قرآن جي تعليم جي باري ۾ اصحابن سڳورن جا خيال ۽ عمل
ان الترتیل والتدبر مع قلۃ القرآن افضل من سرعۃ القرآن مع کثرتھا۔ بان المقصود من القرآن فھمہ وتدبرہ والتفقہ فیہ والعمل بہ، وتلاوتہ وحفظہ وسیلۃ الیٰ امعانیہ کما قال بعض السلف، نزل القرآن لیعمل بہ، فاتخذوا تلاوتہ عملاً ولھذا کان اھل القرآن ھم العالمون بہ والعاملون بما فیہ۔ وان لم یحفظون عن ظھر قلب، واما من حفظہ ولم یفھمہ ولم یعمل بہ فلیس من اھلہ وان اقام حروفہ اقامۃ السھم واما مجرد التلاوت من غیرفھم ولا تدبر ینفعھا البر والفاجر والموءمن والمنافق کما قال النبی ﷺ مثل المنافق الذی بقرءَ کمثل الریحانۃ ریحھا طیب وطعمھا مر۔
ترجمو: ”آهستي پڙهڻ ۽ غور ويچار سان پڙهڻ، جنهن ۾ قرآن جيتوڻيڪ ٿورو ئي پڙهجي، تڪڙي ۽ گهڻي پڙهڻ کان وڌيڪ بهتر آهي. ڇاڪاڻ ته پڙهڻ مان مقصد سمجهڻ ۽ سوچڻ آهي، ته جيئن ان تي عمل ٿي سگهي. پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ، معنائن ۽ مقصد تائين پهچڻ جو وسيلو ۽ ذريعو آهي. تڏهن ته ڪن بزرگن به ايئن ئي چيو آهي ته قرآن شريف عمل ڪرڻ لاءِ نازل ٿيو آهي، پر ماڻهن وري خالي تلاوت کي، مستقل عمل بڻائي ڇڏيو آهي. گذريل طبقن ۾ اهل قرآن انهن کي سمجهيو ويندو هو، جيڪي قرآن جا عالم به هيا ته عمل ڪندڙ به هيا، جيتوڻيڪ انهن کي زباني حفظ نه هوندو هيو. پر جنهن قرآن کي ياد ڪيو، ان جو مطلب نه سمجهيو ۽ ان تي عمل نه ڪيو ته ان کي اهل قرآن نٿو چئي سگهجي. ڀلي کڻي هن ان جي لفظن کي تير جيان درست ڪيو هجي. خالي قرآن جي تلاوت جيڪا سوچ ويچار کان خالي هجي، اها ته هرڪو ڪري سگهي ٿو. مؤمن، منافق، فاسق، فاجر جيڪو به هجي ان ۾ ڪابه تخصيص ڪانهي. نبي عيله السلام جن جو فرمان آهي ته منافق جو قرآن پڙهڻ ان عطر جي مثال آهي، جنهن جي خوشبوءِ ته سٺي آهي پر لذت ۾ ڪڙو آهي.“
وقال شعبۃ حدثنا ابوحمزۃ قال قلت لابن عباس انی رجل سریع القراۃ وربما قرئت القرآن فی لیلۃ مرۃ او مرتین قال ابن عباس لان اقرا سورۃ واحدۃ عجب الی من افعل ذالک الذی تفعل فان کنت فاعلاً لابد فاقرا قراۃ تسمع اذنیک ویعیہ قلبک۔
ترجمو: ”شعبه جو چوڻ اهي ته مون کي ابو حمزي ٻڌايو ته مون ابن عباس کان پڇيو ته مان تيز پڙهندو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن هڪ رات ۾ هڪ ٻه ختم ڪڍي ويندو آهيان. ابن عباس چيو ته مون کي ايئن قرآن پڙهڻ کان هڪ سورة پڙهڻ بهتر ٿي معلوم ٿئي. جيڪڏهن توهان ايئن هروڀرو پڙهڻ گهرو ٿا، تڏهن به ايئن پڙهو جو توهان جا ڪن ٻڌي سگهن ۽ دل سمجهي سگهي.“
قال ابن مسعود، قفوا عند عجائبہ وحرکوا بہ القلوب ولایکن ھم احدکم آخرالسورۃ
ترجمو: ”ابن مسعود فرمايو ته قرآن جي عجائبات تي (غور فڪر ڪرڻ لاءِ) بيهو ۽ انهيءَ سان دلين ۾ رقت (نرمي) پيدا ڪيو ۽ توهان جي اها ڪوشش نه هجي ته ڇڪ ڇڪان ڪري سورت جي پڇاڙيءَ تي پهچو.“
وقال عبدالرحمان ابن ابی لیلا دخلت علی امراۃ انا اقرا سورۃ ھود فقالت یا عبدالرحمان اھکذا تقراءَ سورۃ ھود واللھ انا فیھا منذستۃ اشھر وما فرغت من قرائتھا۔
ترجمو: ”عبدالرحمان بن ابي ليلا چيو ته مان هڪ عورت وٽ ويس ۽ سورت هود پڙهندو ٿي ويس. تنهن تي هن چيو ته اي عبدالرحمان! تون سورة هود ايئن ٿو پڙهين! خدا جو قسم! مان ڇهن مهينن کان سورت هود پڙهندي ٿي اچان، اڃان فارغ نه ٿي آهيان.“
صحابي سڳورا هڪ پاسي ته قرآن مجيد تي ايتري قدر سوچيندا ويچاريندا هئا ۽ ٻئي پاسي ان تي پورو پورو عمل به ڪندا هيا. قرآن شريف ايئن پڙهندا هيا جو ڏهه آيتون پڙهندا هيا ۽ انهن تي عمل ڪندا هئا، وري ڏهه آيتون پڙهندا هئا ۽ انهن تي عمل ڪندا هئا. رڳو پڙهڻ ۽ رٽڻ کي مقصد نه بڻايو هيائون. تفسير ابن ڪثير جلد پهريون صفحو ٥ ۾ آهي:
قال الاعمش عن ابی وائل عن ابن مسعود قال کان الرجل منا اذا تعلم عشر آیت لم یجاوزھن حتی یعرف معانیھن والعمل بھن قال ابو عبدالرحمٰن السلمی حدثنا الذین کانوا یقرئوننا انھم کانو یستقرئون من النبی ﷺ وکانوا اذا تعلموا عشر آیات لم یجاوزوا منھا حتیٰ یعلموا لما فیھا من العمل فتعلمنا القرآن والعمل جمیعا۔
ترجمو: ”اعمش، ابي وائل کان نقل ڪيو آهي ۽ ابن مسعود کان روايت ڪئي آهي ته جڏهن اسان مان ڪو شخص ڏهه آيتون سکندو هيو ته ان کان اڳتي ايستائين نه پڙهندو هو جيستائين، انهن جي معنيٰ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ نه سکندو هيو. ابو عبدالرحمان سلمي فرمايو ته اسان سان انهن ماڻهن ڳالهه ڪئي جن وٽ اسين پڙهندا هياسين، ته حضور جن کين پڙهائيندا هيا. جڏهن ڏهه آيتون پڙهندا هيا ته ان کان اڳتي ايستائين نه وڌندا هئا، جيستائين ڪو وڃي انهن تي عمل ڪن، تنهن ڪري اسان قرآن ۽ عمل ٻئي گڏ سکيا هياسين.“
ان سان گڏوگڏ صحابي سڳورا هن تي به ويچاريندا هيا ته قرآن جي تعليم کان پهريائين انهن جي ڪهڙي حالت هئي ۽ هن تعليم جي اثر سان، انهن جي حالت ڪيڏي اتم ٿي آهي؟ پنهنجي حالتن جي تڪ تور ڪندا هيا ۽ قرآن جي تعليم سان جيڪي انهن تي اثر ٿيا هيا ان جو پورو اندازو ڪندا هيا. سيرة ابن هشام جلد اول ص ١١٦ ۾ لکيل آهي ته جڏهن حبش جي بادشاهه نجاشيءَ حضرت جعفر بن ابي طالب کي درٻار ۾ گهرايو ۽ ان کان اسلامي تعليمات جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪيائين ۽ چيائين ته توهان پنهنجي مذهب کي ڇڏي اسلام ڇو قبول ڪيو آهي؟ ته ان کيس چيو:
ترجمو: ”بادشاهه سلامت! اسين جاهل هياسين، بتن جي پوڄا ڪندا هياسين، ڍونڍ (مردار) کائيندا هياسين ۽ بي حيائيءَ جا ڪم ڪندا هياسين، رشتيداريون ٽوڙيندا هياسين، پاڙيسرين سان برايون ڪندا هياسين ۽ اسان مان ڏاڍو هيڻي کي پيو کائيندو هيو. اسان جي اها حالت هئي، تان جو الله تعاليٰ اسان ڏانهن رسول موڪليو، جنهن جي ڪٽنب، قبيلي، امانت ۽ شرافت کان اسين خوب ڄاڻو هياسين. ان اسان کي هيڪڙائيءَ جو سڏ ڏنو ته جيئن اسين هڪڙي الله جي عبادت ڪيون ۽ جن بتن ۽ پٿرن جي اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هيا، انهن کي ڇڏي ڏيون. ان اسان کي سچ ڳالهائڻ، امانتداري ڪرڻ، رشتي ڳنڍڻ، پاڙي وارن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ ۽ محرمات ۽ خون ريزيءَ کان بچڻ جو حڪم ڪيو ۽ ڪوڙين ڳالهين ڪرڻ ۽ يتيمن جي مال کائڻ ۽ پاڪ دامن عورتن تي تهمت هڻڻ کان روڪيو ۽ هي حڪم ڏنائين ته هڪ خدا جي بندگي ڪيو، ان سان ڪنهن کي شريڪ نه ٺاهيو ۽ اسان کي نماز، زڪوات، روزي جو حڪم ڏنو.“ حضرت جعفر بن ابي طالب سڀ اسلامي ڳالهيون هڪ هڪ ڪري نجاشيءَ کي ٻڌايون ۽ ان کان پوءِ چيائين ته ”اسان ان نبيءَ جي تصديق ڪئي ۽ ان تي ايمان آندوسين ۽ ان جيڪو ڪجهه خدا وٽان آندو، ان سموري کي مڃيوسين، ان ڪري اسين صرف هڪ خدا جي اطاعت ڪريون ٿا ۽ ڪنهن کي به ان جو ثاني (شريڪ) نٿا بڻايون. جيڪا شيءِ ان حرام ڪئي آهي، ان کي حرام سمجهون ٿا. جنهن تي اسان جي قوم اسان جي دشمن ٿي پئي آهي ۽ اسان کي ڏکايو اٿائون ۽ دين ڪارڻ تڪليفون ڏنيون اٿائون ته اسين خدا جي بندگي ۽ اطاعت ڇڏي بتن جي عبادت ڪرڻ واري پوئين قدم ڏي موٽون.“ اهو هو قرآن جي هدايت جو اثر.
قرآن سکڻ جو طريقو خود قرآن شريف ۽ حضور ﷺ ۽ اصحاب سڳورن جي عمل مان واضح ۽ پڌرو آهي. اڳتي توهان پاڻ فيصلو ڪيو، ته اسين اهو تعليم جو طريقو استعمال ڪري ڪيترو فائدو ٿا وٺون؟ پوءِ جيڪڏهن نتيجا اهي پيدا نه ٿا ٿين ته ان ۾ ڪهڙي تعجب جي ڳالهه آهي! جيڪڏهن توهان اهي نتيجا گهرو ٿا ته انهيءَ طريقي مطابق قرآن مان فائدو وٺو، اسان جي ڪاميابي ان تي منحصر آهي. سچ چيو آهي امام مالڪ ته ”لایصلح آخر ھذہ الامة الا بما صلح اولھا“ هن امت جي آخري حصي جي اصلاح فقط ان شيءِ سان ٿيندي، جنهن سان هن جي پهرئين حصي جي اصلاح ٿي هئي. هاڻي اسان کي هن ڳالهه تي سوچڻو آهي ته ان تعليم جي صحيح طريقي کي ڇڏڻ سان، قرآن جي اصلي تعليم ۾ ڪهڙا نقص پيدا ٿيا آهن ته جيئن ان جي تلافيءَ لاءِ خاص ڪوششون وٺجن. ان سان هي به پڌرو ٿيندو ته تعليم جي غلط طريقي جي ڪري ئي اسين قران جي صحيح مطلبن کان ڪيترو پري ٿي ويا آهيون.
قوم جو هڪ حصو ته قرآن کي پڙهي ئي ڪونه، اهو هن تعليم کان پري آهي، تنهن ڪري ان طبقي جي باري ۾ ڪنهن بحث جي ضرورت ناهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ٻيو طبقو جيڪو پاڻ کي قرآن ڏانهن متوجه ٿو سمجهي، اهو به قرآن مان صحيح طريقي سان فائدو نه وٺڻ جي ڪري، ان جي صحيح مطلبن سمجهڻ کان پري ٿي چڪو آهي ۽ ويتر پري ٿيندو ٿو وڃي. ان طبقي مان به هڪڙا ته قرآن کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪن، بلڪ لفظن دهرائڻ کي سڀ ڪجهه سمجهندا آهن. (اڄڪلهه ته عالم سڳورا به دئور ڪرڻ کي ڪافي سمجهندا آهن) اسان جي گهڻن مڪتبن ۾ اهوئي رنگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان طبقي جو ٻيو حصو جيتوڻيڪ قرآن جي مطلب سمجهڻ ڏانهن ڌيان ڏئي ٿو، پر افسوس آهي جو اهو به ان جي بحثن ۾ ئي الجهي رهجي ويو آهي ۽ قرآن شريف تي غور فڪر ڪرڻ ڏانهن نه ته ڌيان ٿو ڏئي ۽ نه ڪو ان کي ان جو وقت ٿو ملي. امام ولي الله دهلوي صاحب جيڪو علماءِ هند جو امام آهي پنهنجي اهم ڪتاب ”تفهيمات الاهيه“ ۾ ان طبقي ڏانهن اشارو فرمايو آهي.