مذهب

قرآن ڪيئن پڙهجي؟

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رح جو لکيل ۽ مولانا محمد انس راڄپر جو سنڌي ترجمو.
قرآن مجيد جي اخلاقي، معاشرتي، سماجياتي ۽ انقلابي حڪمت کي واضع ڪندڙ تفسير جنهن جي سٽ سٽ اسلام جي مسخ ٿيل ۽ اسلام جي اوريجنل تصورن کي نکيڙي نروار ڪري ٿي.
Title Cover of book قرآن ڪيئن پڙهجي؟

قرآن ۽ تفسير جي باري ۾ شاهه اسماعيل شهيد جا ويچار

جيڪي ماڻهو عربي ڄاڻن ٿا، اهي قرآن سمجهي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن گڏوگڏ حضور جن جو عملي نمونو سامهون رکن، جنهن جو خود قرآن ۾ حڪم آهي، جيڪو صحيح حديث ۾ محفوظ آهي، ته انهن کي ڪنهن ٻي شيءِ جي ضرورت نه پوندي ۽ اهي تمام سولي ۽ صحيح نموني سان قرآن کي سمجهي سگهن ٿا ۽ ان جي مطابق عمل ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪي ماڻهو عربي نٿا ڄاڻن انهن لاءِ قرآن پاڪ جا بهترين ترجما موجود آهن، اهي انهن جي ذريعي سمجهي سگهن ٿا. پر ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو ماڻهو سمجهڻ لڳا آهن ته اسين قرآن کي سمجهي نه ٿا سگهون، ان جي سمجهڻ لاءِ تمام گهڻن علمن ۽ فنن سکڻ جي ضرورت آهي، وڏي عالم ٿيڻ جي ضرورت آهي. تنهن تي شاهه اسماعيل شهيد پنهنجي ڪتاب تقويت الايمان صفحو نمبر ٣٠ ۾ انهيءَ خيال ڏانهن اشارو ڪيو آهي:
”هي جو هن زماني ۾ ماڻهو دين جي معاملي ۾ ڌار ڌار رستن تي هلن ٿا، ڪي اڳيون رسمون قبول ڪن ٿا، ته ڪي بزرگن جي قصن ڏي ٿا ڏسن. ڪي مولوين جي ڳالهين کي سند ٿا مڃين، جيڪي انهن پنهنجي ذهن جي تيزيءَ سان ٺاهيون آهن ۽ ماڻهن ۾ هي مشهور آهي ته الله ۽ ان جي رسول جي ڳالهه سمجهڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، ان لاءِ وڏو علم گهرجي، اسان کي ڪٿي آهي اهڙي طاقت جو الله جو ڪلام سمجهون؟ ۽ انهيءَ رستي تي هلڻ وڏن بزرگن جو ڪم آهي، اسان ڪٿي آهيون اهڙا جو ان مطابق عمل ڪري سگهون؟ اسان جي لاءِ اسان جي هيءَ حالت ئي بهتر آهي. سو اهي سڀ ڳالهيون بلڪل غلط آهن، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ قرآن ۾ فرمايو آهي ته ”قرآن ۾ تمام صاف ۽ سوليون ڳالهيون آهن، انهن کي سمجهڻ ڏکيو ناهي.“ ۽ الله ۽ ان جي رسول جي ڪلام کي سمجهڻ لاءِ ڪو وڏو علم نه گهرجي، ڇو ته رسول ﷺ ته اڻ ڄاڻن کي رستو ڏيکارڻ، اڻپڙهيلن کي سمجهائڻ ۽ بي علمن کي علم سيکارڻ آيا هئا. الله تعاليٰ سورت جمعه ۾ فرمايو: ”ہُوَ الَّذِیۡ بَعَثَ فِی الۡاُمِّیّٖنَ رَسُوۡلًا مِّنۡہُمۡ یَتۡلُوۡا عَلَیۡہِمۡ اٰیٰتِہٖ وَ یُزَکِّیۡہِمۡ وَ یُعَلِّمُہُمُ الۡکِتٰبَ وَ الۡحِکۡمَۃَ ٭ وَ اِنۡ کَانُوۡا مِنۡ قَبۡلُ لَفِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ“ (الجمعه :٢)
ترجمو: ”خدا اهو ته آهي جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن منجهان هڪڙو رسول موڪليو، اهو انهن کي الله جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو انهن جي ذهنن کي سڌاري ٿو، انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت سمجهائي ٿو، نه ته هو پڌري گمراهيءَ ۾ هيا.“
سو جيڪڏهن ڪو هيئن چوڻ لڳي ته پيغمبر جي ڳالهه عالم کان سواءِ ٻيو ڪونه ٿو سمجهي سگهي ۽ انهن جي رستي تي بزرگن کان سواءِ ٻيو ڪو نه ٿو هلي سگهي ته ان هن آيت جو انڪار ڪيو. ان جو مثال ايئن آهي جيئن ڪو وڏو حڪيم هجي ۽ هڪڙو سخت بيمار هجي ۽ ڪو شخص ان بيمار کي چئي ته فلاڻي حڪيم ڏي وڃ ۽ ان کان علاج ڪراءِ ۽ بيمار چوي ته اهو ته وڏن وڏن صحتمند ماڻهن جو ڪم آهي، مون کان اهو ڪيئن ٿي سگهندو، مان ته سخت بيمار آهيان! ته ان بيمار کي بيوقوف چئبو ۽ اهو ڄڻ حڪيم جي حڪمت جو انڪار ٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته حڪيم ته بيمارين جي علاج لاءِ هوندو آهي ۽ جيڪو چڱن ڀلن جو علاج ڪري ۽ انهن کي ان جو علاج فائدو ڏئي ۽ بيمارن کي فائدو نه ٿئي ته ان کي حڪيم ڇا جو چئبو؟
افسوس آهيٰ جو اسين هي سمجهون ٿا ته قرآن ته اسين ڪونه سمجهي سگهنداسين، باقي مختلف ماڻهن جن پنهنجي پنهنجي خيال سان قرآن جا تفسير ڪيا آهن، اهي اسين سمجهي سگهون ٿا! ۽ افسوس آهي جو انهن تفسيرن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ ۽ هي خيال ڪيو ويندو آهي ته هنن قرآن جي تعليم کي سمجهي ورتو آهي، جيڪڏهن اهي شرح ۽ تفسير اهڙا هجن ها جو رڳو قرآن شريف جو صحيح مطلب ادا ڪن ها، تڏهن به ان ۾ ڪو نقصان ڪونه هو پر غضب ته هي آهي، جو مختلف ماڻهن مختلف زمانن جي ماحول کان متاثر ٿي جيڪي قسمن قسمن جون ڳالهيون پنهنجي شرحن ۽ تفسيرن ۾ شامل ڪيون آهن، انهن ۾ ۽ قرآن ۾ ڪابه نسبت ڪانهي، ماڻهن انهن ڳالهين کي قرآن جي تعليم سمجهي ورتو آهي ۽ حقيقت ۾ اهي قرآن جي تعليم سان ڪوبه واسطو نه ٿيون رکن.“