مختلف موضوع

منھنجو صوڀوديرو

شري هولارام ڪتاب بابت لکي ٿو ته ”منھنجي پوٽن جي پڇ پڇان جي ڪري ھي ڪتاب لکيو آھي. سنڌ جي ڳوٺ ۽ ڪٽنب جو بيان ڪيو آھي. اسانجي مسلمانن سان رھڻي ڪھڻي ڪھڙي قسم جي ھئي اُھا ھن ڪتاب مان معلوم ڪري سگھجي ٿي. مسلمان ۽ ھندو ميل ميلاپ سان رھندا ھئا. ڪوبه جاتي جھڳڙو پاڻ ۾ نه ھوندو ھو. سڀ سِڪ ۽ محبت ۾ رھندا ھئا.“
Title Cover of book منھنجو صوڀوديرو

صوڀوديرو

ھڪ ننڍو سھڻو ڳوٺ آھي. اُن ۾ اسانجو ڪٽنب رھندو ھو. صوڀوديرو ٻن ڀاڱن ۾ وراھيل ھو. جنھن کي ھڪ وڏو صوڀوديرو ۽ ٻيو ننڍو صوڀوديرو چوندا ھئا. ٻنھي جي وچ ۾ مسلمانن جو قبرستان ھوندو ھو جنھن ٻنھي صوڀيديرن کي جدا ڪري ڇڏيو ھو. پر ھو ھڪ ئي. صوڀوديرو ھڪ، اسڪول ھڪ، پوليس اسٽيشن ھڪ، ھڪ ئي ديرو ۽ ھڪئي پئنچايت. ڳوٺ جي ٻنھي پاسن کان واھ ھوندا ھئا. واھن کي ھتي ڪئنال چون ٿا. ھڪ واھ جنھن کي علي بحر واھ چوندا ھئا. اوڀر کان اولھ طرف وھندو ھو ۽ شھر جي ڏکڻ پاسي ھوندو ھو جنھن کي ننڍو واھ به چوندا ھئا ڇو جو ٻِئي واھ کان ويڪر ۽ پاڻيءَ ۾ گھٽ ھوندو ھو. ھيءُ واھ اٽڪل ڏھ ٻارنھن فوٽ ويڪرو ھوندو ھو ۽ پاڻي ست اٺ فوٽ اونھو ۽ ڪٿي ڪٿي پنج فوٽ ھوندو ھو ۽ پاسن ۾ گھٽ ھوندو ھو.
ٻيو واھ شھر جي اُتر پاسي کان اوڀر اولھ وھندو ھو. اُنجي ويڪر پنجويھ ٽيھ فوٽ ھوندي ھئي ۽ پاڻي ڏھن فوٽن کان اونھو ھوندو ھو پر پاسن کان گھٽ ھوندو ھو. اُن واھ کي محراب واھ چوندا ھئا. اونھاري ۾ شھر جا ڇوڪرا ٻنھي واھن تي تَرڻ ويندا ھئا. گھڻو ڪري سڀ ڇوڪرا ننڍي کان وٺي وڃڻ ڪري تَرڻ جلد سِکي ويندا ھئا. واھن ۾ ڇوڪرن ۽ وڏن مَردن جي چھل پھل لڳندي ھئي ۽ پاڻيءَ جون رانديون ۽ ٽپا وغيره ڏيندا ھئا. ٻاھريان ماڻھو ڳوٺ ۾ ايندا ھئا ته پل تان واھ لنگھي ڳوٺ ۾ ايندا ھئا. راڻيپور جي پاسي کان ايندڙ پھريائين علي بحر واھ جي پل لنگھي ايندا ھئا. ٿورو پنڌ ڪندا ته پھريائين ميرن جا ڪوٽ ايندا. ڪوٽ ڪچين سِرن جون وڏيون ڀتيون ھونديون ھيون ۽ وچ ۾ وڏا دروازا پيل ھوندا ھئا ۽ ڪوٽ جي اندر ميرن جا گھر يا ڏيلا ھوندا ھئا.
اھڙيءَ طرح چار ميرن جون وڏيون حويليون ھيون جن جا دروازا جدا جدا ھئا ۽ الڳ الڳ رھندا ھئا پر اندر ھڪ ھڪ کي ڪافي ڪوٺيون ۽ ڪمرا ھئا. ڪوئي به موڪل کانسواءِ دروازي اندر وڃڻ جي ھمٿ نه ڪندو ھو. ميرن جا ڪوٽ پار ڪري ٻاھران رستو ھو. شھر ۾ گھڙندو ھو ته پھريون مڪان اسان جو ساڄي ھٿ پاسي ھوندو ھو.
مڪان جو منھن بازار پاسي ۽ اسانجي پُٺ واري ڀت ميرن جي زمين سان لڳندي ھئي يعني پٺيان ميرن جا مڪان.
اسانجي گھر کان صوڀوديرو ڳوٺ شروع ٿيندو ھو. لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ کن ھندن جا گھر ۽ دڪان پنھنجي پاسي آمھون سامھون شروع ٿيندا ھئا.. دڪان به گھرن جي اڳيان ھوندا ھئا. ھندن جي گھرن پٺيان ميرن، عباسي، سومرا، مڱڻھارن جا گھر لڳو لڳ ھوندا ھئا. ھِن کي وڏو صوڀوديرو چوندا ھئا.
ٻئي پاسي وڏو واھ محراب واھ جي پُل لتاڙي اچبو ته ننڍو صوڀوديرو ايندو ھو. پھريائين مھاڻن، شيخ ۽ ڪپڙي اُڻڻ وارن جا گھر ايندا ھئا. اُنھن کانپوءِ ھندن جا گھر ۽ بازار ايندي ھئي. ھن صوڀيديري کي ننڍو صوڀوديرو چوندا ھئا. ھن ڳوٺ پٺيان شيخ، دايا وغيره به رھيل ھوندا ھئا. اسڪول، ھن صوڀيديري ۾ ھوندو ھو ۽ پنھنجي ڳوٺن ۽ پاسي وارا ھن اسڪول ۾ پڙھندا ھئا. ڳوٺن جي اِرد گرد کوکر، لوھار ۽ سامٽين جو ننڍو ڳوٺ ھوندو ھو. ڄڻ ائين لڳندو ھو ته شھر کي پھرو ڏيئي ويٺا آھن ۽ ڏينھن جو خريداري ۽ ننڍن وڏن ڪمن سان سوڀيديري ايندا ھئا. قبرستان کان پوءِ وڏي صوڀيديري کان ننڍي صوڀيديري وڃڻ وقت سؤ کن گھر موچين جا ھوندا ھئا. موچين کانپوءِ ميراسي ۽ حجامن جا گھر ھوندا ھئا پوءِ ھندن جي بازار ۽ گھر شروع ٿيندا ھئا.
ماڻھن جي سھوليت لاءِ ٻه کوھ ھوندا ھئا. ھڪ ڀائي سرڻداس جو ٽڪاڻو ھوندو ھو. اُنجي سامھون کوھ ھوندو ھو، جنھنکي ڍينگو ٻڌل ھوندو ھو ۽ چوڌاري پڪيون ڪنگريون ٻڌل ھونديون ھيون. ڍينگي کي ڦيرڻ لاءِ ۽ کوھ مان پاڻي ڪنگرين ۾ ڀرڻ لاءِ ھڪ ڏاند جون اکيون ٻڌل ھونديون ھيون ۽ لڪڙي جو چيڪلو ھوندو ھو. ڏاند گول ڦرندو ھو ۽ ڪنگريون ٿوري وڇوٽيءَ تي مالھ ۾ ٻڌل ھونديون ھيون ۽ ڪنگريون پاڻيءَ سان ڀرجي مٿي اينديون ھيون ۽ جنھن وقت مٿي پھچنديون ھيون ته اتي نيسر رکيل ھئي ۽ پاڻي سڄو اُن نيسر ۾ پوندو ھو ۽ ٻي وڏي نيسر ۾ وھي اچي حودي ۾ پوندو ھو. ماڻھو اُتان پاڻي ڀريندا ھئا يا سنان وغيره ڪندا ھئا.
ٻئي کوھ صبح کان وٺي منجھند جو 2 وڳي تائين چالو ڪندا ھئا. ڏاند ويچارو سڄو وقت پيو گول گول ڦرندو ھو. ڪنھن وقت 2 وڳي کانپوءِ پاڻيءَ جي ضرورت پوي ته ماڻھوءَ کي چڪر گول گول ڏاندجي وانگر ڦيرڻو پوندو ھو.
ٻنھي ڳوٺن جي پٺيان وڏا وڏا کليل ميدان ھوندا ھئا، جتي صبح ۽ شام جو رانديون ڪرڻ ۾ اينديون ھيون. اُتي ھندو مسلمان جو ڪوبه فرق ڪونه ھوندو ھو. ھڪ ٻئي سان گڏ پڙھندا ھئا. رانديون ڪندا ھئا. ڪنھن به قسم جو جاتي جھڳڙو نه ھوندو ھو. سڀ ھڪ ٻئي سان رلي ملي ھلندا ھئا.
منھنجي پوٽي مون کان ھڪ سوال پڇيو: دادو اُتي زالن جو ڪھڙو درجو ھوندو ھو؟ سوال ذرا سٺو ۽ ٺيڪ لڳو ته ڇوڪرن کي ھتان جو ماحول ۽ اُتان جي ماحول جي خبر ھئڻ گھرجي ته بھتر آھي. سنڌ ۾ اسانجي وقت يعني 1940ع کان اڳ جيتري مونکي خبر آھي ته عورتن کي گھڻي عزت ڏني ويندي ھئي. جيئن ھت اخبارن ۾ پڙھون ٿا ائين ڪونه ھو. ھڪ ته جڏھن به ڇوڪري اَٺن ورھين جي ٿيندي ھئي ته گھر کان ٻاھر نه نڪرندي ھئي. اسڪول ڪونه پڙھنديون ھيون. ڪنھن به عورت کي اڪيلو ٻاھر نه نڪرڻو پوندو ھو. ھر ھڪ ماڻھو عورت کي عزت سان ڏسندو ھو ۽ عزت ڏيندو ھو. ڇيڙ ڇاڙ جو ڪوبه اھڙو واقعو ڪونه بڻجندو ھو. عورتون ٻاھر نڪرنديون ھيون ته مُنھن وغيره چادر سان ڍڪي نڪرنديون ھيون. اِئين نه سمجو ته زالن ۾ عقل ڪونه ھوندو ھو. گھڻيون گھر ۾ رھندي به مَردن کان ھوشيار ھونديون ھيون. مونکي ياد آھي ته اسانجي ڏاڏِي جنھن کي اسان جيجي چوندا ھئاسين. اسان چڱي ٻڍاپڻ ۾ کيس ڏٺوسين. سھڻي ۽ ويڪرو منھن ۽ بدن ڀريل، ننڍي کٽولي واڻ سان واڻيل، چار فوٽ ويڪري ۽ چار فوٽ لمبي، گھر جي دروازي تي ڪڍي ويھندي ھئي ۽ حقو اڳيان رکيل ھوندو ھوس. اُن کٽولي تي شام ۽ صبح جو وھندي ھئي. جيئن ته اسان ذات جا ھندن جا برھمڻ آھيون. اسان کي ھندو سڀ گرو ڪري مڃيندا ھئا پر مسلمان به چوندا ھئا ته جيئن مسلمانن جا سعيد (سيد) آھن تيئن اھي به ھندن جا سعيدن (سيدن) وانگر آھن ۽ عزت ڏيندا ھئا ۽ گھٽيءَ مان لنگھندا ھئا ته اسانجي جيجي کي سلام ڪندا ھئا ۽ ڪنھن ھندو يا مسلمان جيجي کي نه کيڪاريو ته اُن کي سڏ ڪري پڇندي ھئس ته ڪنھن جو ڇوڪرو آھين يا ڪير تنھنجو وڏو آھي ۽ چوندي ھئس ته اِھو مونکي پيرين پوندو آھي، پر تون ڇو نڪامو ٿيو آھين. اِھو ويچارو معافي وٺي ويندو ھو ۽ وري اھڙي ڀُل نه ڪندو ھو. جيجي پيار مان اسان جي پيءُ کي به مسلمان جو نالو ڏتو ڪوٺيندي ھئي ۽ مھراج تيجورام ڪھڙو جيڪو ڏتل آھي ۽ ڏتل جي نالي سان سڃاڻندا ھئا. بابا اسانجا سنڌي پنج درجا پڙھيا ھئا جو ننڍي ئي اسانجو ڏاڏو سُکرام گذاري ويا ھئا. سڄي گھر جو بار منھنجي پيءُ تي ھو. اُنھن کي اسڪول مان ڪڍي سندن مامي وٽ موڪليو ويو. اُتي اسانجو وڏو مامو منھنجي پيءُ کي ھندي ۽ برھمڻ جو ڪم سيکاريندو ھو. برھمڻ جو ڪم ھوندو ھو ھندو واڻين جو ڪريا ڪرم ڪرائڻ، شاديءَ جو رسمون رواج منترن ۾ پڙھي ڪرائڻ، مرڻ کان پوءِ اُنجي وِڌي وغيره ڪرائڻ ۽ سڀ ڌرمي ڳالھين جي پوءِ واري ڪرڻ. ھندو واڻيا واپار کيتي وغيره ڪن ۽ برھمڻ ڌرم جي ڪمي پوري ڪن. ڪٿا ڪيرتن ۽ انسانيت جو صحيح رستو ڏيکارين. بابا جن اُتي ھڪ سال رھيا ۽ گھڻو ڪجھ سِکي آيا ۽ شادي ڪري ۽ ڪمائڻ کي لڳي ويا. اُن کان پوءِ به پڙھڻ ڪونه ڇڏيائون. پارسي سکيا ۽ جوتش جي گيان جو اُڀياس ڪيائون. ڪافي ھوشيار ھئا. اسانکي خبر آھي ته جڏھن به ميرن ۾ وڏا وڏا پارسي پڙھيل ۽ مذھب جا ڄاڻو ميرن وٽ ايندا ھئا ته مير اسان جي پيءُ کي گھرائي اُنھن جو بحث ٻڌندا ھئا. اُھي مولوي ٻاھر جا به اسان جي بابا کي گياني ۽ ودوان جي نظر سان ڏسندا ھئا. مير به گھڻي عزت ڏيندا ھئا. صوڀوديرو جيئن ته رياست خيرپور ۾ ھوندو ھو. انگريزن خيرپور ميرن کي رياست طور ڏنو ھو اُنجي ديک ڀال يا راڄ مير ھلائيندا ھئا. اُن وقت مير علي نواز خان رياست جا مالڪ ھئا ۽ خيرپور ۾ رھندا ھئا ۽ ٻيا مِٽ مائٽ ڪجھ ڪوٽ ڏيجي، صوڀوديرو، راھوجا ۾ رھندا ھئا. خيرپور ۾ مير علي نواز خان ھڪ بنگلو ٺھرايو ھو. اُن وقت اُن تي خرچ ھڪ لک روپيا آيو ھو. جنھنڪري اُن بنگلي کي نالو ”لکي“ بنگلو ڪري چوندا ھئا. ٻين ڳوٺن مان خاص لکي محل ڏسڻ ايندا ھئا. اُنکي فيض محل به چوندا ھئا جو ميرن جي ڏاڏي جو نالو ھو. خيرپور وڏي رياست ڪونه ھئي. اُن ۾ پنج تعلقا ھوندا ھئا.
خيرپور ۾ مير گاديءَ تي ويٺل ھو. ھڪ ڪورٽ وڏي ھوندي ھئي ۽ پوليس جو ناظم جنھنکي ڊي. ايس. پي چوندا ھئا. پنج تعلقن ۾ ھڪ جج جي ڪورٽ ۽ معاملتدار جي آفيس ھوندي ھئي. ھر ھڪ تعلقي ۾ ھڪ سب انسپيڪٽر پوليس جي آفيس ھوندي ھئي. ڳوٺن ۾ ٿاڻا ھوندا ھئا ۽ ھڪ پوليس وارو ٿاڻي ۾ رھندو ھو.
ڳوٺن ۾ گھڻا ڏوھ ڪونه ٿيندا ھئا. جڳھڙا ڪونه ھوندا ھئا ۽ سڀ ھندو مسلمان پاڻ ۾ پريم سان رھندا ھئا. ڪوبه جاتي جھڳڙو ڪونه ڏٺوسين. ھڪ پوليس وارو آسي- پاسي جا گھڻا ڳوٺ سنڀاليندو ھو. ماڻھو تمام گھڻو ڊڄندا ھئا، جنھنڪري ڪوئي به اھڙي حرڪت نه ڪندو ھو جو پوليس اُنکي سڏ ڪري ڌمال ڪڍي. انگريزن جو ھڪ ايلچي خيرپور ۾ رھندو ھو. اُھو صرف صلاح ڏيندو ھو. خيرپور رياست ۾ ھڪ ھاءِ اسڪول ھو جنھنجو نالو ناز ھاءِ اسڪول ھو. اُن سان گڏ بورڊنگ ھوندو ھو جو ٻاھر جي ڇوڪرن کي اُن ۾ رھڻ ڏيندا ھئا ۽ کاڌو به مفت ملندو ھو. باقي ھندن لاءِ اھڙي سھوليت ڪونه ھوندي ھئي. اُنھن کي پنھنجو خرچ ڪري پڙھڻو پوندو ھو جنھنڪري گھڻا ھندو ڪونه پڙھي سگھندا ھئا. مونکي ياد آھي ته ھندن ۾ مان ئي پھريون ڇوڪرو صوڀيديري ڳوٺ مان آھيان جنھن مئٽرڪ ناز ھاءِ اسڪول ۾ پاس ڪئي. نت صوڀيديري مان پھريائين ڪنھن به ھندو مئٽرڪ پاس ڪونه ڪئي ھئي. خيرپور شھر جي ڀرسان ميرواھ وھندو ھو. ھڪ عجيب پُل مير صاحب ٺھرائي ھئي. اُن جھڙي اڄ به ڪٿي نه آھي. پاڻيءَ جي مٿان پُل ٺھرائي اُن تي ٽي ڪاٺ جا ڪمرا ٺھرايا ھئا ۽ اُن جي مٿان پڪي سيمينٽ جي پُل ٺھرائي ھئي جنھن تان گاڏيون، گھوڙا موٽر، سٺي ٽرئفڪ ويندي ھئي. يعني ھيٺان پاڻي اُنجي مٿان ڪمرا ۽ اُنجي مٿان پُل. اونھاري ۾ مير درين دروازن کي کس ٽٽي ھڻائي ڪمري ۾ آرام ڪندا ھئا ۽ چوندا آھن ته ھڪ ڳائڻ واري جنھنجو آواز ڪوئل جھڙو ھو اُن جو اُتي پل ھيٺان ڳائڻ جو پروگرام پنھنجي دوستن سان ٻڌندا ھئا. گائڪا جو نالو بالي ٻائي ھوندو ھو ۽ لتا منگيشڪر جھڙو آواز ۽ سنڌ ۾ مشھور ھوندي ھئي. پر رنگ جي ڪاري ۽ ٿُلھي ھوندي ھئي. سونھن جو نالو بلڪل ڪونه ھئس. مير پاڻ به بدن جو گھڻو ٿلھو ھوندو ھو. چوندا ھئا ته پيٽ گھڻو وڏو ھوندو ھوس جو پاڻ روٽي جو گره وات ۾ وجھندو ھو ته گھڻي تڪليف سان وجھي سگھندو ھو. سندس پھراڻ، پيٽ وٽ ڀاڄي جي رس سان ڀرجي ويندو ھوس. تنھنڪري کائڻ وقت ٻيو ڪپڙو پيٽ سان ويڙھندا ھوس. اُن وقت موٽر يا ڪار مشڪل ھوندي ھئي ۽ ميرن کي به بگيون ھونديون ھيون. وڏن ماڻھن کي بگيون ۽ گھوڙا ھوندا ھئا ۽ ٻيا عام ماڻھو گڏھ ۽ بيل گاڏيون يا اُٺ ڪم آڻيندا ھئا. شادين ۾ جيڪڏھن ھڪ ڳوٺ مان ٻئي ڳوٺ ڄڃ کڻي ويندا ھئا ته بيل گاڏين يا اُٺن تي ويندا ھئا. زالن ۽ ٻارن جي لاءِ اُٺ تي ڪجائو رکندا ھئا، جنھن ۾ ٻار ۽ زالن کي وھاريندا ھئا.
بئنڊ باجن جو نالو ڪونه ھوندو ھو صرف مڱڻھار دھل ۽ شرنائي (شھنائي) وڄائيندا ھئا. دھلن ۽ شھنائي تي ڊانس جي بدران ڇيڄ ھڻندا ھئا.
خيرپور ۾ ھڪ سئنيما ھال ھوندو ھو جو وڏي لانڍي وانگر ٺھيل ھو ۽ اُنجي ڇت مٿان لوھ جا پترا ھوندا ھئا. پھرين درجي ۾ ھيٺ وھندا ھئا ۽ اَڍائي آنا ٽڪيٽ، ٻئي نمبر بينچن تي پنج آنا ٽڪيٽ ۽ ٽين ۾ ڪرسين تي ڏھ آنا ٽڪيٽ ھوندي ھئي. خيرپور ۾ ھڪ انگلش دارون جي بٺي ھوندي ھئي، جنھنجو مالڪ سيٺ جوتومل ھو ۽ جوتومل جي بٺي ڪوٺائبي ھئي. دارون تمام سٺو انگلش جي دارون سان نڪ ھڻندو ھو ۽ خيرپور کان ٻاھر موڪلڻ جي بندش ھوندي ھئي. خيرپور جي حد يعني سرحد کانپوءِ برٽش راڄ ۽ قاعدو ليکيو ويندو ھو. برٽش ۾ رھڻ وارا ماڻھو خيرپور جي حد ۾ اچي دارون پي ويندا ھئا يا لڪائي برٽش ۾ کڻي ويندا ھئا.