مختلف موضوع

منھنجو صوڀوديرو

شري هولارام ڪتاب بابت لکي ٿو ته ”منھنجي پوٽن جي پڇ پڇان جي ڪري ھي ڪتاب لکيو آھي. سنڌ جي ڳوٺ ۽ ڪٽنب جو بيان ڪيو آھي. اسانجي مسلمانن سان رھڻي ڪھڻي ڪھڙي قسم جي ھئي اُھا ھن ڪتاب مان معلوم ڪري سگھجي ٿي. مسلمان ۽ ھندو ميل ميلاپ سان رھندا ھئا. ڪوبه جاتي جھڳڙو پاڻ ۾ نه ھوندو ھو. سڀ سِڪ ۽ محبت ۾ رھندا ھئا.“
Title Cover of book منھنجو صوڀوديرو

راڻيپور

راڻيپور ۾ پِير رھندا ھئا. اُنھن ۾ پِير ساليشاہ (صالح شاھ) جي درگاھ ھوندي ھئي ۽ ٻارھين مھيني ۾ ھڪ وڏو ٻارھين جو ميلو لڳندو ھو. ميلو ٽي ڏينھن ھلندو ھو. اُن ميلي جي ميدان ۾ سڀ قسم جا اسٽال ٺاھيندا ھئا. سڄي سنڌ مان ماڻھو ايندا ھئا. کاڌي جا اسٽال، رانديڪن جا، ڪپڙي جي ڊريسن جا، ڪٽلريءَ جا، جوئا جا، وندر لاءِ ڦرڻيون، چؤڏيل، چيڪلا سڀ قسم وندر جا اسٽال نڪرندا ھئا. اسان ننڍڙا ھئاسين. ٽي ڏينھن ميلي جا راڻيپور ۾ ٻارھين جي ميلي ڏسڻ لاءِ ويندا ھئاسين. راڻيپور ۾ پِير جو ھڪ سوئر جي ويڙہ جو ميدان ھوندو ھو. اُن ميدان کي گول ھڪ وڏي ڀت ھئي ۽ ڀِت کي چوڌاري ٻه فوٽ ھيٺ، پڇٽي ٻه فوٽ ويڪري ھوندي ھئي جنھن تي ماڻھو چڱيءَ طرح بيھي سگھي ۽ ميدان ۾ ٿيندڙ ويڙہ ڏسي سگھي. پڇٽيءَ تي چڙھڻ لاءِ ٿوري ٿوري وڇوٽيءَ تي ڏاڪا ٺھيل ھوندا ھئا جنھن تان چڙھي چوڌاري پڇٽي تي بيھي ويڙھ جي ميدان جي زمين ڏِسي سگھبي ھئي. جھنگلي سوئر کي اُن ۾ ڇڏيندا ھئا ۽ ڪُتا ڇڏيندا ھئا. چار ڪُتا ته ھڪ سوئر. ڪتا سوئر کي چَڪ پائڻ لاءِ ڊوڙندا ھئا ۽ سوئر ڪُتن کي پنھنجن ڏندن سان زخمي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. ويڙہ ڏاڍي دلچسپ ھوندي ھئي. ڪتن جا مالڪ ڪتن کي بڇ ڪندا ھئا ۽ زور زور سان ھمٿائيندا ھئا. لڙائيءَ ۾ ڪيترن ڪتن جو پيٽ ڦاٽي پوندو ھو ۽ سوئر به زخمي ٿي ڪري پوندو ھو ۽ مري ويندو ھو. ڪيترا ماڻھو لڙائيءَ کي ساراھيندا ھئا. ڪيترا چوندا ھئا ته اِھو پاپ آھي.
راڻيپور جي شھر کان ريلوي اسٽيشن ڏيڍ ميل پري ھوندي ھئي. وچ ۾ سنڌ سڌار واھ (روھڙي ڪينال) ھوندو ھو. واھ وڏو ۽ سکر وٽان سنڌونديءَ مان نڪتل ھو. اُن واھ مان ننڍا واھ ۽ واھن مان نالا ۽ نالن مان ننڍيون ناليون نڪتل ھونديون ھيون جو سڄي سنڌ جي زمينن کي پاڻي کيتيءَ لاءِ ڏيندا ھئا. راڻيپور اسٽيشن ھڪ ننڍي اسٽيشن ھئي. ھڪ اسٽيشن ماسٽر ۽ ٻه ٻيا ماڻھو ھئا. مونکي ياد آھي ته اسٽيشن تي ھڪ فقير بيٺو ھوندو ھو. اِئين ڏسڻ ۾ ايندو ھو ته مستانو آھي پر ڏاڍو چالاڪ ۽ ھوشيار. اِئين چوڻي آھي ته ڪوئي به ڳوٺ وجود ۾ ايندو آھي ته فقير ۽ ڪتو پھريائين پھچندو آھي. جڏھن کان اسٽيشن ٿي آھي ته ھي فقير ننڍي کان وٺي رھندو ھو. مان ڏٺو ته سڀ جا نالا پيو کڻي. جيڪو ھن کي پئسا نه ڏئي ته اِئين پيو چوي ته فلاڻا (نالو کڻي) اِئين پيو لک لُٽائين پر مون (پنھنجو نالو کڻي) قادو فقير لاءِ ٽانڊو. مان اُنجي ڀرسان بيھي اِھو ڊائلاگ ٻڌندو ھوس ته مونکي مزو ايندو ھو. اسٽيشن ڀرسان ھڪ ھندن جي ڌرمشالا ھڪ پاسي ۽ مسلمانن جو مسافر خانو ھوندا ھئا. سنڀالڻ لاءِ ساڌو ۽ درويش جدا جدا رھندا ھئا.
راڻيپور کان ٻه ميل پري سچل سرمست جو ڳوٺ درازا ورسيل آھي. سچل سرمست ڪامل ۽ پھچيل، الله جو پيارو ۽ صوفي درويش ٿي گذريا آھن. اُنھن جي درگاھ مقبرو درازن ڳوٺ ۾ آھي. سڄي دنيا ۾ اُنھن جا خليفا ۽ مڃڻ وارا آھن. سندن گادي نشين به انھن گُڻن ۽ ڪرامتن سان ڀرپور آھن. سندن درگاھ تي ھزارين ماڻھو اڄ به دعا گھرڻ ايندا آھن. پنھنجون آشائون پوريون ڪرڻ لاءِ انھن جي آشيرواد پنندا آھن. سچل جو اصلوڪو نالو عبدالوھاب ھو. سچل کي سرمست چوندا ھئا؛ جو ھميشہ مست ھوندا ھئا، نچندا ھئا ۽ بيت چوندا ويندا ھئا. اِئين سُندر زبان مان بيت نڪرندا ھئا جيئن نديءَ مان پاڻي وھندو آھي. سندن مريد لکندا ويندا ھئا. اڄ به سندن گادي نشين سرمست قبول محمد آھن، جي نوجوان ۽ سھڻا جوان آھن. منھنجي ملاقات انھن سان بامبي (ممبئي) ۾ ٿي. ھڪ ٽي ٽيبل تي شوداسڻي جي گھر ۾ ٿي ھئي. اُنھن جي ملاقات مون تي گھرو اثر ڪيو ۽ مان کين عرض ڪيو ته اھڙي ڪا دعا ڪريو جو اسان وري پنھنجي وطن ورون. اُنھن آڱر مٿي خدا طرف ڪئي ته اُنھن کي منظور ھوندو اِئين ٿيندو اسان انسانن جي ھٿ ۾ ڪجھ نه آھي. مان اُنھي واقعي کي بيان ٿو ڪريان. منھنجي پياري نُور نبيءَ (تنوير عباسي) جي ياد ۾ اِھو واقعو ٻڌايان ٿو. ھينئر مرحوم تنوير نور نبي ھن دنيا ۾ ڪونھن اُنھن جي وفات جو خط ٻه سال اڳ ۾ مونکي آيو ھو.
ڏھ سال ٿيا ته صبح جو سوير مونکي بامبي کان فون آيو. فون تي بامبي مان تنوير نور نبي ڳالھائي رھيو ھو. مان عجب ۾ اچي ويس ۽ پڇيومانس ته تون ڪيئن بمبئيءَ ۾ آيو آھين. جواب ۾ چيائين ته ھت آيو آھيان رام پنجواڻيءَ جي جينتي تي. ھِت بمبئيءَ ۾ سيمينار رکيو اٿن ۽ ھندوستان جا سڀ شاعر ۽ ليکڪ گھرايا اَٿن. مونکي به نينڍ ڏيئي سنڌ مان گھرايو اٿن. ادا عبدالنبي اوھان جي فون جو نمبر ڏنو ھو ۽ چيو ھئائين ته ضرور ضرور فون ڪج. مون کيس چيو ته پوءِ احمد آباد ۾ اچو ٿا؟ جواب ۾ نه ڪيائين ته مونکي ويزا صرف بمبئي جي آھي مان نٿو اچي سگھان. مان کيس چيو ته چڱو مان اچان ٿو. ھوٽل جي ايڊريس لکي ورتم ۽ صبح جو بمبئيءَ لاءِ تيار ٿي گاڏيءَ ۾ بمبئيءَ ويس. ھِت اوھان کي نُور جي ٿوري پڇاڻ ڏيان ٿو. خان بھادر گل حسن خان عباسي صوڀيديري ۾ ھڪ مشھور ماڻھو ھو. انگريزن جي راڄ ۾ ڪلاس ون آفيسر ھو. جڏھن ھندوستان ۾ راشنگ کاتو شروع ڪيو ھو اُن وقت خان بھادر کي ڪراچيءَ ۾ راشنگ جو ھيڊ ڪري رکيو ھو. ھنکي ٽي پُٽ ۽ ھڪ ڌيءُ ھئي. عبدالنبي وڏو پُٽ جو مون سان گڏجي پڙھندو ھو ۽ ٻيو نمبر نُور نبي جو بمبئيءَ ۾ آيو ھو. ڌيءَ نورجھان جا ھينئر صوڀيديري جي ميونسپل جي ھيڊ آھي. کيس ناظم چوندا آھن. ميونسپل جي ھيڊ کي ناظم چوندا آھن ۽ ھوءَ عباسي ڊاڪٽر عبدالرحمان جي بيگم آھي. عبدالرحمان صوڀيديري ۾ ڊاڪٽر آھي ۽ منھنجو خاص دوست آھي. گڏ پڙھندا ھئاسين. مئٽرڪ تائين گڏ ھئاسين ۽ ٻيو منھنجو دوست لعل بخش سامٽيو. اُنھن ٻنھي گھڻو لکيو ته ھڪ ڀيرو مان اُنھن وٽ وڃان. مان فيبروري 2004ع ۾ دھلي ويزا وٺڻ ويس پر ويزا ٻاريءَ تي ايڏي رش ھئي جو ويزا وٺڻ مشڪل ھئي. اَٺ ڏينھن دھليءَ ۾ رھي واپس آيس. اڃا اِھا اُميد آھي ته ھڪ ڀيرو ڪوشش ويزا لاءِ ڪندس ۽ پنھنجو صوڀوديرو ضرور ڏسندس ۽ اُتان جي مٽي کڻي مٿي تي رکندس. ماترڀوميءَ جو درشن ڪندس.
بامبئي پھچي صبح جو سوير ھوٽل ۾ ويس. اُتي نُور سان گڏيس. نُور اڪيلو ڪونه ھو. اُن جي زال ڪمل (قمر) به گڏ ھئي. ٿورو سيءُ ھو. مان ڪمري ۾ ويس. اُتي نُور مونکي ڀاڪر پاتو ۽ ڪمل (قمر) اُٿي مونکي پيري پيئي. مان ته عجب ۾ پيس ۽ اُنکي پيري پوڻ جي منع ڪئي پر اُن مٿي تي دپٽو رکي مونکي زوري پيري پيئي ۽ چيائين ته اوھان منھنجي وڏي ڏير جا دوست آھيو ۽ منھنجي وڏي ڏير جي سمان آھيو. مان ھُنجي ورتاءُ سان اھڙو خوش ٿيس جو منھنجي وات مان به زور سان نڪتو ”جيتي رھو ۽ ھميشہ آباد رھو“ پوءِ نُور کان حال احوال ورتم. جنھن ٻڌايو ته ھو ھينئر خيرپور ۾ رھندو آھي. پنھنجو دواخانو اٿس ۽. ٻئي زال مڙس دواخاني ۾ ڊاڪٽر آھن. کين ھڪ وڏو پٽ ۽ ٻه ڌيئرون آھن. پُٽ کي آمريڪا ھاير ايجوڪيشن لاءِ موڪليو آھي باقي ڌيئرون خيرپور ۾ آھن. ڌيءُ شاعر به آھي ۽ شاعري لکندي آھي. پوءِ مونکي سندس ڌيءُ جو ھڪ شاعريءَ جو ڪتاب موڪليو ھئائين.
اڄ ھِت ڪوٺ تي آيو آھيان ۽ اڄ نائين بجي سيتاڀون ۾ ھلڻو آھيان. اُتي پھريائين منھنجي شروعاتي اسپيچ رکيل آھي ۽ اوھان به ھلجو. مون چيو ته مونکي ته ڪوٺ ڪونه آھي. چيائين مان ٿو ڪوٺ ڏيانءِ ۽ اڄ عام ليڪچر آھن. 9 بجي موٽر آئي اسان ٻئي موٽر ۾ چڙھياسين. مان اڳيان ڊرائيور سان ويٺس. ھو ٻئي پٺيان سيٽ تي ويٺا. سيتاڀون ۾ آياسين. پھريائين اُتي ٻاھر گھڻا ماڻھو ويٺا ھئا. انھن ۾ جيٺي ڀيڻ بمبئي جي ھاءِ اسڪول جي پرنسيپال به ويٺي ھئي. ٻنھي کي آءُ ڀاءُ ڪري ويھاريو ۽ مون ڏي پئي نھارين. نُور منھنجي سڃاڻپ ڪرائي چيو ته ھي ھولارام آھي ۽ منھنجي وڏي ڀاءُ جو اسڪول ميٽ ۽ گھرو دوست آھي ۽ مونسان ملڻ لاءِ ھت احمدآباد کان آيو آھي ۽ اسان جي ڳوٺ جو پاڙيسري به آھي. مونکي به اُتان جا شاعر گڏيا ۽ آءُ ڀاءُ ڪيائون. ميٽنگ جو بندوبست مسٽر چاولا ڪيو ھو. اسٽيج وھڻ لاءِ ٺاھي ھئي. اُن اسٽيج تي جي مھمان پريزيڊنٽ سان وھاريا ھئا، وچ ۾ پريزيڊنٽ اھا محلا پرنسيپال ھئا ويٺل ھئي ۽ کٻي پاسي نُور نبيءَ جي پتني ڪمل (قمر) ۽ ساڄي پاسي سرمست قبول محمد سچل سرمست جا گادي نشين ۽ نُور نبي ويٺا ھئا.
باقي اڳيان ھيٺ ڪرسيون رکيل ھيون ۽ سڀ عام شاعر ۽ ليکڪ ۽ مھمان ويٺا ھئا. مونکي کي به اڳئين لائين ۾ ڪرسي ڏني ويئي ھئي. جڏھن سڀ اچي ويٺا تڏھن مسٽر چاولا پريزيڊنٽ ۽ مٿي منچ تي ويٺل مھمانن جي واقفيت ڏني ۽ پريزيڊنٽ جي موڪل وٺي سڀا شروع ڪئي. پريزيڊنٽ پاڻ اُٿي پھريائين نُور نبيءَ جي ٿوري سڃاڻپ ڪرائي ۽ نُور کي عرض ڪيائين ته پنھنجو بيان پڙھ. نُور پنھنجو بيان پڙھيو ۽ خاص مطلب ميٽنگ جو ھو صوفي متو بيان ڪرڻ. سڀ ڌرم يا مذھب ھڪ ئي رستو ٻڌائين ٿا. پر اسان برابر مطلب نٿا سمجھون. ويد، قرآن، بائيبل ھڪ ئي انسانيت جو سبق سيکارين ٿا پر انسان اُلٽو مطلب ڪڍي پاڻ ۾ ساڙ حسد رکي لڙن ٿا. نُور گھڻو سمجھ وارو بيان پڙھيو، جنھن جو مطلب ھو ته سڀ ڌرم مذھب پاڻ ۾ نه وڙھن ۽ ھڪ ٻئي سان محبت رکن. نُور نبي تنوير ھڪ ٻه سلوڪ ويدن مان بيان ڪيا.
ھينئر وارو آيو ٻُڌڻ وارن جو. پريزيڊنٽ چيو ته ھڪ ھڪ کي صرف ٽي منٽ ڏنا ويندا جو نُور صاحب چيو آھي اُن بابت اوھان جا ويچار ڪھڙا آھن. ھڪ صاحب اُٿيو پنھنجي تقرير شروع ڪئي. ڄڻ ته پھريائين سوچي آيو ھو جھڳڙو ڪرڻ لاءِ. مان ڪنھنجو نالو ڪونه ٿو ڏيان ۽ حقيقت لکان ٿو. ھن صاحب فرمايو ته اسانجو ئي ڌرم آھي جو ٻئي ڌرم جو ماڻھو ايندو آھي يا اسان جي سنڌ جو ڪتو يا ڪانءُ ايندو آھي ته اسان اُنکي گھڻو مانُ ڏيندا آھيون ۽ اسانجو ماڻھو وڃي ته ڪوبه پڇندو نه آھي. پريزيڊنٽ اُنکي چيو مھرباني ڪري بند ڪيو اوھان جا ٽي منٽ ٿي ويا آھن.
ٻِئي ماڻھو جنھن اڳ ۾ ڳالھائڻ لاءِ آڱر کنئي ھئي تنھنکي سڏ ڪيو. اُن صاحب به اوچي آواز ۾ ٻئي ڌرم تي ڪجھ چيو. مون ڏٺو ته ڪمل (قمر)، نُور جي ڪنوار جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ رومال سان اُگھڻ لڳي. مونکان سَٺو نه ويو مان اٿي بيٺس ۽ پريزيڊنٽ کان موڪل گھري ته مونکي ٽي منٽ ڳالھائڻ ڏيو. پريزيڊنٽ کي به لڳو ته مان ڪجھ غصي ۾ آھيان. اُن مونکي چيو ته ھولارام اوھان شانتي رکو، مان اوھان کي پوءِ وقت ڏيان ٿي. مان ويھي رھيس ۽ پريزيڊنٽ پاڻ اُٿي چوڻ لڳي ”اوھان سڀ پڙھيل آھيو پاڻ کي شاعر ٿا چوايو ۽ ڪي اديب آھن پاڻ کي ٻين ماڻھن کان اوچ ڪوٽيءَ ۾ ٿا سمجھو اوھانکي وجود نه ڇڏڻ کپي. وجود ۾ رھو. جو ڳالھايو ته اِھو سمجھي سوچي ڳالھايو. وڌيڪ مان اوھانکي ڪھڙي نصيحت ڏيان. توھان پاڻ سمجھدار آھيو. جھڳڙي جو ميدان ڪونه آھي. ھي اديبن جو ميدان آھي.“ مون ڏي نھاري مونکي چيائين ته بس ھولارام ھاڻي ته اوھان کي منچ تي ڳالھائڻ جي ضرورت نه آھي. مان ڪنڌ لوڏي ھا ڪئي. اُن تي نور نبي اُٿي پريزيڊنٽ کان موڪل وٺي مائيڪ تي آيو. ڳالھائڻ شروع ڪيائين ته اسانجي سنڌ ۾ ھڪ صوفي فقير رھندو ھو. تمام درويش ھوندو ھو. جيڪو اُن وٽ ويندو ھو ته ھٿ جوڙي ڳالھائيندو ھو. ھميشہ نماڻي آواز سان پيش ايندو ھو. ڪھڙي به ڌرم جو ماڻھو ايندو ھو اُنکي سڀ قسم جو ھڪ جھڙو سنمان ڏيندو ھو. اُنھيءَ ڳوٺ ۾ ٻه ماڻھو تعصبي ۽ جاھل ھوندا ھئا. مياڻ ۾ تکي ۽ چمڪي واري تلوار رکي ڦرندا ھئا. سڀ کي ڊيڄاري پنھنجو مطلب ڪڍائيندا ھئا. اُنھن کي خبر پيئي ته درويش سڀني کي عزت ڏئي ٿو ۽ ٻين ڌرمن وارن کي به مٿي تي چاڙھي ٿو. اسان ٻئي ھلي ھنکي ڌمڪائي اچون ته اِئين نه ڪري. ٻئي درويش وٽ آيا. در تي بيٺا، صوفي درويش اُٿي بيٺو ۽ ھٿ ٻَڌي چيو ته وڏيرا صاحب اندر اچو. اُنھن کي ويھاري سنمان ڏنو. پاڻي پياريو پر اُھي وڏيرا ھر ھر تلوار ۾ ھٿ وجھي اڌ ٻاھر ڪڍي وري مياڻ ۾ پيا وجھن. تلوار جو چمڪو پيو ٿئي ۽ درويش سمجھي ويو ته ھنن جو مطلب مونکي ڊيڄارڻ جو آھي پر به درويش اڻڄاڻ ٿي اُنھن کان پڇيو ته اوھان اِھو ڇا ٿا ڪريو؟ اُنھن جواب ڏنو ته فقير ھي ھڪ اھڙو ھٿيار آھي جو اسان ڪنھن کي ھڻون ته انسان ٻه اڌ ٿي پوي. جيڪو به ماڻھو ٻئي مذھب واري کي اسانجي مذھب جھڙو درجو ڏيندو آھي ته اسان اُن ماڻھوءَ کي ھن تلوار سان ٻه اڌ ڪري ڇڏيندا آھيون. درويش ھٿ ٻڌي چيو ته ”سائين مون وٽ به ھڪ ھٿيار آھي جو مان اھڙن بي سمجھ ماڻھن لاءِ ڪتب آڻيندو آھيان.“ تنھن تي ھنن رڙ ڪري چيو ته ”ٻڌايو اوھان وٽ اھڙو ھٿيار ڪٿي آھي؟ جلد اسان کي ڏيکاريو اسان ڏسون ته اسانجي ھن تلوار کان وڌيڪ تِکو آھي.“
درويش چيو ”ته نه تِکو آھي نه چمڪدار آھي. ڏسو منھنجو ھٿيار ھي آھي.“ درويش اُٿي بيٺو ۽ ھٿ جوڙي اُنھن تعصبي ماڻھو جي اڳيان نِميو ۽ چيائين ”سائين منھنجو ھٿيار ھي آھي، ماڻھوءَ کي ٻه اڌ نه ڪندو آھي، پر ٻن غصي وارن ماڻھن کي ٻن مان ھڪ ڪندو آھي.“ اِھو ٻُڌي اِھي شخص فقير کي ھٿ جوڙي ٻاھر ھليا ويا.
نُور نبيءَ پنھنجا ھٿ ٻَڌي مٿي ڪيا ته منھنجي لاءِ جن کي به ڪاوڙ يا غصو آھي مان اُنھن کان معافي ٿو وٺان. ماڻھو تاڙيون وڄائڻ لڳا ۽ پوءِ جن به ٽن منٽن لاءِ ڳالھايو اُنھن سڀني تنوير نُور جي ساراھ ۾ ڳالھايو. ميٽنگ ھڪ خوشنما ٿي ويئي. ميٽنگ پوري ٿي ته مان نُور کان موڪلائڻ چاھيو پر اُن شام تائين روڪيو. اُنھي وچ ۾ ڪمل (قمر) مونکي چيو ته ادا توھان نُور کي جھليو ته سگريٽ ڇڏي ڏئي. مون به ڏٺو پئي ته جيئن مان ھنن وٽ ھوس ته نُور سگريٽ مٿان سگريٽ پيئي رھيو ھو. مون چيو ته نُور تون ڊاڪٽر آھين پوءِ به سگريٽ گھڻا ڇو ٿو پيئين. تنھنجا مريض جنھنکي دوا ڏيندو ھوندين ته ضرور چوندو ھوندين ته تماڪ گھڻو نه ڇڪيو. پر ڪو مريض ته ضرور چوندو ته اوھان ڇو ڇڪيو ٿا. پوءِ اسان کي ڇو ٿا منع ڪريو. نُور جواب ڏنو. اُنکي مان چوندو آھيان جيڪو به سٺي صلاح ڏئي اُھا ڪريو. پر صلاح ڏيندڙ جيڪو پاڻ ٿو ڪري اِھو بلڪل نه ڪريو. مان ڪمل (قمر) کي چيو ته ڇا ڪريون ھي عادت کان مجبور آھي. مونکي ھت ھڪ ننڍپڻ جي ڳالھ ياد آئي. صوڀيديري ۾ ھڪ مستانو رھندو ھو. اَلو اُنجو نالو ھو. ھڪ ڄنگھ کان منڊو ھو ۽ لٺ جي زور تي ھلندو ھو. اسان سڀ ننڍا ڇوڪرا اُنکي چيڙائيندا ھئاسين ”اَلو ڊکڻ ميڙي مکڻ تاج لنڊي ڪاڻ، تاج لنڊي کڻي بنڊي اَلو ڊکڻ ڪاڻ“ ھو اسانکي گاريون ڏيندو پٺيان ڊوڙندو ھو، پر ڊوڙي نه سگھندو ھو. منڊڪ منڊڪ ڪري پٺيان ايندو ھو. اسان ڇوڪرا ڊوڙ پائي ڀڄي ويندا ھئاسين. ھو وڏن ماڻھن کي دانھون ڏيندو ھو ته ڇورن کي سمجھايو نه ته مان ماري ڇڏيندومان.
مونکي ياد آھي ته ھڪ ڏينھن مان بازار ۾ ڪجھ وٺڻ وڃان پيو. مونکي خبر ڪانه ھئي ته دڪان جي پاسي ۾ اَلو بيٺو آھي. جڏھن مان برابر اَلو جي پھچ ۾ آيس تڏھن اَلو ڀر ڪري اھڙي لٺ پُٺاڙن تي مونکي ھنئين جو منھنجي رڙ نڪري ويئي. پٺيان اَلو جو آواز آيو ته ڇورا مونکي وري چيڙائيندين؟ کاءُ لٺ. مان ته ھڪو ٻڪو ٿي ويس. برابر ٽي ڏينھن ايترو چيلھ ۾ سور ھو جو مان گھمي ڪونه سگھندو ھوس. پوءِ بازار ۾ نڪرندو ھوس ته ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري ڏسندو ھوس ته اَلو ته ڪونه بيٺو آھي. جيڪڏھن بيٺو ھوندو ھو ته پري کان نڪري ويندو ھوس. اِتي ھڪ ٻي ڳالھ ياد آئي ته ميرڪ نالي ٻيو ڳوٺڙو اسانجي صوڀيديري کان ٻه ٽي ڪلوميٽر پري وسيل ھو. اُتي به سؤ کن گھر ھندن جا ھوندا ھئا ۽ مسلمانن جي وچ ۾ رھندا ھئا. اسان ننڍا ھئاسين ته اسانجو بابا ھڪ پرولي ڏيندو ھو ته ميرڪ جي ڳوٺ ۾ ھڪ انڌير ڏٺوسين، گھوڙي ۽ سوار ٻئي ٻيلھ گڏھ تي وڃن پيا. ٻيلھ ڇا کي چئبو آھي ته ٻه ماڻھو گڏ گھوڙي يا گڏھ تي ويٺل ھجن ته اُنکي چوندا ھئا ته ٻئي ٻيلھ گڏھ تي ويٺا آھن. اسان کي سمجھ ۾ نه پيو اچي ته گھوڙو ھڪ وڏو جانور آھي ۽ سوار اُن تي چڙھيل ھوندو پوءِ اِھي ٻئي گڏ (ٻيلھ) ڪيئن گڏھ تي وھندا. گڏھ ته جھڪي پوندو. جيڪڏھن گھوڙي رڳو ٻه ٽنگون گڏھ تي رکي وري گھوڙي جو سوار به گڏھ تي. اِھا ڳالھ ته مڃڻ جھڙي نه آھي. بابا چيو ته مان اوھان کي سمجھايان ٿو. ميرڪ ڳوٺ ۾ لوڪو واڻيو آھي جو حڪيم آھي. ڳوٺ ۾ ماڻھن کي دوا ڏيندو آھي پر ٽنگ کان منڊو آھي. ھڪ ٽَنگ برابر اٿس ٻي ٽَنگ گوڏي کان ھيٺ ڪانه اٿس. اُن ھڪ ڪاٺ جي ٽنگ ٺھرائي ھئي. وڏو ٿُلھو لڪڙو، اُن جي وچ ۾ جتي گوڏو پھچي ڪاٺ جو پاٽيو فٽ ٿيل ھوس ۽ پنھنجو سٿر اُن پاٽيه تي رکي ھلندو ھو. اُن لڪڙي ۽ پاٽيه کي گھوڙي چوندا آھن. ھاڻي جڏھن ھلندو ھو يا گھمندو ھو ته اُن ڪاٺ جي گھوڙيءَ تي مَنڊي ٽنگ رکندو ھو ۽ پنڌ ڪندو ھو. ھڪ ٽنگھ اصل ۽ ٻي ٽنگ گھوڙيءَ تي رکي ھلندو ھو. پر جڏھن گھڻو پنڌ ڪرڻو ھوندو ھوس يعني صوڀيديري ايندو ھو ته گڏھ تي چڙھي ايندو ھو. گڏھ تي چڙھندو ته اِھا ڪاٺ جي گھوڙي به گڏھ تي رکندو ھو ته ڪنھن سياڻي ماڻھو جي نظر پيئي ۽ ھڪدم رڙ نڪري ويس ته سوار (معنيٰ لوڪو) ۽ گھوڙي (ڪاٺ جي ٽنگ) ٻئي ٻيلھ گڏھ تي. پر وڃي پرولي ٺھي. مان جڏھن لوڪو حڪيم کي صوڀيديري ۾ ڏسندو ھوس ته يڪدم پرولي ياد ايندي ھئي ته گھوڙِي ۽ سوار ٻئي ٻيلھ گڏھ تي.