ورهاڱي جون ڳالهيون
ھڪ ڏينھن جي ڳالھ آھي ته شام جي ٽائيم ۾ چار- پنج آتنڪوادي آيا. ھڪ کي بندوق ھئي باقي تلوار۽ ڀالا کڻي آيا ھئا. شھر ۾ گھڙڻ بعد ڪوٽومل جي گھر جي پڇا ڪيائون. اُن طرف وڌيا. اُن وچ ۾ ھڪ ڇوڪرو ڊوڙندو ڪوٽومل کي آگاھ ڪيو ته ڌاڙيل اوھان ڏانھن ٿا اچن. بندوق به ساڻ اَٿن. ڪوٽومل جلدي در بند ڪري اندر ڪوٺي ۾ ٻارن سان ھليو ويو. ڌاڙيل آيا ۽ رڙ ڪري چيائون واڻيا در کول نه ته بندوق سان ماري ڇڏينداسين. ڪوٽومل ڏٺو ته در ڀڃي اندر نه اچن. ٻي واھ نه ڏسي پٺئين پاسي دري ھئي. دريءَ ۾ لوھ جون شيخون ھيون. ڪوٽومل اھڙو ته خوف ۾ زور لڳايو جو دريءَ جون ٻه شيخون ٽيڙيون ڪري ڇڏيون ۽ اُن مان ٻاھر نڪرڻ جي جڳھ ڪري ڇڏي. پاڻ ٻاھر نڪري ۽ مٿي ڪوٺي تي پٺيان چڙھي ويو. ڪوٺي جي اولي جون سِرون اکيڙي ھڪ سِر چُپ چُپ ڪري ھڪ ڌاڙيل جي مغز تي زور سان اُڇلي. سِر جي لڳڻ سان ڌاڙيل کان رڙ نڪري ويئي ”يا الله“ ٻَئي ھٿ مٿي تي ڏيئي ويھي رھيو. رت سان سڀ ڪپڙا ڀرجي ويس. اُنھي وقت ٻي سِر ڪوٽومل ڪڍي. ٻِئي ڌاڙيل ڏانھن ڦِٽي ڪئي. بندوق واري بندوق سڌي ڪئي پر ڪوٽومل اولي جي آڙ ۾ ڇُپي ويو. اوچتو نڪري سِر جو وار ڪيو ۽ اُھاسِر بندوق واري کي لڳي ته بندوق ھيٺ ڪري پيس. جيئن بندوق کڻڻ لاءِ ھيٺ نميو تيئن ڪوٽومل ڦڙتيءَ سان ٻي سِر ڪڍي آتنڪوادي جي پُٺاڙن تي ھنئي ۽ آتنڪوادي ويھي رھيو. انھيءَ وچ ۾ ڪوٽومل مرڻ جي ڀؤ کان ايتريون ته جھڙپ سان سِرون پٽي ۽ ڌاڙيلن کي ھڻندو ويو جو اُنھن جون وايون بتال ٿي ويون ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته ڀڄو جلد ڀڄو نه ته واڻيو ماري وجھندو. ڪوٽومل ڳالھ پيو ڪري ته جڏھن مان ۽ بابا وٽس ويا چوي پيو ته چور اھڙا مُنجھيا جو ھڪ جو ته پَٽڪو به وسري ويو. چور پيا چون ته واڻيو ڇِتو ٿي پيو آھي ۽ اسانکي نه ڇڏيندو ۽ ڀڄو. ڀڄي ويا. جڏھن خبر پئي، خيرپور مان ڊي. ايس. پي پوليس به نواڙي ڳوٺ آيو. ڪوٽومل کي آفرين نامو عطا ڪيو ۽ بندوق رکڻ جو لائيسن به ڏنو. پوءِ ڀائي ڪوٽومل کي بندوق جو لائيسن مليو ھو ۽ بندوق رکندو ھو. اِھا بندوق ھندوستان ۾ به کڻي آيو ھو.
مونکي ياد آھي ته ھڪ ڏينھن اسانجو استاد مير خدايار خان ڪلاس ۾ جيئن اندر آيو اسان گوڙ ڪريون پيا ته استاد رڙ ڪري چيو ته ڇورا توھان کڻي اُٺ مسيت تي چاڙھيو آھي. اسان مان ھڪ ڇوڪر چيو، سائين اُٺ مسيت تي ڪيئن چاڙھيو ويو ھو؟ پوءِ اسان استاد کي چيو ته سائين اسانکي بيان ڪري ٻڌايو ته ڇوڪرن ڪيئن اُٺ مسيت تي چاڙھيو. پوءِ سائينءَ ٻڌايو ته 15-20 ڇوڪرا صبوح جو سويل 5 بجي اچي ھڪ ڪوٺيءَ جي ڀرسان ڪَٺا ٿيا. ڪوٺي اسڪول جي پٺئين پاسي خالي لڳندي ھئي. ڪوئي به اُن ۾ نه رھندو ھو. مالڪ ڪڏھن ڪڏھن اچي ٻُھاري پائي ھليو ويندو ھو. ڪوٺيءَ کان سَڏ پنڌ تي ھڪ ٻني ھوندي ھئي جنھن ۾ جوئر جو فصل پوکيو ويو ھو. فصل جو لابارو پئجي ويو ھو. ٻارِ به کڄي ويئي ھئي. جوئر جي گاھ جا بند ٻڌي کرا اُڀا ڪيا ويا ھئا. 5- 6 اھڙا کرا ٿوري ٿوري وڇوٽيءَ تي ھئا. کرن جي چوڌاري ڪَنڊن جو لوڙھو ڏنو ويو ھو ته جيئن جانور گاھ کائي نه وڃن. اڃا اوندھ ھئي ۽ پنھنجو ڪم شروع ڪين. ٻه ڇوڪرا ڊوڙ پائي لانڍيءَ مان ٻڻانگي کڻي آيا. ٻڻانگيءَ سان ڪَنڊن جو لوڙھو پري ڪري لنگھ ٺاھيو ويو. گاھ جابند کَري مان ڪڍندا ڪوٺيءَ تائين پھچايا ويا ھئا. بند ڪوٺيءَ جي پٺئين پاسي کان اھڙي طرح رکندا ويا جيئن آھستي آھستي ڏاڪڻ وانگر چاڙھي ٿيندي ويئي ۽ ڪوٺيءَ جي ڇت تائين پھچي ويئي. ڪوٺيءَ تائين ڏاڪڻ وانگر گاھ جي لاھِي ٺاھي ويئي جيئن آسانيءَ سان گاھ تان چڙھي ڪوٺي جي ڇت تي پھچي سگھجي. ٿوري پنڌ تي جَت جو گھر ھو. اُٺ ٻاھر ٻَڌل ھو. ٻه ڇوڪرا ڊوڙ پائي اُٺ کي مھار کان وٺي ڪاھي آيا. جڏھن ڪوٺيءَ وٽ پھتا ھڪ ڇوڪرو اُٺ کي اڳيان مھار کانوٺي ڇِڪڻ لڳو ٻيو ڇوڪرو پٺيان اُٺ کي لڪڻ سان ھڪلڻ لڳو. ڇڪيندا گاھ تان مٿي ڪوٺي جي ڇت تي چڙھي ويا. جڏھن اُٺ ڪوٺي تي پھتو ته ڇوڪرا ھيٺ لھي آيا ۽ سڀيئي ڇوڪرا گاھ جا بند کڻي اڳـئين طرح کَرا ٺاھي ڪَنڊن جو لوڙھو ڏيئي ٻڻانگي رکي آيا. ٻه ڇوڪرا ٻُھاري ڪوٺيءَ جي چوڌاري پائي صفائي ڪري ڇڏي. ڪوبه گاھ جو نشان نه ڇڏيو. اِھو ڪم ڪري سڀ پنھنجي پنھنجي گھر ھليا ويا. اِسڪول جي ٽائيم تي ڪتاب کڻي اسڪول ۾ آيا. اِھيءَ وچ ۾ ڳوٺ جي ماڻھن جڏھن ڏٺو ته اُٺ ڪوٺيءَ تي چڙھيو بيٺو آھي. عجب ۾ پوڻ لڳا ھڪٻئي کي چوڻ لڳا ته رات ھِن ڳوٺ ۾ جِن ڀوت آيا ھوندا جن اٺ کي کڻي ڪوٺي تي بيھاريو آھي. اُٺ وارو به دانھون ڪرڻ لڳو ته منھنجي ڪمائي ڪيئن ٿيندي؟ آخرڪار استاد کي مغز ۾ ڳالھ آئي ته اِھو ڪم منھنجي ڪلاس جي ڇوڪرن جو آھي. مان اُنھن کي ٻڌايو ھو ته اُٺ ڪيئن ڪوٺيءَ تي چاڙھيو وڃي ۽ ھنن اُھو ڪم ڪري ڏيکاريو آھي. ڇوڪرن کي ھيٺئين مٿئين ڪري سچي ڪرايو ۽ اُنھن کي چيائين ته وڃي اُٺ کي ھيٺ لاھيو. ڇوڪرا ڊوڙندا ويا جھڙي طرح گاھ کڻي آيا ھئا ۽ ڏاڪڻ ٺاھي ھئي اھڙي طرح اُٺ کي لاھي وري ساڳيو گاھ ٺاھي کَرا ٻڌي آيا ۽ ٻھاري پائي ڪوٺيءَ جي ٻاھران صفائي ڪري ڇڏي. ماڻھن جڏھن اِھو تماشو ڏٺو ته عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا اُھو سچ آھي ته اسڪول جا ڇوڪرا اھڙا ڏِنگا آھن جو اُٺ کي ڪوٺيءَ تي چاڙھي سگھن ٿا. اُٺ واري کي ڇوڪرن 5 رپيا ڏنا جو اُنجي ڪمائي نه ٿي ھئي. مان ننڍو ھوس ڳالھ ٻڌي عجب کائيندو ھوس ته اِھو سچ آھي يا ڪوڙ پر سمجھ ۾ نه ايندو ھو.
مونکي ڪاليج جو واقعو پوءِ ياد آيو جنھن جو مان ھتي ذڪر ڪريان ٿو. فرسٽ ايئر ۾ سرڳواسي رام پنجواڻي اسانجو سنڌيءَ جو پيرڊ وٺندو ھو. ھڪ ڏينھن سڀني ڇوڪرن صلاح ڪئي ته رام پنجواڻيءَ کان گيت ڪلاس ۾ چوارايون. پنجواڻي صاحب جڏھن ڪلاس ۾ آيو تڏھن سڀني ڇوڪرن فرش سان بوٽ گسائڻ شروع ڪيا. پنجواڻي صاحب سمجھي ويو ته ڇوڪرن کان ڪارڻ پڇيو ته ڪھڙي موئي ٻلي توھانجي ڪَڇ ۾ آھي. ڇوڪرن چيو سائين اڄ اسانکي گيت ٻڌايو. تنھن تي پنجواڻي صاحب چيو جڏھن مان ڳالھائيندو آھيان ته توھانجا وڏا ڪنڌ لوڏي ھا- ھا ڪندا آھن ۽ توھان حرڪت ڪريو ٿا. تنھن کان پوءِ ڇوڪرن عرض ڪيو ته سائين معاف ڪريو ۽ ھڪ گيت ٻڌايو. پنجواڻي صاحب آيو لعل جھولي لعل جو ھڪ گيت ٻڌايو ۽ نچڻ لڳو ۽ شاگرد پڻ نچڻ لڳا.
ٻيو واقعو ڪاليج جو ياد آھي ته ھڪ پروفيسر تمام سھڻو ھوندو ھو. ڇوڪرا سڀ چوندا ھئا ته ھنکي ڏاڙھي ڄمي ئي ڪانه ٿي. ھڪ ڏينھن پروفيسر کي ڇوڪرن گھيرو ڪري ڪارڻ پڇيو تنھن تي پروفيسر جواب ڏنو ته مان ڏاڙھي روز نئين بليڊ، بغير صابڻ جي لاھيندو آھيان مٿان تيل مالش ڪري زور سان اُگھي ڇڏيندو آھيان. اسان به دل ۾ ويچار ڪيو ته اسين به اِھو طريقو آزمائينداسين.
30 جنوري 1948ع ۾ صوڀيديري ۾ خبر آئي ته مھاتما گانڌيءَ کي بندوق جي گوليءَ سان ماريو ويو آھي ته ڳوٺ ۾ سڀني ھندن جي گھرن ۾ اِھو افواھ اٿيو ته ھينئر ھِت رھڻ ۾ سلامتي ڪانه ٿيندي. روز افواھ پيا اُٿن ته سڀني ڳوٺن مان ھندو لڏي رھيا آھن. ھندوستان وڃي رھيا آھن. اُن کان اڳ ۾ ڪنور رام کي گولي لڳي ھئي يا مھاتما کي گولي لڳي. اُن جو واسطو لڏ پلاڻ سان ڪونه ھو. پر اڻ پڙھيل ۽ جاھل ماڻھو اُنھن حادثن جو بيان ڪري ماڻھن ۾ گمراھي پيدا پيا ڪن. اسانجي سنڌ جي آدمشماري اُن وقت چاليھ لک کن ھئي جنھن ۾ اسان سنڌي ھندو چوڏھن پندرھن لک ھئاسين ۽ باقي مسلمان ھئا. اسان جي وڏن ۽ مِٽن مائٽن پاڻ ۾ صلاح ڪري سنڌ مان لَڏڻ جو ويچار ڪيو. سڀ پاڻ ۾ مِٽ مائٽ صلاح ڪري اچي خيرپور شھر ۾ گڏ ٿيا. گاڏي روھڙيءَ مان شروع ٿيندي ھئي جا ڪراچيءَ تائين ايندي ھئي. اسين سڀ مائٽ ۽ دوست ھڪ دٻو رزرو ڪيوسين. خيرپور مان چڙھي ڪراچي آياسين. بسترا ۽ پيتيون ڪپڙن جون مال گاڏيءَ ۾ بوڪ ڪيل ھيون.