مذهب

قرآن ڪيئن پڙهجي؟

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رح جو لکيل ۽ مولانا محمد انس راڄپر جو سنڌي ترجمو.
قرآن مجيد جي اخلاقي، معاشرتي، سماجياتي ۽ انقلابي حڪمت کي واضع ڪندڙ تفسير جنهن جي سٽ سٽ اسلام جي مسخ ٿيل ۽ اسلام جي اوريجنل تصورن کي نکيڙي نروار ڪري ٿي.
Title Cover of book قرآن ڪيئن پڙهجي؟

قرآن جي تعليم جو صحيح طريقو

هن کان پهريائين جو، اسين هن ڳالهه تي غور ويچار ڪيون ته، قوم جو هڪ حصو قرآن جي تعليم کي، ڪهڙن غلط طريقن سان استعمال ڪري ان جي فائدن کان محروم ٿيو آهي، بهتر ٿيندو ته اسين هي معلوم ڪري وٺون ته قرآن جي تعليم مان فائدي حاصل ڪرڻ جو صحيح طريقو ڇا آهي؟ ان کان پوءِ فيصلي ڪرڻ ۾ اسان کي آساني ٿيندي. توهان ڏٺو هوندو ته جڏهن ڪو طبيب ڪو نسخو لکندو آهي ته استعمال جو طريقو به ضرور ٻڌائيندو آهي، اهڙيءَ طرح ضروري آهي ته قرآن جي تعليم جو صحيح طريقو به اسان کي قرآن ۾ ملڻ گهرجي. قرآن مجيد ۾ آهي ته:
وَ رَتِّلِ الْقُرْاٰنَ تَرْتِیۡلًا (المزمل :٤)
ترجمو: ”قرآن کي ڍاري ڍاري پڙهو.“
اَلَّذِیۡنَ اٰتَیۡنٰہُمُ الْکِتٰبَ یَتْلُوۡنَہٗ حَقَّ تِلَاوَتِہٖ ؕ اُولٰٓئِکَ یُؤْمِنُوۡنَ بِہٖ ؕ وَمَنۡ یَّكْفُرْ بِہٖ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الْخٰسِرُوۡنَ (البقره – ١٢١)
ترجمو: ”جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، اهي ان کي جيئن گهربو آهي ايئن پڙهن ٿا، اهي ئي ان تي ايمان رکن ٿا. جيڪي ماڻهو ان جو انڪار ڪندا، انهن کي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو.“
فَاقْصُصِ الْقَصَصَ لَعَلَّہُمْ یَتَفَکَّرُوۡنَ (الاعراف: ١٧٦)
ترجمو: ”انهن کي قصا ٻڌايو ته جيئن هو سوچ ويچار ڪن.“
کَذٰلِکَ نُفَصِّلُ الۡاٰیٰتِ لِقَوْمٍ یَّتَفَکَّرُوۡنَ (يونس: ٢٤)
ترجمو: ”غور ڪندڙن جي لاءِ اسان اهڙيءَ طرح تفصيل سان آيتون بيان ڪندا آهيون.“
وَقُرْاٰنًا فَرَقْنٰہُ لِتَقْرَاَہٗ عَلَی النَّاسِ عَلٰی مُكْثٍ وَّ نَزَّلْنٰہُ تَنۡزِیۡلًا (الاسرآءَ: ١٢٥)
ترجمو: ”قرآن کي اسان ٿورو ٿورو ڪري هن مصلحت ڪارڻ لاٿو ته جيئن تون آهستي آهستي مهلت سان انهن ماڻهن کي پڙهي ٻڌائين ۽ انهيءَ مصلحت جي ڪري اسان ان کي هوريان هوريان لاٿو.“
لَقَدْ اَنۡزَلْنَاۤ اِلَیۡكُمْ کِتٰبًا فِیۡہِ ذِكْرُكُمْ ؕ اَفَلَا تَعْقِلُوۡنَ (الانبياءَ – ١٠)
ترجمو: ”انسانو! اسان توهان جي طرف هي قرآن، اهڙو ڪٿاب لاٿو آهي، جنهن ۾ توهان جو ذڪر آهي، ڇا توهان سمجهو نٿا؟“
وَلَا تَعْجَلْ بِالْقُرْاٰنِ مِنۡ قَبْلِ اَنۡ یُّقْضٰۤی اِلَیۡکَ وَحْیُہٗ ۫ (طه: ١١٤)
ترجمو: ”اي پيغمبر توڏانهن جيڪا وحي ڪئي وڃي ٿي، ان وحي جي پوري ٿيڻ کان پهريائين، قرآن کي پڙهڻ ۾ جلدي نه ڪندو ڪر.“
وَ لَقَدْ ضَرَبْنَا لِلنَّاسِ فِیۡ ہٰذَا الْقُرْاٰنِ مِنۡ كُلِّ مَثَلٍ لَّعَلَّہُمْ یَتَذَکَّرُوۡنَ ﴿ۚ۲۷﴾ (الزمر: ٢٧)
ترجمو: ”۽ اسان ماڻهن جي سمجهائڻ جي لاءِ، هن قرآن ۾ هر طرح جا مثال بيان ڪيا آهن ته جيئن هي ماڻهو نصيحت حاصل ڪن.“
وَ لَقَدْ یَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَہَلْ مِنۡ مُّدَّکِرٍ ﴿۱۷﴾ (القمر – ۱۷)
ترجمو: ”اسان قرآن ماڻهن جي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ آسان ڪيو آهي، آهي ڪو جيڪو نصيحت حاصل ڪري؟“
اَفَلَا یَتَدَبَّرُوۡنَ الْقُرْاٰنَ (النساءِ – ٨٢)
ترجمو: ”ڇا انهن اسان جي فرمان قرآن مجيد ۾ غور ناهي ڪيو.“
وَ قَالَ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا لَوْلَا نُزِّلَ عَلَیۡہِ الْقُرۡاٰنُ جُمْلَۃً وَّاحِدَۃً ۚۛ کَذٰلِکَ لِنُثَبِّتَ بِہٖ فُؤَادَکَ
وَرَتَّلْنٰہُ تَرْتِیۡلًا (الفرقان: ٣٢)
ترجمو: ”ڪافر چون ٿا ته هن پيغمبر تي قرآن سڄي جو سڄو هڪدم ڇو نه نازل ٿي ويو، اسين چئون ٿا ته جيئن هوريان هوريان نازل ٿيو آهي، ايئن ئي لهڻ کپي ها. اي پيغمبر! ان ۾ مصلحت آهي ته اهڙيءَ ريت هوريان هوريان قرآن نازل ڪرڻ سان اسان توهان جي دل کي تسڪين (سمجهڻ جي ڪري اطمينان قلب) ڏيندا رهون، ان ڪري ان کي آهستي آهستي نازل ڪيو آهي.“
وَالَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِّرُوۡا بِاٰیٰتِ رَبِّہِمْ لَمْ یَخِرُّوۡا عَلَیۡہَا صُمًّا وَّ عُمْیَانًا ﴿۷۳﴾ (الفرقان: ٧٣)
ترجمو: ”مؤمن اهي آهن جو جڏهن انهن کي، انهن جي پالڻهار جون آيتون ٻڌائي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته انڌا ۽ گونگا ٿي ان تي اعتبار نٿا ڪن.“
کِتٰبٌ اَنۡزَلْنٰہُ اِلَیۡکَ مُبٰرَكٌ لِّیَدَّبَّرُوۡۤا اٰیٰتِہٖ وَ لِیَتَذَکَّرَ اُولُوا الْاَلْبَابِ ﴿۲۹﴾ (ص: ٢٩)
ترجمو: ”اي پيغمبر! هي قرآن وڏي برڪت وارو ڪتاب آهي، جيڪو اسان توڏانهن نازل ڪيو آهي ته جيئن ماڻهو ان جي آيتن تي ويچارين ۽ جيڪي عقلمند آهن، اهي ان جي مطلب مان نصيحت حاصل ڪن.“
اِنَّا جَعَلْنٰہُ قُرْءٰنًا عَرَبِیًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوۡنَ ۚ﴿۳﴾ (الزخرف: ٣)
ترجمو: ”اسان هن کي صاف ۽ سليس عربي ٻولي ۾ قرآن بڻايو آهي ته جيئن توهان ان کي سولائيءَ سان سمجهي سگهو.“
فَاِنَّمَا یَسَّرْنٰہُ بِلِسَانِکَ لَعَلَّہُمْ یَتَذَکَّرُوۡنَ ﴿۵۸﴾ (الدخان: ٥١)
ترجمو: اسان قرآن کي تنهنجي زبان ۾ سولو بڻايو آهي ته جيئن نصيحت حاصل ڪن.
فَاسْتَمْسِكْ بِالَّذِیۡۤ اُوۡحِیَ اِلَیۡکَ ۚ اِنَّکَ عَلٰی صِرَاطٍ مُّسْتَقِیۡمٍ ﴿۴۳﴾ وَ اِنَّہٗ لَذِكْرٌ لَّکَ وَ لِقَوْمِکَ ۚ وَ سَوْفَ تُسْـَٔلُوۡنَ ﴿۴۴﴾ (الزخرف :٤٣ تا ٤٤)
ترجمو: ”اي پيغمبر! جيڪو قرآن توڏانهن وحي ڪيو ويو آهي، ان کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو رهه، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته تون سڌي رستي تي آهين ۽ هي قرآن تنهنجي ۽ تنهنجي قوم لاءِ نصيحت آهي. اڳتي هلي توهان سڀني کان ان بابت پڇاڻو ٿيندو.“
اَفَلَا یَتَدَبَّرُوۡنَ الْقُرْاٰنَ اَمْ عَلٰی قُلُوۡبٍ اَقْفَالُہَا ﴿۲۴﴾ (محمد :٢٤)
ترجمو: ”ڇا هي ماڻهو قرآن جي مطلبن کي نٿا سمجهن ۽ سوچين؟ يا انهن جي دلين تي تالا لڳل آهن ڇا؟“
یُرِیۡدُ اللہُ لِیُبَیِّنَ لَكُمْ وَیَہۡدِیۡكُمْ سُنَنَ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبْلِكُمْ وَیَتُوۡبَ عَلَیۡكُمْ ؕ وَاللہُ عَلِیۡمٌ حَکِیۡمٌ ﴿۲۶﴾
(النساءِ: ٢٦)
ترجمو: ”الله تعاليٰ چاهي ٿو ته جيڪي توهان کان پهريائين گذري چڪا آهن، انهن جي (چڱن) طريقن کي توهان جي لاءِ کولي بيان ڪري ۽ توهان کي انهن جي طريقن تي هلائي۽ توهان تي مهر جي نظر رکي ۽ الله تعاليٰ عليم ۽ حڪيم آهي.“
لَقَدْ کَانَ لَكُمْ فِیۡ رَسُوۡلِ اللہِ اُسْوَۃٌ حَسَنَۃٌ (الاحزاب: ٢١)
ترجمو: ”اي مسلمانو! توهان کي پيروي ڪرڻ لاءِ رسول الله ﷺ جن جو هڪ عمدو نمونو موجود آهي.“
قرآن شريف ۾ جيڪو ان کي پڙهڻ ۽ ان مان فائدي وٺڻ جو طريقو آهي، اهو صاف نموني مٿين آيتن ۾ آيل آهي، ان مان هي ٽي ڳالهيون پڌريون ٿي سامهون اچن ٿيون.

١- قرآن شريف نهايت سوچ ويچار سان پڙهو ۽ سمجهو ۽ پوريءَ طرح ان ۾ فڪر ڪيو، تدبر ڪيو.
٢- جيڪو ڪجهه پڙهو ان جي مطابق صحيح عمل ڪيو، ڇاڪاڻ ته توهان جي پيدائش جو مقصد، عمل ڪرڻ آهي.
الَّذِیۡ خَلَقَ الْمَوْتَ وَ الْحَیٰوۃَ لِیَبْلُوَكُمْ اَیُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ؕ (الملڪ:٢)
ترجمو: ”خدا جي ذات جنهن موت ۽ حياتيءَ کي پيدا ڪيو آهي، ان لاءِ ته جيئن توهان کي آزمائي ته توهان مان ڪير سٺا عمل ٿو ڪري.“
یُرِیۡدُ اللہُ لِیُبَیِّنَ لَكُمْ وَیَہۡدِیۡكُمْ سُنَنَ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبْلِكُمْ (النساءِ:٢٦)
ترجمو: ”الله تعالي چاهي ٿو ته جيڪي توهان کان پهريائين گذري چڪا آهن، انهن جا طريقا کولي کولي توهان جي سامهون بيان ڪري، ۽ توهان کي انهن جي طريقي تي هلائي.“
٣- قرآن شريف جي تعليم تي عمل ڪرڻ ۾ رسول الله ﷺ جن کي نموني جي طور تي سامهون رکو. ڪنهن به تعليم تي عمل ڪرڻ ۾ سولائي تڏهن ٿيندي، جڏهن ان تي عمل جو مجسم نمونو پيش نظر هجي، ته جيئن مختلف ماڻهو عمل جي مختلف هٿرادو طريقا اختيار نه ڪن ۽ افراط ۽ تفريط (زيادتي ۽ گهٽتائي) کان محفوظ رهن. خود قرآن ۾ قرآن جي تعليم جو طريقو بلڪل صاف نموني ٻڌايو ويو آهي ۽ حضور ﷺ جن ۽ صحابي سڳورا انهيءَ ئي طريقي تي هليا ۽ پوريءَ طرح ڪامياب ٿيا.

حضور ﷺ جن قرآن مجيد تي بي انتها ويچار فرمائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته صرف هڪ آيت کي وري وري تلاوت فرمائيندا هئا، ايتري تائين جو پوري رات گذري ويندي هئي ۽ صبح ٿي ويندو هو. امام ابن القيم پنهنجي ڪتاب ”زاد المعاد“ جي پهرئين جلد جي صفحي ٩٠ تي لکيو آهي ته:
"وَکَانَ رَسُو لُ اللہ ﷺ یُرَتِّلُ السُّوۡرَۃَ حَتّٰی تَکُوۡنَ اَطۡوَلَ مِنۡ اَطۡوَلَ مِنۡھَا وَقَامَ بِاٰیَۃٍ حَتّٰی الصَّبَاحِ مِنۡ آیٰاتِھَا
ترجمو: ”رسول الله ﷺ جن سورت کي هوريان هوريان پڙهندا هيا، ايتري حدتائين جو هڪ معمولي سورت وڏي کان وڏي سورت ٿي ويندي هئي ۽ ڪن موقعن تي صرف هڪ آيت تي بيهي رهندا هئا ۽ ان کي بار بار صبح تائين پڙهندا رهندا هئا.“