مختلف موضوع

منھنجو صوڀوديرو

شري هولارام ڪتاب بابت لکي ٿو ته ”منھنجي پوٽن جي پڇ پڇان جي ڪري ھي ڪتاب لکيو آھي. سنڌ جي ڳوٺ ۽ ڪٽنب جو بيان ڪيو آھي. اسانجي مسلمانن سان رھڻي ڪھڻي ڪھڙي قسم جي ھئي اُھا ھن ڪتاب مان معلوم ڪري سگھجي ٿي. مسلمان ۽ ھندو ميل ميلاپ سان رھندا ھئا. ڪوبه جاتي جھڳڙو پاڻ ۾ نه ھوندو ھو. سڀ سِڪ ۽ محبت ۾ رھندا ھئا.“
Title Cover of book منھنجو صوڀوديرو

پنهنجي ڳوٺ بابت

ھاڻي
مان اوھان کي پنھنجي ڳوٺ جي باري ۾ ٻڌائڻ چاھيان ٿو. اسان جي صوڀيديري ۾ چئن ڀائرن ميرن جا گھر ھوندا ھئا. شھر ۾ گھڙڻ سان ميرن جو وڏو ڪوٽ ٺھيل ھو، جنھن ۾ اندر جدا جدا ڀائرن جا گھر ھوندا ھئا. اُنھن ميرن جا ٻار شھر جي ماڻھن سان گھٽ ملندا ھئا ۽ پنھنجي اسٽيٽس رکڻ لاءِ پنھنجي ڪوٽ ۾ يا ٻاھر پنھنجي اوطاق ۾ ھوندا ھئا. جي نڪرندا ھئا ته سُٺا ڪپڙا پائي ۽ پٺيان ھڪ نوڪر کڻندا ھئا ۽ چڪر لڳائي ھليا ويندا ھئا. ڳوٺ جا ماڻھو يا دڪاندار اُنھن کي سلام ڪندا ھئا. ڪنھن ۾ به ڪو ڪم ھوندو ھون ته اُنکي نياپو موڪلي پنھنجي اوطاق ۾ گھرائيندا ھئا. ميرن جي ڇوڪرن کي شڪار جو شونق ھوندو ھو. تتر يا ڪڪڙ لڙائڻ جو شونق ھوندو ھو. تتر به رکندا ھئا ته ڪڪڙ به رکندا ھئا. اُنھن جي ديک ڀال نوڪر ڪندا ھئا. ھڪ واقعو مونکي ياد آھي جو اوھان کي بيان ٿو ڪريان. مير نورل صبح جي ٽائيم بندوق کڻي ۽ ٻه ٽي نوڪر وٺي ٻاھر نڪتو. اسان گھڻا ڇوڪرا جيئن ته جمع جو موڪل جو ڏينھن ھو ميدان ۾ راند ڪري رھيا ھئاسون ته اسان کي خبر پئي ته مير سوئر جي شڪار تي وڃي رھيو آھي. اسان به سڀني صلاح ڪئي ته مير کي عرض ڪريون ته اسانکي به موڪل ڏئي ته اسين به ساڻ ھلون ۽ سوئر جو شڪار ڏسون. مير کي عرض ڪيو ويو ۽ ھن ھڪدم مڃيو ۽ چيائين ته ڀلي ھلو. اسان ڪل ڏھ ٻارھان ڇوڪرا ھئاسون، سڀ ھلڻ لاءِ تيار ٿي مير جي پٺيان پٺيان ھلڻ شروع ڪيو. مير سڀني کي بيھاري چيو ته ڀلي ھلو پر ھڪ ڳالھ ياد رکجو، سوئر کي جھنگل مان ھڪلي ٻاھر ڪڍبو ۽ جڏھن ميدان ۾ ايندو تڏھن مان اُن کي گولي ھڻندس. سوئر گاھ ۾ لڪل آھي. پرئين پاسي نوڪر لٺيون ۽ دٻو کڻي ويندا ۽ سوئر کي دٻو وڄائي ھڪليندا. سوئر اسان جي پاسي نڪري ڊوڙندو. ھن پاسي نوڪر لٺيون کڻي بيٺا ھوندا. سوئر کي ٻه ڊگھا اڳيان تِکا چاڪون جھڙا ڏند ھوندا آھن. سوئر جي جيڪو سامھون آيو تنھن کي ٻئي ڏند پيٽ ۾ ھڻندو آھي ۽ پيٽ ڦاڙي ڇڏيندو آھي. پر سوئر جي ھڪ گھٽتائي آھي ته ھو سڌو ڊوڙندو آھي ۽ ڳچيءَ ۾ اھڙو ڳنڍ اٿس جو ڦيرائي نه سگھندو آھي. تنھنڪري جيئن اوھان جي سامھون اچي، اِئين ته مان گولي ھڻندومانس پر قدرتي گولي نه لڳي ته اوھان فقط سوئر جي سامھون بيھي نه رھجو ٿورو ھڪدم پاسيرو ٿي وڃجو ته سوئر ڦِرڻ بجاءِ سڌو ھليو ويندو. پر ھڪ ٻي ڳالھ به فائدي جي آھي ته سوئر جي مادي ھوندو ته اُنکي ڏند ڪونه ٿيندا آھن ۽ اِھا ٿوڻو ھڻندي آھي جي اوھان سامھون ھوندا توھان کي ڪجھ نه ٿيندو رڳو ڌِڪو ايندو ۽ ڪري پوندا. ٿورا ڌڪ لڳندا پر نَر سوئر جو خيال رکندا ۽ پاسيرا ٿي ويندا. مير جي ڳالھ ٻُڌي سڀ ھا ھا ڪرڻ لڳا ته اسان برابر سمجھي ويا آھيون.
اُھو ھنڌ آيو جتي سوئر لڪل ھو. اسان سڀ مير سان گڏ بيٺاسين ۽ نوڪر ٻئي پاسي لٺيون ۽ دٻو کڻي ويا. اسانجي پاسي وڻ به ھئا. دٻي ۽ نوڪرن جو وڏي آواز ۾ گوڙ به ٻُڌڻ ۾ آيو ۽ آواز آيو ته سوئر اچي ٿو تيار ٿيو. مير پنھنجي بندوق تيار ڪئي. اسانجي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. ائين سوئر اڃا ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ته اسان ۾ ھڪ وائڙو ڇوڪرو جنھن جو نالو ددن ھو، ٿلھو متارو ۽ ڌوتي ٻڌندو ھو. زور سان رڙيون ڪندو ڊوڙيو. رڙ ۾ چوڻ لڳو، ”ڀڳوان ڪري مادي ھجي“ ”ڀڳوان ڪري مادي ھجي“ ۽ وڻ تي ڊوڙي چڙھي ويو. ھيڏانھن سوئر وري ٽين پاسي کان ڀڄي ويو. ٻئي وڏي جھنگل ۾ ھليو ويو. نوڪر واپس آيا ۽ مير کي چيائون ته ھاڻي سوئر پٺيان وڃڻ سان به نه ملندو. موٽي ھلڻو پوندو. وري ٻئي ڀيري. تنھن تي ددن رڙ ڪري چيو ته مھرباني ڪري مونکي ته وڻ کان ھيٺ لاھيو. وڻ ٻٻر جو ھو ۽ ددن کي لھڻ ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي جو ڪنڊا ٻٻر جا تمام تِکا ھوندا آھن. مير نوڪر کي چيو ته ڪنڊن واريون ٽاريون ڪٽيو ۽ ھنکي ھيٺ لاھيو. اُن ڏينھن کانپوءِ اُن ڇوڪري کي ڏسي ڇوڪرا چوندا ھئا ته ”ڀڳوان ڪري مادي ھجي“ ته ددن کي گھڻي چڙ لڳندي ھئي ۽ غصو ڪندو ھو. مير به ڳالھ ياد ڪري کِلي ڏيندا ھئا.
اسانجي صوڀيديري ۾ جمع ڏينھن تي شام جو ملاکڙو لڳندو ھو. شام جو سڀ ماڻھو آسي پاسي ۽ شھر کان اچي مقرر ميدان تي ڪَٺا ٿيندا ھئا. پھريان سڀ ڇوڪرا اڳيان وڏو گول ٺاھي وھندا ھئا ۽ اُن جي پٺيان وڏا ماڻھو سڀ بيھي رھندا ھئا ۽ اُن جي پٺيان گھوڙن تي چڙھيل ماڻھو گھوڙا بيھاريندا ھئا. ملاکڙو شروع ٿئي اُن کان اڳ ۾ ميدان ۾ تتر ويڙھائيندا ھئا. ٻه جدا جدا مالڪ پنھنجو تتر ميدان ۾ ڇڏيندا ھئا ۽ تتر ھڪ ٻئي سان وڙھندا ھئا. چَڪ ۽ ھڪ ٻئي کي لتون ھڻندا ھئا. آخر ۾ ھاريل تتر ٻاھر نڪري ڀڄندو ھو. ٻيو تتر ھارائڻ لاءِ اُنجي پٺيان ڊوڙندو ھو. ماڻھو تاڙيون وڄائيندا ھئا ۽ ھو ھو ڪندا ھئا. اھڙي طرح ڪڪڙ ڇڏيندا ھئا. ڪڪڙن جي ويڙھ تمام سٺي ھوندي ھئي. پنجن پنجن منٽن ۾ مالڪ اُنھن کي جدا ڪري پاڻيءَ جون گرڙيون منھن ۾ ھڻندا ھئا. ٻن ٽن منٽن جي ساھي پَٽڻ کانپوءِ وري ميدان ۾ ڇڏيندا ھئا. آخر ڪوئي ڪڪڙ مار نه کائڻ کان ڀڄي نڪرندو ھو ۽ ھنکي ھار مڃي ويندي ھئي. کٽندڙ مالڪ ڏاڍا خوش ٿيندا ھئا ۽ تاڙيون وڄائي ٽپا ڏيندا ھئا. اُن کانپوءِ ملھ جو وارو ايندو ھو. ھڪ ملھ ٻاھر ميدان ۾ ايندو ھو. اُنجي سامھون ٻيو ملھ نڪرندو. ٻئي پنھنجي خميص لاھي ۽ چيلھ سان دپٽي جو پٽو ٻڌاندا ھئا. پاڻ ۾ آمھون سامھون اچي بيھندا ھئا پوءِ ڀاڪر پائي ھڪ ھٿ اڳيان سامھون واري جي ٻڌل دپٽي ۾ ۽ ٻيو ھٿ اُنجي پٺيان چيلھ وٽ وجھندا ھئا ۽ ملھ شروع ٿيندي ھئي. ھڪ ٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. ملھ جو داءُ ھڻندا ھئا. ھڪ داءُ ائين ھوندو ھو ته ڄنگھ وچ ۾ ڏيئي ۽ ٻئي ڄنگھ تي کڻي ڪيرائيندا ھئا ٻيو داءُ ھوندو ھو جاٺو. پنھنجي ڄنگھ اُنجي ڄنگھ ۾ اٽڪائي پاڻ ڏي ڇڪي ڪيرائيندا ھئا. ٽيون داءُ اھڙو ته پڪو ھوندو ھو جو ھڪ کيلاڙي اُنکي کڻي وٺي چؤگرد ڦيرائيندو ھو. ڦيرائي ڦيرائي زمين تي سٽيندو ھوس جيڪو زمين تي ڪريو اُن ھارايو.
اُن کيل کانپوءِ پڇاڙيءَ جو جيڪي گھوڙن تي آيا ھئا اُھي ھڪ لائين ۾ بيھي رھندا ھئا ۽ ھڪ ماڻھو سيٽي وڄائيندو ۽ گھوڙا ڊوڙندا. سامھون نشان رکندا ھئا. اُن تائين گھوڙا پھچي پنھنجو نشان کڻي واپس ڊوڙندا ايندا ھئا. جيڪو اڳ ۾ پھچندو ھو اُنکي پھريون نمبر ڏيندا ھئا. اسانجي ھندن ۾ ھڪ گھوڙو منھنجي ڪاڪي ھيمنداس جو ۽ ٻيو سيٺ گوڪلداس جو. جيڪو پاسي جي ڳوٺ سيٺارجا، جا رھواسي ھئا، اُنھن ٻنھي جا گھوڙا، باقي گھوڙا اُتان جي مسلمانن جا ھوندا ھئا. منھنجي ڪاڪي جو گھوڙو گھڻو ڪري پھريون نمبر ايندو ھو، پر ڪڏھن ڪونه به ايندو ھو ۽ ھميشہ ماڻھو چوندا ھئا ته گھوڙو ته مھراج جو ضرور کَٽندو. پر قسمت جا کيل ڪڏھن نه به کٽندو ھو. پر ايترو ضرور ھو جو ھندو مسلمان سڀ ڳوٺ ۾ خوش ھوندا ھئا ۽ پريم سان ھڪ ٻئي جا ڏِڻ ملھائيندا ھئا. مسلمان ڏياريءَ تي ڦٽاڪا ٻاريندا ھئا ۽ ھندن وٽ مٺائي کائيندا ھئا ۽ عيد تي ھندو اُنھن سان ڳلي ملندا ھئا. ھڪ ٻئي کي سوکڙيون ڏيندا ھئا.
صوڀيديري ڳوٺ ۾ جي ٿوري چھل پھل ھوندي ھئي سا ھوليءَ جي ڏينھن ۾ ماڻھو ملھائيندا ھئا. گھڻو ڪري ھوليءَ جي موقعي تي جيڪي ماڻھو ٻاھر نوڪري ڪندا ھئا يا رھندا ھئا سي موڪل وٺي گھر ايندا ھئا. ھوليءَ ۾ سانگ ٿيندا ھئا. ھڪٻئي سان چرچا ڪندا ھئا. ٻه ڄڻا وڏا سرڪاري ماڻھو بڻجي پاڻ سان ھڪ پٽيوالو کڻندا ھئا ۽ ھڪ ھڪ دڪان تي ويندا ھئا، پڇندا ھئا، دڪان جو مالڪ ڪير آھي؟ اُن کي سڏ ڪريو. اُنکي ھيٺ ويھاري دڪان جي اڳيان پاڻ ڪرسيءَ تي وھندا ھئا. ٽوپلا سوٽ خميص پھري آفيسر بڻجندا ھئا. تماشي ڏسڻ لاءِ گھڻا ماڻھو ۽ ڇوڪرا اچي ڪَٺا ٿيندا ھئا. ھڪ آفيسر ڪتاب کوليندو ۽ چوندو ته ھن دڪان واري جي مٿان ٻه سؤ رپيا ٽيڪس باقي آھي، ڪونه ڏني آھي اُن دڪان واري کي اڳيان ويھاري پٽيوالي کي چوندا ته ھنکي ٻه ٽي پادر ھڻ ته پئسا ڏيئي. دڪان وارو ويچارو ھٿ جوڙي ھيٺ اڳيان ويٺو ھوندو. نيٺ ليلائي پنج- ڏھ رپيا آڇيندو ۽ ڏيئي جان ڇڏائيندو ھو. اھڙي طرح ماڻھو غريب ھوندو ته گھٽ پيسا وٺندا ھئا ۽ اھي پيسا ھولي جي لاءِ جيڪا ڀڳت گھرائيندا ھئا اُنھن کي ڏيندا ھئا يا پرساد ٺاھيندا ھئا، اُن تي خرچ ڪندا ھئا. ڀڳتن سان به ھوليءَ جا چرچا ڪندا ھئا.
مونکي ياد آھي ته اُنھن ھڪ ڀڳت گھرايو. ٽي ڏينھن اُن جي ڀڳت ھئي. وچ بازار ۾ رات جو ٻارھين بجي کانپوءِ ڀڳت پوندي ھئي صبح جو ڇھين بجي تائين. بزار ۾ ٻنھي پاسي دڪان ھوندا ھئا ۽ مٿان ڪوٺا- ڇت ھوندي ھئي. جئين ته بزار ۾ ٻنھي پاسي ماڻھو ويھندا ھئا ته وچ ۾ گلي ڇڏيندا ھئا. مُھڙ تي باجي وارو ۽ ڌُڪڙ ۽ ڍولڪ وارا ويھندا ھئا ۽ وچ ۾ جا گلي ھوندي ھئي اُن ۾ وڏو ڀڳت ۽ ڀوليڙا نچندا ھئا ۽ ڳالھائيندا ھئا. نچڻ وارو ڀڳت ڇير پيرن ۾ ٻڌندو، بدن تي جامو ۽ مٿي تي پڳڙي پائيندو ھو. نچندا به ھئا ڳائيندا به ھئا. ٽنھي نچندڙن مان وڏو ڀڳت سٺو ڳائيندو ۽ نچندو ھو. جيئن ته زالون ٻاھر نه نڪرنديون ھيون. اُنھن کي ڪوٺن جي ڇت تي وھڻ ڏنو ويندو ھو ۽ اُتان ڀڳت ڏسنديون ھيون. وڏو ڀڳت ذرا زالن جو شونقين ھوندو ھو ۽ گھڙي گھڙي مٿي ڇت طرف نھاري ۽ ھٿ کڻي اھڙو ته مؤج ۾ اچي ويندو ھو جو ڪابه سُڌ ٻڌ ڪونه پوندي ھئس ۽ خوب مزا ڪندو ھو. اھا سمجھ اسان جي شھر جي ڪم ڪندڙن کي به سجھي آئي. پاڻ ۾ صلاح ڪري شام جو ڳجھي طرح ڪوٺن تي وڏا ڪاٺ جا بُنڊ رکي آيا ۽ جڏھن ڀڳت شروع ٿي اُن کان اڳ ۾ بُنڊن تي اڇا ڪپڙا ۽ مٿان روا دُپٽا اھڙي طرح رکيائون ته ڄڻ عورتون ڪپڙن ۾ ويٺيون آھن. ڳوٺ ۾ لائيٽ ھئي ڪانه. ڀڳت ۾ فانوس ٻاريندا ھئا. مٿي ڪوٺن تي بلڪل اوندھ لڳندي ھئي. ھيٺان ڪوئي به نھاري ته اُن کي لڳندو ھو ته مٿي زالون ويٺيون آھن. ھڪ بجي رات جو ڀڳت شروع ٿي. جيئن پڇاڙيءَ جو ڏينھن ھو ته ڀڳت نچڻ ۽ ڳائڻ لڳو. ھر ھر مٿي ڪوٺي ڏانھن نھاري وٺي ٺينگ- ٽپا ڏيڻ لڳو. جن ماڻھن کي خبر ھئي اھي ھڪ ٻئي ڏانھن نھاري کِلن پيا ۽ ڀڳت کي اُتساھ ڏين پيا. واھ واھ ڀڳت اڄ ته لئي لڳائي اٿئي. تيئن ڀڳت نچڻ ۾ زور لڳائي ۽ پگھر پگھر ٿي وڃي. پر پنھنجو ناچ چالو رکي ھٿ جا اِشارا ۽ نھارڻ سڀ ڪوٺي جي طرف ھئا. نيٺ صبح ٿيو. اڇاڻ ٿيڻ لڳي. ڀڳت سمجھيو ته منھنجي ڀڳت مائين جو اھڙي وڻي آھي جو جا ڪابه پنھنجي جڳھ نٿي ڇڏي، پر چُري به نٿي. منھنجي ڀڳت ڪمال ڪري ڇڏيو. صبح جي اڇاڻ ۾ جڏھن ڀڳت جي نظر بُنڊن تي پيئي تڏھن کيس ھڪدم خيال اچي ويس ۽ ھن پاسي ڏٺائين ته ڪم ڪندڙ سڀ کِلن پيا. اُن تي خيال اچي ويس ته ھنن جي حرڪت آھي. سو مٿي تي ڌڪ ھڻي پنھنجي ساٿي باجي واري کي چيائين اِي ڀڳت اَڄ ته سڄي رات بُنڊن سان مٿو ھنيو آھي. ڪاريه ڪندڙ تمام زور سان کِليا ۽ ھڪ ڊوڙي وڃي سڀني بُنڊن تان ڪپڙا لاٿا. ڏسندڙ سڀ کِلڻ لڳا ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳا. ڀڳت ويچارو چُپ ڪري باجي واري جي پاسي ۾ ويھي رھيو ۽ لڄي پئي ٿيو.
ھڪ ٻيو واقعو اوھانکي ٻُڌايان ٿو. ٽڪاڻي ۾ ڀائي سرڻداس ڏاڍو سشيل ۽ چرچائي ٻائو ھوندو ھو. ٻارن سان به کلندو ۽ ڳالھائيندو ھو. اُنجي ٽڪاڻي ۾ رات جو گھڻا ماڻھو اچي وھندا ھئا ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون ڪندا ھئا. اسانجي ڳوٺ ۾ ٻه- ٽي گھر حلوائي رھندا ھئا. اُنھن مان ھڪ حلوائي ٻاھر رھندو ھو ۽ موڪل وٺي ٻئي ٽئين مھيني گھر صوڀيديري ۾ ايندو ھو. جيئن ته حلوائي قدرتي طور ٿلھا متارا ھوندا آھن ۽ ھي به لمبو ۽ ٿلھو ۽ طاقتور ھوندو ھو. رات جو ٽڪاڻي ۾ اچي ٻٽاڪون ھڻندو ھو ته مان مسلمانن سان پنجو لڙائيندو آھيان ته ڪوبه سامھون نه ايندو آھي. ملھ ۾ ته مان سڀني کان کٽي ويندو آھيان. بار کڻڻ ۾ ته منھنجو نمبر وَن آھي. ٽڪاڻي ۾ ته گھڻا ماڻھو اچي ويھندا ھئا ۽ گپ شپ ھڻندا ھئا. ھڪڙي ڪنڊ ۾ ڳوٺ جو ھڪ ماڻھو چُپ ڪري ويٺو ڳالھيون ٻڌندو ھو. بدن جو سنھڙو ۽ قد جو ننڍو. ماڻھو اُن کي چرڙي جھڙو سمجھندا ھئا ۽ ڪوبه ڌيان نه ڏيندا ھئا. ھو ويٺو سڀني جون ڳالھيون ٻڌندو ھو. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ رات جو حلوائي ٻاھر کٽ تي سمھيو پيو ھو ته اڌ رات کان پوءِ اُنجو چور چور جو آواز آيو. ماڻھو اُٿي آيا. پر چور ڀڄي ويو. ٽڪاڻي ۾ سڀ ويٺا ھئا ته ڀائي صاحب پڇيو ته (فلاڻا) تو وٽ رات جو چور آيو ھو ڇا؟ تون ته پھلوان آھين اُنکي ڇو نه پڪڙي ويھاريو. اُن جواب ڏنو ڀائي صاحب مان تمام گھري ننڊ ۾ ھئس. تنھن ھوندي به اُنکي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڀڄي ويو. منھنجي مُڪ اُنکي ڪي ڏينھن اُٿڻ نه ڏيندي ۽ ٻاھر ئي نه نڪري سگھندو يا ته مٿو مُڪ سان سُڄي پيو ھوندس يا اھڙو سور ھوندس جو ٽي چار ڏينھن ھيڊ ۽ تيل لڳائي رھيو ھوندو. اُتي اِھو سنھڙو ڀائي اُٿيو. اُنھن جا مان اصل نالا نٿو لکان جو اُنھن جي ننڍن کي کوٽو لڳي. تنھنڪري ڪوبه اصل نالو نٿو لکان پر بلڪل حقيقت آھي. اُن ضعيف ماڻھو کي ھڪ والي ھٿ ۾ ھئي ۽ چيائين ته ٻُڌو اٿم چور تنھنجي والي کڻي ويو. ڪن مان زوريءَ لاھي ويو آھي ۽ تنھنجي ھڪ ڪن ۾ والي آھي. ٻئي ڪن جي والي منھنجي ھٿ ۾ آھي. ھي والي تنھنجي آھي. اُن وقت اِھو ماڻھو جو ٻٽاڪون پھلواني جون ھڻندو ھو ذرا گھٻرايل آواز ۾ چيو توھان والي ڪٿان آندي؟ برابر منھنجي آھي. تڏھن اُن سنھڙي ماڻھو چيو ته چور مان آھيان. تون روز ھِت گپا ھڻندو ھئين ته مونکي لڳو ته تنھنجي بھادري ڏسان. سوئي مان رات جو جڏھن تمام اوندھ ٿي ۽ سڀ ماڻھو سمھي پيا تڏھن مان تنھنجي کٽـولي جي ڀرسان آيس ۽ توکي ڏٺم ته تون گھري ننڊ ۾ کونگھرا ھڻي رھيو ھئين. مان ٽِپ ڏئي تنھنجي ڇاتيءَ تي ويھي تنھنجون ٻئي ٻاھون پڪڙي والي لاھڻ ويٺس. توکي گھري ننڊ ھئي ۽ جاڳي پيو ھوئين. پر توکي ايتري گھٻراھٽ ٿي ته چور وڏي طاقت وارو آھي. سو تون صرف وات مان چور چور ڪرڻ لڳين پر ڊپ ۾ برابر آواز به نه پيو نڪري ۽ ايترو ته ڊڄي وئين جو ڪجھ به نه پيو ڪري سگھين ۽ ھٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش به ڪانه ڪئي رڳو وات مان منجھيل آواز ڪيو جو ٿورن ماڻھن کي ٻڌڻ ۾ پيو اچي. مان تيستائين پنھنجو ڪم ڪيو يعني ثابتيءَ لاءِ تنھنجي والي لاٿي. پوءِ ٽپو ڏئي تنھنجي ڇاتيءَ تان لھي پٺيان ئي پٺيان ٽڪاڻي ۾ اچي سمھي پيس. تون رڙيون ڪيون گھڻا اُٿيا پر اھي به ھيڏانھن ھوڏانھن ڳولھي رھيا ھئا پر چور ته چُپ ڪري اچي سمھي پيو. جڏھن سڀني ماڻھن ٽڪاڻي ۾ اھا وارتا ٻڌي تڏھن سڀ کِلڻ لڳا ۽ اُن ٻٽاڪي ماڻھوءَ جو به حال ڏاڍو برو ٿيو ۽ لڄ کان ڪنڌ ئي مٿي نه ڪندو ھو. ماڻھن سڄي ڳوٺ ۾ ڳالھ ڦھلائي ڇڏي ته ھڪ ڪمزور ماڻھو ھڪ پھلوان کي ڊيڄاري ڇڏيو ۽ ڳالھ ڪري کلندا ھئا. اِھو ٿلھو ۽ جبرو ماڻھو ڏاڍو لڄي ٿيندو ھو ڪنھن به ماڻھو سان اک ملائي نه سگھندو ھو. ڳالھ ياد ڪري پاڻ تي شرم ايندو ھوس ته ھڪ نه جھڙي ماڻھوءَ مونکي ھارائي ڇڏيو آھي. اھڙا ٻيا به ننڍا وڏا واقعا ٿيندا ھئا پر مان ھينئر ھتي نٿو لکان.