شاعري

سِپُون سُوجهي ڪڍيون

ڪتاب ”سِپون سوجهي ڪڍيون“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر مسرور پيرزادي پاران دنيا جي عظيم شاعرن جي شاعريءَ جي سنڌي ترجمي جو مجموعو آهي.
امداد حسيني لکي ٿو:
مسرور ”سپوُن سُوجھي ڪڍيون“ جهڙو اهم ڪتاب اسان کي ڏنو آهي. جنهن ۾ هُن ڪلا، فن ۽ آرٽ جا اهي امُلهه ماڻڪ اسان جي اکڙين آڏو آندا آهن، جن جي جوت ڪڏهن به جهڪي نه ٿي آهي. هزارن سالن جو سفر طيءِ ڪري اها شاعري اسان تائين پڳي آهي ۽ اڄ به اهڙي تازي تواني آهي، جهڙي رچڻ مهل هئي. ان جي سِٽن ۾ اڄ به شاعر جو خون جگر روان آهي. ان جي لفظن ۾ اڄ به شاعر جي دل ڌڙڪي ٿي.
Title Cover of book سِپُون سُوجهي ڪڍيون

مُهاڳ : امداد حَسيني

”سپون سُوجھي ڪڍيون“ مسرور پيرزادي جو نئون ڪتاب آهي، جنهن ۾ دنيا جي عظيم شاعرن جي اعليٰ شاعريءَ کي سنڌي ترجمي جي صورت ۾ پيش ڪيو ويوآهي. مسرور پنهنجي تخليقي ڪم ۾ مگن رهندو آهي. هُو ٻين جي لکڻين تي، خاص ڪري شاعريءَ تي، ڏاڍي چاهه سان ۽ بنا ڪنهن رک رکاءُ جي لکندو رهندو آهي. هاڻي مسرور ”سپوُن سُوجھي ڪڍيون“ جهڙو اهم ڪتاب اسان کي ڏنو آهي. جنهن ۾ هُن ڪلا، فن ۽ آرٽ جا اهي امُلهه ماڻڪ اسان جي اکڙين آڏو آندا آهن، جن جي جوت ڪڏهن به جهڪي نه ٿي آهي. هزارن سالن جو سفر طيءِ ڪري اها شاعري اسان تائين پڳي آهي ۽ اڄ به اهڙي تازي تواني آهي، جهڙي رچڻ مهل هئي. ان جي سِٽن ۾ اڄ به شاعر جو خون جگر روان آهي. ان جي لفظن ۾ اڄ به شاعر جي دل ڌڙڪي ٿي.
تخليق کي ترجمي تي يقينن فوقيت حاصل آهي. پر ان سان ترجمي جي اهميت گھٽجي نٿي، پاڻ وڌي ٿي. ان ريت انهن شاعرن کي، جن جي شاعريءَ جو ترجمو ڪيو وڃي ٿو، انهن کي نون پڙهندڙن جو وسيع حلقو ميسر ٿئي ٿو. اهو به سچ آهي ته سڄي دنيا جي شاعري، سموري انسان ذات جو مشترڪ ورثو آهي. ترجمي لاءِ لازمي آهي ته جنهن ٻوليءَ مان ترجمو ڪيو وڃي ۽ جنهن ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي، انهن ٻنهي ٻولين ۾ جوڳي ڄاڻ هجڻ گھرجي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته اصل ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ ان تان ئي وري ٽين ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. جيئن روميءَ جي ڪلام بابت مسرور پاڻ به لکيو آهي، رومي جي شاعريءَ ۾ ”سنڌ ۽ سنڌين“ جو حوالو موجود آهي؛
هِندِ يان را اصطلاحِ هِندِ مدح
سِنديان را اصطلاحِ سِندِ مدح
روميءَ جي ان شعر کي پنهنجي هڪ نظم ”اپيل“ ۾ هيئن آندو اٿم:
هِندين لاءِ هند جي ساراهه
سِنڌين لاءِ سِنڌِ جي ساراهه
هر بشر جي خمير ۾ آهي
پنهنجي پنهنجي وطن جو چاهه اٿاهه
لاکيڻي لطيف سان ٽي ڪتاب_ قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه ڪريم جو رسالو سدائين ساڻ هوندا هئا. رڳو ساڻ نه هوندا هئا، پر روزانو صبح جو پڙهيا پڻ ويندا هئا ۽ رات جو شاهه سائينءَ جو ڪلام ڳائبو هو. شاهه سائينءَ آڏو ٻين شاعرن جو ڪلام به ڳايو/پڙهيو/چيو ويندو هو. انهن ٽن ڪتابن ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام کان پاڻ متاثر به ٿيو آهي، ان جا اهڃاڻ ”شاهه جو رسالو“ ۾ موجود آهن:
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪُوڪاري،
هُن پَنَ پنهنجا ساريا، هوءَ هنجون هڏن لئه هاري.
جنهن لاءِ ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو لکي ٿو ته:
”گنج جي خاص ڳالهه اها آهي ته شاهه لطيف کي مثنوي روميءَ سان جيڪا محبت هئي، ان لحاظ کان گنج جي شروعات به مثنويءَ جي پهرئين شعر سان مناسبت رکندڙ بيت سان ڪئي وئي.“
(شاهه جو رسالو-شاهه جو ڪلام. تعارف ص ز، ثقافت کاتو سنڌ. نئون ڇاپو 2013).
روميءَ جو اُهو شعر هيءُ آهي:
بشنو ازني چُون حڪايت مي ڪُند
وز جدائيها شڪايت مي ڪُند
شاهه سائينءَ بيت ۾ پنهنجي رمز به رکي آهي پر:
”وڍيل ٿي وايون ڪري“ ۽
”هُن پَنَ پنهنجا ساريا“
جي روميءَ جي شعر سان ڪا مناسبت آهي به ته پوءِ اهو روميءَ جو ڪنهن به ٻي ٻوليءَ۾، جيڪا سنڌي آهي، پهريون نه به سهي، پر پهرين ترجمن مان ضرور آهي. اهو به عين ممڪن آهي ته تصوف سان گڏوگڏ، شاهه سائينءَ کي:
سِندِيان را اصطلاحِ سِند مدح
واري روميءَ جي رمز به موهيو هجي. مثنويءَ ۽ روميءَ جي ڳالهه نڪتي آهي ته اهو به ٻڌائيندو ”هلان ته مثنوي مولانا روم جو سنڌيءَ ۾ مڪمل منظوم ترجمو ڇپجي چڪو آهي. اهو ترجمو مولوي دين محمد اديب فيروز شاهيءَ جو ڪيل آهي، جيڪو وڏي سائيز جي ٽن چئن جلدن تي مشتمل آهي ۽ آر ايڇ احمد اينڊ برادرز حيدرآباد سنڌ ڇپايو آهي. اهي ڇپيل جلد مون 1977ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڏٺا هئا، جڏهن آءٌ ٽه_ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر هئس. اهي سنڌي ادبي بورڊ کي ڇپڻ لاءِ ڏناويا هئا. ”اديب“ فيروز شاهي، نور محمد هاءِ اسڪول ۾ منهنجو فارسيءَ جوا ستاد رهيو آهي. مثنوي مولانا روم جو منظم سنڌي ترجمو هڪ وڏو ڪم آهي. ان جي ٻيهر ڇپائيءَ لاءِ ”اديب“ فيروز شاهيءَ جي نياڻي سنڌي ادبي بورڊ جا پنڌ ڪندي رهي، پر اهو اڃا تائين ڇپجي نه سگھيو آهي. ان ريت ٻئي ڪم کان سواءِ حاجي احمد ملاح جو ”نور القرآن“ ۽ قرآن شريف جو بيت جي Forma* ۾ ترجمو آهي. ”اظهر گيلانيءَ“ به قرآن شريف، جپ صاحب ۽ ڀڳوت گيتا جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي. اهي سڀ ادب ۾ اعليٰ ڪارنامي جي حيثيت رکن ٿا. پر اعليٰ ڪارنامي سر انجام ڏيڻ وارن جو وٽي تي به نالو نه آهي، بلڪ وٽو ئي چورايو ويو آهي! سعديءَ جو ”گلستان“ ۽ ”بوستان“ به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي، پر اڻلڀ آهي. ان مان منهنجو مقصد ”مسرور“ جي هن ڪم کي اعليٰ ڪارنامو يا وڏو ڪم ثابت ڪرڻ نه آهي. ها، البت اهو ضرور چوندس ته ”مسرور“ جي هي ڪم ننڍو ۽ غير اهم بهرحال نه آهي، خاص ڪري هاڻوڪي صورتحال ۾، جڏهن سنڌي شاعري زوال پذير آهي، تڏهن ”سِپُون سُوجھي ڪڍيون“ جهڙي ڪم جي اهميت ڪجھه وڌيڪ ئي آهي.
سنسڪرت، فارسي، عربي، انگريزيءَ کي انڪري تياڳيو ويو، جو اهي سرڪاري، ڌرمي/مذهبي ٻوليون هيون. انگريزيءَ کي ڪافرن جي ٻولي چئي، ان کي نه پڙهڻ جي فتويٰ ڏني وئي. نتيجو؟ اسان جي سامهون آهي. هاڻي اسين روميءَ کي به انگريزيءَ ۾ پڙهون ٿا. ڪاليداس، ڀواڀوتي، ڀرتري هري، ٽئگور، نزار قاباني، رسول حمزاتوف، ناظم حڪمت، محمود درويش.... سڀني کي انگريزيءَ ۾ پڙهون ٿا. ائين انهن جو ترجمو اصل ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ (انگريزيءَ) ۾ ٿيو ۽ پوءِ ان تان ٽيءَ ٻوليءَ “سنڌيءَ“ ۾ ترجمو ٿيو.
”مسرور“ جو ترجمو پابند، آزاد ۽ نثري شاعريءَ ۾ آهي. ان ڏس ۾ هُن ڪٿي ڪٿي پنهنجي ”مسروريت“ به ڏيکاري آهي. جيئن رسول حمزاتوف جي ”منهنجو داغستان“ مان نثري ٽڪرا منظوم ترجمو ڪيا ويا آهن، ياهڪ نظم جي هيٺان: (ڀرتري هريءَ جي خيال کان متاثر ٿي لکيل) لکيل آهي. اهو نظم زندگيءَ جيترو ئي وسيع به آهي ته مختصر به. خوبصورت به ته، پيڙيندڙ به. زندگي جيڪا اڻ چاهي ملي ٿي ۽ اڻ چاهي واپس ورتي وڃي ٿي:
موت وس ۾، نه زندگي وس ۾،
ڪيڏو بي اختيار آهيون اسين!
(لڇمڻ ڪومل)
اهو نظم:
هن جيون ۾ سُکُ ڪٿي آ؟!
کان شروع ٿئي ٿو ۽ ان جي پڃاڻي به انهيءَ سٽ تي ٿئي ٿي. ۽ انهن ٻن سٽن (بلڪ هڪ سٽ) جي وچ ۽ ”زندگي“ آهي. آد_وچ ۾ انت! ٻالڪپڻ_ جوڀن_ پوڙهائپ! بيماري ۽ موت! گوتم ٻڌ به زندگيءَ جي ان ڪُروپ کي ڏسي، سڀڪجھه تياڳي ڇڏيو ۽ نرواڻ جو مَتو ڏنو. ڀرتري هريءَ به تياڳ ورتو، زال جي بيوفائيءَ تي، جنهن سان گھڻو پيار ڪندو هو؛
هيءَ سڄي ڌرتي منهنجو آهه وڇاڻو
ٻانهون منهنجي لاءِ وهاڻو
هِي نيرو آڪاس سندم آ چادر پياري
هِرَ شام جي ٿڌڙي ڄڻ ته پکو آ مون لئه
چنڊ ستارا منهنجي لاءِ بتيون آهن
منهنجي زال ”تياڳ“ سُمهي پئي آهي مون سان
اهڙي سُک سان ڪِينَ سُمهي ٿو
ڪو شهزادو!
جهڙي سُک سان
آءٌ سمهان ٿو!
هاڻي هن سان سندس زال ”تياڳ“ ڪو به دوکو نه ڪندي. ڪا به بيوفائي نه ڪندي! محل ماڙيون، تاج تخت ٿڏي آيل راجا لاءِ سرشٽي اَجھو بڻجي وئي. جتي نه سازشون هيون، نه دوکا، نه ئي بيوفائيون! شاهه سائينءَ به اهڙو ئي ڪو دُکندو دُک کڻي تياڳ ورتو ۽ ٽن سالن تائين جوڳين ۽ سامين جي ست سلنگ ۾ رهيو. پنهنجو هڪ شعر ٿو ياد اچيم:
آءٌ نه ڀِٽَ ڌڻي، نه ڪپل وستُو جو شهزادو،
ڪٺور رشتن جون زنجيرون پيرن ۾ پاتل!
ڀرتري هريءَ اها سڄي وارتا نظم ڪري ٿو اِهائي اُها پَر آهي، جيڪا هر شاعر کي پارڻي آهي. شاعر وٽ زندگيءَ کي ”ڪيئن ڏٺو“ آهي، کان وڌيڪ اهميت ”ڪيئن ڏيکاري“ کي آهي. زندگيءَ جي موضوع تي شيڪسپيئر جو به هڪ لازوال نظم آهي، جيڪو “Seven S*ages of Man” جو ترجمو آهي. جنهن ۾ انساني زندگيءَ جا ست ڏاڪا ڄاڻايل آهن. ڄمڻ کان پوڙهائپ تائين. ڀرتري هريءَ ۽ شيڪسپيئر جو انساني زندگيءَ بابت اڀياس حيرت انگيز آهي! ۽ سڀ کان وڌيڪ اچرج جي ڳالهه ٻنهي رچنائن ۾ ”سمانتا اسمانتا/اسمانتا سمانتا“ آهي. ٻنهي ڀرتري هريءَ ۽ شيڪسپيئر جيئن زندگيءَ کي ڏٺو آهي، تيئن ڏيکاريو آهي. پوري ”سچائي“ سان ۽ اها ”سچائي“ ئي شاعريءَ کي دائميت جو درجو عطا ڪري ٿي. شيڪسپيئر جو اهو نظم چوٿين درجي جي انگريزي ڪتاب ۾ شامل هو. تڏهن جڏهن اڃا انگريزن جي دَور جا ڪتاب پاڙهيا ويندا هئا. ان نظم توڙي ٻين نظمن/رچنائن تي عنوان پڻ ڏيڻ گھرجن ها. ڪن تخليقن تي عنوان ڏنا ويا آهن. زندگيءَ بابت شيڪسپيئر جي هڪ جڳ مشهور سٽ آهي.
Life is a *ale, *old by an idio*!
(ڪنهن مورک جي آهه ٻڌايل جيون جي آکاڻي!)
گوتم جيون_ڪٿا کي مختصر ترين لفظن ۾ هيئن اپٽاريو آهي: ”سروم دُکم دُکم!“ ان ڏک ۾ هڪ شاعر لاءِ سک جو پل اهو ئي آهي، جنهن ۾ هو رچي ٿو. تخليق ڪري ٿو ۽ اسين هزارها سالن کانپوءِ سندن تخيلقي تجربن ۾ شريڪ ٿيون ٿا، تڏهن اسين به هن نفسانفسيءَ جي دَور ۾ ڪجھه پل سُک جو ساهه کڻون ٿا ۽ اها سرخوشي ماڻيون ٿا، جيڪا انهن شاعرن اسان کي ڏيڻ چاهي آهي. اهڙا شاعر زمان ۽ مڪان کان ماورا هوندا آهن. اهڙا شاعر ٻاٽ واٽ ۾ لاٽ وانگر آهن. حسن، حق ۽ خير جو هوڪو ڏيندڙ اسان جا سُونهان آهن. چنڊ جي چانڊوڪيءَ، تارن جي ٽِم ٽِم، سج جي حرارت، وٽن ٽڻن، پکين جي مٺڙين لاتين، جھرڻن جي ملترنگ، رُتن، دريائن، سمنڊن، سُونهن، پريت، گيت سنگيت جون ڳالهيون ڪن ٿا. جيئڻ جو اتساهه بخشين ٿا. انهن کي پڙهي لڳي ٿو ته ڄڻ اسان جي سُور جي سَٽَ کي سِٽَ ۾ اوتيو اٿن. ڄڻ اسان جا ئي لڙڪن رُنا اٿن. اسان جي ئي مُرڪ مُرڪي اٿن. هنن کي پڙهندي، اهو چوڻ ڏکيو آهي ته هو اسان کي پنهنجي دَور ۾ وٺي ٿا وڃن، يا پاڻ اسان جي دَور ۾ اچي ٿا وڃن!. بس رڳو اهو احساس ٿو رهي ته اسين اڪيلا ناهيون:
”آءٌ اڪيلي ڪاٿي آهيان
عشق هلي ٿو
گڏ گڏ مونسان!“
(اُمارو)
اهي ڪويتائون پڙهندي، اهو به پتو ٿو پوي ته شاعريءَ جا نقاد تڏهن به هئا. ڀواڀوتيءَ انهن جو ذڪر ڪيڏي نه دلچسپ انداز ۾ ڪيو آهي:
عالم ۽ نقاد نندن ٿا
منهنجي شعرن کي
ڀل هو ويٺا پنهنجو ڪم ڪن
مون ته انهن لئه ڪِينَ لکيو آ

ڏينهن اُهو ڀي ايندو جڏهين
ماڻهو پسندا پنهنجو پاڻ
منهنجي شعرن ۾

ڇو ته وڏي هيءَ دنيا آهي
وقت، رڳو هي وقت نه آهي
دَور، رڳو هي دَور نه آهي!
اڄ اسين اهي شعر سنڌيءَ ۾ پڙهي رهيا آهيون ۽ انهن ۾ پنهنجو پاڻ پسي رهيا آهيون. ڀواڀوتيءَ ان رچنا ۾ دنيا، وقت ۾ دور جي ڳالهه ڪئي آهي. اهي ٽئي الڳ الڳ هوندي به الڳ نه آهن. الڳ نه هوندي به الڳ آهن.
اَڇيهه ۽ اَکُٽ آهن. ڀواڀوتيءَ جي ان رچنا ۾ ٽيئي هڪ ٿي ٿا وڃن ۽ اِها ئي اُها ”سچائي“ آهي، جنهن کي شاعري سڏجي ٿو، جيڪا هر دور لاءِ آهي. سڄي دنيا لاءِ آهي ۽ هر وقت لاءِ آهي ۽ ظاهر آهي ته ”ماڻهن“ لاءِ آهي. ٿي سگھي ٿو ته ان دَور ۾ به شاعريءَ کي ”واندن جي وندر“ سمجھيو ويو هجي. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ مان اپڙاسو نه تڏهن هو نه ئي هاڻي آهي! پر شاعرن کي ان جي ڪڏهن پرواهه به نه رهي آهي! ان رچنا ۾ ”لکڻ“ جي ڳالهه ڪيل آهي. معنيٰ ته شاعري چئي به وئي ته لکي به وئي ۽ انگريزن جڏهن اها شاعري پڙهي، تڏهن اچرج وٺي وين ۽ ان کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري دنيا آڏو پيش ڪيائون. پر سنڌ جي قديم شاعرن ۽ شاعريءَ جو اسان کي پتو نه آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي عظيم سڀيتا جي وارث سنڌو ماٿريءَ وٽ شاعري نه هوندي! موهن جي دڙي جهڙي شهر اڏيندڙن، مورت سازيءَ جي ماهرن وٽ پڪ سان شاعري هوندي ۽ اها لکت ۾ به هوندي. موهن جي دڙي مان نرتڪيءَ جي مورتي به لڌي آهي، نرت ڪلا هئي ته سنگيت به هوندو ته گيت به هوندو! پر ڌارين ڪاهيندڙن سڀ کان پهرين سنڌ جا ڪتبخانا ساڙيا! موهن جي دڙي مان لکت ته ملي آهي، پر ان جي ڀاڃ نه ٿي سگھي آهي! انڪري سنڌي شاعريءَ جي ابتدا قاضي قادن کان ڪئي ٿي وڃي. ان جا ست بيت، شاهه ڪريم پڙهيا ۽ پوءِ اهي درج ٿيا ۽ اسان تائين پهتا. انهن بيتن کان سواءِ ڀارت ۾ قاضي قادن جا وڌيڪ بيت مليا، جيڪي هيرو ٺڪر ”قاضي قادن جو ڪلام“ جي نالي سان ڇپرايا. ڊاڪٽر ني بخش خان بلوچ ”قاضي قادن جو رسالو“ پڻ ڇپايو آهي.
منهنجي آڏو اهو سوال به آهي ته اهي بيت قاضي قادن پهرئين جا آهن يا ٻئين جا؟ آغا سليم وري بابا فريد گنج شڪر کي پهريون سنڌي شاعر ٿو سڏي.
سِج لٿا، سنجھا پئي، اڳهون آئي رات،
کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪَپر وات!
چوڻ اهو پئي گھريم ته سنسڪرت جي قديم شاعري لکت ۾ محفوظ رهي ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي ۽ اڄ اسان لاءِ ”مسرورو“ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي آهي. ائين هن پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. پر ان فرض جي ادائگيءَ جي مڃتا ضروري آهي ۽ ان جو بهترين طريقو اهو ئي آهي ته اسين انهن ترجمن کي پڙهون ۽ ڪڙهون، خاص ڪري جيڪي شاعر آهن، انهن کي اهو سدائين ياد رکڻ کپي ته سٺي شاعري ڪرڻ لاءِ، سٺي شاعري پڙهڻ لازمي آهي.
مٿي مون ڀرتري هريءَ ۽ شيڪسپيئر جي ٻن نظمن بابت لکيوآهي، جن جو موضوع ”زندگي“ آهي. ان تي مون کي ڪجھه منظوم لوڪ سٽون ياد آيون آهن. ان جون پهريون سٽون_ چاليهن تائين، مونکي ياد نه آهن، ان کانپوءِ واريون سٽون، جيڪي ياد اٿم، هي هتي ڏيان ٿو. ان اميد سان ته پهريون سٽون، جنهن کي به، خاص ڪري سگھڙن کي ياد هجن ته انهن سٽن کي ضرور مڪمل ڪن:
پنجاهه،
تڪي ٿو منجا
سٺ
کنيئن هٿ ۾ لٺ
سَتر
پئي ڄمار ۾ ڪَتر
اَسي
مت کَسي
نوي
پيو ڪانگ لنوي
سَو
نه ڪو سڄڻ آسرو
نه ڪو ڏُڄڻ ڀَو!
”سِپون سُوجھي ڪڍيون“ ۾ جيڪا شاعري ترجمو ڪئي وئي آهي، ان جا موضوع اهي ئي آهن، جيڪي گھڻي ڀاڱي هر دور جي شاعريءَ جا رهيا آهن، جهڙوڪ: حُسن، عشق، ويدانت/تصوف، وطن دوستي، انسان دوستي.... البت انهن موضوعن کي مختلف انداز سان پيش ڪرڻ جي اهميت آهي. شاعريءَ جو سرچشمو زندگيءَ مان ئي ڦُٽي ٿو ۽ اهي سمورا موضوع زندگيءَ سان سڌو/اڻ سڌو واسطو رکن ٿا. هتي آءٌ ڪاليداس جي هڪ ڪويتا ڏيڻ چاهيان ٿو، جنهن ۾ موضوع ”شاعري“ آهي:
اڄڪلهه جا شاعر
ويٺا ڪن پرچار رڳو
يا بس پنهنجا سُور سلن ٿا
پر هي منهجا شعر نه ڪائي
ڪوشش ڪن ٿا
ڪنهن کي ڪجھه سيکارڻ يا سمجھائڻ جي
هي ته رڳو بس شعرن جو ئي لطف ڏين ٿا!
پرچار ڪرڻ ڌرم/مذهب/رليجن جو ڪم آهي ۽ سمجھائڻ/سيکارڻ فلسفي جو. ته پوءِ شاعريءَ جو ڪارج ڪهڙو آهي؟ اُهو ئي، جيڪو هزارين سال اڳ ڪاليداس ٻڌايو آهي، يعني ”لطف ڏيڻ“. اها ڪويتا ڪاليداس پنهنجي دَور لاءِ رچي آهي يا اسان جي دَور لاءِ! ”اڄڪلهه جا شاعر“ ان ڪويتا جي پهرين سِٽ آهي، جيڪا ان ڪويتا کي هر دور سان لاڳو ڪري ٿي، بلڪه ”اڄڪلهه جي سنڌي شاعرن“ سان اها ڪويتا وڌيڪ لاڳاپيل ٿي لڳي!
”سِپُون سُوجهي ڪڍيون“ ۾ جن شاعرن جي شاعري ڏني وئي آهي، انهن مان اسين گھڻن کي ڄاڻون سڇاڻون ٿا، انهن جو ڪجھه نه ڪجھه ڪلام به اسان جو پڙهيل آهي، پر ان ڪتاب ۾ ڪجھه شاعر اهڙا به آهن جن جا نالا ۽ ڪلام پهريون ڀيرو ئي ماڻيو اٿم، جيئن سنسڪرت جا شاعر ڀواڀوتي، ڌرما ڪرتي، هارسا:
جنهن ماڻهوءَ ڏي هوءَ ڏسي ٿي،
تنهن جي دلڙي چورائي ٿي،
پر جي ڪنهن ڏي ڪِينَ ڏسي ٿي،
تنهن کي ويتر تڙپائي ٿي!
(ڌرما ڪرتي)
جنهن پَل تون گڏ آهين مون سان،
تو ۾ هرشيءِ آنءٌ پسان ٿو.
پر جنهن پل تون دور هجين ٿي،
توکي هر شيءِ منجھه ڏسان ٿو!
(هارسا)
هڪڙي سان هوءَ ٽهڪ ڏئي ٿي،
ٻئي کي هوءَ اشارا ڪري ٿي،
ٽئين جي باري ۾ سوچي ٿي،
ڪنهن سان آخر پيار ڪري ٿي؟
(ڀرتري هري)
مان هِت آهيان، تنهنجو آهيان
تون هُت آهين، منهنجي آهين
آ ذهني ميلاپ اسان جو
ٻيو ڇا گھرجي منهنجا جاني!
(ڀواڀوتي)
اهميت ڪنهن کي آهي؟ رچنا کي؟ رچنا ڪار کي؟دوام ڪنهن کي آهي؟ تخليق کي؟ يا تخليقڪار کي؟ ان جو هڪڙو جواب ته ناظم حڪمت ڏنو اهي:
گيت انسان جا انسانَ کان سهڻا آهن
گيت انسانُ جا اميد ڀريا، درد ڀريا
گيت انسانَ جا انسانَ کان وڌ جيئن ٿا
گيت انسانَ جا دائم ٿا رهن، آهه مگر فاني هُو!
ناظم حڪمت جو اهو نظم پڙهي، مون کي پنهنجو هڪ نظم ياد اچي ويو:
مون کان منهنجا گيت سُٺا
ها، جَن تنهنجا چَپَ چُميا
سنڌيءَ ۾ اهڙيون انيڪ چوڻيون (منظوم) ۽ سٽون آهن، جيڪي روز مره جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿين ٿيون، پر انهن جي سرجڻهارن جا نالا اسين نه ٿا ڄاڻون. اهو دائمي ۽ زندهه شاعريءَ جو مثال آهي. ان ريت لوڪ گيت آهن، ٻاراڻا ٻول آهن، ڪلام آهن. اڄ اسين انهن جي رچيندڙن جي نالن کان واقف نه آهيون. شايد، ان ڪارڻ ئي فارسي، هندي، سنڌي، اردو، پنجابي، سرائيڪي ۽ ٻين ٻولين جي شاعرن پنهنجا نالا /تخلص شاعريءَ ۾ ڪتب آندا آهن.
هڪ شاعر جي زندگي به مختلف مرحلن مان گذري ٿي، عام انسان جيان. اها ئي زندگيءَ جي ريت آهي. پير ڪڏهن رقص ۾ آهن، ته ڪڏهن ڪاٺ ۾! غمِ جانان/غمِ دوران. ذاتي/اجتماعي ڏک. عذاب، عقوبتون، ڦاهيون، ڦٽڪا، جنگيون، رتوڇاڻ، جيل، غلامي، آزادي ۽ ان صورتحال ۾ هڪ شاعر جي شاعري زخم تي پهي وانگر آهي. ڏُک ۾ ڏڍ آهي. پاڻ ٻاري به روشني ڪرڻي آهي شاعر کي. هڪ سچو شاعر ذاتي غم کان علاوه دنيا جهان جو غم ڀوڳي ٿو. نا انصافين خلاف احتجاج ڪري ٿو. ائين هو پنهنجي دور جي درد کي سِٽن ۾ سمائي ٿو ۽ پوري سچائيءَ سان اُن کي اظهاري ٿو ۽ ائين ئي هُو هر دور جو ترجمان بڻجي ٿو وڃي. هُو اسان جي اکين کي اهڙا سپنا ڏئي ٿو، جيڪي ساڀياڻ ماڻي سگھن ٿا:
جڏهين راتيون ٿينديون آهن
صبح نوان ايندا آهن
منهنجي وطن جي آزاديءَ جو
خواب جو ننڍپڻ منجھه ڏٺو هو
منهنجي آڏو ايندو آهي!
(آزاديءَ جو خواب_ناظم حڪمت)
”نزار قاباني عشق ۽ انقلاب جو شاعر آهي“ ائين لکيو ويو آهي. ڇا عشق خود هڪ انقلاب نه آهي؟ رسول حمزاتوف چئي ٿو ته:
هرڪو ماڻهو شاعر آهي،
ليڪن، ڪو ڪو شعر لکي ٿو!
ايم ڪمل، ساڳي ڳالهه، مختلف انداز سان چئي آهي:
ڪي ڪي غزل لکن ٿا، باقي وزن لکن ٿا!
پهرين اچو ته نزار قابانيءُ جو هڪ نظم پڙهون:
ڪو به مڇيءَ کي ڪِينَ ترڻ سيکاريندو آ
ڪو به پکيءَ کي ڪِينَ اُڏڻ سيکاريندو آ
پاڻهي تربو آهي
پاڻهي اُڏبو آهي
عشق سکڻ لئه ڪو به ڪتاب نه هوندوآهي
۽ دنيا جي هيءَ تاريخ ٻڌائي ٿي
عاشق اُمِي هوندا آهن!
سو، اسين پاڻ به شاعرن کي دائرن ۾ آڻڻ گھرندا آهيون. عظيم، مهان، وڏو، انقلابي. اهي سڀ دائرا آهن. مثال طور جيڪڏهن اُن جي شاعريءَ ۾ جماليات آهي، محاڪات آهي، ته پوءِ اُن کي ڪهڙي دائري ۾ آڻينداسين؟ چوڻ اهو ٿو چاهيان ته عشق، انقلاب، حسن پرستي، ساڻيهه جي سِڪ، انسان دوستي، مزاحمت، بغاوت، هيڻي جي همراهي، ظلم ۽ ناانصافيءَ جي مخالفت... اهو سڀ شاعر جي فطرت آهي:
ها لک
مان هڪ عرب آهيان
محمود درويش جي هڪ نظم جون اهي مُهڙي سِٽُون آهن. ڪل ڇهه لفظ انهن ۾ جيڪو احتجاج آهي، جيڪا ڌڪار آهي، جيڪو درد آهي. اُهو اڄ به اهڙو ئي تازو آهي، جڏهن لکجڻ کان اڳي (۽ پوءِ) محسوس ڪيو ويو! ان پوري نظم ۾ جيڪا پيڙ آهي، اُها پيڙي ٿي ڇڏي! اسان جي حالتن سان اهو نظم ڪيڏو نه ٺهڪندڙ آهي! اڄ محمود درويش جي ديس، بلڪه پوري عرب دنيا جو جيڪو بدحال آهي، جيڪا ڏکوئيندڙ حالت آهي. اُها محمود درويش جي دور کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ هاڃيڪار آهي!
”سِپُون سُوجھي ڪڍيون“ لاءِ سڀ ڳالهيون اتي ئي ختم نه ٿيون ٿين، گھڻيون رهجي به ٿيون وڃن. پر ڪجه ڳالهيون تڪڙيون تڪڙيون ڪري وڃان ته روميءَ جي شاعري، مثنويءَ تان نه، پر ديوان شمس تبريز جي شاعريءَ جو ترجمو آهي:
اي ڪافرو! اي ڪافرو! ڏسجو ته مان ڇا ٿو ڪريان،
جنهن کي وڻي مومن ڪريان، جنهن کي وڻي ڪافر ڪريان.
”منصور“ تاريخ ۾ هڪ امر ڪردار آهي. جيڪو ڪلاسيڪل، روايتي ۽ ترقي پسند شاعريءَ ۾ به حق جي اهڃاڻ (Symbol) طور ورتايل آهي:

سَپت پچار پرينءَ جي، سپت هوتُ حضورُ،
مُلڪ مِڙوئي منصورُ، ڪُهي ڪُهندين ڪيترا!
(شاهه سائين)
سو انهيءَ حق سچ جي لازوال اهڃاڻ ”منصور“ جي ڪلام مان ٻه سٽون:
پنهنجي رب کي دل جي اک سان آهه ڏٺو مون،
مون پڇيو ”تون ڪير؟“ وراڻيو هن ته ”تون“!
نذر الاسلام کي هڪ باغي شاعر مڃيو ويو آهي. پر اڄڪلهه سنڌي شاعريءَ ۾ الاءِ ته ڪيترا ”باغي“ آهن! ان ريت هر شاعر، جيڪو به آني مان ڦُٽي ٿو اُهو جديد شاعر آهي. ان صورتحال ۾ ڀرتري هريءَ لاءِ ”قديم ۽ جديد“ جو اصطلاح الاءِ ڪيترو سجوڳو آهي؟ سچ ته اهو آهي ته ”سِپُون سُوجھي ڪڍيون“ ۾ جن شاعرن جو ڪلام ڏنو ويو آهي، اُهي ڪويتا، اتهاس ۾ ڪلاسڪ (Classic)جو مرتبو رکن ٿا. اها لافاني ۽ آفاقي شاعري سموري انسانذات جو مشترڪ اَملهه ورثو آهي. ان ۾ اسان جي پرائڻ لاءِ گھڻو ڪجھه آهي:
هو جيڪو هڪ قاتل آهي
صرف انهيءَ کي
خارج آنءُ ڪريان ٿو
پنهنجي محسوسات منجھان

پنهنجي وطن کي
خون خرابي
ڏکن سورن
۽ ماتم جي
نذر ڪريون ڇو؟
انهن سڀن جي آهه خلاف
سندم ڪويتا
جيڪا هر هنڌ آهه هوا وانگر موجود!
(پابلو نرودا)
هڪ شاعر جي زندگيءَ وانگر، هُن جي شاعري به مختلف مرحلن مان گذري ٿي. اهي مرحلا ذاتي توڙي اجتماعي/بين الاقوامي سطح جا ٿي سگھن ٿا. هُو انهن مرحلن مان گذري ٿو. انهن کي ڀوڳي ٿو. ان ڀوڳنا جو اثر هن جي شاعريءَ مان بکي ٿو. مان ”مهاڳ“ جي پُڄاڻي/شروعات نزار قابانيءَ جي هڪ نظم ”ايندڙ نسل“ جي آخري بند تي ڪريان، ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ لکڻ لاءِ ڪجھه به نه ٿو بچي. اهو نظم اسان جي جذبات جي ترجماني پڻ آهي:
اي ڏُکايل ڏيهه! منهنجا
تو ڪيو تبديل آهي
عِشق جي شاعر مان مون کي
رَتَ سان لکندڙ ڪويءَ ۾!


2015-09-28
ڪراچي، سنڌ.