مختلف موضوع

گرهوڙيءَ جون پيشنگويون

هي ننڍڙو ڪتاب ”گرهوڙيءَ جون پيشنگويون“ نامياري ، ليکڪ مخدوم شبير احمد صاحب جو لکيل آهي.
ڪلام گرهوڙيءَ جو پهريون ڇاپو ادبي مسلم سوسائٽيءَ طرفان تقريبا 1903ع ۾ ڇپيو. جنهن جو مولف ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب هو. پاڻ وڏي جاکوڙ بعد هن بزرگ جو ڪجهه مواد هٿ ڪيائون. جيڪو ڏند ڪٿائن تي مشتمل هو. ڪو مستند ڪتاب انهيءَ ڏس ۾ کين به هٿ چڙهي نه سگهيو.اڪثر مواد پاڻ ٻن ڪتابن مرغوب الاحباب ۽ فردوس العارفين تان ورتو اٿن.
Title Cover of book گرهوڙيءَ جون پيشنگويون

سندن اهل عيال بابت ڪجهه وضاحتون:

سنگهار فقير کان روايت آهي ته گرهوڙي صاحب ڪل پنج شاديون ڪيون (1) مڱرياڻي (2)هڱورجي (3) ٿيٻي (4) اوٺي ۽ (5) کٽياڻي. پوئين گهر مان ٻه پٽ ڄاوس. پر جيئن اهي پنجن سالن جي عمر ۾ گذاري ويا. باقي ٻين گهرن مان چار نياڻيون ٿين. هڪ مڱرياڻي مان جنهن کي سندس ڏاڏي پوٽي گهر واري چيو وڃي ٿو. مگر پوري تصديق نه آهي. اها پنهنجي ڀائٽي “عبدالله” نالي کي ڏنائون. جڏهن ته سندن پوري سوانح ۾ اهو ڪونه ڏسيو ويو آهي ته سندن ڪو ٻيو ڀاءُ به هو. پيءُ ماءُ جي نالي جي ئي پوري تصديق نٿي ٿئي ته ڀاءُ وري ڪٿان آيو. ٿي سگهي ٿو ته جن کين پاليو. اهي اڳتي هلي مڱريا ٿي ويا هجن. ۽ سندن ڪو ٿڃ شريڪ ڀاءُ هجي. ان جوپٽ عبدالله نالي هجي. ان کي پنهنجي نياڻي ڏني هجائون ۽ کيس پنهنجي روحاني وراثت حوالي ڪئي هجائون. جو کين امر ڪيو هئائون ته پنهنجي خاوند جو حڪم هميشه اکين تي رکيو اچجان. ۽ عبدالله کي هدايت ڪندي چيائون ته جيڪي به موليٰ سائين توکي موڪلي ڏئي. تنهن تي راضي رهجان. تنهنجو ٻيو ڪو ثاني نه آهي. تنهنڪري ڀاءُ ڀنڊ کي لوڙهي اندر قطعي نه ڇڏجان. پوءِ چيائونس ته مون کان گهر جدا اڏي وڃي ويهه. وٽن غربت ۽ مسڪيني ايتري قدر هئي جو سندن نياڻيءَ ۽ ناٺيءَ جو نڪاح روزمره وارن ڪپڙن ۾ پڙهيو هئائون. چون ٿا ته هڪ از غيبي شخص سندن نياڻيءَ لاءِ نوان وڳا ڏئي ويو. شاديءَ جي موقعي تي ابڙيون ذات جون عورتون سڏيون هئائون. جن شاديءَ جوسرجام نباهيو هو.انهن ماين جا نالا عزت، ڪرامت ۽ رحمت هئا.
باقي ٽي نياڻيون سيدن جي نڪاح ۾ ڏنائون. جن جا نالا سيد حاجي قطب شاهه، سيد پير شاهه ۽ سيد ڪرم علي شاهه هو. انهن ٽنهي نياڻين جي شادي سندن شهادت بعد ٿي. مگر پاڻ فيصلو اڳ ڪري ويا هئا. جڏهن ته روايتن ۾ اچي ٿو ته اهي شاديون به پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ڪري ويا هئا. جنهن جي روايت اسان مٿئين صفحن ۾ پيش ڪري آيا آهيون. جيئن ته سندن ڪوبه نرينو اولاد نه آهي. تنهنڪري سندن مجاوريءَ جو سنڀالو سيد ڪندا پيا اچن. موجوده سندن مزار جو سنڀالو ڪندڙ سيد احمد شاهه نالي آهي. جيڪو هڪ خدا ترس نيڪ انسان آهي.