پنهنجي پاران
ڏکيائيءَ ۾ به سَولائي، اسان کي عشقَ سمجھائي!
سو مونکي هي ترجما ڪندي ڪا به ڏکيائي محسوس نه ٿي. اڃا به ائين کڻي چوان ته هي ڪم ڪندي ڏاڍو مزو ۽ لطف آيو. بلڪل اهڙو ئي مزو ۽ لطف جهڙو پاڻ شاعري ڪندي محسوس ڪندو آهيان. هي ترجما ڪندي شايد مان تڏهن ڏکيائي محسوس ڪريان ها جڏهن ڪو ٻيو ماڻهو مون کان هي ڪم ڪرائي ها. پر اهڙي ڳالهه نه هئي. هي ترجما مون پنهنجي دل جي چَوڻ تي ڪيا آهن.
مون جڏهن انهن عظيم شاعرن (جن جا ترجما ڪيا اٿم) کي پڙهيو ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ انهن سان ڪو روحاني رشتو هجي ۽ انهن جا شعر مونکي پنهنجي اندر جو آواز لڳا. شايد ائين آهي ته انهن شاعرن ئي مونکي هي ڪم ڪرڻ لاءِ اُتساهيو ۽ ترجمو ڪرايو. انهن جي مدد کان سواءِ هي ڪم نه ٿي سگھي ها!
مون اهو به نه سوچيو هو ته جن شاعرن جي ڪلام جو ڪجھه حصو پنهنجي مُوڊ ۾ ترجمو ڪيو اٿم، ان ڪم کي ڪڏهن ڪتابي صورت ۾ به آڻيندس. پر جڏهن رومي، منصور حلاج، پابلونرودا ۽ نزار قابانيءَ جي شعرن جا ترجما مختلف اخبارن، رسالن ۾ ڇپيا ۽ فيس بُڪ تي پوسٽ ڪيا ته ڪيترن ئي دوستن ان ڪم کي ساراهيو ۽ ان سان مون کي به ڄڻ ته وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي شڪتي ملي وئي. پوءِ اڳتي هلي ڪجھه ٻين شاعرن جي ڪلام کي پڻ سنڌيءَ جو روپ ڏئي ڪم کي وڌايم ته محسوس ٿيو ته هي ڪم ڪتاب جيترو ٿي ويو آهي. ۽ اهڙي طرح ارادو ڪيم ته پنهنجي هن پيار جي پورهئي کي ڪتابي صورت ۾ آڻجي.
شاعري مون لاءِ مترنم خيال (LYRICAL *HOUGH*) آهي. ان ڪري ئي مون هي ترجما منظوم ڪيا آهن. بحر وزن جو خيال رکي انهن شاعرن جي خيالن سان انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سواءِ هڪ شاعر (محمود درويش) جي ترجمن کان سواءِ (جيڪي نثري نظم ۾ آهن) مون باقي سڀني شاعرن جي ڪلام کي پابند يا آزاد نظم ۾ ترجمو ڪيو آهي. اهو به ان ڪري جو محمود درويش جا اهي نظم خط، ڪهاڻي يا ڳالهه ٻولهه واري انداز ۾ آهن. منظوم ترجما ڪرڻ جو سبب اهو ئي آهي ته منهنجو مزاج نثري نظم وارو نه پر موزون شاعريءَ وارو آهي. آئون سمجھان ٿو ته شاعريءَ لاءِ ترنم، نغمگي، سُر، بحر وزن، ڇند ضروري آهي. انهن شين جي ڪري ئي خيال، فڪر وڌيڪ خوبصورت، پُر اثر ۽ شاعراڻو ٿئي ٿو ۽ اهي ئي خوبيون شاعريءَ کي ٻين نثري صنفن کان وڌيڪ اهم پُر اثر ۽ خوبصورت بڻائين ٿيون. باقي ته سٺيون ۽ دانش سان ڀرپور ڳالهيون، اقوال زرين جي ڪتابن، ناولن، ڪهاڻين ۽ فلسفي جي ڪتابن ۾ به ڀريون پيون آهن، پر انهن ڳالهين کي شاعري ته نه ٿو چئي سگھجي.
هي ترجما انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ ٿيل ترجمن مان سنڌيءَ ۾ ڪيا اٿم. سڀ کان پهرين مون ڀرتري هري ۽ ٻين سنسڪرت جي شاعرن جا ترجما ڪيا هئا. مون جڏهن پنهنجي دوست اعجاز منگيءَ جي ڪتابن مان “POEMS FROM SANSKRI*” کڻي پڙهيو ته ان ڪتاب مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ ان مان پوءِ ڪجھه شعر مون ترجمو ڪيا. ائين پوءِ ترجما ڪرڻ جو سلسلو هلي پيو. مولانا روميءَ جي شعرن جا ترجما ڪرڻ وقت مون فهميده رياض جي ڪتاب ”يه خانه آبِ گل“ ۽ انٽرنيٽ تي موجود هن جي شاعريءَ مان مدد ورتي. منصور حلاج جي شعرن جا ترجما ڪرڻ وقت مون مظفر اقبال جي ترجمو ڪيل هن جي ڪتاب ”ديوان“ مان مدد ورتي. پابلو نرودا جا شعر مون کي هن جي ڪتاب “Book Of Ques*ions” ۽ اديبات جي هڪ شماري ۾ مليا، جتان مون پنهنجي پسند جا شعر ترجمو ڪيا. ٽئگور جا گيت ترجمو ڪرڻ وقت مون W.B.YEA*S جو ترجمو ڪيل گيتانجلي به پڙهيو ۽ ان ئي ڪتاب جو اردو ترجمو جيڪو فراق گورکپوريءَ ڪيو هو ۽ سنڌي ترجمو جيڪو ڊاڪٽر گل ڪيو هو، اهي به پڙهيا. ناظم حڪمت جا نظم پڻ ادبيات جي هڪ شماري مان مليا، جڏهن ته وري ڪجھه نظم انٽرنيٽ تان کني ترجما ڪيم. قاضي نذر السلام جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب هٿ آيو، جنهن مان هي نظم ترجما ڪيم. نزار قابانيءَ جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب “ON EN*ERING SEA” پڻ اعجاز منگيءَ وٽان کڻي پڙهيم ۽ ان مان ئي نظم ترجما ڪيم. جڏهن ته هن ڪتاب ۾ موجود قابانيءَ جا ڪجھه نظم وري هڪ ٻئي انگريزي ڪتاب مان ترجمو ڪيم. منهنجي خيال ۾ قابانيءَ کي سنڌيءَ ۾ پهريون ڀيرو اعجاز منگي ئي متعارف ڪرايو، جڏهن هن شايد 1998ع ۾ هڪ اخبار ۾ هن جي شاعريءَ تي هڪ خوبصورت ڪالم لکيو هو. رسول حمزاتوف جا جيڪي مون نظم ترجما ڪيا آهن سي هن جا نظم نه پر هن جي نثري شاهڪار ڪتاب ”منهنجو داغستان“ جا ٽڪرا آهن. جن کي مون شعرن جو روپ ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته محمود درويش جا نظم مونکي مُنو ڀائيءَ جي ترجمو ڪيل ڪتاب ” فلسطين فلسطين“ مان مليا. جن مان ڪجھه ترجمو ڪيا. انهن ڪتابن کان علاوه انهن سڀني شاعرن جي شاعري ۽ زندگيءَ بابت انٽرنيٽ تي موجود مواد پڻ پڙهيم ۽ ان مان مدد ورتم.
سائين امداد حسينيءَ جون وڏيون مهربانيون، جنهن غور سان سڄو مواد پڙهي شعرن کي بهتر ڪرڻ لاءِ مفيد صلاحون ڏنيون ۽ بهترين مهاڳ پڻ لکيو. جڏهن امداد صاحب ايس ايم ايس ڪري ٻڌايو ته ”مهاڳ لکي ڇڏيو آهيم“ ته جواب ۾ لکيو مانس ”وڏي مهرباني!“ جنهن تي هن وري ميسيج ڪري لکيو ته ”مهرباني ڪنهن جي؟ تنهنجي؟ منهنجي؟ يا انهن لافاني شاعرن جي؟“
پياري جمال مصطفيٰ سيد جا پڻ ٿورا مڃبا جنهن هن ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ مون کي پئي همٿايو. منهنجي خواهش آهي ته سائين جمال جي به ترجمن جو ڪتاب جلد اچي، ڇو ته هن به سٺي شاعريءَ جا خوبصورت ترجما ڪيا آهن.
مهتاب مڱريي جي به مهرباني جنهن ڪتاب جي ڇپائيءَ دوران ڊُڪ ڊوڙ ڪئي. آخر ۾ پنهنجي گھر واريءَ، پٽ، امان ۽ ٻين گھر ڀاتين جون مهربانيون، جن مون کي گھر ۾ لکڻ، پڙهڻ جو هميشه سٺو ماحول ڏنو.
مسرور پيرزادو
masroorpirzado@yahoo.com