مذهب

قرآن ڪيئن پڙهجي؟

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رح جو لکيل ۽ مولانا محمد انس راڄپر جو سنڌي ترجمو.
قرآن مجيد جي اخلاقي، معاشرتي، سماجياتي ۽ انقلابي حڪمت کي واضع ڪندڙ تفسير جنهن جي سٽ سٽ اسلام جي مسخ ٿيل ۽ اسلام جي اوريجنل تصورن کي نکيڙي نروار ڪري ٿي.
Title Cover of book قرآن ڪيئن پڙهجي؟

حضرت موسيٰ ؑ

حضرت موسيٰ جي قصي کي به معجزن جو ڀنڊار سمجهيو ويندو آهي ۽ هي بحث ڪيو ويندو آهي ته جڏهن حضرت موسيٰ بحر قلزم عبور ڪيو ته پاڻي معجزي جي ڪري ڦاٽي ڌار ڌار ٿي ويو ۽ سُڪ ظاهر ٿي، يا ڪو به معجزو نه هيو، رڳو ايئن پاڻي هٽي ۽ چڙهي ويو. سڄو توجهه رڳو انهن ڳالهين ۾ صرف ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ان قصي ۾ هي سبق ڏنل آهي ته پنهنجي قوم کي انتهائي ذلت ۽ ظلم جي اونهين کڏن مان ڪڍي ترقيءَ جي اعليٰ درجن تي پهچائڻ هڪ اعليٰ گڻ ۽ منصب آهي. بني اسرائيل اهڙي بريءَ حالت ۾ هيا جو انهن جا حاڪم انهن جي پٽن کي ذبح ڪندا هيا ۽ انهن جون ڌيئرون خدمت لاءِ زندهه رکندا هيا. ان ظلم مان نجات ڏيارڻ به پيغمبري شيوو آهي، گڏوگڏ هن قصي ۾ انهن اعليٰ گڻن جي تعليم پڻ ڏني وئي آهي، جن جي ذريعي ڪنهن به قوم جي ترقي ممڪن ٿيندي آهي.
الله تعاليٰ حضرت موسيٰ کي فرمائي ٿو ته:
اِذۡہَبَاۤ اِلٰی فِرۡعَوۡنَ اِنَّہٗ طَغٰی ﴿ۚۖ۴۳﴾ فَاۡتِیٰہُ فَقُوۡلَاۤ اِنَّا رَسُوۡلَا رَبِّکَ فَاَرۡسِلۡ مَعَنَا بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ ۬ۙ وَ لَا تُعَذِّبۡہُمۡ. (طهٰ: ٤٣ تا ٤٧)
ترجمو: ”تون ۽ تنهنجو ڀاءُ ٻئي فرعون ڏانهن وڃو، هن گهڻي سرڪشي اختيار ڪئي آهي، ان ڏانهن وڃو ۽ وڃي چؤس اسان تنهنجي رب وٽان آيا آهيون، تون بني اسرائيل کي اسان سان گڏ ڇڏ، انهن کي آزاد ڪر، انهن تي ظلم نه ڪر، انهن کي عذاب نه ڏئي.“
هي قومي آزادين جو منصب ۽ ذميواري قرآن پيغمبرن جو منصب ڪري ٻڌايو آهي.
الله تعاليٰ حضرت موسيٰ ؑ کي حڪم ڏنو ته پنهنجي قوم کي گذريل زماني جي قومن جي عروج ۽ زوال جي حالتن کان واقف ڪيو ۽ ايئن انهن کي تنبيهه ڪيو.
سورة ابراهيم ۾ فرمايائين: وَ لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا مُوۡسٰی بِاٰیٰتِنَاۤ اَنۡ اَخۡرِجۡ قَوۡمَکَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ ۬ۙ وَ ذَکِّرۡہُمۡ بِاَیّٰىمِ اللّٰہِ. (ابراهيم: ۵)
ترجمو: ”اسان موسيٰ ؑ کي هدايتون ڏئي موڪليو ته پنهنجي قوم کي اوندهه مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي ۽ انهن کي الله جا ڏينهن (تاريخ) ياد ڏياري، ڇاڪاڻ ته ان ۾ صابر ۽ شاڪر ماڻهن جي لاءِ نشانيون آهن.“
شاهه ولي الله صاحب پنهنجي ڪتاب ”الفوز الڪبير في اصول التفسير“ صحفي ٥ ۾ ”تذڪير بايام الله“ جي هيءَ معنيٰ لکي آهي ”بيان و وقائع ڪو آن را خدا تعاليٰ ايجاد فرموده است از جنس انعام مطيعين و تعذيب مجرمين.“
ترجمو: ”مجرمن جي تباهيءَ ۽ دين تي عمل ڪندڙن جي ڪاميابيءَ جا واقعا بيان ڪرڻ: (جنهن کي اسين قومن جي عروج ۽ زوال جي تاريخ چوندا آهيون)“
سورة يونس ۾ آهي ته: وَ اَوۡحَیۡنَاۤ اِلٰی مُوۡسٰی وَ اَخِیۡہِ اَنۡ تَبَوَّاٰ لِقَوۡمِکُمَا بِمِصۡرَ بُیُوۡتًا وَّ اجۡعَلُوۡا بُیُوۡتَکُمۡ قِبۡلَۃً وَّ اَقِیۡمُوا الصَّلٰوۃَ ؕ وَ بَشِّرِ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ ۔ (يونس: ۸۷)
ترجمو: ”اسان موسيٰ ۽ ان جي ڀاءُ ڏانهن وحي موڪلي ته مصر ۾ پنهنجي ماڻهن جي رهڻ لاءِ گهر ٺاهيو ۽ پنهنجي گهرن کي مسجدون قرار ڏيو ۽ نماز قائم ڪندا رهو ۽ اي موسيٰ ايمان وارن کي خوشخبري ڏي ته توهان جي ڪاميابيءَ جو وقت اچي ويو آهي.“
هڪ مرده قوم کي زنده ڪرڻ جي لاءِ گذريل قومن جي عروج ۽ زوال جي تاريخ ۽ ڪاميابيءَ جي پوري اميد جيڪو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. ان کي هن زماني جي ماڻهن صحيح طرح سمجهي ورتو آهي.
جڏهن فرعون جا جادوگر موسيٰ ؑ سان ملي ويا ته فرعون انهن کي چيو:
فَلَاُ قَطِّعَنَّ اَیۡدِیَکُمۡ وَ اَرۡجُلَکُمۡ مِّنۡ خِلَافٍ وَّ لَاُصَلِّبَنَّکُمۡ (طهٰ: ٧١)
ترجمو: ”آءٌ توهان جو هڪ طرف جو هٿ ۽ ٻئي طرف جو پير ڪٽيندس ۽ توهان سڀني کي سوليءَ تي لٽڪائيندس.“
تنهن تي انهن جواب ڏنو: فَاقۡضِ مَاۤ اَنۡتَ قَاضٍ (طهٰ: ٧٢)
ترجمو: ”جيڪو ڪجهه ڪرڻو اٿئي سو ڪر“
حضرت موسيٰ ۽ ان جا ساٿي پنهنجي اصولن ۽ مقصدن جي پورائيءَ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هيا، ۽ ايئن انهن جي ڪاميابي ٿي ۽ انهن جا دشمن تباهه ٿيا. گڏوگڏ حضرت موسيٰ جي قصي ۾ قومي اتفاق ۽ اتحاد تي پڻ زور ڏنو ويو آهي. جڏهن حضرت موسيٰ طور جبل تي وڃڻ وقت حضرت هارون کي پنهنجي ذميوارين جو اختيار ڏنو ۽ پاڻ طور جبل ڏانهن ويو ته ان جي قوم گابي جي پوڄا شروع ڪري ڏني، واپسيءَ تي جڏهن حضرت موسيٰ اها حالت ڏٺي ته ڏاڍو ڪاڙيو ۽ حضرت هارون کي چيائين:
قَالَ یٰہٰرُوۡنُ مَا مَنَعَکَ اِذۡ رَاَیۡتَہُمۡ ضَلُّوۡۤا ﴿ۙ۹۲﴾ اَلَّا تَتَّبِعَنِ ؕ اَفَعَصَیۡتَ اَمۡرِیۡ (طهٰ:٩١ تا ٩٢)
ترجمو: ”اي هارون جڏهن تو ڏٺو ته هي گمراهه ٿي رهيا آهن ته تو انهن کي ڇو نه روڪيو، تو پويان منهنجي ذميواري ڇو نه پوري ڪئي، ڇا تو منهنجي نافرماني نه ڪئي ۽ تو انهن کي زبردستي ڇو نه روڪيو.“ حضرت هارون جواب ڏنو:
یَبۡنَؤُمَّ لَا تَاۡخُذۡ بِلِحۡیَتِیۡ وَ لَا بِرَاۡسِیۡ ۚ اِنِّیۡ خَشِیۡتُ اَنۡ تَقُوۡلَ فَرَّقۡتَ بَیۡنَ بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ (طهٰ: ٩٤)
ترجمو: ”اي منهنجا ڀاءُ (منهنجي ماءُ جا پٽ) منهنجي ڏاڙهي ۽ مٿو ته ڇڏ مون انهن کي ان ڪري نه روڪيو ته متان تون چئين ته تو بني اسرائيل ۾ اختلاف پيدا ڇو ڪيا.“
حضرت هارون ؑ جڏهن پنهنجي اصلاحي ڪوششن ۾ ناڪام ٿيو ته ان پنهنجي قوم جي عارضي گمراهيءَ کي برداشت ڪيو ته متان زياده سختي ڪرڻ جي ڪري قوم ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي (۽ دشمن جي مقابلي ۾ ڪمزور ٿي وڃي.)
هڪ پيغمبر نااتفاقيءَ ۽ جهڳڙي جي مقابلي ۾ قوم جو عارضي گمراهيءَ ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪري ۽ حقيقت به اها آهي ته جيستائين قوم متفق هوندي آهي ايستائين تعليم وغيره پنهنجو اثر ڏيکاري عمدا نتيجا پيدا ڪندي آهي ۽ جڏهن نااتفاقيءَ جي ڪري قوم ٽڪرن ٽڪرن ۾ بدلجي ويندي آهي، ته پوءِ اها تباهه ۽ برباد ٿي ويندي آهي ۽ ڪنهن به طرح سان ڪامياب نه ٿيندي آهي.
هاڻي ڏسو ۽ اهو ظاهر ۽ پڌرو به آهي ته قرآن جي هڪ حصي جي اسان معنيٰ بدلائي ڇڏي ۽ هڪ حصي کي ڇڏي ڏنوسين ۽ هڪ حصي جي تعليم کي ڪهاڻين جو درجو ڏنوسين ته پوءِ جيڪڏهن قرآن اهي نتيجا پيدا نه ٿو ڪري، جيڪي پيدا ٿيڻ کپن ها يا جيڪي صحابن سڳورن جي زماني ۾ پيدا ٿي چڪا هئا ته ان ۾ ڪهڙي عجب جي ڳالهه آهي.