حضرت يوسف ؑ
ترجمو: ”مان افراسياب جي ڌيءَ منيزه آهيان، منهنجي اگهاڙي جسم کي سج به ڏسي نه سگهيو آهي. ”سو اسان جي انهيءَ همراهه جهڙي حالت لڳي پئي آهي. حضرت يوسف ؑ جي قصي ۾ هن ڳالهه کانسواءِ ته ان ۾ حضور جن کي ساڻن پيش ايندڙ واقعن جي خبر ڏني وئي، جيڪي حضرت يوسف ؑ وانگر ٿيڻ وارا هئا. هي به سمجهايو ويو آهي ته توهان کي توهان جا ڀائر جلاوطن ٿيڻ تي مجبور ڪندا ۽ وطن کان ٻاهر وڃڻ کان پوءِ ٻئي هنڌ توهان جي ڪاميابي ٿيندي. ان کانپوءِ توهان جا قريشي ڀائر توهان کان معافي وٺندا ۽ توهان انهن کي معافي ڏيندؤ وغيره وغيره.
ان کانسواءِ ان قصي ۾ انهن اخلاقن جي تعليم آهي، جن سان هڪ ماڻهو غلام جي حيثيت مان ترقي ڪري حڪومت جي درجي تي پهچي سگهي ٿو. حضرت يوسف ؑ هڪ غلام جي حيثيت ۾ مصر آيو هو ۽ کيس عزيز مصر خريد ڪيو، اها سندن پهرين حالت هئي، انهيءَ حالت کان حڪومت جي درجي تائين پهچڻ جي لاءِ خاص طور تي هنن اخلاقن جي ضرورت آهي: جذبن تي ڪنٽرول ڪرڻ، امانت، صحيح اصولن تي پابندي ڪرڻ لاءِ هر حالت ۾ مشڪلاتون برداشت ڪرڻ، پنهنجو ڪم ساندهه جاري رکڻ، پريشانين کان ڊڄي پنهنجو ڪم نه ڇڏڻ. انهن گڻن جي سکيا حضرت يوسف ؑ جي واقعن مان سٺي نموني ملي سگهي ٿي. جيڪو واقعو زليخان سان پيش آيو، ان ۾ پنهنجي جذبي تي ڪنٽرول ڪرڻ، مالڪ جي امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ، جو بهترين مثال آهي. جڏهن زليخان حضرت يوسف ؑ کي هيءَ ڌمڪي ڏني ته ‘وَ لَئِنۡ لَّمۡ یَفۡعَلۡ مَاۤ اٰمُرُہٗ لَیُسۡجَنَنَّ وَ لَیَکُوۡنًا مِّنَ الصّٰغِرِیۡنَ’ (يوسف : ۳۲) ”جيڪڏهن تو منهنجو چيو نه مڃيو ته جيل اماڻي ڇڏيندي سانءِ ۽ بيعزتو ڪندي سانءِ؟“
ته پاڻ فرمايائون: ”قَالَ رَبِّ السِّجۡنُ اَحَبُّ اِلَیَّ مِمَّا یَدۡعُوۡنَنِیۡۤ“ (يوسف: ۳۳) ”اي پروردگار جنهن حرڪت ڏانهن هيءَ مون کي سڏي ٿي ان کان مون کي قيد ڀلو آهي“ پنهنجي اعليٰ اصولن جي ابتڙ ڪم ڪرڻ کان مون کي جيلن جون ڏکيائون سهڻ وڌيڪ پسند آهن. جڏهن وري جيل ۾ باندي ٿيو ته اتي قيدين کي تبليغ ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين، جيل ۾ هيئن تبليغ ڪرڻ لڳو.
یٰصَاحِبَیِ السِّجۡنِ ءَاَرۡبَابٌ مُّتَفَرِّقُوۡنَ خَیۡرٌ اَمِ اللّٰہُ الۡوَاحِدُ الۡقَہَّارُ ﴿ؕ۳۹﴾ مَا تَعۡبُدُوۡنَ مِنۡ دُوۡنِہٖۤ اِلَّاۤ اَسۡمَآءً سَمَّیۡتُمُوۡہَاۤ اَنۡتُمۡ وَ اٰبَآؤُکُمۡ مَّاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ بِہَا مِنۡ سُلۡطٰنٍ ؕ اِنِ الۡحُکۡمُ اِلَّا لِلّٰہِ ؕ اَمَرَ اَلَّا تَعۡبُدُوۡۤا اِلَّاۤ اِیَّاہُ ؕ ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الۡقَیِّمُ (يوسف: ۳۹ تا ۴۰)
ترجمو: ”خدا سان ٻين کي شريڪ ٺاهڻ اسان کي نه ٿو سونهين، جيل جا دوستو ڏسو ته سهي! ڇا ڌار ڌار خدا ڀلا يا هڪڙو خدا زبردست. سڄي دنيا ۾ حڪومت، اختيار، قانون ته فقط ان جو آهي ۽ ان حڪم ڪيو آهي ته فقط ان جي ئي پوئلڳي ڪيو.“
پنهنجي مقصد کي هر حالت ۾ نه ڇڏڻ ۽ پنهنجي مقصد پوري ڪرڻ ۾ هر حالت ۾ لڳو رهڻ، جيل ۽ قيد وغيره جو ڪو به فڪر نه ڪرڻ، اهو نهايت ئي عمدو سبق آهي. نيٺ حضرت يوسف ؑ هڪ ٻئي ملڪ ۾ غلاميءَ جي درجي مان ترقي ڪري ان درجي تي پهتو جو چوڻ لڳو ”رَبِّ قَدۡ اٰتَیۡتَنِیۡ مِنَ الۡمُلۡکِ“ (يوسف: ۱۰۱) ”اي پالڻهار تنهنجو شڪر جو تو مون کي حڪومت عطا ڪئي.“