مختلف موضوع

منھنجو صوڀوديرو

شري هولارام ڪتاب بابت لکي ٿو ته ”منھنجي پوٽن جي پڇ پڇان جي ڪري ھي ڪتاب لکيو آھي. سنڌ جي ڳوٺ ۽ ڪٽنب جو بيان ڪيو آھي. اسانجي مسلمانن سان رھڻي ڪھڻي ڪھڙي قسم جي ھئي اُھا ھن ڪتاب مان معلوم ڪري سگھجي ٿي. مسلمان ۽ ھندو ميل ميلاپ سان رھندا ھئا. ڪوبه جاتي جھڳڙو پاڻ ۾ نه ھوندو ھو. سڀ سِڪ ۽ محبت ۾ رھندا ھئا.“
Title Cover of book منھنجو صوڀوديرو

پنهنجي ڪٽنب بابت

مان
ھينئر ٿورو بيان پنھنجي ڪٽنب جو ٿو لکان جو منھنجا پوٽا ڄاڻڻ چاھين ٿا. خيرپور جيئن ته ميرن کي مليل ھئي ۽ ميرن کي ٽالپر به چوندا ھئا. اُنھن جا رياست ۾ گھڻا پنھنجا به حڪم ھوندا ھئا. ميرن جو ھڪ آرڊر ھو ته زمين کيتي واري ڪنھن به ھندوءَ کي نه وڪي وڃي. ائين ڪرڻ سان مسلمانن جي زمين سڀ ھندو وٺي ويندا ۽ زمين جا مالڪ سڀ ھندو ھوندا. مسلمان مالي حالت ۾ گھڻو پوئتي ھئا ۽ خاص اُنھن جو ڌنڌو کيتي ھوندو ھو. ھندو، جنھن کي واڻيو به چوندا ھئا، اھي سڀ ڌنڌو ڪندا ھئا ۽ دڪان وغيره ھلائيندا ھئا. مسلمانن کي اوڌر تي مال وغيره ڏيندا ھئا. جڏھن کيتي وغيره لھندي ھئي ته اُنھن کان کيتيءَ جو مال وٺندا ھئا. اِئين ڪندي ھندو سڀ پئسن وارا ھوندا ھئا ۽ مسلمان غريب ھوندا ھئا. جيئن ته اھو ويچار ھوندو ھو ته مسلمان اھڙا پڙھيل به نه آھن ۽ ھندن کان اوڌر تي مال وٺن ٿا. ھندو انھن کي اوڌر ۾ ٺڳي وڃن ٿا ۽ ھميشہ غريب رھن ٿا. جيڪو به کيتيءَ مان پئدا ٿئي ٿو سو سڀ اوڌر ۾ ھندو وٺي وڃن ٿا. تنھن ڪري ميرن جي رياست ۾ قاعدو پاس ٿيل آھي ته کيتيءَ جي زمين ڪوبه ھندو وٺي نه سگھي. اگر وٺي ته وڏي مير جي منظوري اُن تي ھئڻ کپي. تنھنڪري رياست ۾ ھندو واڻيه کي زمين ڪونه ھوندي ھئي. اِھو آرڊر صرف رياست جي اندر ھو. انگريزن جي حد ۾ نه ھو. انگريزن جو جتي راڄ ھو اُتي ته وڏا وڏا زمين وارا ھندو ھئا. فقط رياست خيرپور جي پنجن تعلقن ۾ اِھو حڪم ھو. بابا جن ھڪ ڳالھ ٻڌائي جو اسان وٽ پنجاھ ايڪڙ زمين ھئي. اسان پڇيو ته بابا اسانکي زمين ڪيئن آئي.
بابا جن ٻڌايو ته صوڀيديري ڳوٺ ۾ ھڪ چريو فقير ھوندو ھو. سڀ ماڻھو اُنکي چريو يا پاڳل چوندا ھا. گھمندو ڦرندو ھو. ڪو روٽي ڏئيس ته کائيندو ھو. دڪان وارا به ناشتو ڏيندا ھئس. پڪوڙن وارا پڪوڙا ڏيندا ھوس. کائي پنھنجي منھن ڦرندو ھو ۽ ننڍڙو ڪاٺيءَ جو لڪڻ کڻي پيو پنھنجي ليکي بُڙ بُڙ ڪندو ھو. سڀني کي سڃاڻندو ھو. بابا جن وٽ اچي وھندو ھو. بابا اُن کي روٽي به کارائيندا ھئا. ڪڏھن ڪپڙا گھڻا ڦاٽي ويندا ھوس ته ڪپڙا ڏيندو ھوس ته بدلائي پائيندو ھو. بابا جن سان ھتي ھُت جون ڳالھيون ڪندو ھو. جي ڳالھيون اھڙيون خاص چرين جون ھونديون ھيون پر معنيٰ ڀريل ھونديون ھيون. ھڪ ڏينھن ڪنھن بدمعاش اُنکي لڪڻ ھنيو. بابا کي چيائين ته مونکي لڪڻ ھنيو اٿائين پر منھنجو يار جڏھن اھا ڳالھ ٻڌندو ته کيس سڄي بدن تي لَڪڻ ھڻندس. ھفتي کانپوءِ وري آيو. مھراج منھنجي يار اُنجي لڪڻ سان کَل لھرائي ڇڏي آھي. ٻڌڻ ۾ آيو ته اُن ماڻھو کي ڪنھن ڪوڙي ۾ اڙائي پوليس ايترو ماريو ھو جو سچ پچ کَل لھي ويئي ھوس. درويش جي بابا ڳالھ ٻڌي ۽ دل ۾ خيال آيس ته ھي فقير سچ پچ الله لوڪ آھي. فقير ھميشہ چوندو ھو ته يار مونکي گھڻو پيار ڪندو آھي. منھنجو يار ڏاڍو مھربان آھي. مون سان ڳالھيون ڪندو آھي.
بابا جن ھڪ ڏينھن جي ڳالھ ڪئي ته ھڪ اڌ رات جو اِھو فقير آيو. ڪيترن ڏينھن کان ڏسڻ ۾ نه ايندو ھو، پر اُن ڏينھن اڌ رات جو اچي دروازي تي بيھي آواز ڪيائين ”او ڏتل“ او ڏتل سمھي پيو آھين خبر ڪانه اٿئي مان پنھنجي يار وٽان آيو آھيان. اُٿ ٻاھر اچ. بابا جن آواز ٻڌو ته درويش مستاني جو آھي ۽ دروازو کولي پڌر مان پڇيائين ته ڇا آھي؟ درويش چيو ته ڏاڍي بُک لڳي آھي، کاڌو کاراءِ. بابا امان کان رڙ ڪري پڇيو ته کاڌو بچيو آھي. امان ھا ڪئي. چيائين ته پِنڊيءَ ۾ پيو اَٿو. بابا جن پنڊي کڻي اچي فقير جي اڳيان رکيائين. کاڌو چڱو بچيل ھو. اُن ۾ چانور ڀاڄي ۽ چار کن ڦلڪا به پيا ھئا. فقير کائي ڍوُ ڪيو ۽ بابا پاڻيءَ جو لوٽو به ڀري ڏنس. پاڻي پي درويش ڏاڍو خوش ٿيو. بابا ڏي نھاري چيائين اڄ منھنجو يار توکي زمين ٿو ڏيڻ چاھي. کڻي آءُ نوڙي ته توکي زمين ڏيندس. بابا چرچو سمجھي چيو ته فقير تنھنجي دعا ئي گھڻي آھي. تون خوش ته مان خوش. فقير ٿورو ڪاوڙ مان زور سان آواز ۾ چيو ته نوڙي ڪانھي ته گھر ۾ ڍيرو ته آھي، اِھو کڻي اچ. بابا امان کان ھڪ ننڍي ڍيري پيئي ھئي سا ورتي ۽ فقير کي ڏنائين. درويش ڍيري ھٿ ۾ وٺي اُن جو منڍ بابا جي ھٿ ۾ ڏنائين ته ڇڪي ھن سڳي کي ۽ ڪيتري زمين کپئي ايترو سڳو ڇڪ. بابا سڳو کڻي پڌر جي ٻي ڪُنڊ تائين ويو. اُتي بيھي رھيو. درويش رڙ ڪئي ته بس ايتري زمين کپئي. کڻ جيڪا تنھنجي نصيب ۾ آھي. اُھا ئي يار توکي ڏيندو. بس اُن واقعي کي ٿورا ڏينھن ٿيا. بابا جن وڌو حجم کان دڪان تي ڏاڙھي ويٺي لاھرائي ته ھڪ ڪڙمي آيو ۽ بابا کي چيائين ته مونکي زمين ڏيڻي آھي ۽ توھان وٺو. اوھان کي سستي ڏيندس. زمين ڏھ ايڪڙ آھي ۽ زمين جي جڳھ ٻڌائي چيو ته مير اوھان جا دوست آھن ۽ اوھان کي وٺڻ جي موڪل به ڏيندا. حال پئسن جي تمام ضرورت آھي. اُتي اُن حجم جو بابا جن تي گھڻو وشواس پاتر ھوندو ھو. اُن چيو مھراج حال زمين منھنجي نالي لکي وٺوس ۽ پوءِ ميرن کان حڪم وٺي اوھان پنھنجي نالي ڪرائجو ته ھن ويچاري جو به ڪم ٿئي. بابا اُن کي پئسا ڏنا ۽ اُن حجم جي نالي لکاڻ ڪري اھا زمين ورتي. ٿورن ڏينھن ۾ مير سان ڳالھ ڪئي جنھن پنھنجي خيرپور جي ميرن کي چوايو. اُنھيءَ وچ ۾ ٻيا زمين وڪڻڻ وارا به آيا ته مھراج کي زمين وٺڻ جي منظوري مير ڏين ٿا. ائين ڪندي ڪندي اسانجي لڳ ڀڳ پنجاھ ايڪڙ زمين ٿي ويئي ۽ اسان زميندار ليکجڻ لڳاسين. منھنجو بابا ڪڙمين کي زمين پوکڻ لاءِ ڏيندا ھئا ۽ ٻج اسانجو، پورھيو ڪڙمين جو. آخر کيتيءَ مان اڌ اسان جو ۽ اڌ ڪڙمين جو. اُن مان به اسانکي گھڻو بچندو ھو.
صوڀيديري ۾ سڀ پنھنجي ڪمائيءَ مان خوش ھوندا ھئا ۽ سڀ سستائي ھوندي ھئي. سنڌوندي ٿورائي ميل پري وھندي ھئي ۽ نديءَ جي ٻئي پاسي کي ڪچو چوندا ھئا. کيتن ۾ پاڻي بيٺو ئي بيٺو ھو. اُن ڪچي ۾ چانور تمام گھڻا ٿيندا ھئا. ڪچي مان ھڪ واپاري ايندو ھو ۽ اچي گوپلاڻي جي اوطاق ۾ لھندو ھو. گوپلاڻي آڪھ صوڀيديري ۾ وڏي آڪھ ھوندي ھئي ۽ سيٺ سيتلداس ساجنداس جي نالي سان ڪراچي ۾ ڪوٺي ھوندي ھئن. صوڀيديري ۾ شاھوڪار پارٽي ڳڻي ويندي ھئي ۽ اُن جي وچ بازار ۾ اوطاق ھوندي ھئي جنھن ۾ رات جو ڏينھن جو ڪوبه ماڻھو آرام ڪندو ھو. ٻاھر جا ماڻھو اُن ۾ رھندا ھئا. چانورن جو واپاري اچي وھندو ھو ۽ سڄي شھر ۾ ٽھليو چئي ويندو ھو ته جنھن کي چانور کپن واپاريءَ کي لکائي وڃي. ماڻھو گھرج آھر اُن واپاريءَ کي چانورن جون ڳوڻيون لکائي ويندا ھئا. ڪو ھڪ ڳوڻ ڪو پنج ڳوڻيون. ڪو ٽي ڳوڻيون. اھڙيءَ طرح اِھو واپاري ڳوڻيون ڳوٺ ڏانھن موڪليندو ھو ۽ سڀني کي لکيل موجب ڳوڻيون ڏيندا ھئا. مھيني مھيني واپاري جو ماڻھو ايندو ھو. اوڌر ۾ جيڪو به جيترا پئسا ڏيندو ھو ته ھو وٺي ويندو ھو. اھا اُڌر ٻارھن مھينن ۾ پوري ڪرڻي ھوندي ھئي ۽ سٺي سڳداسي چانورن جي قيمت اٽڪل ڇھ رپيا ڳوڻ جي ھوندي ھئي پوءِ ڪنھن وقت چار آنا مٿي يا چار آنا گھٽ. ڳوڻ ۾ سو سير چانور ايندا ھئا. مڻ ۾ چاليھ سير ۽ اڍائي مڻن ۾ سو سير چانور. ٻيون شيون به گھڻيو سستيون ھونديون ھيون، جنھنڪري ڳوٺ ۾ سڀ ماڻھو آنند ۾ ھوندا ھئا. ڪنھن کي به روٽي جي چنتا ڪانه ھوندي ھئي.
منھنجي پوٽي مون کان وري پڇيو ته دادو اوھان اسان جي وڏي بابا جي ڳالھ ٻڌائي. اھڙي ڪا اسانجي وڏي ماءُ جي به ڪا يادگيري ٻڌايو.
مونکي اُن وقت ياد آيو ته اسان جي بابا جي ماءُ جنھنکي اسان جِيجي چوندا ھئاسين، اُنکي کي رات جو اسان سڀ ننڍا ڀائر ۽ سوٽ گھيرو ڪري وھندا ھئاسين ۽ پڇندا ھئاسين. اُن ھڪ ڀيرو اسانکي پنھنجي ننڍي ڀيڻ جو واقعو ٻڌايو. اسانجي جيجيءَ جي ڀيڻ به اسان جي جيجيءَ جھڙي ھئي. منھن ويڪرو ۽ بدن جانٺو ۽ رنگ گورو، اوچائي به ٺيڪ ھئي. تمام ٺيڪ لڳندي ھئي. دل مَردن جھڙي پھلوان ھوندي ھئس. اُن جو به مڙد ٽي پٽ ڇڏي گذاري ويو ھو. ھوءَ ٽن پٽن سان اَٺ ميل پري محبت ديرو جتوئي ۾ رھندي ھئي. اُتي گھوڙو ته گھر ۾ ھوندو ھئن. پوءِ جڏھن به ڀيڻ سان ملڻ ايندي ھئي ته گھوڙي تي پٺيان سندس ننڍي پُٽ کي چيلھ سان ٻڌي وھاري ايندي ھئي. مَردن وانگر اڪيلي پنھنجي ڳوٺ کان صوڀيديري تائين لڪڻ ھٿ ۾ ھوندو ھوس ۽ ايندي ھئي. گھوڙي سواري ۾ به ھوشيار ھُندي ھئي.
ھڪ ڏينھن جي ڳالھ آھي ته اُھا اسان جي ماسي جيجي پنھنجي ڳوٺ ۾ دروازي تي ٻاھر بيٺي ھئي. جيئن ته گھٽي ھئي سڀ ماڻھو لگھندا ھئا ۽ رستي وانگر ھئي. ڪنھن کي به اچ وڃ جي منع ڪونه ھوندي ھئي. اُن وقت زميندار جو پُٽ پنھنجي دوستن سان اچي اُتان لنگھيو. اسان جي جيجي اُن وقت توڙي وڌوا ھئي ۽ ٽن پٽن جي ماءُ ھئي، پر ڏسڻ جي ڪشش واري ھئي. زميندار جي ڇوڪري نھاري ۽ کنگھڪار ڪئي. اسانجي جيجي سمجھي ويئي ۽ پٺيان سڏ ڪيائين ته اي ڇوڪرا ھيڏانھن ته اچ ڪم اٿئي. ڇوڪرو پٺتي موٽيو ۽ اڳيان آيو. جيجيءَ پَٽڪي ۾ ھٿ وجھي پٽڪو لاٿس ۽ ھڪ ٻه بُجو منھن تي ھڻي چيائين شرم نٿو اچئي، مان ته تنھنجي ماءُ جيڏي آھيان امان چوڻ جي بدران کنگھڪار ٿو ڪرين. ڇوڪرو پٽڪو ھٿ ۾ کڻي وٺي ڊوڙ پائي ڀڄي ويو. ڳوٺ ۾ خبر پئي. ھندن جو مُکي اچي ڊنو ته وڏيرو ڇوڪري جو پيءُ مائيءَ جي ڪھڙي حالت ڪندو. مائي به ته اسان جي گُر برھمڻ جي زال آھي ۽ پاڻ ته ھن دنيا ۾ ڪونھي. اسانکي کي ئي نباھڻو آھي. پاڻ ۾ مڙي صلاح ڪن پيا ته وڏيري جو ماڻھو آيو ۽ نياپو ڏنائين ته ھندن جي مکي صاحب کي وڏيري ھاڻي جو ھاڻي گھرايو آھي. سڀ گھٻرائجي ويا ته مائي وارو معاملو ئي آھي. مکي چار پنج ماڻھو گڏ ڪري زميندار جي اوطاق تي ويا.
زميندار سڀني کي کيڪاريو ۽ وھاري پاڻي پياريو. سڀ پيا ھڪ ٻئي ڏي نھارين. نيٺ زميندار زبان کولي ۽ چيائين مُکي صاحب مان اوھان کي اُن لاءِ گھرايو آھي ته منھنجي ڇوڪري ھڪ ناداني ڪئي آھي. اوھان جي گُرياڻي سان بيھودو ورتاءُ ڪيو آھي. انھيءَ ڪري اُن کي سزا ملڻ کپي. اوھان جيڪا اُن جي لاءِ سزا مقرر ڪريو اُھا سزا اُن کي ڏني ويندي.
اسانجي سعيدن سان ڪو بيھودو ڇيڙ ڪري ته اسان ڪونه سھي سگھنداسين. ضرور اُن ھندو کي سزا ڏينداسين. تنھنڪري فيصلو اوھانجي ھٿ ۾ آھي. منھنجو ڇوڪرو برابر ڏوھي آھي ۽ ڏوھ ڪيو اٿائين. مُکي ڳالھ ٻڌي دنگ رھجي ويو ۽ زميندار ڏانھن منھن ڪري ھٿ جوڙي چوڻ لڳو ته سائين اوھان مُھان آھيو، برابر مدبر ماڻھو آھيو. اسان اوھان جي اڳيان ڪجھ نه آھيون. جيئن اوھان کي وڻي ھي معاملو دفع ڪريو.
مُکي جي ڳالھ ٻڌي زميندار چوڻ لڳو چڱو ھاڻي ھي فيصلو ٿا ڪريون ته منھنجو پُٽ اسان سڀني سان گڏجي ھلي ۽ مائيءَ کي پيرين پيئي چوي ته تون منھنجي ڀيڻ به آھين ته ماءُ به آھين. مونکي معاف ڪر ۽ منھنجي ڀُل ٿي ويئي آھي ۽ ھي رئو اُنجي مٿي تي وجھي. سڀني کي فيصلو وڻيو ۽ وڏيري جي واھ واھ ڪئي ويئي. اُنھيءَ وقت سڀ اسانجي ماسي جيجي جي گھر آيا ۽ فيصلو عمل ۾ آندو ويو. اسان ننڍا ھئاسين. اُن وقت ڳالھ ٿوري سمجھ ۾ آئي ته ٿورو خيال ڪيوسين. مان چيو جيجي آکاڻي اسانکي گدڙ- ڪڪڙ جي يا شينھن ۽ ٻڍي برھمڻ جي يا ڪيئن ۽ ڪڪڙ وغيره جي ٻڌاءِ ته اسان ٻڌون.
جيجي تنھن تي ھڪ ٻي آکاڻي ٻڌائي جا اسان ور- ور ڪري چوندا ھئاسين ته جيجي اُھا آکاڻي مداري ۽ ملان جي ٻڌاءِ. پوءِ اھا آکاڻي شروع ڪندي ھئي.
مداريءَ کي ھڪ ڀولڙي ھوندي ھئي. صبح جو اُٿي ڀولڙي ڪاھي ٻاھر بازار ۾ ويندو ھو. ماڻھن کي ڀولڙيءَ جو ڊانس ڏيکاري ڪري پئسا ڪمائي گھر دال چانور وٺي زال کي ڏيندو ھو. زال کاڌو بڻائي مداري، ٻارن ۽ پاڻ کائي سمھي پوندي ھئي ۽ اِئين اُنجو وقت گذرندو ھو. ھڪ ڏينھن صبح جو ڀولڙي ڪاھي ٻاھر آيو ته پھريائين ھڪ ملان وڏي ڏاڙھي سان گڏيس. مداريءَ ملان کي عرض ڪيو ته ملان صاحب اڄ منھنجي ڀولڙيءَ جي بازي ڏسو. اِئين چئي ڍولڪي وڄائڻ لڳو ته پاسي اوسي کان ڇوڪرا ۽ ڪجھ ڳوٺ جا وڏا ۽ جوان ڪٺا ٿيا. سڀ گول ڪري بيٺا. مداريءَ ڀولڙي کي چيو ته قلابازيون ڏي ته ڀولي ھڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين قلابازيون ڏنيون. پوءِ مداريءَ اُنکي لٺ ڏني ته تون گايون چاري اچ. ڀولڙي ڪُلھي تي لٺ رکي وات سان ٻچ ڪاريون ڏيندي ڪُنڊ تائين ويئي. پنھنجي ڌڻيءَ سان رُس ته منھن ننڍو ڪري ۽ اکيون مھٽي پري وڃي ويھي رھي. اھڙيءَ طرح ٻيا به کيل ڀولي جا ڏيکاريا. آخر ۾ ماڻھن اُنکي پئسا وڇايل ڪپڙي تي ڦٽي ڪري ڏنا. مداري ملان صاحب وٽ آيو ته ملان کيسي ۾ ھٿ وڌو ۽ ھڪ ڪاغذ ڪڍيو. اُن مداريءَ کي ھٿ ۾ ڏيئي چيو ته ھي ڪاغذ ڳوٺ جي ٻاھران ندي وھي ٿي اُنکي ڏيکاري ته توکي سڀ ڪجھ ملندو. مداري ويچار ۾ پئجي ويو ۽ ملان طرف نھاري خيال ڪرڻ لڳو ته ملان وڏي زور ۾ آواز ڪري چيو ته مان توکي چوان ٿو ته ھي ڪاغذ وڃي نديءَ کي ڏيکار. مداري ويچارو نديءَ طرف ويو. جڏھن نديءَ وٽ پھتو ته ڀوليءَ کي ھڪ وڻ سان ٻڌي نديءَ جي ڪناري تي ويو ۽ اِھو ڪاغذ جنھن تي ڪجھ عجيب ٻوليءَ ۾ لکيل ھو ڪڍي ندي طرف ڪري چوڻ لڳو ته اي ندي ھي ڪاغذ ملان اوھانکي ڏيکارڻ لاءِ ڏنو آھي. مداريءَ ڏٺو ته نديءَ ۾ ھڪ رستو ٿيندو ٿو وڃي. مداري اُن رستي تان ھلندو ويو. جڏھن ھن پاسي ويو ۽ پٺيان نھاريائين ته نديءَ ۾ رستو گم ھو ۽ پاڻي ئي پاڻي وھي رھيو ھو. اڃا فقير اُتي بيٺو ھو ته اُتي ھڪدم گھوڙن تي سپاھي اچي پھتا ۽ فقير پاڻ کي ڏٺو ته ھو راجائي ڪپڙن ۾ آھي ۽ ھڪ گھوڙو پاسي ۾ بيٺو آھي. سپاھي گھوڙن تان لھي کيس سلام ڪري چوڻ لڳا ته بادشاھ سلامت جلدي ھلو ۽ ڪوئي ٻاھر جو دوت آيو آھي. فقير پاڻ کي بادشاھ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ گھوڙي تي چڙھي محل ۾ آيو. اُن دوت کي گھرائي پڇ پرڇ ڪري اُن دوت کي موڪل ڏني. پاڻ محل ۾ ويو ته راڻي اُن سان ملي ۽ ٻنھي کانو کاڌو ۽ بادشاھ کي چيو ته آرام ڪريو. فقير کي ننڊ اچي ويئي. سپنو ڏٺائين ته منھنجي زال ۽ ٻار ويچارا بُک ۾ آھن ۽ ڪپڙا به برابر ڪونه اَٿن. ننڊ مان اُٿيو ته اُتي شام ٿي ويئي ھئي. يڪدم تيار ٿي ٿورا پئسا کڻي گھوڙي تي چڙھي ندي جي ڪناري تي لھي گھوڙو اُتي ڇڏي ندي کي ڪاغذ ڪڍي ڏيکاريائين ته ساڳي نموني نديءَ ۾ رستو ٿيو. فقير ڊوڙندو رستي تان ھن پاسي آيو ۽ پٺيان نھاري ڏٺو ته رستو گُم آھي ۽ پاڻي ساڳيو وھي رھيو آھي. پنھنجن ڪپڙن ڏي ڏٺو ته اُنکي ساڳيا فقير وارا ڪپڙا پيا آھن ۽ بادشاھي ڪپڙا گُم ھئا. ٿورو اڳتي ڏٺائين ته ڀولي وڻ سان ٻڌي پيئي آھي. کيسي ۾ ھٿ ھنيائين ته اھي ٿورا پئسا پيا آھن جي ماڻھن کيل ۾ صبح جو ڏنا ھئا. ڪاغذ نديءَ کي ھر ھر ڏيکاري پيو ته واپس جو رستو ملندو پر رستو ڪونه مليس. گھر آيو، اُنھن پئسن جو اَٽو دال وٺي آيو ۽ سڀني کاڌو. رات جو ننڊ به نه آيس. صبح جو اُٿي ڀولڙي ڪاھي ھلڻ لڳو ته ڏٺائين ملان صاحب وڃي ٿو. فقير ڊوڙندو ملان وٽ آيو، چيائين اي حضور! اوھان جي چٺي ندي نٿي قبول ڪري ۽ مونکي رستو نٿي ڏيکاري. اوھان ڪا مھر ڪريو جو ندي مونکي رستو ڏي. مان وري نديءَ کي واپس نه ڏيکاريندس. ملان جواب ڏنس ته اي مداري تو مونکي کيل ڏيکاريو ۽ مان به اُنجي بدلي توکي کيل ڏيکاريو. کيل جي بدلي کيل. ھاڻي اسان ٻئي ھڪ آھيون. تون پنھنجو رستو وٺ، مان پنھنجو رستو. اِئين چئي ملان ھليو ويو ۽ ويچارو مداري ڀوليءَ کي وٺي کيل ڪندو رھيو. اسان به ڇوڪرا سڀ ننڍا ھئاسين ۽ جيجي کان سوالن پٺيان سوال پڇون پيا. جيجي جواب ڏيندي ھئي. اسانکي سمجھ ۾ نه ايندا ھئا. جيجي نيٺ ڪَڪ ٿي اسانکي چوندي ھئي ته ھاڻي وڃي سمھي پؤ. سڀاڻي سڀ سوال پڇجو. اسان ملان ۽ فقير تي خيال ڪري ويچاري مداريءَ سان ھمدردي ڏيکاريندا ھئاسين.
صوڀيديري کان ٻاھر ريل رستي وڃڻو پوندو ھو. اسانجي ويجھي ريل اسٽيشن راڻيپور ھوندي ھئي. راڻيپور ڳوٺ صوڀيديري کان پنج ڪوھ پري ھوندو ھو. راڻيپور ۾ چڱا گھر ھندن جا ھوندا ھئا. وڏي بازار پٺيان ھندن جا گھر ھوندا ھئا.