مذهب

قرآن ڪيئن پڙهجي؟

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رح جو لکيل ۽ مولانا محمد انس راڄپر جو سنڌي ترجمو.
قرآن مجيد جي اخلاقي، معاشرتي، سماجياتي ۽ انقلابي حڪمت کي واضع ڪندڙ تفسير جنهن جي سٽ سٽ اسلام جي مسخ ٿيل ۽ اسلام جي اوريجنل تصورن کي نکيڙي نروار ڪري ٿي.
Title Cover of book قرآن ڪيئن پڙهجي؟

ڪجهه مثال

قرآن جي اصل تعليم نظرن کان اوجهل ٿي وڃڻ جي ڪري ۽ ان مان صحيح فائدو نه وٺڻ جي ڪري ۽ ان جي جاءِ تي ٻين ماڻهن جا لکيل شرح سامهون رکڻ جي ڪري، هڪ ته اهو نقصان ٿيو جو گهڻو ڪري لفظن جا غلط مطلب مشهور ٿي ويا. جيئن مٿينءَ وضاحب مان ظاهر ٿي چڪو ۽ ٻيو نقصان اهو ٿيو جو قرآن شريف جي تعليم جا ڪجهه ضروري حصا نظرانداز ٿي ويا. جڏهن اصل ڪتاب اسان جي سامهون نه هجي ۽ ان جي جاءِ تي مختلف ماڻهن جا لکيل ڪتاب اسين ڏسندا هجون ته ان جو ظاهر آهي ته اهو نتيجو نڪرندو ته اصل ڪتاب جي تعليم اصل رنگ ۾ اسان جي سامهون نه رهندي ۽ ان جو ڪجهه حصو اسان کان ضايع ٿي ويندو. ان جا ڪجهه مثال ڏسو، جيئن دنيا جي زندگيءَ کي ڪامياب ۽ مضبوط بڻائڻ جا وسيلا ۽ ذريعا حاصل ڪرڻ جي باري ۾ قرآن شريف تعليم ڏني آهي ان کان بلڪل منهن موڙيو ويندو آهي. ان طرف ڪو به توجهه نه ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته دشمن کان محفوظ رهڻ ۽ پنهنجي حالت ڪامياب ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مڪمل تياري ڪرڻ ۽ ان لاءِ سمورين امڪاني قوتن کان ڪم وٺڻ اسلامي فرضن ۾ داخل آهي ۽ ان تي قرآن مجيد ۾ تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي.
وَ اَعِدُّوۡا لَہُمۡ مَّا اسۡتَطَعۡتُمۡ مِّنۡ قُوَّۃٍ وَّ مِنۡ رِّبَاطِ الۡخَیۡلِ تُرۡہِبُوۡنَ بِہٖ عَدُوَّ اللّٰہِ وَ عَدُوَّکُمۡ
(انفال: ۶۰)
ترجمو: ”ڀرپور تياري ڪريو ان جي لاءِ جيترو ٿي سگهي، طاقت وٺو گهوڙن جا وڳ ڌاريو ۽ ائين الله جي دشمنن ۽ پنهنجي دشمنن کي داٻي ۾ رکو.“
جيڪي ماڻهو مسلمانن کي ترقي ڏياريڻ ۽ انهن کي مضبوط ۽ ڪامياب بڻائڻ جي طرف توجهه نه ٿا ڪن ۽ سڀ ڪم ڇڏي نفل نمازون جوٽي بيٺا آهن، پنهنجي حالت راهين جهڙِ بڻائي ڇڏي اٿن. اهڙن ماڻهن کي اسان وٽ اسلام جو نمونو ۽ مثالي مسلمان سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ قرآن جي تعليم هيءَ آهي ته جيڪو ماڻهو مسلمانن جي حفاظت ڪرڻ ۽ انهن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪنهن موقعي تي هڪ ڀيرو به سستي ڪري ته مسلمانن کي گهرجي ته اهو ڪهڙو به عبادت گذار ڇو نه هجي ان کي ايستائين پنهنجي جماعت مان ڪڍي ڇڏين، جيستائين هو سڌري وڃي، خود صحابن سڳورن مان ٽن صحابن سڳورن هڪ ڀيري اهڙي موقعي تي سستي ڏيکاري، ڪعب بن مالڪ، هلال بن اميه، مراره بن الربيع رضي الله عهنم، ته سمورن مسلمانن انهن کي پنهنجي جماعت مان ڪڍي ڇڏيو ۽ انهن سا سڀ لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيائون، ايتري تائين جو ڳالهائڻ به بند ڪري ڇڏيائون. جڏهن تمام گهڻو پريشان ٿيا ۽ الله سائينءَ انهن جي توبهه قبول ڪئي تڏهن وڃي مسلمانن انهن سان ٻيهر لاڳاپا رکيا، سورة توبهه ۾ الله تعاليٰ انهن جو هن طرح ذڪر ڪيو آهي.
ترجمو: ”اهي ٽي شخص جيڪي جنگ کان رهجي ويا هئا، جڏهن زمين پنهنجي ڪشادگيءَ جي باوجود انهن تي سوڙهي ٿيڻ لڳي ۽ هو پنهنجي جان کان به بيزار ٿيڻ لڳا ۽ سمجهي ورتائون خدا جي پڪڙ کان خدا کان سواءِ ٻيو ڪو به ڇڏائي نه سگهندو ۽ ڪٿي به بچاءُ نه ٿيندو، تڏهن پنهنجي ڪئي تي توبهه تائب ٿيا ۽ خدا انهن جي توبهه قبول ڪئي ته جيئن اڳي ائين نه ڪن، الله تعاليٰ توبهه قبول ڪندڙ مهربان آهي.“
صحيح حديثن ۾ به صاف نموني آيل آهي ته مسلمانن کي محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ روزن نمازن کان بهتر آهي.

ٻيو مثال هي آهي ته روزگار حاصل ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۽ ان جا ذريعا ۽ وسيلا حاصل ڪرڻ ۽ دنياداريءَ کي پنهنجي پر ۾ مسلمان دين کان الڳ سمجهندا آهن، جڏهن ته خود قرآن جي تعليم آهي.
فَاِذَا قُضِیَتِ الصَّلٰوۃُ فَانۡتَشِرُوۡا فِی الۡاَرۡضِ وَ ابۡتَغُوۡا مِنۡ فَضۡلِ اللّٰہِ (الجمع: ۱۰)
ترجمو: ”جڏهن نماز پڙهي وٺو ته پنهنجو پنهنجو رستو وٺو، خدا جي فضل (روزگار) حاصل ڪرڻ جي پويان لڳي وڃو.“
تڏهن ته کوڙ صحابي ۽ بزرگ روزگار خاطر باقائدي واپار وڙو ڪندا هئا ان جي ابتڙ اسان جا هاڻوڪا بزرگ سڳورا وري واپار وڙي کي پنهنجي شان مان ۽ تقدس جي خلاف سمجهندا آهن، اهو قرآن کان ڏوراهينءَ جو نتيجو آهي.

ٽيون مثال
عام طور هي سمجهيو ويندو آهي ته مسلمان دنيا ۾ ذلت، مسڪينيءَ ۽ غربت جي زندگيءَ گذارڻ لاءِ ڄائو آهي، جڏهن ته اهو سراسر قرآن جي تعليم جي ابتڙ آهي. ۽ قرآن مجيد ۾ ذلت ۽ مسڪينيءَ کي خدا جي غضب ۽ عذاب جي نشاني ٻڌايو ويو آهي. جيئن هنن آيتن مان ظاهر آهي.
کَذَّبَ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِہِمۡ فَاَتٰىہُمُ الۡعَذَابُ مِنۡ حَیۡثُ لَا یَشۡعُرُوۡنَ ﴿۲۵﴾ فَاَذَاقَہُمُ اللّٰہُ الۡخِزۡیَ فِی الۡحَیٰوۃِ الدُّنۡیَا (الزمر: ۲۵ تا ۲۶)
ترجمو: ”جيڪي ماڻهو هنن کان ٿورو پهريائين گذري چڪا آهن، انهن به پيغمبر کي ڪوڙو سمجهيو تنهن تي الله تعاليٰ انهن کي اهڙي هنڌان عذاب ڪيو جو انهن کي ان جو پتو ئي نه ٿي پيو، پوءِ الله تعاليٰ انهن کي دنيا جي حياتيءَ ۾ ذلت ۽ محتابي جو مزو چکايو.“
سورة بقره ۾ يهودين جي خرابين جي ذڪر کان پوءِ انهن کي هن طرح عذاب کان ڊيڄاريو ويو:
اَفَتُؤۡمِنُوۡنَ بِبَعۡضِ الۡکِتٰبِ وَ تَکۡفُرُوۡنَ بِبَعۡضٍ ۚ فَمَا جَزَآءُ مَنۡ یَّفۡعَلُ ذٰلِکَ مِنۡکُمۡ اِلَّا خِزۡیٌ فِی الۡحَیٰوۃِ الدُّنۡیَا ۚ وَ یَوۡمَ الۡقِیٰمَۃِ یُرَدُّوۡنَ اِلٰۤی اَشَدِّ الۡعَذَابِ ؕ (البقره : ۸۵)
ترجمو: ”ڇا توهان خدا جي ڪتاب جي ڪن آيتن کي مڃو ٿا ۽ ڪن کي نه ٿا مڃو توهان مان جيڪي ماڻهو ائين ڪندا، انهن جو هن کان سواءِ ٻيو ڪهڙو بدلو ٿي سگهي ٿو ته دنيا ۾ ذلت ۽ خواريءَ جي زندگي گذارين ۽ قيامت جي ڏينهن به سخت عذاب سان منهن ڏين.“ ( )
ٻئي هنڌ سورة آل عمران ۾ اهل ڪتاب لاءِ فرمايو ويو آهي:
ضُرِبَتۡ عَلَیۡہِمُ الذِّلَّۃُ اَیۡنَ مَا ثُقِفُوۡۤا اِلَّا بِحَبۡلٍ مِّنَ اللّٰہِ وَ حَبۡلٍ مِّنَ النَّاسِ وَ بَآءُوۡ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰہِ وَ ضُرِبَتۡ عَلَیۡہِمُ الۡمَسۡکَنَۃُ ۔(آل عمران : ۱۱۲)
ترجمو: ”جتي ڏسو ذلت ۽ خواري انهن جي پيشانيءَ تي جهلي ٿي پئي ۽ خدا جي غضب ۾ ورتا پيا آهن ۽ محتاجي انهن جي ڳچيءَ ۾ ڌار ٿي پئي لٽڪي.“
انهن جي ڀيٽ ۾ جن ماڻهن تي خدا پنهنجي مهر فرمائيندو آهي، انهن کي مٿڀرائي ۽ حڪومت عطا ڪندو آهي:
وَ لَا تَہِنُوۡا وَ لَا تَحۡزَنُوۡا وَ اَنۡتُمُ الۡاَعۡلَوۡنَ اِنۡ کُنۡتُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ (آل عمران : ۱۳۹)
ترجمو: ”همت نه هاريو، پريشان نه ٿيو، توهان ئي غالب رهندؤ، جيڪڏهن مؤمن آهيو.“
وَ لَقَدۡ کَتَبۡنَا فِی الزَّبُوۡرِ مِنۡۢ بَعۡدِ الذِّکۡرِ اَنَّ الۡاَرۡضَ یَرِثُہَا عِبَادِیَ الصّٰلِحُوۡنَ (الانبياء:۱۰۵)
ترجمو: ”اسين زبور ۾ ڪجهه ڳالهين ۽ نصيحتن کان پوءِ لکي چڪا آهيون ته اسان جا صالح ٻانها ئي حڪومت جا وارث بڻبا.“
وَعَدَ اللّٰہُ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مِنۡکُمۡ وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَیَسۡتَخۡلِفَنَّہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ (النور: ۵۵)
ترجمو: ”صالح مؤمنن سان خدا جو واعدو آهي ته انهن کي ملڪ جي خلافت (بادشاهي) ضرور عطا ڪندو.“( )

چوٿون مثال
عام طور هي سمجهيو ويندو آهي ته جنت جو پڪو حقدار ٿيڻ جي لاءِ روزا، نمازون، حج ۽ زيارتون ڪرڻ، تسبيحون، ورد، وظيفا پڙهڻ ۽ ڏاڙهي رکڻ، مڇون ڪاٽڻ ڪافي آهي. جيڪڏهن پورو مذهبي ۽ جنتي مسلمان بڻجڻ جي لاءِ صرف اهي شرط مڃيا وڃن ته پوءِ باقي ڪهڙو سبب آهي جو ڪير اسلام جي اشاعت ۽ مسلمانن جي حفاظت فلاح ۽ ترقيءَ جي لاءِ پنهنجو پان کي مشقتن ۽ تڪليفن ۾ مبتلا ڪري ۽ آرام ۽ سڪون جي زندگي ڇڏي ڏئي. جيڪڏهن عمر جي شروعات کان اسان جي ذهن ۾ هيءَ ڳالهه پيدا ٿي وڃي ته اسلام ۾ مسمانن جي خدمت کان بغير به ڪو شخص پورو ملسمان ٿي سهگي ٿو ته پوءِ قومي زندگيءَ تان قربان ٿيڻ جي لاءِ اسان کي ڪهڙي شيءِ آماده ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته قرآن مجيد ۾ صاف لفظن ۾ آيو آهي ته اسان جي نجات جي لاءِ هن زندگيءَ ۾ پوري ۽ هر طرح جي ڪوشش جي ضرورت آهي.
اَمۡ حَسِبۡتُمۡ اَنۡ تَدۡخُلُوا الۡجَنَّۃَ وَ لَمَّا یَاۡتِکُمۡ مَّثَلُ الَّذِیۡنَ خَلَوۡا مِنۡ قَبۡلِکُمۡ ؕ مَسَّتۡہُمُ الۡبَاۡسَآءُ وَ الضَّرَّآءُ وَ زُلۡزِلُوۡا حَتّٰی یَقُوۡلَ الرَّسُوۡلُ وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مَعَہٗ مَتٰی نَصۡرُ اللّٰہِ ؕ اَلَاۤ اِنَّ نَصۡرَ اللّٰہِ قَرِیۡبٌ
(البقره:۲۱۴)
ترجمو: ”ڇا توهان جو خيال آهي ته توهان بس ائين ئي جنت ۾ داخل ٿي ويندؤ؟ توهان کي اهڙيون حالتن پيش ڪو نه اينديون جهڙيون اڳين قومن کي پيش آيون هيون، انهن کي ايتريون تڪليفون ۽ لوڏا آيا، جو خدا جو رسول ۽ جيڪي انهن سان گڏ مؤمن هيا، چوڻ لڳا خدايا تنهنجي مدد ڪڏهن ايندي؟ خبردار الله جي مدد ويجهي آهي.“
اَمۡ حَسِبۡتُمۡ اَنۡ تَدۡخُلُوا الۡجَنَّۃَ وَ لَمَّا یَعۡلَمِ اللّٰہُ الَّذِیۡنَ جٰہَدُوۡا مِنۡکُمۡ وَ یَعۡلَمَ الصّٰبِرِیۡنَ (آل عمران:۱۴۲)
ترجمو: ”ڇا توهان جو خيال آهي ته بس ائين جنت ۾ ويندؤ؟ جڏهن ته الله تعاليٰ اها خبر به ڪو نه ورتي آهي ته توهان مان ڪهڙا مجاهد آهن ۽ ڪهڙا صابر آهن.“
اَمۡ حَسِبۡتُمۡ اَنۡ تُتۡرَکُوۡا وَ لَمَّا یَعۡلَمِ اللّٰہُ الَّذِیۡنَ جٰہَدُوۡا مِنۡکُمۡ وَ لَمۡ یَتَّخِذُوۡا مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ وَ لَا رَسُوۡلِہٖ وَ لَا الۡمُؤۡمِنِیۡنَ وَلِیۡجَۃً ؕ وَ اللّٰہُ خَبِیۡرٌۢ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ (توبهه:۱۶)
ترجمو: ”ڇا توهان سمجهيو آهي ته بس توهان کي ائين ڇڏي ڏبو؟ جڏهن ته الله تعاليٰ اڃا توهان مان انهن ماڻهن کي پوري طرح آزمائش ۾ وڌو ئي ناهي، جيڪي مجاهد آهن ۽ خدا ۽ ان جي رسول کان سواءِ ڪنهن کي پنهنجو دوست نه ٿا رکن. الله تعاليٰ توهان جي عملن جي خبر رکي ٿو.“
وَ لَنَبۡلُوَنَّکُمۡ حَتّٰی نَعۡلَمَ الۡمُجٰہِدِیۡنَ مِنۡکُمۡ وَ الصّٰبِرِیۡنَ ۙ وَ نَبۡلُوَا۠ اَخۡبَارَکُمۡ (محمد:۳۱)
ترجمو: ”توهان جي اسان آزمائش ضرور ڪنداسين ته جيئن اسان توهان مان انهن ماڻهن جي خبر وٺي سگهون، جيڪي مجاهد ۽ صابر (ثابت قدم) آهن ۽ توهان جي حالتن جي خبر پڻ وٺي سگهون.“
سورة عصر ۾ حق ۽ ڄمي بيهڻ جي تلقين کي سڀني تي لازمي قرارڏنو ويو آهي ۽ اهو پڌرو ڪيو ويو آهي ته ان کانسواءِ سڀ ماڻهو نقصان ۾ آهن.
وَ الۡعَصۡرِ ۙ﴿۱﴾ اِنَّ الۡاِنۡسَانَ لَفِیۡ خُسۡرٍ ۙ﴿۲﴾ اِلَّا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَ تَوَاصَوۡا بِالۡحَقِّ ۬ۙ وَ تَوَاصَوۡا بِالصَّبۡرِ (العصر)
ترجمو: ” تاريخ شاهد آهي ته انهن ماڻهن کانسواءِ سڀ انسان نقصان ۾ رهيا آهن، جن ايمان آندو، عمل صالح ڪيا ۽ هڪ ٻئي کي حق جي وصيت ڪندا رهيا ۽ سچ جي واٽ تي ڄمي بيهڻ جي تلقين ڪندا رهيا.“
امام رازي پنهنجي تفسير ڪبير ۾ ان سورة جي تشريح ڪندي صاف لفظن ۾ فرمائين ٿا ته:
”ان ۾ سخت وعيد آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ الله تعاليٰ انهن ماڻهن کانسواءِ جن چئن شين تي عمل ڪيو، ٻين سڀني انسانن تي نقصان جو حڪم لڳايو آهي، اهي چار شيون ايمان، عمل صالح ۽ حق ۽ حق تي ڄمي بيهڻ آهن، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪاميابي انهن چئن شين تي منحصر آهي ۽ جهڙيءَ طرح هر ذميوار شخص تي پنهنجي ضرورت جي شين کي حاصل ڪرڻ ضروري آهي، تهڙيءَ طرح جيڪي شيون ٻين سان لاڳاپو رکن ٿيون، انهن کي حاصل ڪرڻ به ضروري آهي، دين جي دعوت ڏيڻ خيرخواهيءَ ڪرڻ، چڱاين جو حڪم ڪرڻ ۽ براين کان روڪڻ ان ۾ شامل آهن. ”تواصي“ جو لفظ ٻه دفعا ان ڪري آيو آهي ته پهريون الله ڏانهن سڏڻ تي ڏس ڏي، ٻيون ثابت قدم رهڻ تي. ان آيت مان ثابت ٿئي ٿو ته حق تمام ڏکيو آهي، ان لاءِ تمام گهڻيون تڪليفون سهڻيون پون ٿيون. ان ڪري صبر (ثابت قدميءَ) جو حڪم ڪيو ويو آهي.“
مان ٿورو پهريائين عرض ڪري چڪو آهيان ته قرآن جي اصل تعليم ڇڏي ڏيڻ جي ڪري ۽ ان مان صحيح طريقي سان فائدو نه وٺڻ جي ڪري، هڪ ته قرآن جي لفظن جا غلط مطلب مشهور ٿي ويا آهن ۽ ٻيو هاڻي هي واضح ٿيو ته اسان ان جي تعليم جو گهڻو حصو وساري ڇڏيو آهي. جڏهن ته قرآن ۾ ان ڳالهه تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي ته تعليم جي ڪنهن به حصي کي نظرانداز نه ڪجو، سڀ جو سڀ سامهون رکو نه ته ذلت ۽ عذاب نازل ٿيندو.
اَفَتُؤۡمِنُوۡنَ بِبَعۡضِ الۡکِتٰبِ وَ تَکۡفُرُوۡنَ بِبَعۡضٍ ۚ فَمَا جَزَآءُ مَنۡ یَّفۡعَلُ ذٰلِکَ مِنۡکُمۡ اِلَّا خِزۡیٌ فِی الۡحَیٰوۃِ الدُّنۡیَا ۚ وَ یَوۡمَ الۡقِیٰمَۃِ یُرَدُّوۡنَ اِلٰۤی اَشَدِّ الۡعَذَابِ (البقره:۲۸)
ترجمو: ”ڇا توهان ڪتاب جي ڪن آيتن کي مڃو ٿا، ڪن کي نه ٿا مڃو، توهان مان جيڪي ماڻهو ائين ڪندا انهن جي لاءِ دنيا ۾ خواري ۽ آخرت ۾ عذاب کانسواءِ ٻيو ڪهڙو بدلو ٿي سگهي ٿو.“
تعليم جي صحيح طريقي کي ڇڏي ڏيڻ سان ٽيون وڏو نقصان اهو ٿيو ته ڪلام پاڪ ۾ پوريءَ طرح غور فڪر نه ڪرڻ جي ڪري ان جي ڪن حصن کي رڳو آکاڻين ۽ تفريحي ڳالهين جي درجي ۾ رکيو ويو آهي ۽ انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو سوچيو به نه ٿو وڃي. ائين اسين قرآن شريف جي تعليم جي هڪ حصي مان صحيح معنيٰ ۾ فائدو وٺڻ کان رهجي وياسين. قرآن مجيد ۾ جيڪي قصا ذڪر ٿيل آهن، اسين انهن کي رڳو هي مقام ڏيندا آهيون ته :
اِنۡ ہٰذَاۤ اِلَّاۤ اَسَاطِیۡرُ الۡاَوَّلِیۡنَ (الانعام:۲۵)
ترجمو: ”اهي اڳين ماڻهن جي قصن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهن.“
اهو درجو ٿا ڏين انهن قصن کيجڏهن ته قرآن ۾ تعليم جي ان حصي جي باري ۾ فرمايو ويو آهي:
وَ کُلًّا نَّقُصُّ عَلَیۡکَ مِنۡ اَنۡۢبَآءِ الرُّسُلِ مَا نُثَبِّتُ بِہٖ فُؤَادَکَ ۚ وَ جَآءَکَ فِیۡ ہٰذِہِ الۡحَقُّ وَ مَوۡعِظَۃٌ وَّ ذِکۡرٰی لِلۡمُؤۡمِنِیۡنَ (هود: ۱۲۰)
ترجمو: ”اي رسول ٻين پيغمبرن جا جيترا به قصا آهن، انهن سان اسين تنهنجي دل ٻڌرايون ٿا. انهن قصن جي ذريعي هڪ ته حق جي جيڪا ڳالهه هئي، اها پهچايون ٿا، ان کانسواءِ انهن ۾ مؤمنن جي لاءِ نصيحت ۽ يادگيري آهي.“ ( )