شڪر گذاري مون جڏھن ڪتاب لکيو ته اُن جي ڇَپائڻ جي چنتا ۾ ڪيترن ماڻھن کان پڇا ڪئي ته ڪٿي ڇَپايان. پر اھڙو ماڻھو ڪونه پئي مليو. نيٺ ھڪ نمبر قسمت سان مليو. فون ڪيم. 'جئه امبي گرافيڪس' (انجواڻي آسو چنديرام) مليا. مان روبرو ويس. آسو ڀائيءَ سان ڳالھائڻ ۾ مونکي لڳو ته صحي ماڻھو مليو آھي. اُن ڪتاب ڇپيو آھي جو تمام سٺو ۽ مونکي سڀ سھڪار مليو. مان سندس شڪر گذار آھيان جو اھڙو سٺو ماڻھو مليو. سندس اڳتي وڌڻ جي پرارٿنا ٿو ڪريان. ھولارام تيجو رام شرما