مذهب

قرآن ڪيئن پڙهجي؟

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رح جو لکيل ۽ مولانا محمد انس راڄپر جو سنڌي ترجمو.
قرآن مجيد جي اخلاقي، معاشرتي، سماجياتي ۽ انقلابي حڪمت کي واضع ڪندڙ تفسير جنهن جي سٽ سٽ اسلام جي مسخ ٿيل ۽ اسلام جي اوريجنل تصورن کي نکيڙي نروار ڪري ٿي.
Title Cover of book قرآن ڪيئن پڙهجي؟

توڪل ڇاهي؟

اڄڪلهه اسان وٽ توڪل جي معنيٰ آهي هٿ تي هٿ رکي ويهي رهڻ ۽ ڪو به ڪم نه ڪرڻ، اها آهي توڪل. ان جي لاءِ اهڙي قسم جا قصا به مشهور آهن ته هڪڙي همراهه ههڙي نموني توڪل ڪئي، لت ڏئي ويهي رهيو، خدا کي چيائين مان پاڻ ڪجهه به کائيندس پيئندس ڪونه، جيستائين منهنجي وات ۾ ماني پاڻ اچي نه پوي. هو ويٺو رهيو، ويٺو رهيو، گهڻي دير کان پوءِ هڪ دسترخوان اچي ان جي سامهون پيو، هن سمجهيو ته بس هاڻي ڪم ٿي ويو ۽ پنهنجي هٿ سان کائڻ شروع ڪيائين، ايتري ۾ آواز آيس ته تو جلدي ڪئي آهي، جيڪڏهن تون ٿوري دير انتظار ڪرين ها ته ماني پاڻ تنهنجي وات ۾ اچي پوي ها ۽ قرآن ۾ ڇاڪاڻ ته توڪل کي ساراهيو ويو آهي، تنهن ڪري هي به وري انهن ڪمن کي ساراهيو ويندو آهي، ته فلاڻو ته سائين ڪو ڪم ئي ڪو نه ٿو ڪري، بس گهر کان ٻاهر به ڪو نه ٿو نڪري، وڏو متوڪل ماڻهو آهي، جڏهن ته قرآن ۾ توڪل جي معنيٰ آهي انتهائي ڏکين حالتن ۾ پوريءَ همت سان ڪم ڪرڻ ۽ نتيجي طرفان خوفزده ٿي ڪم نه ڇڏڻ، بلڪه نتيجي جي باري ۾ الله تعاليٰ کان ڪاميابيءَ جو ڀروسو ڪرڻ، اهو مفهوم هيٺين آيتن مان صاف ظاهر ٿو ٿئي.
قَالُوۡا یٰمُوۡسٰۤی اِنَّ فِیۡہَا قَوۡمًا جَبَّارِیۡنَ ٭ۖ وَ اِنَّا لَنۡ نَّدۡخُلَہَا حَتّٰی یَخۡرُجُوۡا مِنۡہَا ۚ فَاِنۡ یَّخۡرُجُوۡا مِنۡہَا فَاِنَّا دٰخِلُوۡنَ ﴿۲۲﴾ قَالَ رَجُلٰنِ مِنَ الَّذِیۡنَ یَخَافُوۡنَ اَنۡعَمَ اللّٰہُ عَلَیۡہِمَا ادۡخُلُوۡا عَلَیۡہِمُ الۡبَابَ ۚ فَاِذَا دَخَلۡتُمُوۡہُ فَاِنَّکُمۡ غٰلِبُوۡنَ ۬ۚ وَ عَلَی اللّٰہِ فَتَوَکَّلُوۡۤا اِنۡ کُنۡتُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ﴿۲۳﴾ (المائد:۲۲ تا ۲۳)
ترجمو: ”چوڻ لڳا اي موسيٰ ان ملڪ ۾ رهندڙ قوم جا ماڻهو طاقتور ۽ ڏاڍا مڙس آهن، جيستائين هو اتاهون نڪرندا ڪو نه، تيستائين اسين ڪو نه هلنداسين، جيڪڏهن ان قوم جا ماڻهو نڪري ٿا وڃن ته پوءِ اسين هلنداسين، هڪ ٻن خدا جي خوف وارن، جن کي الله ايمان جي نعمت عطا ڪئي هئي، انهن چيو، انهن تي چڙهائي ڪري دروازي مان ٽپي پئو دروازي مان ٽپڻ شرط توهان غالب ٿي ويندؤ، جيڪڏهن خدا تي ايمان اٿوَ ته توڪل ڪيو.“