏهن انهيءَ جاءِ پهتا ته پري کان هڪڙو سفيد ريش نوراني شڪل پير مرد ايندو ڏٺائون . جنهن کي ڏسي پاڻ اٺ تان لهي پيا. پير مرد ويجهو اچي کين چيو ته : جڏهن خداوند ڪريم ڀونءِ پکيڙي تڏهن حضرت رسول ڪريم صلعم جن مديني منور واري زمين مان هڪ ٽڪرو ڪڍي هن هنڌ رکيو ۽ مون کي امر ڪيائون ته تون هتي ويهي رهه جڏهن شيخ عبدالرحيم رحه اتي اچي تڏهن هي زمين جو ٽڪر سندس حوالي ڪري جيڏانهن وڻئي تيڏانهن هليو وڃج. اوهان جي صورت مبارڪ مون کي ڏيکاري ڇڏي هئائون. هاڻ توهان اچي ويا آهيو سو پنهنجي امانت مون کا وٺو ته آئون پنهنجي ماڳ وڃان. اهو ٻڌي پاڻ هڪدم فاصلي سميت منزل ڪيائون. ۽ اڳتي وڃڻ جو خيال لاهي ڇڏيائون. ۽ پنهنجي اهل اتي گهرائي ورتائون.
ان وقت گرهوڙ ۾ پلي قوم جو هڪ وڏو قبيلو رهندو هو. جن جو مرشد محمد شاهه نالي وڏي امانت جو صاهب هو. شيخ عبدالرحيم رحه وٽ ماڻهن جي رجوعات ڏسي سندس اندر ۾ شيخ عبدالرحيم رحه لاءِ ساڙو جاڳيو ته متان سندس ماڻهو به هن جا نه وڃي مريد ٿين.آخر هڪ ڏينهن شيخ عبدالرحيم رحه وٽ لنگهي ويو ۽ کيس چيائين ته هتان هليو وڃ نه ته تنهنجي لاءِ چڱائي نه ٿيندي. شيخ عبدالرحيم رحه جواب ۾ چيس ته مان توهان جي پٺ آهيان. توهان مون مان ارهو نه ٿيڻ گهرجي. مگر سيد محمد شاهه جواب ۾ چيس ته ٻه شينهن ٻيلي ۾ اڪثر نه ٺهندا آهن. تنهن ڪري بهتر آهي ته توهان هتان هليا وڃو.نه ته ٻي صورت ۾ مان اوهان کي ڪرامت جي زور تي ڪڍي ڇڏيندس. گرهوڙي صاحب کيس جواب ۾ چيو ته اوهان جي مرضي مگرمان هتان نه چرندس! هن کتي جواب ملڻ تي سيد محمد شاهه ڪاوڙجي روانو ٿي ويو ۽ وڃڻ سان وڃي ڏهي ۾ ويٺو. هڪ رات هن پاڻ کي حضور صلعم جي ڪچهريءَ ۾ ويٺي ڏٺو. جتي وڏا بزرگ حاضر هئا. ان وقت اتي هڪ شخص ڪاغذ کڻي آيو جنهن تي حضور صلعم جي اڳيان ويهي ٽي مهرون ان ڪاغذ تي هڻي ڪاغذ کنيو هليو ويو. اتي محمد شاهه پاڻ ڪريمن کان پڇيو ته آقا! اهو ڪير هو؟جيڪو مجلس ۾ وهڻ بجاءِ اوهان جي اڳيان رکيل مهر کڻي هڻي ڪاغذ کنيو هليو ويو. پاڻ ڪريمن صلعم جواب ۾ چيس ته محمد شاهه! هي اهو شخص آهي جنهن کي تڙڻ لاءِ تون ڏهو ڪڍيو ويٺو آهين. محمد شاهه! هڪدم توبه ڪئي ۽ چيائين ته مان خود اها جوءِ ڇڏيو هليو ويندس. مگر مون کي هن ڳالهه جي آگاهي ڏيو ته هي ٽي مهرون ڇا جون هڻي کڻي ويو. پاڻ ڪريمن فرمايس ته تنهنجي لاءِانهيءَ ۾ ڪابه ڳالهه نه آهي.
1. پهرين مهر ــ هن ڳالهه جي اجازت هئي ته پٿورو اصل مسلمان هو. مگر هن جي وفات بعد هندن کيس هندو سمجهي مٿس ڏيوري ٺاهي ڇڏي آهي. ان کي ڊاهي قبر ٺاهڻ ۽ ٻانگ صلوات جي اجازت ورتل هئي.
2. ٻي مهر ــ ٿر ۾ ٻن وڻن جا ٿڙ آهن جن جي وچان ماڻهو اُڪاري حرامي ۽ حلالي جي پرک ورتي ويندي آهي. انهن ٻنهي وڻن جي ڪپڻ جي اجازت ورتائون.
3. ٽئين مهر ــ خيرپور رياست جي ٿر ڀاڱي ۾ ڪافر “ مهاڏيو” هڪ مڙهي جوڙي آهي. جنهن ۾ ويهي خرابيءَ جا ڪم ڪري رهيو آهي ۽ مسلمانن جي دين ۾ رخنو وجهي رهيو آهي. انهي مڙهي جا ڊاهڻ جي اجازت ورتائون.
محمد شاهه پنهنجي ڀيڻي ڀر نه ڏسي ڏهو پورو ڪري گرهوڙ مان لڏو کنيو هليو ويو پويان پنهنجن مريدن کي پڻ هدايت ڪندو ويو ته اهي به گرهوڙ مان ٽپڙ کڻي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهن.