شاعري

سِپُون سُوجهي ڪڍيون

ڪتاب ”سِپون سوجهي ڪڍيون“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر مسرور پيرزادي پاران دنيا جي عظيم شاعرن جي شاعريءَ جي سنڌي ترجمي جو مجموعو آهي.
امداد حسيني لکي ٿو:
مسرور ”سپوُن سُوجھي ڪڍيون“ جهڙو اهم ڪتاب اسان کي ڏنو آهي. جنهن ۾ هُن ڪلا، فن ۽ آرٽ جا اهي امُلهه ماڻڪ اسان جي اکڙين آڏو آندا آهن، جن جي جوت ڪڏهن به جهڪي نه ٿي آهي. هزارن سالن جو سفر طيءِ ڪري اها شاعري اسان تائين پڳي آهي ۽ اڄ به اهڙي تازي تواني آهي، جهڙي رچڻ مهل هئي. ان جي سِٽن ۾ اڄ به شاعر جو خون جگر روان آهي. ان جي لفظن ۾ اڄ به شاعر جي دل ڌڙڪي ٿي.
Title Cover of book سِپُون سُوجهي ڪڍيون

نزار قاباني: جديد عربي شاعريءَ جو سرتاج

نزار قاباني جديد عربي شاعريءَ جو سُريلو ۽ نرالو آواز آهي. هي رومانس ۽ انقلاب جو عظيم شاعر 21 مارچ 1923 ۾ دمشق ۾ پيدا ٿيو. سندس ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ئي هن بيحد خوبصورت شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. انهن ئي ڏينهن ۾ هن جو پهريون شعري مجموعو پڻ شايع ٿيو، جنهن ان وقت جي وڏن وڏن ۽ مشهور سينيئر شاعرن جو پڻ ڌيان ڇڪرايو ۽ کين متاثر ڪيو.
نزار قاباني جڏهن عمر جي پندرهين سال ۾ هو تڏهن هن جي ڀيڻ هڪ بي جوڙ شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ جڏهن هن تي اها شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو ته هن خودڪشي ڪري ڇڏي. پنهنجي جوان ڀيڻ جي مرتئي قابانيءَ جي زندگي کي هڪ نئون موڙ پڻ ڏنو. ڀيڻ جي مرتئي تي قابانيءَ پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪيو ته هو عورتن جي حقن لاءِ لکندو ۽ سماج ۾ موجود ناانصافين ۽ مدي خارج ريتن رسمن خلاف بغاوت ڪندو. ان کانپوءِ آخر تائين هن جي شاعري انهن سڀني سماجي بڇڙاين خلاف هڪ مزاحمتي آواز رهي.
مزاحمت سان گڏوگڏ هن جي شاعري عشق جو اهڙُو خوبصورت آبشار آهي جنهن کي ڏسندي ۽ پڙهندي حيران ٿي وڃجي ٿو. قابانيءَ جي عشقيه شاعري عورت ۽ مرد جي جسماني لاڳاپن ۽ جسم جي خوبصورتين جو پڻ بيان آهي. ان ڳالهه جو مقصد قطعي طور اهو ناهي ته هن وٽ عشق جو تصور فقط جسم جي مزن تائين محدود آهي. پر هن وٽ عشق حضرت عيسيٰ جي صليب تان رت ڳڙڻ واري عمل جهڙو پڻ آهي. هڪ نظم ۾ هن لکيو آهي ته “ منهنجي پياري! اها ڳالهه صحيح آهي ته منهنجي زندگي ۾ ڪيتريون ئي عورتون آيون آهن. پر ڇا توکي اها خبر آهي ته فقط تنهنجي عشق ۾ مون عيسيٰ وانگر رت ڳاڙيو آهي؟”
نزار قابانيءَ جنهن دور ۾ شاعري تخليق ڪئي سو دور عرب دنيا ۾ عشق ۽ آزاديءَ جي قيد جو دور هو. هن هڪ ڀيري چيو هو ته ”عرب دنيا ۾ عشق قيدي آهي. مان ان کي آزاد ڏسڻ ٿو چاهيان“. عشق جي آزاديءَ لاءِ هن جيڪي شعر لکيا اهي عرب دنيا جي عورتن ۽ مردن جي چپن ۽ دلين ۾ اڄ به موجود آهن. ان کان علاوه هن جا انقلابي شعر به ڄڻ ته عربن جي حقيقي آزاديءَ جا ترانا آهن جن مان هينئر به اتساهه وٺي، عرب پنهنجي منزل طرف پنڌ ڪن ٿا. هن جڏهن پنهنجي وطن کي رت ۾ وهنجدي ڏٺو تڏهن هن لکيو هو ”اي منهنجا محبوب وطن! تو مون کي هڪ پيار جي شاعر مان بدلائي هڪ رت روئندڙ محب الوطن شاعر بڻائي ڇڏيو آهي. “
عشق ۽ انقلاب جي موضوعن تي دنيا جي تمام گهڻن شاعرن لکيو آهن، پر انهن مان ڪجهه شاعرن کي پايندگي حاصل ٿي سگهي آھي. نه ته انقلابي شاعرن وٽ اڪثر ڪري ڇڙي نعري بازي ڏسڻ ۾ آئي آهي. نزار قابانيءَ جو شمار عشق ۽ انقلاب جي خوبصورت سنگم جوڙڻ وارن انهن شاعرن ۾ ٿئي ٿو جن ۾ فيض احمد فيض، شيخ اياز، پابلو نرودا، ناظم حڪمت، قاضي نذر السلام، محمود درويش وغيره شامل آهن.
نزار قابانيءَ ٻه شاديون ڪيون. ٻي شاديءَ هن هڪ عراقي خاتون بلقيس الراويءَ سان ڪئي. جيڪا پوءِ هڪ بم ڌماڪي ۾ فوت ٿي وئي. هن جي جدائيءَ قاباني کي گهڻو زندهه رھڻ نه ڏنو ۽ هو 30 اپريل 1988ع تي دل جي دوري پوڻ سبب هيءَ دنيا ڇڏي ويو. چيو وڃي ٿو ته عرب دنيا هن جي موت جو سوڳ ائين ڪيو هو جيئن ڪنهن ويجهي مائٽ ۽ محسن جو ڪبو آهي.

****

خوبصورت جڏهن به ڪا عورت،
آهه مرندي ته پوءِ هيءَ ڌرتي،
آ وڃائيندي ڄڻ توازن ڀي،
چنڊَ سو سال سوڳ جو ڪوئي،
آهه اعلان ڀي ڪندو روئي،
شاعري، اهڙي سانحي کان پوءِ،
آهه بيروزگار ٿي ويندي!

****

تنهنجي باري ۾ جڏهن مان،
شوق سان ڳالهيون ڪندي،
ٿو ٻُڌان مردن کي ۽
ساڙ ۾ ڳالهيون ڪندي،
زائفائن کي ٻڌان ٿو
ها تڏهن سمجهي سگهان ٿو،
ڪيتري تون خُوبصورت آن مِٺي!

****

ڪو به مڇيءَ کي ڪين ترڻ سيکاريندو آ،
ڪو به پکيءَ کي ڪين اُڏڻ سيکاريندو آ،
پاڻهي تربو آهي،
پاڻهي اُڏبو آهي.
عشق سکڻ لئه ڪو به ڪتاب نه هوندو آهي.
۽ دنيا جي هيءَ تاريخ ٻڌائي ٿي،
عاشق اُمي هوندا آهن.


****

نوٽ بُڪ جي پنن مان نڪري آءُ!
بيڊ جي چادرن مان نڪري آءُ!
شرٽ جي ٻيڙين مان نڪري آءُ!
هاڻ سڀني شين مان نڪري آءُ!
آءُ نڪري ته ڪم ڪيان ڪوئي!

****

روشني ڪنهن ڀي بتيءَ کان اهم آ،
اهم آهن شعر ڀي ڪتابن کان ،
اهم چپڙن کان وڌڪ آهن چميون،
منهنجا خط ، جيڪي لکيا توڏانهن هوم،
اهم آهن سي مون کان، توکان گهڻا
ڇو ته سيئي صرف دستاويز آهن
حُسن تنهنجي جا
سندم ديوانگيءَ جا!

****

تنهنجو نازڪ هَٿُ منهنجي هَٿَ ۾،
ڄڻ ته ڪوئي ريشمي آهي رومال،
بي تحاشا جسم تنهنجي جا مزا،
ٿورڙي پر آهه پنهنجي زندگي!

****


[b]ايندڙ نسل لاءِ
[/b]
دوستو! افسوس آهي،
پنهنجي ٻولي ۽ ڪتابن تي مون کي،
پنهنجي دانش تي، جا هارائي چڪي آ،
دوستو! افسوس آهي قوم تي،
شاعري ڪَوڙي لڳي ٿي،
زلف، اکڙيون ۽ پرينءَ سان
رات ڀي ڄڻ بي مزي آ!
زندگي ڪَوڙي لڳي ٿي.

اي ڏکايل ڏيهه! منهنجا،
تو ڪيو تبديل آهي،
عشق جي شاعر مان مون کي ،
رَتَ سان لکندڙ ڪويءَ ۾.

****

درد پنهنجو راز ناهي،
لفظ کان تلوار آهي تيزتر،
آهه پهريل پاڻ کي پهراڻ هي تهذيب جو،
هر جڳهه تان آهه جو ڦاٽي پيو،
ڏوهه ناھي وقت جو ۽ حالتن جو،
ڏوهه قمست جو به ناهي،
ڏوهه پنهنجو آهه جو ڪمزور آهيون،
ڏوهه پنهنجو آهه جو ڪم چور آهيون.
ها، اسين بي حس ۽ پٿر آهِيون،
روح پنهنجا ڄڻ ته بنجر ڪي زمينون،
راند، ننڊ ۽ مقبرن جا بس اسين هيراڪ آهيون
ڇا سٺا پوءِ ڀي سڀن کان آهِيون؟

ملڪ منهنجي ۾ اکين بن،
ٿا رهن ماڻهو سڀئي،
لڙڪ لاڙن ٿا هتي سڀ ٻارڙا،
بربريت ۾ رهن ٿا سَڀُ هي،
پير ۾ چمپل نه ماڻهن کي هتي،
چئن شادين ۾ رکن ايمان ٿا،
کنگهندي ساري ڪٽن ٿا رات هي،
۽ دوا دارون به تن لئه خواب آ.

****

نسل هاڻي پاڻ کي گهرجي نئون،
نسل جو پاڙون سڃاڻي پانهنجون،
نسل جيڪو سست ناهي سوچ ۾،
نسل جو غلطيون نه دهرائي وڏن جون،
ٻار اڄ جا آس ۽ اميد آهن،
ٻار هي زنجير ٽوڙيندا ها سڀئي،
ٻار ئي هن قوم کي جاڳائيندا،
ٻار جيڪي، نجُ ۽ معصوم آهن،
ٻار جن جو صاف سارو آ دماغ،
مان چوان ٿو تن کي ٻارو! ڪين پڙهجو،
ملڪ جي تاريخ جنهن ۾ سڀ ستل ها،
ها اسين ڪنهن ڀي نه ڪم جا ٿي سگهياسين،
ڪين پوئواري ڪجو ٻارو! اسان جي،
ڪين مڃجو سوچ جيڪا آ پراڻي،
ها اسين بيمار هڪڙو نسل آهيون،
نسل هن کي رد ڪري ڇڏجو توهان،
ها توهان برکا به آهيون آس ڀي،
ٻجَ ڀي زرخير ڌرتيءَ جا توهان،
ها توهان ئي نسل هوندا سَچَ جو،
ها توهان ٻارو! فقط ٻارو! توهان.