مذهب

قرآن ڪيئن پڙهجي؟

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رح جو لکيل ۽ مولانا محمد انس راڄپر جو سنڌي ترجمو.
قرآن مجيد جي اخلاقي، معاشرتي، سماجياتي ۽ انقلابي حڪمت کي واضع ڪندڙ تفسير جنهن جي سٽ سٽ اسلام جي مسخ ٿيل ۽ اسلام جي اوريجنل تصورن کي نکيڙي نروار ڪري ٿي.
Title Cover of book قرآن ڪيئن پڙهجي؟

مذهب- مسلمانن جي ترقيءَ جو بنياد

اسان واري مذهب جي ته هيءَ حالت آهي جو اسان جي مذهبي تعليم کي زنگ لڳي ويو آهي! تنهن ڪري جيتري تائين اسان کي صحيح مذهبي تعليم نه ملندي ته اسين ڪيئن جيئرا رهي سگهنداسين؟ منهنجو عقيدو آهي ته مسلمانن جي پيڙهه جو پٿر مذهب آهي. مذهب کان بغير مسلمان ترقي نه ڪري سگهندو. ڇاڪاڻ ته حقيقي قومي ترقيءَ لاءِ جنهن ايثار ۽ قربانيءَ جي ضرورت آهي، ان جو بنياد صرف ٻه شيون ٿي سگهن ٿيون ۽ دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته قومن جي ترقيءَ ۾ صرف انهن ٻن شين کان ڪم ورتو ويو آهي: هڪ مذهب، ٻيو وطن پرستي. مذهبي جذبي جي مقابلي ۾ وطن پرستيءَ جو جذبو مسلمانن ۾ گهڻو ڪمزور آهي. ان ڪري مسلمان صرف مذهب کان متاثر ٿي حقيقي ترقيءَ جي شاهراهه تي وکون کڻي سگهن ٿا.
نالي واري مؤرخ ۽ شاعر شبلي مرحوم پڻ ان مسئلي جي وضاحت ڪئي آهي:

تم کسی قوم کی تاریخ اٹھا کر دیکھو۔ دو ہی باتیں ہیں کہ جن پر ہے ترقی کا مدار
یا کوئی جذبہ دینی تھا جس نے دم میں۔ کر دیا ذرہ افسردہ کو ہم رنگ شرار
یا کوئی جذبہ ملک وطن تھا جس نے۔ کردیئے دم میں قوائے علمی بیدار

۽ تجربو به ان ڳالهه جو شاهد آهي ته اسان جي سموري قوم رڳو مذهبي جذبي کان متاثر ٿي پوري طرح ڪم ڪري سگهي ٿي. جڏهن ائين آهي ته پوءِ هيءَ ڳالهه پڌري آهي ته قومي ترقيءَ جي پروگرام ۾ سڀ کان اهم شيءِ صحيح مذهبي تعليم هجڻ گهرجي. جيڪڏهن صحيح مذهبي تعليم جو انتظام نه ٿيندو ته نه مسلمان پنهنجي وجود کي قائم رکي سگهندو ۽ نه ترقي ڪري سگهندو. ڇا اها افسوس جهڙي ڳالهه ڪانهي ته اڄ تائين اسان اهو به نه ڪري سگهيا آهيون جو پنهنجي قومي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ قرآن شريف جي تعليم جو انتظام ڪيون ها.
قرآن جي تعليم مان منهنجي اها مراد هرگز ڪانهي ته بغير مطلب سمجهڻ جي قرآن شريف جا لفظ دهرايا وڃن. مسلمانن قرآن جي تعليم جو ڪڏهن به اهو مطلب نه سمجهيو آهي ۽ نه سمجهيو وڃي، ڪن سڳورن سان ان جو ذڪر ڪيوسين ته انهن چيو ته اسان جي شاگردن کي يونيورسٽيءَ جو نصاب فرصت نه ٿو ڏئي، مون کي پڻ ان ڳالهه جي خبر آهي پر جيترو وقت مشن اسڪولن ۽ ڪاليجن جا سوين مسلمان ۽ هندو شاگرد بائيبل لاءِ ڏين ٿا، ڇا ايترو وقت به قرآن جي تعليم لاءِ اسان جي قومي اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد نه ٿا ڏئي سگهن.
مشن اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد بائيبل جي لاءِ گهڻو ڪري روزانو وقت ڏيڻ جي باوجود امتحانن ۾ نهايت گهڻن مارڪن سان پاس ٿين ٿا ۽ بائيبل ڪلاس جي ڪري انهن ۾ ڪا به شڪايت نه ٿي ٻڌڻ ۾ اچي. هڪڙا اسين آهيون جو پنهنجي ئي قومي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ قرآن جي تعليم جي لاءِ وقت نه ٿا ڪڍي سگهون! علي ڳڙهه جا ٽي شاگرد جيڪي منهنجا دوست آهن. اتفاق سان سينٽرل انڊيا جي هڪ مشن اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويا. جڏهن امتحان جو ٽائيم آيو ڪلاس بند ٿي ويا ته جيئن شاگرد امتحان لاءِ چڱيان تياري ڪري وٺن پر ان جي باوجود بائيبل ڪلاس روزانو هلندا هيا. خود پرنسپال صاحب پڙهائيندو هيو، هڪڙي ڏينهن اهي ٽئي ساٿي پرنسپال صاحب وٽ آيا ته هاڻي امتحان ويجهو آهي ٻيا سڀ ڪلاس بند آهن، رڳو بائيبل ڪلاس جي ڪري اسان کي اسڪول اچڻو ٿو پوي، مهرباني ڪري انهيءَ کي به ملتوي ڪيو ته جيئن اسين پوري طرح تياري ڪري سگهون. تنهن تي پرنسپال صاحب جواب ڏنو ”هي سڀ عورتون، توهان سڀ شاگرد، آءٌ ۽ سڀ پروفيسر صرف ئي صرف انهيءَ ڪلاس جي ڪري موجود آهيون، جيڪڏهن اهو ڪلاس نه هجي ها ته هي ڪاليج به نه هجي ها.“
جيڪڏهن اسين صرف ان هڪڙي واقعي جي تقليد ڪري سگهون تڏهن به گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا، پنهنجي شاگردن کي قرآن جي تعليم ته ڏيون ڪو نه ٿا ۽ وري ظلم اهو آهي ته انهن کان اها توقع به رکون ٿا ته انهن جي ذريعي قوم کي ترقي ملي، عروج حاصل ٿئي، هي ٿئي هو ٿئي، جيڪڏهن انهن ويچارن کان ڪجهه به نٿو ٿئي ته انهن تي تنقيد ڪئي وڃي. انتهائي ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي قومي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ته جلد کان جلد قرآن مجيد جي صحيح تعليم جو بندوبست ڪيو وڃي. قرآن مجيد جي تعليم جي انتظام ۾ سڀ کان اهم شيءِ اعليٰ ۽ عمدو پروفيسر تيار ڪرڻ آهي ۽ ان جي چونڊ ڪرڻي آهي. ان باري ۾ آگره ڪانفرنس 1913ع جي ليڪچر ۾ جيڪو ڪانفرنس جي رپورٽ ۾ شايع ٿي چڪو آهي، مان ڪافي بحث ڪري چڪو آهيان، جڏهن قرآن شريف جي تعليم جو انتظام ٿي وڃي ته پوءِ قومي ترقيءَ جو نالو وٺڻ جائز ٿيندو. خدا شل صحيح رستي تي هلڻ جي توفيق ڏي!