مختلف موضوع

منھنجو صوڀوديرو

شري هولارام ڪتاب بابت لکي ٿو ته ”منھنجي پوٽن جي پڇ پڇان جي ڪري ھي ڪتاب لکيو آھي. سنڌ جي ڳوٺ ۽ ڪٽنب جو بيان ڪيو آھي. اسانجي مسلمانن سان رھڻي ڪھڻي ڪھڙي قسم جي ھئي اُھا ھن ڪتاب مان معلوم ڪري سگھجي ٿي. مسلمان ۽ ھندو ميل ميلاپ سان رھندا ھئا. ڪوبه جاتي جھڳڙو پاڻ ۾ نه ھوندو ھو. سڀ سِڪ ۽ محبت ۾ رھندا ھئا.“
Title Cover of book منھنجو صوڀوديرو

ڪجهه قصا

بابا جن ھڪ ٻي ڳالھ ڪندا ھئا ته ھڪ رات اسانجي ناناڻن جي گھر چور آيا ھئا. بابا جن اُتي ويل ھئا. اڌ رات جو مٿي کُڏ تي ڪنھنجي ھلڻ جو آواز آيو. بابا جن جاڳي پيا. مٿي ماڙيءَ ۾ پيتيون وغيره رکيل ھونديون ھيون. بابا جن ماما کي اُٿاريو ۽ ٻاھر آيا ته پڌر ۾ ڪاٺ جي ڏاڪڻ رکيل ھئي. ھڪ چور ڏاڪڻ کي جھلي بيٺو ھو. بابا جن رڙ ڪري چيو ته ڪير آھي؟ چور ڀڄي ويو. ٻاھر جي ڀِت سان ھڪ ڪاٺي ٽيڪ رکيل ھئي. بابا ٻه لٺيون ٻنھي ھٿن ۾ جھلي زور سان لَٺين کي ٽڪرائڻ لڳا. چور مٿي ھو سو اولي کان نھاري ھٽي ويو. بابا جن ڏاڪڻ ڪيرائي ڇڏي ۽ چور کي چيو ته نه ويندين ۽ زور زور سان اُن چور کي ڌمڪي ڏيڻ لڳا. ڪجھ نالا وٺي زور سان چوڻ لڳا ته توھان لٺيون کڻي اندران ڏاڪڻ تان چڙھي چور کي پڪڙيو. چور به ڏاڍو ڊڄي ويو ۽ سندس ساٿي ته اڳ ۾ ڀڄي ويو ھو. پاڻ ھڪ ڪُنڊ خالي ڏسي اُن کان ٽپو ڏيئي ۽ ڀِت تي جا ڪاٺي ٽيڪ رکي ھئي اُن تي چڙھي ٻاھر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. بابا رڙ ڪري لٺيون زور سان ٽڪرائي آواز ڪري چيو ته نه ويندين نه ويندين. اسانجو مامو ڊُڪ پائي ھڪ چور جي ڄنگھ جا ڪاٺيءَ تي رکي ڀِت ٽپڻ وارو ھو اُنکي پڪڙيو ته ٻيو مامو پھچي ويو ۽ لٺ سان چور کي مارڻ لڳو. ٻه ٽي لٺيون چور کي لڳيون ته ڪري پيو. پوءِ ته ٻيا ماڻھو به آيا ۽ چور کي کڻي ٻَڌائون. صبح جو سوير پوليس چونڪيءَ ۾ چور کي وٺي ويا. پوليس آفيسر چور جي رپورٽ ٺاھڻ لڳو. تڏھن رپورٽ ۾ لکيو ويو ته چور جڏھن ڀت ٽپي ٻاھر ڀڄڻ جي ڪري رھيو ھو ته چور کي اسانجي مامي جو نالو لکي چيو ته اُن پڪڙيو. پوليس جي صاحب چيو ته اي ڦلو (چور جو نالو) اڙي توکي صوڀي پڪڙيو! چور چيو ته سائين ھي مونکي ڇا پڪڙيندو؟ مان ھنکي لت ھڻان ته ھي پنج فوٽ پري وڃي ڪري. مونکي ھن مھاراج بابا جن ڏي اِشارو ڪري چيو ته ھنن جو دھشت ڀريو آواز ۽ رڙين منھنجي سڄي بدن جي طاقت ڪڍي ڇڏي ۽ مَت ئي مارجي ويئي. ھن صوڀي جھڙو مونکي ڇا پڪڙي سگھي ھا. پڪڙيو آھي ته ھن مھاراج پڪڙيو آھي ۽ شير مڙس آھي. ھنن جو آواز ۽ دڙڪن منھنجو ساھ مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو. مان ڪري پيس. پوليس آفيسر بابا ڏانھن نھاري کِلڻ لڳا.
مونکي ھڪ ٻي ڳالھ بابا ٻڌائي جو مونکي ياد آھي ۽ ڳالھ ياد ڪري کِل ايندي آھي. بابا جن ھڪ رات جو 3 بجي راڻيپور اسٽيشن تي لٿا ھئا. ساڻ سندن ڀاءُ ۽ ماسيءَ جو ڇوڪرو لالو به ساڻ ھئا. بابا جن پاڻ به اوچا ۽ بدن ۾ ڀريل ھوندا ھئا ۽ سندن ڀاءُ ته ھڪدم بدن ۾ ڀريل ھوندا ھئا ۽ ماسات به تمام ٿُلھو ۽ اسانجي ڪاڪي کان به وزن ۾ ڪَسر ڪڍي وڃي ۽ ٻنھي جي عمر اڃا سورھن سترھن سال مس ھئي. ڌرمشالا ۾ وڃي آرام ڪيون ته صبح جو ڪوئي وسيلو وڃڻ جو ٿيندو. بابا ڌرمشالا کان ٻاھر آواز ٻڌو. صبح جا 5 ٿيا ھئا ۽ ٿورو ٿورو سوجھرو ٿيو ھو. ٻاھر بابا ڏٺو ته جَت اُٺ ڪاھي آيو آھي. جَت صوڀيديري جي سواري کڻندو ھو. بابا جَت کي چيو ته مان ۽ ٻه ڇوڪرا آھن. جَت چار آنا ھڪ سواري ۽ ڇوڪرن جا ٻه ٻه آنا قبول ڪيا. ٽوٽل اٺ آنا وٺڻ جو مڃيو. بابا ڇوڪرن کي سڏ ڪري ٻاھر وٺي آيو. جڏھن اُٺ واري جي ويجھو آيا ته جت ڇوڪرن ڏي نھاري چيو ته مھراج ھي ته اوھان کان به وڏا آھن ڇوڪرا ڏسڻ ۾ نٿا اچن. بابا جَت کي چيو ته ريل ۾ ئي ھنن جي اڌ ٽڪيٽ ورتي آھي. عمر اڃا ارڙھن سال ڪونه ٿي اٿن ۽ مَرد نه ٿيا آھن. جَت چيو ته برابر عمر جا ننڍا آھن، پر مان اُٺ تي ٻه سواريون کڻندو آھيان. مردن کان به وڏا آھن. مون اوھان سان زبان ڪئي آھي. مان پئسا اوھان کان وڌيڪ نه وٺندس ۽ کڻي ھلڻ لاءِ به ٻڌل آھيان. زبان ضرور پوري ڪندس پر منھنجي اُٺ جو خدا خير ڪري. ڪا اُٺ جي چيلھ نه ٽُٽي پوي. پوءِ اسان ٽنھي کي اُٺ تي چاڙھي پاڻ اڳيان اڳيان مَھار کي وٺي ھلڻ لڳو. اُٺ صبح جو زور زور سان رنڀندا آھن. ٿورو رنڀي ته اُٺ کي ٿپڪي ماري چوي الله خير ڪندو. پُٽ مان ڏسڻ کانسواءِ سواري ڪئي آھي خدا ٻيلي ٿيندو. توکي ڪجھ نه ٿيندو. بابا جن اُن جَت کي آٿت ڏنو ته اُٺ کي ڪجھ نه ٿيندو. اِھو اِئين ٿو رنڀي. جت سڄي واٽ الله کي ياد ڪندو آيو ته مان زبان ڪئي آھي، مان زبان کان نه ڦرندس. پر منھنجي اُٺ جو اي الله! وار به ونگو نه ڪج. جڏھن صوڀيديري پھتاسين، اُٺ تان لٿاسين. جَت ڇوڪرن ڏانھن نھاري چوڻ لڳو ته الله اوھان جھڙا ڇوڪرا پيدا ڪندو ته اسانجي اُٺن جو خير ڪونه آھي. بابا جن پئسا ڏيئي صلاح ڏني ته تنھنجي اُٺ کي ڪجھ نه ٿيندو. خدا مڙئي خير ڪندو ۽ ھي ٻه آنا وڌيڪ اٿئي. اُٺ کي ڳُڙ وٺي کارائي ڇڏ ته اُٺ اڳـئين کان به تازو توانو ٿي ويندو.
بابا جن ھڪ ٻي ڳالھ به ڪندا ھئا ته پاسي واري ڳوٺ ۾ ڀڳت ٿيڻي ھئي ۽ شادي به ھئي. سو اُھا ڪوٺ ڏيئي ويا ھئا. بابا ۽ ٻئي ڪاڪا جو مٿي بيان ڪيا آھن. اُن شادي تي ويا، رات جو دير سان پھتا ته ڀڳت چالو ھئي. ٻنھي پاسي ماڻھو ويٺا ھئا ۽ ڀڳت وچ ۾ نچي رھيا ھئا. بابا جن وچ مان لنگھي ھُن پاسي وڃڻا ھئا. بابا ۽ ڪاڪا جن کي سٺا ڪپڙا ۽ ڪوٽ ۽ مٿي تي پَٽڪو ٻڌل ھو. اڳ ۾ پاڻ سڀ بدن ۾ ٿلھا ۽ مٿان ڪپڙا ڪوٽ ۽ پَٽڪو ۽ ھٿ ۾ لڪڻ- وچ مان ٻانھون لوڏيندا لنگھيا. ڀڳت پڇيو ته ڪير آھن؟ ڪنھن ٻڌايو ته صوڀيديري جا مھمان آھن. اڃا لنگھي ٻئي پاسي آيا ته ڀڳت رڙ ڪري چيو ته صوڀيديري جا شينھن ته ڏسو. ھِت ته ڀڳت ۾ سڀ ڏُڪر جا ماريل ويٺا آھن ۽ ڄڻ اَٺ ڏينھن روٽي نه کاڌي اَٿن. ٻئي ڀڳت کي چيائين ھل ته صوڀيديري ۾ پيٽ تي رھون ۽ ھنن جھڙا متارا ٿيون. سڀ کِلڻ لڳا.