مختلف موضوع

گرهوڙيءَ جون پيشنگويون

هي ننڍڙو ڪتاب ”گرهوڙيءَ جون پيشنگويون“ نامياري ، ليکڪ مخدوم شبير احمد صاحب جو لکيل آهي.
ڪلام گرهوڙيءَ جو پهريون ڇاپو ادبي مسلم سوسائٽيءَ طرفان تقريبا 1903ع ۾ ڇپيو. جنهن جو مولف ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب هو. پاڻ وڏي جاکوڙ بعد هن بزرگ جو ڪجهه مواد هٿ ڪيائون. جيڪو ڏند ڪٿائن تي مشتمل هو. ڪو مستند ڪتاب انهيءَ ڏس ۾ کين به هٿ چڙهي نه سگهيو.اڪثر مواد پاڻ ٻن ڪتابن مرغوب الاحباب ۽ فردوس العارفين تان ورتو اٿن.
Title Cover of book گرهوڙيءَ جون پيشنگويون

گرهوڙي صاحب جون پيشنگويون:

توڻي جو گرهوڙ شريف جي موجوده درگاهه سنڀاليندڙ سيد احمد شاهه گرهوڙ واري هڪ اعلان ڇپرائي پڌرو ڪيو هو ته گرهوڙي صاحب طرف ڪيل پيشنگوين جي گرهوڙي صاحب سان ڪابه نسبت نه آهي. مگر ڊاڪٽر دائودپوٽي صاهب هن اعتراف ڪرڻ کان رهي نه سگهيو آهي ته گرهوڙي صاحب جون ڪيل ڪيتريون پيشنگويون حرف بحرف صحيح نڪتيون آهن. پاڻ خود پنهنجن وڏن کان ڪيتريون پيشنگويون ٻڌيون اٿن. ۽ انهن تي ويساهه ڪيو اٿن. توڻي جو پاڻ انهيءَ عبارت کي ڪچو چيو اٿن. ٿي سگهي ٿو ته سندن وڏن يا عوام اندر گردش ڪندڙ پيشنگوين طرف عام طرح ڌيان گهٽ ڏنو يو آهي. بلڪ انجي مفهوم کي وڌيڪ ڏٺو ويو اهي. پوءِ انهيءَ جي ادائگي ۾ ٿي سگهي ٿو ته پنهنجا لفظ استعمال ڪيا ويا هجن. اهڙيءَ طرح ڪيتريون پيشنگويون عوامي ڪچهرين ۾ گردش ڪندڙ آهن. ڪجهه پيشنگويون هت پيش ڪيون ٿا.

1. ڇهين پيڙهي ڇيهه ٿيندو ويندس امانتا
ڪاهي پوندو ڪفر ۾ توڙي منهنجو مرشدا

2: اولاد احمد ڄام جو، ٿيندو ملحد بيدينا

3: لڳندي لاڙان، سونچو ٿيندو سري ۾،
جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي جوکو قنڌاران

4.لنڊن ۾ لنگور کي، گولا گهاوَ ڪندا
لڳندس ڪان ڪراچيءَ ۾، ويندس دهلي هٿا

5. ڪنگريءَ ۾، ڪوس ٿيندو

6: سنڌ ڦريي ڦڪي ٿيندي ٿيندي ڀت و ڀت
ايندي انهن جي هٿ، جن کي ترس نه پوندو تر جو

7: اتر کان مٿي اگهاڙا ايندا، هتي اچي ديولين وانگر مسجديون جوڙيندا.
ڪثرت سان روزونماز ڪندا،مگر انهن جي ڪابه نماز قبول نه ٿيندي جو هنن جون دليون ، حسد ۽ بغض سان ڀرليون هونديون.
8.چون ٿا ته ڪنهن سمي دور ۾ “هندو” سندن خدمت ۾دعا طلبي لاءِ ويا. پاڻ کين چيائون ته ٻڌايو ته مان اوهان جي لاءِ ڪهڙي دعا گهران. هندن چيو ته سائين تون اسان لاءِ دعا گهر پاڻ کين چيائون ته وڃو اوهان کي دولت گهڻي ٿيندي. هندن عرض ڪيو ته سائين! اسان دعا گهر پاڻ کين فرمايائون وڃو اوهان هندستان جا بادشاهه ٿيندا. هندن وري التجا ڪئي ته سائين اسان لاءِ دعا گهر پاڻ کين فرمايائون ته وڃو هر هڪ مسلمان ٻه ٻه هندواڻيون پرڻبو. هندو اهو ٻڌي اٿيا هليا ويا.