شاعري

سِپُون سُوجهي ڪڍيون

ڪتاب ”سِپون سوجهي ڪڍيون“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر مسرور پيرزادي پاران دنيا جي عظيم شاعرن جي شاعريءَ جي سنڌي ترجمي جو مجموعو آهي.
امداد حسيني لکي ٿو:
مسرور ”سپوُن سُوجھي ڪڍيون“ جهڙو اهم ڪتاب اسان کي ڏنو آهي. جنهن ۾ هُن ڪلا، فن ۽ آرٽ جا اهي امُلهه ماڻڪ اسان جي اکڙين آڏو آندا آهن، جن جي جوت ڪڏهن به جهڪي نه ٿي آهي. هزارن سالن جو سفر طيءِ ڪري اها شاعري اسان تائين پڳي آهي ۽ اڄ به اهڙي تازي تواني آهي، جهڙي رچڻ مهل هئي. ان جي سِٽن ۾ اڄ به شاعر جو خون جگر روان آهي. ان جي لفظن ۾ اڄ به شاعر جي دل ڌڙڪي ٿي.
Title Cover of book سِپُون سُوجهي ڪڍيون

رسول حمزاتوف : وطن پرست شاعر

رسول حمزاتوف، سوويت يونين (روس) جي داغستان ۾ هڪ پهاڙي علائقيءَ ۾ قائم ٿيل ڳوٺ سدا آوار ۾ 8 سيپٽمبر 1923 ۾ ڄائو. هن جو والد حمزه سداسا پڻ هڪ سٺو شاعر هيو پر ڏسندي ئي ڏسندي رسول (سندس پُٽ) هن کان به وڌيڪ مشهور شاعر ٿي ويو. هن جي شاعريءَ ۽ لکڻين ۾ پنهنجي ڌرتي (داغستان) ۽ ٻولي (آوار) سان بيحد محبت نظر اچي ٿي. هن لکيو آهي ته
”داغستان منهنجي محبت آهي، منهنجو واعدو آهي ۽ منهنجي دعا آهي. داغستان! تون ئي فقط تون ئي اهو موضوع آهين جيڪو منهنجي سڀني ڪتابن جو خاص تصور ۽ منهنجي سموري زندگيءَ جو سرمايو آهين.“
ان ئي ڪتاب ۾ هن پنهنجي ڌرتي ۽ محبت جي حوالي سان ڪيئي ڳالهيون لکيون آهن. مان انهن مان هڪ هتي توهان سان شيئر ڪريان ٿو. رسول لکيو آهي ته منهنجي ڳوٺ جي هڪ عورت مون وٽ آئي ۽ پڇيائين ته ”تون ٻاهرين ملڪ ۾ منهنجي پُٽ سان ملئين؟“ مون وراڻيو ”ها، ملياسين ۽ سٺي ڪچهري ڪئي سين“. تنهن تي ان عورت پڇيو ”توهان ٻنهي آوار (مادري ٻوليءَ) ۾ ڪچهري ڪئي نه ؟“. ته رسول حمزاتوف وراڻيو ”نه، اسان ٻنهي ترجمان ذريعي ڪچهري ڪئي. مان روسيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هوس ۽ تنهنجو پُٽ فرانسيسي ٻوليءَ ۾. اسان جو ترجمان اسان کي ترجمو ڪندو ٻڌائيندو ويو.“ ان کان پوءِ هو لکي ٿو ته ”ان عورت پنهنجي منهن تي ڪارو نقاب وجھي ڇڏيو بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح اسان جي پهاڙي علائقي ۾ پُٽ جي موت جي خبر ٻُڌي مائرون ڪنديون آهن“.
رسول حمزاتوف هڪ فطري شاعر آهي، جنهن جي نثر جو ڪتاب ”منهنجو داغستان“ به ڄڻ ڪو خوبصورت شعري مجموعو آهي. مون جيڪي هن جا ترجما ڪيا آهن سي هن جي شاعريءَ جا نه پر ”منهنجو داغستان“ ڪتاب جي ٽڪرن جا ڪيا آهن. مون هن جا نثري ٽڪرا منظوم ترجما ڪيا آهن. ان ڪتاب ۾ تمام گهڻيون شاعراڻيون ڳالهيون آهن. لوڪ قصا آهن جيڪي ڏاهپ سان ڀرپور آهن.
رسول حمزاتون انهيءَ ڪتاب ۾ پنهنجي علائقي جون چوڻيون به ڏنيون آهن، جن مان ڪجهه هي آهن.
• ”دنيا جي تخليق کان سوين سال اڳ شاعر جنم ورتو هو.“
• ”اهو نه چئه ته مون کي موضوع ٻڌاءِ. اهو چئه ته مون کي اکيون عطا ڪر!“
• ”هن ٽالسٽاءِ جهڙي ٽوپي ته ورتي آهي پر ٽالسٽاءِ جهڙو دماغ ڪٿا آڻي!“
• ”جيڪو شخص ٻوليءَ کان ناواقفيت جي باوجود شاعري ڪرڻ جو فيصلو ڪري اهو ايترو ئي چريو آهي جيترو اهو ماڻهو جيڪو اڻ تارو هجي ۽ درياهه ۾ ٽپو ڏي.“
• ”جيڪڏهن ڀتيون مضبوط نه هجن ته سهڻي کان سهڻو گهر به ڊهي ويندو.“
ان کان علاوه مان هتي رسول حمزاتوف جو اهو نظم به ڏيان ٿو جيڪو مون هڪ دوست وٽان ٻڌو هو:

جڏهن توکي معلوم ٿئي ته هڪ هزار ماڻهو،
توسان محبت ڪندا آهن ته سمجھجان،
ته انهن ۾ هڪ رسول به آهي.
جڏهن توکي معلوم ٿئي ته هڪ سَو ماڻهو،
توسان محبت ڪندا آهن ته سمجھجان،
ته انهن ۾ هڪ رسول به آهي.
جڏهن توکي معلوم ٿئي ته فقط هڪ ماڻهو،
توسان محبت ڪري ٿو ته سمجهجان،
ته اهو رسول ئي آهي.
۽ جڏهن توکي معلوم ٿئي ته توسان ڪوبه،
محبت نه ٿو ڪري ته سمجھجان،
ته رسول مري ويو آهي.

****

”عقاب! تنهنجو جنم ڪٿي ٿيو؟“
”زمين جي هڪ وڏيءَ کڏ ۾“
عقاب! اُڏرين ڪٿي پيو تون؟“
”وسيع هن آسمان ۾ اڄ!“

****

جيڪڏهن تو وٽ ڪُنجي آ،
در ڀڃڻ جي ڇا ضرورت!

****

جيڪڏهن پوکيا اٿي گدرا سڙڪ جي ڀَرّ ۾،
پو ته ماڻهو سي پٽنيدا پيا پچڻ کان اڳّ ۾.

****

جيڪڏهن پاڻي پنين تائين رڳو آ،
پوءِ گوڏن تائين پاچا ڇو ڪجن!


****

گيت ڳائڻ لاءِ ڀلو آهي بسنت،
۽ ٻُڌائڻ لئه ڪهاڻي،
آ سياري- مُند بهتر.

****

شاعري گهوڙي سواريءَ جيئن آهي،
فاصلو جيڪا ڪري ٿي طئي گهڙيءَ ۾،
پر نثر پيدل گُهمڻ آ.


****

بار ڍوئيندڙ گڏهه جي هينگ کان،
شاخ تي ويٺل ڪنهين بلبل سندو،
گيت مون کي ٿو وڻي.

****

”هن ڌرتيءَ تي سڀ کان ڀيانڪ
۽ بد صورت منظر ڪهڙو؟“
”خوف وچان ڪو ڏڪندڙ مرد.“

”۽ ان کان به وڌيڪ ڀلا ڪو؟“
”خوف وچان ڪو ڏڪندڙ مرد.“

****

آ شوق تنهنجو ته ٿئين تون شاعر،
نقاد توتي، خيال رکجان!
ڪُتن جيان ڀَونڪندا ئي رهندا،
مگر نه ڄجان نه ئي تون رڪجان!

****

شاعري تون منهنجي ٻالڪپڻ جي ڪا پياري لولي،
شاعري تون منهنجو جوڀن جو حَسين خواب آهين!
پهريون پيار ڪيو مون ته جنم ٿيو تنهنجو،
پيار جنهن ساڻ رهيو ساٿ سدائين منهنجو!

****

شاعري! اوءِ شاعري منهنجي،
تو بنان مان يتيم ٿي ويندس.

****

آ اوهان لاءِ جئن ٻني ڪائي،
تيئن مون لاءِ آهه ڪاغذ هي،
ٻجّ وانگر هي لفظ آ هر ڪو،
نظم آهي ڪڻو اناج سندو.
سالَ ڪنهن ۾ اناج ٿئي ٿو گهڻو،
وري ڪنهن ۾ ڪڻو به ڪونهي ڪو.

****

ڪين ڦاٿي ڪُنڍيءَ ۾ جيڪا به مڇي،
سا سٺي هئي سڀن کان ڄڻ ته مڇي،
ڪين جيڪو شڪار مون کان ٿيو،
سوئي آ سڀ کان مون کي ياد گهڻو
ڪين حاصل جا ٿي سگهي عورت،
آ اڃا تاءِ بس اُها دل ۾،
شعرُ جيڪو ڪٿي آ گُم ٿي ويو،
منهنجو سڀ کان سٺو سو شعر هيو.

****

هر ڪو ماڻهو شاعر آهي،
ڪو ڪو ليڪن شعرَ لکي ٿو.