مذهب

قرآن ڪيئن پڙهجي؟

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رح جو لکيل ۽ مولانا محمد انس راڄپر جو سنڌي ترجمو.
قرآن مجيد جي اخلاقي، معاشرتي، سماجياتي ۽ انقلابي حڪمت کي واضع ڪندڙ تفسير جنهن جي سٽ سٽ اسلام جي مسخ ٿيل ۽ اسلام جي اوريجنل تصورن کي نکيڙي نروار ڪري ٿي.
Title Cover of book قرآن ڪيئن پڙهجي؟

قرآن جي صحيح انداز واري تعليم کان محروم ٿيڻ جا نتيجا

هي پڌرو ٿي ويو آهي ته قرآن جي اصل متن تي غور ويچار ڪرڻ ڪا ٻي شيءِ آهي. پر قرآن جي اصل کي ڇڏي ڏيڻ ۽ ان کي صحيح طريقي سان نه پڙهڻ جي سببان اسين قرآن جي صحيح تعليم کان محروم ٿي ويا آهيون ۽ جيڪو ڪجهه اسان جي سامهون آهي اهو ان جو ئي نتيجو آهي. قرآن سکڻ جا جيڪي طريقا، خود قرآن ۾ لکيل آهن، انهن کي ڇڏڻ ڪري اسين اعليٰ درجي جي تعليم کان محروم ٿي ويا آهيون. قرآن جي تعليم عمدا نتيجا ڇو نه ٿي پيدا ڪري، اهو هيٺين مثالن سان واضح ٿي ويندو. جڏهن کان اسين قرآن کان پري ٿيا آهيون، تڏهن کان برابر اسين زوال طرف پيا وڃون. اصول اهو آهي ته جهڙي قوم هوندي آهي اهڙا ان جا اخلاق هوندا آهن. جيڪڏهن قوم زنده هوندي آهي ته ان جي فردن ۾ جرئت، همت، ثابت قدمي، ترقيءَ جي آرزو، قرباني ۽ ٻيا اهڙي قسم جا عمدا اخلاق هوندا آهن. ۽ جيڪڏهن قوم مرده هوندي آهي ته ان جا فرد بي همت، سست، ڊڄڻا، هٿ تي هٿ رکي ويهي رهڻ وارا هوندا آهن. پوئتي پيل قومن تي قومي زوال جو اهڙو برو اثر پوندو آهي، جو انهن وٽ اعليٰ ۽ اتم لفظن جو مفهوم به بگڙي خراب ٿي ويندو آهي.