مذهب

قرآن ڪيئن پڙهجي؟

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رح جو لکيل ۽ مولانا محمد انس راڄپر جو سنڌي ترجمو.
قرآن مجيد جي اخلاقي، معاشرتي، سماجياتي ۽ انقلابي حڪمت کي واضع ڪندڙ تفسير جنهن جي سٽ سٽ اسلام جي مسخ ٿيل ۽ اسلام جي اوريجنل تصورن کي نکيڙي نروار ڪري ٿي.
Title Cover of book قرآن ڪيئن پڙهجي؟

قرآن جي تعليم کي ڪمزور ڪرڻ جي منظم سازش

هن موقعي تي مان ضروري ٿو سمجهان ته قرآن مجيد جي تعليم کي ڪمزور ڪرڻ جون جيڪي ڪوششون ڪيون ويون آهن، انهن جي باري ۾ امام عبده مصري جا ويچار نقل ڪجن. علامه موصوف پنهنجي ڪتاب ”اسلام ونصرانيت“ ۾ صفحي 113 تي مسلمانن جي اندر موجود ماٺار ۽ ان جي ڪارڻن جي باري ۾ هينئن بحث ڪيو آهي:
”ان کان پوءِ هڪ خليفي سياسي غلطي ڪئي ۽ اسلامي احڪامن جي وسعت جي ڪري کيس ان ڳالهه جو موقعو ملي ويو، جنهن کي هو پنهنجي خيال ۾ پاڻ لاءِ چڱو سمجهندو هو. ان جي سوچ هئي ته ڪٿي عربي لشڪر علوي خليفي جو مددگار نه ٿي پوي، ڇاڪاڻ ته علوين جو نبيءَ جي گهراڻي سان ويجهو تعلق هيو. تنهن ڪري هن ترڪ ۽ ويلم وغيره جهڙن ڌارين ماڻهن جي فوج ٺاهي. انهيءَ فوج جي باري ۾ سندس خيال هيو ته انهن کي پنهنجي ڏاڍائيءَ سان فرمانبردار ۽ پنهنجي چڱاين ۽ احسانن سان مطيع ڪري سگهجي ٿو. اهي سلطنت جي باغين جي مدد نه ڪندا ۽ بادشاهت جي طلبگارن جا ٻانهن ٻيلي نه ٿيندا ۽ اسلام جي حڪمت جي ڪشادگيءَ ۽ سهولت انهيءَ ڳالهه جو ان کي جواز مهيا ڪري ڏنو ۽ اسلام ڦري عجمي ٿي پيو.
هڪ عباسي خليفي ارادو ڪيو ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي پڳدارن جي لاءِ ڀلو ڪري وڃي ۽ ايئن هن پنهنجي قوم ۽ مذهب جي لاءِ برو ڪيو. ڌارين جي فوج ۾ واڌارو ڪيائين ۽ لشڪر جا مک ماڻهو عجمي مقرر ٿيا، صبح کان اڃان شام به ڪا نه ٿي هئي جو اهي لشڪر جا مک سردار خليفن تي قابض ٿي ويا ۽ سلطنت خليفن جي هٿن مان نڪري عجمين جي قبضي ۾ اچي وئي. انهن کي اهو عقل نه هيو جيڪو اسلام وٽان ملندو هيو ۽ نه ڪو اها دل هين جيڪا مذهب سان مهذب ٿيل هجي. اهي ماڻهو جهالت ۽ اونداهيءَ ۾ ٻڏل هيا. اسلام ۾ داخل ٿيا پر اسلام کي ڪپڙن وانگي پنهنجي جسم تي ويڙهي ڇڏيائون، ان جو ڪو به اثر انهن جي وجدان تائين نه پهتو هيو. انهن مان گهڻا ماڻهو پنهنجي معبودن ۽ بتن کي پاڻ سان گڏ کڻي آيا هيا، انهن جي اڪيلائيءَ ۾ پوڄا ڪندا هيا، ۽ ظاهر ۾ پنهنجو اقتدار وڌائڻ جي نيت سان باجماعت نمازون پڙهندا هيا. ان کان پوءِ تاتارين اسلام تي حملو ڪيو ۽ ڪن قبضو به ڪيو، پر اهي سڀ حملا علم جي مٿان سخت ترين حملي جي مقابلي ۾ هيچ هيا، علم جيڪو ماڻهن کي سندن خوديءَ جي سڃاڻ ڪرائيندو آهي، انهن جي اٿڻ ويهڻ جي ڪوتاهين کي ظاهر ڪندو آهي.
انهن علم ۽ ان جي دولت اسلام تي حملو ڪيو، پنهنجي مددگارن جي جماعت تيار ڪيائون ته اهي عالمن جي جٿي ۾ شامل ٿي وڃن ۽ علم جو لباس پهري عالمن ۾ شمار ٿيڻ لڳن. ان کان پوءِ ماڻهن ۾ اهڙين ڳالهين کي هوا ڏنائون جن جي ڪري انهن کي علم کان نفرت ٿئي، ۽ علم جي گهڻگهرن کان انهن جي طبيعت ۾ ڪرڀ پيدا ٿئي. تقويٰ، پرهيزگاريءَ ۽ مذهبي اڳواڻيءَ جا دعويدار ٿي اهي ماڻهو غافل عوام ۾ وڃي پهتا ۽ دعويٰ ڪيائون ته مذهب ناقص هيو، اسين ان کي مڪمل ڪرڻ ٿا چاهيون، يا اهو مريض هيو، اسين ان جو علاج ٿا ڪيون يا ڊهي پوڻ وارو هيو اسين ان کي ڪلهو ڏيڻ آيا آهيون، يا جهڪي پيو هيو اسين انهيءَ کي سڌو ڪرڻ آيا آهيون.
انهن پنهنجي بت پرستيءَ جي زماني جي رسمن کي ڏٺو، گڏوگڏ آسپاس جي ٻين قومن کي به ڏٺو ۽ اسلام جي لاءِ اهڙيون شيون اڌاري طور ورتيون جن کان هو بلڪل پاسيرو هيو، پر عام ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ ۾ انهن ايئن ڪاميابي حاصل ڪئي جو چيائون ته هي اسلامي شعارن جي تعظيم آهي ۽ انهن جي حڪمن جي وڏائي آهي.
انهن اسان جي لاءِ اهي سڀ ميلا ۽ محفلون ايجاد ڪيون، ولين ۽ بزرگن جون عبادتون اسان لاءِ مقرر ڪيائون، جنهن سان مسلمانن ۾ ڌڙابندي ٿي ۽ ماڻهو گمراهه ٿيا. انهن چيو ته پوين کي اڳين بزرگن جي ڳالهين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به سوچڻ نه گهرجي، ۽ ان ڳالهه کي عقيدي ۾ شامل ڪري ڇڏيو، ته جيئن سوچون رڪجي وڃن، عقل منجمد ٿي وڃي. ان کان پوءِ انهن پنهنجي ساٿين کي اسلامي ملڪن جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏانهن روانو ڪيو ته هو اهڙن قصن ۽ خبرن ۽ اهڙين روايتن جي اشاعت ڪن جنهن سان عوام ۾ هي ويساهه پيدا ٿئي ته انهن کي پبلڪ ڪاز جي باري ۾ سوچڻ جو ڪو به حق ڪونهي.
جيڪي ڪم قوم ۽ سلطنت سان تعلق رکن ٿا انهن تي سوچڻ حڪمرانن جو ڪم آهي، ٻين ماڻهن کي انهن معاملن ۾ مداخلت جو ڪو به حق ناهي، جيڪو شخص انهن معاملن ۾ دخل ڏيندو اهو واهيات يا سرڪش آهي. مسلمانن جي عملن ۾ جيڪو فساد آهي ۽ انهن جون جيڪي درهم برهم حالتون آهن اهي حڪمرانن جي ڪمن جو نتيجو ناهن، بلڪه اهو انهن خبرن جو نتيجو آهي، جيڪي آخري زماني جي باري ۾ حديثن ۾ آيون آهن ته ڪنهن تدبير سان حال ۽ مستقبل جو سڌارو نه ٿو ٿي سگهي. چڱو اهو آهي ته انهن ڳالهين کي خدا جي حوالي ڪري ڇڏجي، مسلمانن تي صرف اهو فرض آهي ته رڳو پنهنجي انفرادي ذاتي حالت لاءِ سوچن. حديثن جي ڪجهه ظاهر مطلبن ۽ ضعيف ۽ موضوع روايتن مان انهن کي تمام گهڻو مواد مليو، جن جي ذريعي انهن وهمن ڦهلائڻ ۾ انهن کي وڏي هٿي ملي. انهن گمراهه ڪندڙن جو هڪ وڏو لشڪر مسلمانن ۾ڦهلجي ويو، رهزن حڪمرانن ۽ والين هر پاسي کان انهن جي مدد ڪئي. ماڻهن جي هٿن کي ڪاروبار کان روڪڻ ۽ انهن جي ارادن کي پست ڪرڻ لاءِ انهن ۾ تقدير جو عقيدو ايجاد ڪيو ويو. انهن خرافات کي قبول ڪرڻ تي جنهن شيءِ ماڻهن کي آمادو ڪيو اها هئي انهن جي سادگي. مذهبي معاملن جي اندر سوچ سمجهه جي کوٽ، خواهشن جي پوئلڳي ۽ اڻ ڄاڻائي. اهي اهڙيون شيون آهن جو جيڪڏهن گڏ ٿي ٿيون پون ته انتهائي خطرناڪ ۽ هلاڪت انگيز ٿي پونديون آهن. نيٺ ايئن حق باطل جي اوندهه ۾ ڍڪجي ويو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ اهڙا عقيدا جاءِ وٺڻ لڳا جيڪي هر طرح سان ديني اصولن جي ابتڙ ۽ صراط مستقيم جو ضد هيا. مسلمانن جون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ واريون اميدون غارت ٿي ويون، انهن کي مايوس ڪري حيوانن جي درجي تائين پهچايو ويو. هن وقت جنهن شيءِ جو نالو اسلام رکيو ٿو وڃي اهو اسلامي عملن نماز، روزي ۽ حج جي ظاهري صورتن جي مجموعي کان مٿي ڪجهه به ناهي.
ٿورڙيون چوڻيون آهن جن جي معنائن ۾ مٽا سٽا ڪئي وئي آهي ۽ انهن جو نتيجو اهي بدعتون ۽ بڇڙيون رسمون آهن، جن مسلمانن ۾ هن ماٺار جي نوبت پيدا ڪئي آهي، جنهن کي مون بيان ڪيو آهي، ان کي هنن اسلام سمجهيو آهي. مسلمانن تي هن وقت اسلام جي نالي سان جيڪو عيب لڳايو ٿو وڃي، ان جو اسلام سان ڪو به تعلق ڪونهي. اهو ٻيو ڪجهه آهي جنهن جو هنن اسلام نالو رکيو آهي. قرآن جنهن جو هي شان آهي ته باطل نه ان جي اڳيان بيهي سگهندو آهي نه ان جي پويان اچي سگهندو آهي، اهو حڪمت وارو ۽ واکاڻ جي لائق آهي، خدا جي طرفان لاٿل آهي، اهو هن ڳالهه جو شاهد آهي ته اهي ڪوڙا آهن، هن (قرآن) کان غافل آهن ۽ ان جي احڪامن کان گهڻو پوئتي پيل آهي.