مذهب

قرآن ڪيئن پڙهجي؟

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رح جو لکيل ۽ مولانا محمد انس راڄپر جو سنڌي ترجمو.
قرآن مجيد جي اخلاقي، معاشرتي، سماجياتي ۽ انقلابي حڪمت کي واضع ڪندڙ تفسير جنهن جي سٽ سٽ اسلام جي مسخ ٿيل ۽ اسلام جي اوريجنل تصورن کي نکيڙي نروار ڪري ٿي.
Title Cover of book قرآن ڪيئن پڙهجي؟

حضرت نوحؑ

حضرت نوح عليه اسلام جي واقعي کي اسين صرف طوفان نوح تائين محدود ڪري ٿا ڇڏيون. رڳو اهو بحث ڪندا آهيون ته پاڻي ڪيترو وسيو هيو، طوفان جو اثر ڪٿي ڪٿي پيو هيو ۽ بس.
جڏهن ته ان قصي ۾ ثابت قدميءَ سان لڳاتار ڊگهي عرصي تائين ڪم ڪندو رهڻ جو ۽ پنهنجي مقصد لاءِ وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ جو سبق ملي ٿو. گڏوگڏ هي به ته مائٽ مٽ جيڪڏهن سٺا ڪم نه ڪندا هجن ۽ ان وڏي مقصد جي خلاف هجن ته انهن سان لاڳاپو نه رکجي، انهن کي مائٽ ئي نه سمجهڻ گهرجي. حضرت نوح ؑ خدا کي عرض ٿو ڪري.
قَالَ رَبِّ اِنِّیۡ دَعَوۡتُ قَوۡمِیۡ لَیۡلًا وَّ نَہَارًا ۙ﴿۵﴾ فَلَمۡ یَزِدۡہُمۡ دُعَآءِیۡۤ اِلَّا فِرَارًا ﴿۶﴾ وَ اِنِّیۡ کُلَّمَا دَعَوۡتُہُمۡ لِتَغۡفِرَ لَہُمۡ جَعَلُوۡۤا اَصَابِعَہُمۡ فِیۡۤ اٰذَانِہِمۡ وَ اسۡتَغۡشَوۡا ثِیَابَہُمۡ وَ اَصَرُّوۡا وَ اسۡتَکۡبَرُوا اسۡتِکۡبَارًا ۚ﴿۷﴾ ثُمَّ اِنِّیۡ دَعَوۡتُہُمۡ جِہَارًا ۙ﴿۸﴾ (نوح: ۵ تا ۸)
ترجمو: ”اي منهنجا پالڻهار مون پنهنجي قوم کي ڏينهن رات سڏيو. پر هنن فراريت کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو اختيار نه ڪيو. جڏهن به مان هنن کي سڏيان ٿو ته تنهنجي مغفرت ۾ اچن ته پنهنجي ڪنن ۾ آڱريون وجهيو ٿا ڇڏين ۽ ڪپڙا ويڙهي لڪيو ٿا وڃن ۽ انتهائي ضد ۽ آڪڙ ۾ پئجي ويا آهن، جڏهن ته مان انهن کي هوريان ڏاڍيان هر حال ۾ سڏيندو ٿو رهان.“
ڊگهي عرصي تائين پاڻ مسلسل ڏينهن رات محنت ۾ لڳا رهيا هرممڪن صورت ۾ انهن ڪم جاري رکيو. ايئن نه هيو ته ڪو ٿورو وقت ڪم ڪري وري ويهي رهيا بلڪ لاڳيتو ڪم ڪندا رهيا..... جڏهن سندن پٽ غرق ٿي ٿيو ته پاڻ دعا گهريائون.
وَ نَادٰی نُوۡحٌ رَّبَّہٗ فَقَالَ رَبِّ اِنَّ ابۡنِیۡ مِنۡ اَہۡلِیۡ وَ اِنَّ وَعۡدَکَ الۡحَقُّ وَ اَنۡتَ اَحۡکَمُ الۡحٰکِمِیۡنَ ﴿۴۵﴾ قَالَ یٰنُوۡحُ اِنَّہٗ لَیۡسَ مِنۡ اَہۡلِکَ ۚ اِنَّہٗ عَمَلٌ غَیۡرُ صَالِحٍ ٭۫ۖ فَلَا تَسۡـَٔلۡنِ مَا لَـیۡسَ لَکَ بِہٖ عِلۡمٌ ؕ اِنِّیۡۤ اَعِظُکَ اَنۡ تَکُوۡنَ مِنَ الۡجٰہِلِیۡنَ ﴿۴۶﴾ قَالَ رَبِّ اِنِّیۡۤ اَعُوۡذُبِکَ اَنۡ اَسۡـَٔلَکَ مَا لَـیۡسَ لِیۡ بِہٖ عِلۡمٌ ؕ وَ اِلَّا تَغۡفِرۡلِیۡ وَ تَرۡحَمۡنِیۡۤ اَکُنۡ مِّنَ الۡخٰسِرِیۡنَ (هود: ٤٥ تا ٤٧)
ترجمو: ”نوح پنهنجي رب کي سڏيو ۽ عرض ڪيو اي منهنجا پالڻهار منهنجو پٽ به منهنجي اهل عيال ۾ داخل آهي، تنهنجو وعدو سچو آهي، تون سڀ کان وڏو حاڪم آهين، الله فرمايو: اي نوح! تنهنجو پٽ تنهنجو اهل عيال ناهي، ڇاڪاڻ ته ان جا عمل سٺا ناهن، تنهن ڪري جنهن شيءِ جي حقيقت جي توکي خبر ناهي، اسان کان ان جي گهر نه ڪر، اسان توکي سمجهايون ٿا ته نادانن جهڙيون ڳالهيون نه ڪر. نوح ؑ چيو پروردگار تنهنجي پناهه جو مان توکان ڪنهن اهڙي شيءِ جي درخواست ڪيان جنهن جي مون کي خبر ناهي.“ سندن پٽ ۽ زال ٻئي غرق ٿيا ۽ پاڻ انهن جي غرقابي قبول ڪئي.
ماڻهن کيس چيو: قَالُوۡا لَئِنۡ لَّمۡ تَنۡتَہِ یٰنُوۡحُ لَتَکُوۡنَنَّ مِنَ الۡمَرۡجُوۡمِیۡنَ (الشعراءَ: ۱۱۶)
ترجمو: ”چيائون جيڪڏهن تون پنهنجي حرڪتن کان نه مڙئين ته توکي سنگسار ڪيو ويندو.“
۽ هي چيائون: مَا ہٰذَاۤ اِلَّا بَشَرٌ مِّثۡلُکُمۡ ۙ یُرِیۡدُ اَنۡ یَّتَفَضَّلَ عَلَیۡکُمۡ ، اِنۡ ہُوَ اِلَّا رَجُلٌۢ بِہٖ جِنَّۃٌ (المؤمنون: ٢٣ تا ٢٤)
ترجمو: ”هي توهان جهڙو ئي ماڻهو آهي، توهان کان مٿڀرو ٿيڻ ٿو گهري هن تي جن سوار ٿي ويو آهي.“
پر پاڻ دڙڪي ڌمڪيءَ ۽ طعني تشنيع جي پرواهه نه ڪيائون ۽ لڳاتار ڪم ۾ مصروف رهيا، ايتري تائين جو سندن مخالف تباهه ۽ برباد ٿي ويا.