قرآن جي تعليم جي غلط طريقن جا نتيجا ۽ شاهه ولي الله صاحب جي راءِ
ترجمو: ”مان طالب علمن کي چوان ٿو ته اي بيوقوفو! پنهنجو پاڻ کي عالم ٿا سڏايو، توهان يونانين جي علم ۾ مشغول ٿي ويا آهيو، صرف ۽ نحو ۾ ڦاسي ويا آهيو ۽ توهان سمجهيو ته اهو حقيقي علم آهي.“
ان کان پوءِ هڪ هنڌ فرمائن ٿا ته قرآن مجيد کي سکڻ لاءِ جن شروعاتي ڳالهين جي ضرورت آهي انهن کي ضرورت آهر سکڻ کپي، انهن کي مستقل درجو نه ڏنو وڃي.”ان لاتشتغلوا بالعلوم الاٰلیۃ الابانھا آلۃ لابانھا امور مستقلۃ“ (انهن علمن کي آلو ۽ اوزار سمجهي حاصل ڪيو، مستقل علم سمجهي حاصل نه ڪيو.) هن طبقي جا ماڻهو گهڻو ڪري پنهنجو سڄو وقت نحو، منطق، ڪلام، معاني ۽ بديع جهڙن فنن جي پوري ڪرڻ ۾ وڃائي ڇڏيندا آهن، ان ڪري اصل قرآن ڏانهن هنن کي اک کڻي نهارڻ جو موقعو به نه ملندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ٿورو وقت قرآن شريف کي ڏيندا به آهن ته اهو به مفسرن جي مختلف خيالن معلوم ڪرڻ ۾ وڃائي ڇڏيندا آهن، اها صورتحال اسان جي گهڻن عربي مدرسن ۾ ڏٺي ويندي آهي.
انتهائي افسوس جهڙي ڳالهه آهي، جو اڄڪلهه خالص قرآن جي تعليم ڪٿي به نه ٿي ڏني وڃي. جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا يا چون ٿا ته قرآن جي تعليم ٿي رهي آهي، اهي غلط آهن، حقيقت ايئن ناهي، حقيقت ۾ اها قرآن جي تعليم نه پر تفسير جي تعليم هوندي آهي. اصل ۾ قرآن جي تعليم ۽ تفسير جي تعليم ڌار ڌار شيون آهن، هڪ ناهن. قرآن خود هڪ مستقل ڪتاب آهي ۽ صاف ۽ سليس عربيءَ ۾ آهي. الله تعاليٰ قرآن ۾ قرآن جي باري ۾ فرمائي ٿو:
فَاِنَّمَا یَسَّرْنٰہُ بِلِسَانِکَ لَعَلَّہُمْ یَتَذَکَّرُوۡنَ ﴿۵۸﴾ (الدخان:٥٨)
ترجمو: ”اسان هن کي تنهنجي ٻوليءَ ۾ سولو ڪيو آهي ته جيئن هو نصيحت حاصل ڪن.“
وَ لَقَدْ یَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَہَلْ مِنۡ مُّدَّکِرٍ ﴿٪۴۰﴾ (القمر:٤٠)
ترجمو: ”اسان قرآن کي ماڻهن جي سمجهڻ لاءِ سولو ڪيو آهي، ڇا آهي ڪو پرائڻ وارو؟“
قُرۡاٰنًا عَرَبِیًّا غَیۡرَ ذِیۡ عِوَجٍ لَّعَلَّہُمْ یَتَّقُوۡنَ (الزمر:٢٨)
ترجمو: ”هي قرآن آسان عربي ٻولي ۾ آهي، ان ۾ ڪوبه مونجهارو ڪونهي ته جيئن هو عدل جو رستو اختيار ڪري سگهن.“