ٽيون ڪارنامون:
جيئن ته ميرن کي حڪومت گرهوڙي صاحب جي ڪمال روحاني طاقت سبب ملي هئي.تنهنڪري سڀ مير سندس وڏي مرادوندي رکندا هئا. خاص طور مير بجار خان گرهوڙي صاحب جي وڏي مراد رکندو هو. توڻي جو طبيت ۾ گستاخ به هوندو هو. هڪ دفعي گرهوڙي صاحب سان گڏ ميربجار خان سندس وزير مارو ٿيٻو جيڪو گرهوڙي صاحب جو مريد پڻ هو. گڏ ويٺي ماني کاڌي جڏهن کاڌو کائي فارغ ٿيا تڏهين ڳالهين ڪندي مير بجار خان گرهوڙي صاحب کان پڇيو ته قبله توهان ٻڌائي سگهندا ته منهنجو موت ڪيئن ٿيندو. گرهوڙي صاحب کيس فرمايو ته اوڀر کان ٻه بگهڙ ايندا جيڪي اچي تنهنجو پيٽ ڦاڙيندا ٿيو به ائين (جوڌپور کان ٻه راجپوت آيا جن ٻنهي خنجر هڻي مير کي ماري وڌو) وري مير حجاب لاهي گرهوڙي صاحب کان پڇيو ته ڀلا ٻڌايو ته اوهان جو موت ڪيئن ٿيندو تڏهين پاڻ مير کي جلال مان گهوري چيائين ته مون کي حسيني شهادت نصيب ٿيندي اتي هڪ رڙ ڪندي مارو ٿيٻي التجا ڪئي ته قبلا! آءٌ ڪيئن مرندس. گرهوڙي صاحب کيس ڏسي چيو ته پنهنجو رت گڏبو!.
مرغوب الاحباب جو صاحب وري هيءَ روايت آڻي ٿو ته هڪ ڏينهن گرهوڙي صاحب مير بجار خان، مير فتح خان ۽ سيد الله بخش شاهه پاڻ ۾ گڏ ويٺي ماني کاڌي، ماني کائيندي گرهوڙي صاحب چيو ته اسان چار ئي شهيد ٿينداسون. پر شاهه صاحب کي حسيني درجو حاصل ٿيندو. چون ٿا ته الله بخش شاهه کي سخت اندوهناڪ واقعو پيش آيو. پاڻ آ سميت منهن ڏئي اٿي ڀڳو. لاچار اڃ کان ماندو ٿي هڪ پاڻيءَ جي چشمي وٽ پهتو. جتي شهادت جو جام پيتائين باقي ٽن جو بيان جيڪو مٿي ڪري آياسون اهو ئي لکيو اٿس.
تاريخ لکي ٿي ته مهاڏيو جي مڙهي خيرپور رياست جي ٿر واري ٽڪر ۾ هئي. هن مقام جو نالو هٿونگو هو (جيڪو هاڻوڪي هٿونگي کان بلڪل جداهو) انهيءَ مڙهيءَ جو بنياد سن 500 ع ۾ رکيو ويو هو. چيو وڃي ٿو ته مڙهيءَ جو پاٺ ڪندڙ گنگا نديءَ مان پاڻي کڻي هليو هو ته ڪٿي هڪ مڙهي ٺاهي وڃي رهان. هن جي دل ۾ مڙهيءَ جوڙڻ بابت ڪجهه اصول هئا. ته ڪهڙن اصولن تي اها مڙهي ٺاهي ويندي. اهو ارادو ڪري هو گنگا جل کڻي اتان هليو . ته جنهن هنڌ جو پاڻي گنگا جل جي پاڻي سان تور ۾هڪ جيترو بيهندو. اتي مان اها مڙهي ٺاهيندس. گهڻا ڏيهه گهميو جتي به ويو ته گنگا جل جو وزن گهٽ پي ٿيو يا وڌ پي ٿيو. آخر هلندي هلندي هنڱورن جي ڳوٺ وٽ آيو ته ان ڳوٺ جو پاڻي گنگا جل جي پاڻيءَ سان وزن ۾ برابر ٿي بيٺو. پوءِ اهو پروهت اتي مڙهي ٺاهي ويهي رهيو.(تيجسنگ سولنڪي لکي ٿو ته اها مڙهي “ رااڻا سر” کان پرڀرو هئي) ۽ ان کي مهاڏيو جي مڙهي يا مهاڏيو جو مندر ڪري سڏيائين. تان جو آهستي آهستي ان جي چوڌاري هڪ شهر بڻجي ويو. مڙهيءَ جو پروهت کي پنهنجي مهاشڪتي تي وڏو ناز هوندو هو جنهن ڪري سڄو ملڪ هن اڳيان نميو پيو هوندو هو. چيو وڃي ٿو ته شروع واري زماني ۾ مڙهي جو پروهت پنهنجي موت ڪونه مرندو هو. بلڪه پاڻ کي جيئري دفنائيندو هو. هڪ وڏو کوهي کڻائي ان اندر “ پروهت” وهندو هو.. ان بعد ساٺن سونڻن سان مٿس لوڻ پلٽيندا هئا. تان جو اڌ کوهي لوڻ سان ڀري مٿان مٽي وجهندا ان جاءِ تي ڏيوڙي ٺاهي ڇڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح آهستي آهستي اهي ڏيوڙيون ڊهي زمين دوز ٿي وينديون هيون. جڏهن مهاڏيو جي مڙهي مسلمانن جي قبضي ۾ آئي. تڏهن انهي ٽڪريءَ اندر کوهيون کوٽيندي ٻن ٽن هنڌن تي لوڻ مان ماڻهن جا سڄا سارا مڙهه نظر آياهئا.
مهاڏيو جي مڙهي ڊاهڻ ۽ سندن شهادت جو واقعو ٿيڻ:
ٻارهين صدي هجري جي آخر واري ڏهاڪي ۾ مهاڏيو جي مڙهيءَ جو مهنت سوامي “ دت گر” نالي هو جيڪو پنهنجي ننڍي ڀاءُ “ گرت گر” جي حمايت سان وڏي هستي رکندو هو. هندو توڙي مسلمان هزارن جي تعداد ۾ سندس مريد هئا ۽ گهڻيءَ پسگردائيءَ ۾ سندس مڃتا جو ڏونڪو وڄندو هو. هنجو لنگر هميشه جاري رهندو آيو هو. سندس نمڪ کائي هنجي ارادتمنديءَ جو دم ڀريندو هو. چانهيا ۽ گجو ذات جا مسلمان به سندس مريديءَ جي دعويٰ ڪندڙ هئا. هنن جي استدعا تي “ سوامي دت گر” کين “ شڌ” ڪري وري هنن کي هندو ڌرم ۾ داخل ڪندو ٿي ويو. هيءَ حقيقت تيجسنگهه سولنڪي پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي آهي. مگر مرغوب الاحباب جو صاحب هن واقعي جي ابتدا ڪندي لکي ٿو ته:
صادق دوستان گويند که بيعت فرسنگ دوراز گرهور
در ريگستان بتخانه ايبوداز هنود که در آڻ انواع
فواحش مي گرديد و حضرت شيخ راير تخريب آڻ پيوسته اهتما بود
“ سچن دوستن کان روايت آهي گرهوڙ کان سٺ ميل پري ريگستان ۾ هڪ هندن جو بت خانو هو. جتي طرح طرح جون بڇڙايون ٿينديون هيون. حضرت شيخ صاحب جن کي هميشه سعيو هوندو هو ته انهي بتخاني کي وڃي ڊاهيان.
جڏهن کان مسلمانن جو موتر ٿيڻ جو پڙلاءُ گرهوڙي صاحب جي ڪنن تي پيو. تڏهن کان وٺي سندن هي دلي ارادو پڪو ٿيندو ويو ته اها مڙهي ڀور ڀور ڪري هن ناري مانڊاڻ کان نابود ڪجي. هڪ ڀيري لنواري شريف ڏي ويندي مڙهي طرف کان سندس موڪليل ماڻهن وٽان هي نياپو مليس ته بت خانو اڳي کان به وڌيڪ زور ٿي ويو آهي. اها ڳالهه ٻڌي پاڻ ويتر جوش ايماني ۾ ڀرجي ويا ۽ شريعت جي غيرت مٿن غلبو ڪيو. ساٿين کي فرمايائون ته بت خانو ڊاهڻ ضروري آهي. ائين چئي حاضرين مان هڪ درويش کي پنهنجي پاران خواجه گل محمد رحه ڏي موڪليائون ته وڃي احوال پيش ڪري ۽ پاڻ پوئتي موٽ ڪيائين. انهي درويش خواجه صاحب جي حضور ۾ پيش ٿي. سربستو احوال پيش ڪيو ۽ چيائين ته شيخ صاحب مون کي اماڻن وقت هيٺيون بيت روئي پڙهيو هو:
جنهن ڪن ٽوپايا ڪوڏ مان، تنهن کي ڪڄاڙو،
ماڻس ستاڙو، پڻس نالو ڪينڪي
خواجه صاحب جن اهو سنيهو ٻڌي نهايت افسوس ڪيو ۽ فرمايائون ته حضرت شيخ پنهنجي عمر پڄاڻي ڏٺي آهي.
گرهوڙي صاحب سڌو گرهوڙ پهتو ۽ عام پڙهو گهمرايائون ته آهي غازي جيڪو جهاد في سبيل الله ۾ سر ڏئي؟ مگر هلي اهو جنهن کي ڦڻي ڏيڻ جيڏي ڏاڙهي هجي. ڪل ٻاهتر ماڻهو ساڻس هلڻ لاءِ تيار ٿيا.اهو پڙهي ٻڌي ماڻهن ۾ ڏاڍو چوٻول پيدا ٿيو ۽ چيائون ته مڙهيءَ جو مهنت ڏاڍو زور وارو آهي اتي اسانجي نه هلندي. تنهنڪري اهڙي ڪا تجويز ڪجي جو ان ارادي کان گرهوڙي صاحب هٿ کڻي وڃي. گهڻي ڪوشش ڪيائون پر گرهوڙي صاحب نه مڙيو. سندس والده صاحبه کي سيکاريائون ته تون کيس منع ڪر جي نه مڃي ته کيس چئج ته ابا! مان تنهنجي والده آهيان. منهنجو فرض لاهي پوءِ ڀلي وڃ. ماڻهن خيال ڪيو ته گرهوڙي صاحب عالم آهي ماءُ جي منع ڪرڻ تي ضرور مڙي ويندو ۽ والده صاحبه کيس منع ڪئي. ۽ چيائينس ته منهنجو حق ادا ڪري پوءِ وڃ.گرهوڙي صاحب جواب ۾ چيس ته امان! مون تنهنجو حق اڳ ئي لاهي ڇڏيو آهي. جو تون اڃا ٻاروتڻ ۾ پئي هئين جو توکي جهڪ کنيو پي وئي مون توکي انهيءَ جهڪ کان بچايو هو.
هڪ روايت هي به ٻڌائي ٿي وڃي ته جڏهن گرهوڙي صاحب جي والده کيس چيو ته ابا! منهنجو توتي حق آهي. گرهوڙي صاحب چيو ته بيشڪ امان تنهنجو مون تي حق آهي. مگر مون تنهنجو حق لاهي ڇڏيو آهي ۽ ماءُ پڇيس ته ابا تو منهنجو حق ڪيئن لاٿو. گرهوڙي صاحب چيس امان! جڏهن تون والدين کي ڄائي هئين ته هڪ ڏينهن والده توکي پينگهي ۾ سمهاري ڪنهن ڪم سان نڪري وئي. توهان جي گهر کي اچي باهه لڳي. باهه گهر کي ڀڀڙ ڪري وڪوڙي ويئي. ڳوٺ سڄو مڙي آيو. تنهنجا والدين به پهتا کين خبر پيئي ته سندن ٻچڙي اندر گهر ۾ پينگهي ۾ ستل آهي. ڏاڍيون رڙيون وٺي ڪيائون. باهه جيئن ته تمام زوردار هئي. هنن کي يقين ٿيو ته توکي باهه ساڙي ڇڏيو هوندو، پر جيئن ته توکي منهنجي پالنا ڪرڻي هئي. تنهنڪري مون تنهنجي پينگهه اتان کڻي ٻاهر وڻ ۾ ٽنگي ڇڏي هئي. جڏهن تون رڙين تي سجاڳ ٿي روئڻ شروع ڪيو هو. تڏهن ماڻهن ڏٺو ته پينگهه وڻ ۾ ٽنگي پئي آهي ۽ پنهنجن والدين ٻچڙي ٻچڙي ڪندا اچي توکي پنهنجي هنج ۾ کنيائون. سو امان مون انهيءَ ڏينهن تنهنجو حق لاهي ڇڏيو آهي. هي جنم ته توکي منهنجي صدقي ۾مليو آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب وري هيءَ روايت آڻي ٿو ته جڏهن فقير صاحب جهاد لاءِ روانو ٿيو ته سندس نياڻيون کيس روڪڻ لاءِ قرآن شريف ميڙ کڻي آيون:
ڳورا ٻئي بار، هورو بار نه هيڪڙو
وهان ته ويرم پئي، نينهن ۾ پوءِ نهار
هتي واعدي جي وار، هتي سوٿون ڏينم سرتيون
حضرت شاهه عبداللطيف رحه جو به اهڙو هڪ بيت آهي، ٿي سگهي ٿو ٿو ته راوي گرهوڙي صاحب سان ڳنڍي ڇڏيو هجي
ڳورا ٻئي بار، هنيون حيرت ۾ پيو
وهان ته ويرم ٿئي نينهن ۾ پوءِ نهار
وڃان ته واڪو ٿئي، پاڙي پوءِ پچار
هت ٿي واعدي جي وار، هت سوتيون ڏينم سرتيون
(شاهه)
مخدوم عاقل رابع صاحب گهڙوي پنهنجي تاريخي تصنيف “ آئينه گنجينئه جهان نما” ۾ هي واقعو آندو آهي ته واٽ ويندي مخدوم صاحب کي ڪنهن شخص چيو ته حضرتا! اوهان سان ٿورڙا ماڻهو آهن ۽ جوڳيءَ وٽ چيلا گهڻي انداز ۾ آهن جيڪي وٽس رهن ٿا. پوءِ توهان انهن سان ڪيئن مقابلو ڪري سگهندا. پاڻ کيس ورندي ڏيندي چيو ته ادا! جي هوءَ مڙهي ڀڳي ته به فتح اسان جي پر جي هيءَ مڙهي ڀڳي ته به فتح اسان جي.
ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب محمد اسماعيل عرساڻيءَ کان به هڪ روايت آندي آهي ميان عبدالرحيم گرهوڙي هن وڏي فتني جي خبر ٻڌي پنهنجا چند سرفروش دوست روبرو حالتون ڏسڻ لاءِ هٿونگي روانا ڪيا هئا. جن سموري رپورٽ اچي بزرگ کي ٻڌائي جنهن کي پاڻ فورا پنهنجن احبابن ۽ دين محمديءَ جي شيداين کي گڏ ڪري فرمايائو ته:
جهاد في سبيل الله ڪرڻو آهي، ڪير آهن هڪڙي خدا جا سچا پرستار ٻانها ، جيڪي مون کي پنهنجو خون لکي ڏين ۽ الله جي راهه ۾ سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿين. ڪيترن ماڻهن ايمان وارن اهو حق جو نعرو ٻڌي سندس آواز تي لبيڪ چئي، جان فدا ڪرڻ جو واعدو پنهنجو رت سان لکي بزرگ جي اڳيان پيش ڪيائون . پر ڪي اهڙا به ضعيف الايمان هئا. جن بزرگ جي عزم کي سست ڪرڻ جي ناڪام ڪوش ڪئي ۽ کيس چيائون ته ٻائي جي مڙهي جادوءَ جو مرڪز آهي. ان کي فتح ڪرڻ ڪا چرچي يا مذاق جي ڳالهه نه آهي. مهرباني فرمائي ڪجهه ڌيرج ڪيو. تڪڙ کان ڪم وٺڻ سراسر غلط ٿيندو اوهان ٻيهر پنهنجي فيصلي تي غور ڪريو. مگر شهيد مجاهد في سبيل الله هن سون جهڙن لفظن سان هن کي جواب ۾ فرمايو ته فتح هر حال ۾ اسان جي آهي. جي هوءَ مڙهي (ٻائي واري) ڀڳي ته به فتح اسان جي ۽ جي هيءَ مڙهي (سندس جسم اطهر ) ڀڳي ته به اسان جي.
پوءِ هڪدم الله اڪبر جو نعرو هنيائون ۽ پنهنجن مجاهدن سان منزلون ڪندو اچي هٿونگو پهتو. رواني ٿيڻ وقت هڪ خط مارو ٿيٻي هٿان مير بجار خان ڏي لکي موڪليائين ۽ هي نياپو ڏنائونس ته:
جنهن جي نياپي تي مون توهان کي دنيوي رهائش لاءِ هڪ زمين جو ٽڪر هٿ ڪري ڏنو هو. انهيءَ نياپي موڪليندڙ جي ڪم سان مان هتان روانو ٿي رهيو آهيان. توتي هاڻي فرض آهي ته اچي منهنجي مدد ڪر. حڪم موجب مارو ٿيٻي مير بجار خان کي وڃي خط ڏنو. مگر ايمان ان وقت مير بجار خان کي ڇڏي پاسي ٿي بيٺو. پاڻ ته نه پهتو پر مدد به نه موڪليائين. پاڻان جواب ڏياري موڪليائين ته توهان ۽ مهنت ٻئي فقير آهيو. اسان جو انهيءَ ۾ ڪوبه واسطو نه آهي. جيئن وڻيو تيئن ڪريو. ٻئي پاسي واري مهنت کي چورائي موڪليائين ته اسان جو مڱريي جي ڪاهه سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه آهي. توهان مڱريي سان ڪهڙو به سلوڪ ڪرڻ ۾ آزاد آهيو.
گرهوڙي صاحب پهرين منزل ”رڪن ڍليار“ وٽ ڪئي. جيڪو ماڳ کپري کان پنج ميل اوڀر ۾ آهي. اتي ٿيٻن وٽ سرنهن جي وڻ هيٺ ڏينهن ٺاريائون. مارو ۽ الياس ٿيٻو ٻئي ڀائر جهاد لاءِ تيار ٿيا. مگر پاڻ الياس کي پوئتي گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏيائون فقط ماروءَ کي ساڻ کنيائون. اتان ڪوچ ڪري راڙ جي سيدن ۾ آيا. سيدن کي چيائون ته اوهان سونهان ٿي هلو سيدن جواب ۾ چيس ته مهنت تمام ڪوڙو آهي. هي لشڪر ڪڏهن به سوڀارو نه ٿيندو. جيڪڏهن مهنت کي خبر پئي ته اسان دڳ سونهنپ ڪئي آهي ته اسان کي پيڙي ڇڏيندو. ائين سيدن هلڻ کان صاف جواب ڏئي ڇڏيو. سندن ساٿ ۾ ڪامل نالي هڪ ڪوري هو. جنهن چيو ته قبلا! مان تازو اتان اَنُ خريد ڪري آيو آهيان. واٽ آءٌ ڏيکاري سگهندس. تنهن تي پاڻ هن کي چيائون ته:
جڏهن تون هنن 72 ڄڻن جو هن وقت سونهون ٿيو هلين ٿو. تڏهن ڏينهن قيامت جي به هنن 72 ڄڻن جو سونهون ٿي هلندين. هنن سيدن جي سيدي وٺي ٿو ڏيان ڪورين کي ۽ ڪورين جي ڪورپ وٺي ٿو ڏيان راڙ جي سيدن کي.
”راڙ“ کپري تعلقي جو هڪ ننڍو ڳوٺ آهي. جتي اڃا تائين ڪيترا سيد ويٺا آهن. جيڪي ڪورڪو ڌنڌو ڪندا آهن. ۽ ان جوءِ جا ڪوري ڪامل ڪوريءَ جي پويان اڃا تائين گرهوڙي صاحب جي درگاهه جا مجاور ٿيندا اچن. سنگهار فقير جنهن جون روايتون هت درج ڪيون ويو آهن. اهو به ڪامل ڪوريءَ جي ڪڙم مان هو آخر ”راڙ“ مان رڙهي اچي مهاڏيو جي مڙهيءَ کي ويجهو پيا. ۽ انوقت سڄي مجاهدن جي جٿي ۾ فقط هڪ ڏوردار بندوق هئي.*
----------
*گرهوڙي صاحب ان ڪنڊيءَ کي چيو هو ته فلاڻي وقت پير محمد راشد روضي ڌڻي هتان اچي لنگهندو ان کي منهنجا سلام ڏج. اها ڪنڊي ان وقت تائين بيٺي رهي ۽ پير صاحب کي سلام ڏئي ڪري وئي (راقم)
ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيقات موجب مڙهي هاڻوڪي خيرپور رياست جي حد ۾ دين ڳڙهه طرف هئي يعني کپري کان اٽڪل ٽيهه ڪوهه اتر اوڀرطرف اتي ان وقت ۾ ٻه تڙ هئا. 1. رهو 2. ڏيڏرو ره مڙهيءَ کان چاريل ڏکڻ ۾ ۽ ڏيڏرو 3 ميل اولهه ۾ آهي. مخدوم عبدالرحيم رحه ڏيڏرو تر تي هڪ ڪنڊيءَ هيٺ اچي ٿو هو تڙ کان الهندي طرف دڙي بيٺل هئي (هڪ روايت)
مهنت جو جادو ۽ گرهوڙي جو روحاني ڪمال:
چون ٿا ته مهنت وٽ هڪ ڪشتو هوندو هو. جيڪو هر طرف کان انُ گيهه ۽ گوشت وغيره گڏ ڪري اچي سندس ديڳ ۾ وجهندو هو. جيڪا انگدائيءَ مان رجهي تيار ٿيندي هئي. ۽ اتي ويٺل رهاڪو هندو توڙي مسلمان ان مان کائيندا هئا ۽ هوءَ اوتري رهندي هئي.*
---------
* عرساڻي صاحب جي روايت مطابق اها جادوءَ جي ڪونڊي يا ننگهه کي مڙهي ڀڃڻ بعد مجاهد پاڻ سان گڏ کڻي آيا هئا ۽ اها ڪونڊي درگاهه لنواري شريف تي سلامت رکيل آهي. مٿس سنسڪرت اکرن ۾ڪي جادوءَ جا ڪلما لکيل آهن. جيڪي زماني جي دست برد سبب پڙهڻ ۾ اچي نٿا سگهن. اها ڪونڊي حضرت سلطان الاولياء جي مقرري واري صحن جي ڏکڻ جي اوڀر واريءَ ڪنڊ ۾ رکيل آهي.جنهن کي هر تمنائي اڄ به ڏسي سگهي ٿو.
------------------
ازانسواءِ ڪهڙو به مريض وٽس ايندو هو ته مٿس ٻه ٽي لفظ پڙهي شوڪاريندو هو ته مرض ۾ هڪدم افاقو ٿي ويندو هو. انهن ٻنهي ڪرتبن ڪري ماڻهن ۾ پروهت جي وڏي مڃتا هوندي هئي.
گرهوڙي صاحب شهر جي ويجهو وارد ٿيڻ شرط هڪ جتيءَ جي پادر کي حڪم ڏنو ته ڪشتيءَ کي ڪيڏانهن به نه ڇڏج. جتي ڪشتي جو لنگهه روڪي ڇڏيو. ڪشتو جيڏانهن به وڃي ته جتيءَ جا موچڙا کايو موٽيو اچي ساميءَ جي اڳيان ڪري. سامي اهو رنگ ڏسي حيران ٿي ويو. چيائين ته ڪو سگهو جادوگر آيو آهي جو ڪشتيءَ کي گدائي کان روڪي ڇڏيو اٿس. چوڌاري سونهان موڪليائين جن اچي خبر ڏنس ته ٻيو ته شهر جي ڇڪ ڪير به نه آيو آهي. بس گرهوڙ جو هڪ مڱريو فقير ٻڌجي پيو. ساميءَ کي ڪااڳيئي سڌ هئي ته مڱريو پنهنجي دور جو وڏو درويش آهي. جنهن ميرن کي سنڌ وٺرائي ڏني هئي. اهو ٻڌي ساميءَ جي ننڍي ڀاءُ ”گرت گر“ وڏي ڀاءُ کي چيو ته هن کي ميرن جي ضرور مدد هوندي، تنهن کانپوءِ هو فقير به آهي تنهنڪري ساڻس وڙهڻ چڱو نه آهي. بهتر ٿيندو ته منٿ ميڙ ڪري جان ڇڏائجي ۽ کيس ڪجهه نذرپيش ڪري پوئتي موٽائجي. ”دت گر“ کي ڀاءُ جي اها صلاح وڻي ۽ ٻئي ڄڻا گرهوڙي صاحب وٽ لنگهي ويا. گهڻيون ئي منٿون آزيون ڪيائونس. سون ، هيرن، جواهرن ۽ موڍين عورتن جي لالچ پڻ ڏنائونس. مگر گرهوڙي صاحب سڀني آڇن کي حقارت سان ٺڪرائي ڇڏيو ۽ ابتڙ ان جي ٻنهي ڄڻن کي اسلام آڻڻ جي دعوت ڏنائين ۽ کين صاف ٻڌايائين ته جيڪڏهن ايمان نه آڻيندو ته مان توهان سان جنگ ڪرڻ کان نه گسندس. ٻنهي ڄڻن ايمان آڻڻ کان صاف انڪار ڪيو ته پاڻ کين چار شرط پرکا طور وڌائون ۽ کين چيائون ته جيڪڏهن انهن مان ڪوبه شرط قبول نه ڪيو ويو ته پنجون شرط تلوار جو آهي. جيڪا اسان ٻنهي ۾ فيصلو ڪندي.