خدا آباد ۾ مناظرو:
“ ڊڄو مومن جي فراصت کان جو هو خدا جي نور سان ڏسندو آهي”
مطابق عمل ڪندو هو جنهن ڪري ڪيترن عالمن سندس تبديع(مخالفت) ۾ فتوائون لکيون ۽ وقت جي حڪومت آڏو اصرار ڪيائون ته کين تعزير ڏنو وڃي جو هو غير شرعي ڳالهيون ٿو پکيڙي. عالمن جي انهيءَ اصرار ۽ چرچ تي وقت جي حاڪم ميان سرفراز ڪلهوڙي (1186کان 1189هه مطابق 1772ع کان 1775ع) عالمن ۽ شيخ عبدالرحيم رحه گرهوڙي کي هالن جي ڀر ۾ خداآباد واري شاهي مسجد ۾ مناظري لاءِ مدعو ڪيو ويو.
گرهوڙي صاحب وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. پر وڃڻ کان اڳ کين چوائي موڪليائين ته هو عالم جو سيد آل رسول صلعم هجي تنهن کي امين مقرر ڪيو وڃي ۽ هر هڪ سان جدا جدا مناظرو نه ڪيو ويندو بلڪه پاڻ مان هڪ عالم پنهنجو اڳواڻ مقرر ڪن. اهو اسان سان مناظرو ڪري ڀلي ٻيا ان جا مددگار ٿين ۽ کيس ڪتابن مان حوالا عبارتون ڪڍي ڏيندا وڃن. عالمن سندن اهي شرط قبول ڪيا. سيد جمال شاهه گهوٽڪي* کي منصف ڪري مقرر ڪيائون.
*سنگهار فقير جمال شاهه ”لوءِ“ وارو لکيو آهي. جنهن مان مطلب (پريالوءِ) وارو آهي. توڙي جو گهوٽڪيءَ کي به “ لوءِ صاحبان” چيو ويندو هو. مگر لوءِ صاحبان ۾ اهڙو ڪوبه جيلاني ساداتن ۾ بزرگ ٿي نه گذريو آهي. مگر جمال شاهه پريالوءِ وارو ان وقت ۾ وڏي ڪمال جو صاحب ٿي گذريو آهي. هي بزرگ مخدوم اسماعيل پريالوءِ شريف جو مرشد آهي. هي بزرگ ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪندو هو. هي بزرگ نقشبندي طريقي جو بزرگ هو. مخدوم اسماعيل رحه هڪ رباعي ۾ نقشبندي طريقن جي وضاحت ڪئي آهي.
ازم مجدد الف ثاني فيض عالمگير شد
وز جناب شاهه جهان را برکت وتاثير شد
شيخ آدم گشت از فيض مجدد کامياب
شيخ سعد الله از گشته منور مستطار
زوست ايوب ولي وهم جمال الله شاهه
زوست مخدوم بريالوئي رابقا مانند مان
زوشد راشد خليفه از فيوخش بهرمند
در طريقه عاليه حضرت جناب نقش بند
**********
دائود پوٽو صاحب لکي ٿو ته ان مناظري ۾ عالمن جو تعداد 240 هو. جن مان يارهن ڄڻا علم جي زور تي پيري مريدي جو سلسلو رکندڙ هئا. مگر بي مرشد هئا. مناظري لاءِ خاص جاءِ جو اهتمام ڪيو ويو هو. جتي شيخ الفقراء عبدالرحيم رحه گرهوڙيءَ لاءِ هڪ ڪرسي جدا رکيل هئي. گرهوڙي صاحب جڏهن خدا جي ويجهو پهتو ته هن پنهنجي رفيقن کي هي آيت ”ولا قدخلوا من باب واحد، والدخلوا من ابواب متفرقه“ امر ڪيائين ته جداجدا ٿي شهر جي مختلف دروازن کان مسجد ۾ داخل ٿين. پوءِ پاڻ اڪيلوئي اڪيلو عام رواجي فقيري لباس ۾ گودڙي ڪلهي ۾ مٿان چادر اوڍيون ان چادر سان پنهنجو سر مبارڪ ڍڪيو، توڻي جو سندس سر مبارڪ تي دستار فضيلت تُري سان ٻڌل هئي. اچي مسجد شريف ۾ داخل ٿيو. رمضان شريف جو مهينو هو. کين سخت اڃ لڳي هئي. مسجد ۾ گهڙڻ شرط پاڻي گهريائون. ويٺل عالمن کين منع ڪئي ته رمضان شريف جو مهينو آهي تنهنڪري سر عام پاڻي پيئڻ مناسب نه آهي. پاڻ کين چيائون ته مان هڪ مسافر آهيان ۽ مسافر تي پاڻي پيئڻ جي ڪابه منع ٿيل نه آهي. عالمن چيو ته برابر ٿا چئو. پوءِ به رمضان جو احترام ڪرڻ واجب آهي. اهو ٻڌي پاڻ هي آيت ڪريمان تلاوت ڪيائون:
ومن کان مريضا او عليٰ سفر فعدة من ايام اخر
جيڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي ڀلي روزو نه رکي مگر پوءِ اوترا ڏينهن ٻيا روزا رکي روزن جو عدد پورو ڪري. ان بعد رسول الله صلعم جي هڪ حديث پڻ تلاوت ڪيائون ته: الصائم في السفر کالمنفطر في الحضره روزائتو سفر ۾ ائين آهي روزو ڇوڙيندڙ پنهنجي شهر ۾. آخر سندن ئي خادمن کين پاڻي ڀري ڏنو، جيڪو پي ان جاءِ تي ويهي رهيا.فقير سنگهار هيءَ آڻي ٿو ته پاڻ اتان هڪ قرآن شريف کڻي پٽي تي وهي رهيا. اتي ويٺل عالمن هاڻ کين سڃاتو ته گرهوڙي رحه اهو آهي. عالم سڀ اٿي بيهي رهيا ۽ منصف کي چيائون ته :
1.اول اعتراض هي آهي ته رمضان شريف جي مهيني ۾ سر عام پاڻي واپرائڻ سراسر بدعت آهي. ان جو جواب گرهوڙي صاحب کين ڏيندي چيو ته رسول الله صلعم جن سمورن اٺن جي قافلي تي سوار اصحابن کي هيٺ لاهي انهن جي سامهون ويهي پاڻي واپرايو هو. ڇا اها به بدعت آهي.
2. ٻيو اعتراض هي آهي ته قرآن شريف پٽ تي رکيو ويو آهي قرآن رب جو ڪلام آهي ان جو احترام لازم آهي.
ان جو جواب گرهوڙي صاحب کين ڏيندي چيو ته ”قرآن ڪريم نبي آخر الزمان حضرت محمد صلعم تي نازل ٿيو ۽ رسول اڪرم پٽ تي هئا ۽ آخر ان زمين ۾ داخل ٿيا. پوءِ ڪهڙو گناهه ٿيو جو قرآن ڪريم پٽ تي رکيو ويو.هن جواب باثواب بعد عالمن پنهنجو اعتراض واپس ورتو ۽ ۽ کين چيائون ته اوهان مٿي ڪرسيءَ تي ٿي ويهو. اهو ٻڌي پاڻ اٿي ڪتابن جي گڏ ڪيل ڍيرمٿان چڙهي ويهي رهيا. سندن هن فعل تي وڏو گوڙ مچي ويو ته پاڻ کين جواب ۾ چيائون ته جيئن مان به هڪ ڪتاب آهيان پوءِ جيڪڏهن هڪ ڪتاب ٻين ڪتابن تي رکيو ويو ته ڪهڙو ڏوهه ٿيو؟ اهو گوڙ ٻڌي ماڻهن کي خبر پئي ته گرهوڙي صاحب شهر ۾ تشريف کڻي آيو آهي ته شهر جا اڪابر، عالم فاضل ، عاشق، امير وزير هن دلچسپ مظاهري واري مباحثي ۽ مناظري ۾ اچي شامل ٿيا.هي مناظرو ظهر نماز کان وٺي عصر نماز تائين هليو. عالم ڪتاب کولي سوال ڪندا ٿي ويا ۽ گرهوڙي رحه انهن جاشڪ شبها قرآن ڪريم ۽ حديث شريف جي رهنمائي ۾ رد ڪندا دين جو رستو سڌو ڪندا ٿي ويا. ته منصف صاحب انصاف ڪندا وڃجو. هر سوال ڪتابن مان پيا ڪن ۽ مان کين جواب قرآن ڪريم ۽ حديث شريف ۾ ويٺو ڏيان. هن وانگر اصحابن جي اجماع ۽ مجتهدن موجب ۽ ڪنهن به جهڙي تهڙي يعني غير مستند ڪنهن فقيهه جي قول کي شمار نٿو آڻيندو وڃان. آخرگهڻي ردو بدل بعد فيصلو ڪيو ويو ته هاڻ هڪ هڪ ٿي ڳالهائي. ان وچ ۾ ٻيو نه ڳالهائيندو. جيڪو ڳالهائيندو ان جو رت ڪڍيو ويندو. ٻيو شرط هي وڌائون ته مون سان اهو صاحب علم بحث ڪري جيڪو مرشد وارو هجي. هن شرط ٻڌڻ تي ان مجلس جي امينيعني ”منصف” سيد جمال شاهه رحه گرهوڙي صاحب کي مخاطب ٿي چيو ته قبله! مونکي مرشد نه آهي. مون ارشاد جي نواز ٿئي(مگرپاڻ ماٺ رهيا) انهي وچ ۾هڪ عالم جيڪو اڃا طالب علم هو جهٽ ڪري اٿيو ۽ چيائين ته مخدوم محمد هاشم رحه هن طرح لکيو آهي.* گرهوڙي صاحب هيڏي هوڏي نهاريو ۽ هڪ مس ڪپڙي کڻي ڀر ڪري ان طالب علم کي هنيائون جيڪا سندس پيشانيءَ ۾ ٺڪاءُ ٿي وئي. ۽ سندس پيشانيءَ مان رت وهڻ شروع ٿي ويو پوءِ کيس چيائين ته مخدوم محمد هاشم رحه جا سڪايل وڻ اڃا ساوا نه ٿيا آهن ۽ تون پيو مخدوم محمد هاشم رحه ڪرين، جيڪڏهن ٻئي درجي ۾ دليل نٿو لڀئي ته چوٿين درجي ۾ ڳولهي پيش ڪر نه ته اجايو بيهودو نه ڳالهاءِ پهريون درجو قرآن ٻيو حديث ٽيون تابعين ۽ ڇوٿون تبع تابعين يعني مجتهدين جو قياس. سندن هن فعل تي وڏو گوڙ ٿيو. مگر اڳ مقرر ڪيل شرطن موجب کين ڪجهه به نه چئي سگهيا.اهو طالب هڪ ئي ڌڪ سان طريقت جون سڀ منزلون طئي ڪري ويو.
پريان سندي پار جي مڙئي مٺائي
ڪانهي ڪڙائي، چڱين جي چيت ڪري
الغرض عالمن جو هر سوال جو جواب گرهوڙي صاحب تسلي بخش نموني ڏيندو ويو. تان جو سڀ عالم عاجز اچي ماٺ ڪري ويهي رهيا. آخر ان مناظري جي منصف پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته:
“ بدعت هن شخص جي پاسي مان به گذريل نه آهي هي ته خود قرآن ۽ حديث پاڪ جو ازلي نور آهي”
اهڙي طرح عالمن جو منعقد ڪيل مناظرو پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. سندن رٿيل رٿون سڀ لڙهي ويون ۽ سڀ ڪو هڪ هڪ ٿي اتان کسڪندو ويو. سيد جمال شاهه مٿن تمام گهڻو زور ڀريو ته کين ڪجهه سندن ذات مان عنايت ٿئي. پاڻ کين فرمايائون ته هن وقت ڪيل ارشاد اوهان لاءِ فائدي وارو نه ٿيندو. جو هن وقت مون مٿان جلال جو جوش حاوي آهي. ان جي سختي اوهان جي طبيعت سهي نه سگهندي بهتر آهي ته مڪان تي اچو ته ارشاد به ڏيان ۽ ٿانءُ به جهلڻ جو ڏيانو. ٻي صورت م اوهان جلال جي تجلي سهي نه سگهندا ۽ جلي مري ويندا. مگر جمال شاهه پوءِ به اسرار ڪندو رهيو. جڏهن کين گهڻو مجبور ڪيائون ته کين چيائون ته هڪدم پنهنجي ڳوٺ پهچو. جيئن پنهنجن وڏن جي قبرستان ۾ دفن ٿيو. جمال شاهه انهيءَ دم روانو ٿيو. اڃا پريالوءِ کان فرسنگ جي مفاصلي تي ئي هو ته سندن دم پرواز ٿي ويو. سندن ساٿين آڻي سندن اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو.
*———————————————---
* فقير سنگهار جي روايت موجب اهو طالب مخدوم محمد هاشم رحه ٺٽوي جو پوٽو هو. جنهن جو نالو پاڻ نه ڄاڻايو اٿس. مگر اسان هت ان جو نالو درج ڪريون ٿا ته ان جو نالو مخدوم ابراهيم رحه مڏئي. مڏهڪ ڳوٺ جو نالو آهي ان ڳوٺ ۾ رهائش سبب پاڻ “ مڏئي”مشهور ٿيا. هن صاحب جو مقام ولايت تمام اعليٰ هو عام روايت آهي ته هڪ دفعي پاڻ مٽيارن ۾ مخدوم عبدالله عرف مخدوم ناري سان ملاقات ڪرڻ آيا. پاڻ گهوڙي سو سڌو اچي سندس گهر جي دروازي تي پهتا ڪنهن فقير چيو ته مخدوم ابراهيم کي خبر نه آهي ته چوڌاري ساداتن جا گهر آهن ٻئي فقير چيس اهو به ته ڏس ته گهوڙي جا سنب ڪنهنجن ڪلهن تي رکيل آهن مخدوم ابراهيم جي گهوڙي جا سنب فرشتن جي ڪلهن تي رکيل هئا.