مختلف موضوع

منھنجو صوڀوديرو

شري هولارام ڪتاب بابت لکي ٿو ته ”منھنجي پوٽن جي پڇ پڇان جي ڪري ھي ڪتاب لکيو آھي. سنڌ جي ڳوٺ ۽ ڪٽنب جو بيان ڪيو آھي. اسانجي مسلمانن سان رھڻي ڪھڻي ڪھڙي قسم جي ھئي اُھا ھن ڪتاب مان معلوم ڪري سگھجي ٿي. مسلمان ۽ ھندو ميل ميلاپ سان رھندا ھئا. ڪوبه جاتي جھڳڙو پاڻ ۾ نه ھوندو ھو. سڀ سِڪ ۽ محبت ۾ رھندا ھئا.“
Title Cover of book منھنجو صوڀوديرو

چوري يا ڏوهه

صوڀوديرو شھر ۾ گناھ ۽ چوري چڪاريءَ جو نالو ڪونه ھوندو ھو. ڦر- لُٽ جو به ڪو واقعو ڪونه ٿيندو ھو. ھڪ ٻه چوري ٿي ھئي دڪان يا گھر کي کاٽ ھڻندا ھئا. کاٽ جو مطلب ھوندو ھو پٺيان ڀِت ڀڃي وڏو ٽُنگ ڪندا ھئا، جنھن مان چور اندر لنگھي سامان کڻي ويندو ھو. چوري تمام وڏي ڪانه ھوندي ھئي. ماڻھن وٽ ايترا پئسا ڪونه ھوندا ھئا. ٻه چار سؤ رپيا مس ڪنھن جي گھر يا دڪان ۾ ھوندا ھئا. ڪپڙا وغيره يا باسڻ کڻي ويندا ھئا پر چوري جلد پڪڙجي پوندي ھئي. صوڀيديري ۾ ھڪ ٻه ماڻھو اھڙا ھوندا ھئا جن کي پيراڍو چوندا ھئا يعني چور جو پير جي نشان تي ته چور ڪيڏانھن ويو آھي ۽ وڃي اُن کي پڪڙائيندا ھئا. پوليس واري کي به خبر ھوندي ھئي ته چور ڪھڙا آھن ۽ اُنھنکي ٿاڻي تي گھرائي سچي ڪرائيندو ھو. جلدي چوري پڪڙجي پوندي ھئي. ھڪ پوليس وارو آسي پاسي ڳوٺن ۽ صوڀيديري لاءِ گھڻو ھوندو ھو. اُنجو انتظام بلڪل ساراھ جوڳو ھوندو ھو. سڀ ماڻھو پوليس واري کان ڊڄندا ھئا. ننڍي وڏي دانھن ته مُکي ۽ وڏيرا سُلجھائيندا ھئا. باقي وڏي شڪايت پوليس وارو ختم ڪندو ھو. پوليس وارو بازار مان لنگھندو ھو ته دڪان وارا اُٿي سلام ڪندا ھئا. ايندڙ ويندڙ جھُڪي سلام ڪندو ھو. اسان ڇوڪرا ته يڪدم ڀڄي وڃي ڪُنڊ ۾ لڪندا ھئاسين. وڏي ڪورٽ يا سڀ انسپيڪٽر آف پوليس جو گمبٽ تعلقي ۾ رھندو ھو. ڪوئي ورلي وڏي دانھن کڻي اُنھن وٽ ويندو ھو.
ھڪ ڏينھن صوڀيديري ۾ ھڪ خبر پکڙجي ويئي ته درازن جي ڳوٺ ۾ سائين سچل سرمست جي درگاھ جو مقبرو آھي اُن جي چوٽيءَ تي سون چڙھيل آھي، اِھو گم ٿي ويو آھي. ڪوئي چور لاھي کڻي ويو آھي. خيرپور جي پوري پوليس ناظم صاحب سان اُتي درازن ۾ پھچي ويئي، تپاس ڪئي ويئي. پورو ھفتو گذري ويو پر پر چور جي خبر نه پئي. عجب جي ڳالھ اِھا ھئي ته ايترو مٿي چور پھتو ڪيئن؟ ڏھ فوٽ وڏو داٻو ۽ اُن مٿان ويڪرو مقبرو ٺھيل آھي ۽ مقبري مٿان گنبذ. مقبرو گھڻو ويڪرو ۽ اوچو سڄو ماربل جو لسو ۽ گسڪڻو ھو، جو اُن تي ڪير به بيھي نه سگھي يا چڙھي مٿي چوٽيءَ تائين وڃي سگھي. ڏاڪڻ وغيره رکڻ جي جڳھ ڪانه آھي. سڀ عجب پيا ڪن ته ڪيئن سون لاٿو ويو آھي. وڏا وڏا ماڻھو به منجھي پيا ته سون ڪيڏانھن ويو. پر اِھو قصو ڪير به سُلجھائي نه سگھيو. لاچار ٿي سڀ پنھنجي پنھنجي مقام تي ھليا ويا. اُنھيءَ ڳالھ کي ڇھ- اَٺ مھينا گذري ويا. جيڪو سون لاھي ويو ھو اِھو ماڻھو ٿورو ٿورو سون اُن مان ڀڃي ٻاھر ٻئي ڳوٺ ۾ وڪڻي ايندو ھو ۽ پنھنجي خرچ ۾ کائيندو ھو. ھڪ ڏينھن ٿورو سون کڻي پري ڳوٺ ڪونه ويو. راڻيپور ڳوٺ ۾ ويو. راڻيپور ۽ درازا گڏيا پيا آھن. سڀني ماڻھن کي چوريءَ جي خبر ھئي. جيئن اِھو ماڻھو سون کڻي سوناري وٽ آيو. سونارو ھندو ھو پر سچل سرمست جو ڀڳت ھو. اُن سڃاتو ۽ انومان ڪيو ته سون اِھو ئي آھي. اُن ماڻھو کي ويھاري پاڻ ٿاڻي تي پوليس کي ٻڌايو. پوليس ساڻ اچي اُنکي پڪڙيو. چور کي ٿاڻي تي وٺي ويو ۽ سچائي ڄاڻي ويو. باقي بچيل سون به مرامت ڪري ناظم کي اطلاع ڪيو. سڀ پوليس عملدار ۽ ٻيا ماڻھو چور سُوڌا درازن ۾ ڪَٺا ٿيا. اُن کان پڇيائون ته تو سون ڪيئن لاٿو آھي. چور جواب ڏنو ته مان مٿي چڙھي لاٿو آھي. سڀني کي عجب لڳو ته چور ڪوڙ ٿو ڳالھائي. چور چيو ته مونکي ڇڏيو ته مان مٿي چڙھي ڏيکاريان. چور کي ڇڏي پوليس چيو ته چڙھي ڏيکار. اِھو چور پھريائين پڇٽي سوڌو ڏاڪڻ رکي ۽ پوءِ مقبري تي نوريئڙي وانگر ھٿن پيرن سان چڙھندو ويو ۽ وڃي چوٽيءَ تي پھتو. سڀ ڏسندڙ عجب ۾ پئجي ويا. چور ھيٺ لھي چيو ته سائين ھيءَ ڪسرت مان ٻارھان مھينا ڪئي آھي، اُن کان پوءِ مان اُن ڪسرت ۾ ڪامياب ٿيس. روز رات جو ڏاڪڻ کڻي ھن پڇٽيءَ تائين پھچي پوءِ مقبري تي ھٿن پيرن جي زور تي چڙھن جي ڪوشش ڪندو ھوس. اڇو صبح ٿيندو ھو پوءِ گھر ڀڄي ويندو ھوس. مان ننڍي ھوندي ھڪ آکاڻي ماستر کان ٻُڌي ھئي ته ڪوريئڙو سترھن دفعا ڀِت تان ڪِريو پر ڪوشش نه ڇڏيائين نيٺ مٿي پھتو. مان به روز ٿورو ٿورو چڙھندو ھوس ۽ ڪِري پوندو ھوس پر ڪوشش ڪونه ڇڏيندو ھوس. برابر ٻارھان مھينا ڪوشش ڪيم ۽ روز سوين ڀيرا ڪِرندو ھوس. وري وري چڙھندو ھوس. نيٺ منزل حاصل ڪئي ۽ چڙھڻ جي اٽڪل حاصل ٿي ويئي. چور جي ڳالھ ٻڌي سڀ عجب ۾ پئجي ويا. چور کي پوليس وارا ٻڌي وٺي ويا. اسان اِھا ڳالھ ٻڌندا ھئاسين ته عجب ۾ پوندا ھئاسين ۽ سائينءَ جو مقبرو ڏسڻ ويا ھئاسين. چور جو ڪمال جو ڪم ھو. لسي ۽ ترڪڻي ماربل تي چڙھڻ تمام مشڪل ھو پر ھن جي لاءِ آسان ھو. ايشور جا رنگ آھن. انسان ڇا نٿو ڪري سگھي. مشڪل ڪم به آسان ڪري سگھي ٿو. چوندا آھن ته اُھو چور آخر ۾ اَنڌو ٿي مُئو.

مذھبن مُلڪ ۾، ماڻھو منجھايا؛
شيخي پيري، بزرگي، بيحد ڀُلايا؛
ڪي نمازون نِوڙِي پڙھن، ڪِن مندر وسايا؛
اوڏا ڪين آيا، 'سچُو' عقل وارا عشق کي.