سندن تبرڪات:
جمني لاءِ چيو وڃي ٿو ته کيس حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وسيلي ملي هئي. جيڪا وٽن گرهوڙيءَ جي امانت طور رکيل هئي. جو پاڻ هڪ دفعي پنهنجي فقيرن کي چيائون ته هڪ امانت آيل آهي. هلو ته اها ڪڍي ان امانت دار ڏي موڪليون. پوءِ فقراءُ سان گڏجي هڪ کوهه تي ويا. ڏٺائون ته کوهه جو پاڻي مٿي آيو آهي ۽ ان پاڻيءَ مٿان جمني پئي تري جيڪا ڪڍائي عزت احترام سان حضرت شيخ عبدالرحيم رحه ڏي موڪليائون. جمني ڪڍڻ بعد کوهه جي پاڻيءُ ۾ وڃي ترو ورتو. چون ٿا ته شاهه صاحب نه فقط اها جمني ڏياري موڪلي. پر ان سان گڏ هڪ لٺ ۽ هڪ ترار به تحفي طور حضرت شيد عبدالرحيم رحه ڏي عرضي خاصخيلي هٿان ڏياري موڪليون هئائون. چيو وڃي ٿو ته مير بهرام خان جي نوڪر جو نالو به عرضي هو. جنهن کي مير صاحب ترار ڏيئي ميان سرفراز ڪلهوڙي وٽ درٻار ۾ موڪليو هو. ٿي سگهي ٿو اها تلوار ڪنهن ڪارج لاءِ وٽن پهچائي وئي هجي.
تنهن کانپوءِ دائود پوٽي صاحب هڪ ٻيو گمان ڏيکاري ٿو ته شاهه لطيف رحه جي وقت ۾ شيخ عبدالرحيم رحه گرهوڙي صاحب جي عمر 13 سال هئي. تنهنڪري هو گمان ڏيکاري ٿو ته انهي اوستا ۾ ڪو گرهوڙي صاحب ايڏي روحاني اوج ۽ ولايت جي درجي کي رسيو هوندو. جو شاهه لطيف رحه کيس سوغاتون ڏياري موڪلي. اها روايت ۽ ٻيون ڳالهيون عوام جي وات جو ڳالهيون آهن. ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب پنهنجي پور ۾ چئي ويو. جيئن ته پاڻ ڪو صاحب ولايت نه هو جو انهيءَ ولايت جي روحاني رمزن کي سمجهي سگهي. جيئن ته هو صاحب پاڻ ئي لکي ٿو ته هو ڄمندي ڄام هو. جو لکي ٿو ته گرهوڙي صاحب پنهنجي والده کي چيو هو ته امان مون تنهنجو حق لاهي ڇڏيو آهي. اهو سندن ڄمندي ڄام هجڻ جو اقرار آهي. ۽ پوءِ ولايت جون ڪي امانتون ڪن صاحبن وٽ امانت رکيل هونديون آهن. يا ڪن هٿن کان کين ڏياريون وينديون آهن. هي وضاحتون لکبيون ته ڪئين صفحا لکجي ويندا. الله وارن جا احوال نهايت عجيب غريب آهن. دائودپوٽو صاحب 13 ورهين ۾ اچي منجهي بيهي رهيو. جنهن لاءِ بيدل فقير چئي ويو ته اکران وچ جو ڪوئي اڙيا عشق دي چاڙهي مول نه چڙهيا.
چيو وڃي ٿو ته اهو مير بهرام خان جو نوڪر عرضي اهي سوغاتون کڻي جو ويو ته وري پوئتي ڪونه موٽيو. اتي ئي گرهوڙي صاحب جي خدمت ۾ رهي پيو. مهاڏيو جي مڙهيءَ تي حملي وقت به ساڻن گڏ هو. مگر کيس شهادت نصيب نه ٿي. هو اتان زنده موٽيو. پاڻ سان اهي ٽئي شيون به کنيون آيو.شايد گرهوڙي صاحب اهي ٽئي شيون وٽس ئي رکرايون هجن. جيڪي پشت به پشت سندن پونئين ۾ رهنديون پي آيون. هڪ دفعي عرضيءَ جي پٽ موسيٰ خاصخيلي جي گهر کي اوچتو باهه وڪوڙيو. جمني ۽ ترار ته ڪڍي ورتائون باقي لٺ نڪري نه سگهي. باهه جا شعلا گهر کي چوڌاري ويڙهي ويا. پوءِ لٺ سڌو گهر جي ڇت مان ڀڙڪو کائي مٿي هلي وئي.