شاعري

سِپُون سُوجهي ڪڍيون

ڪتاب ”سِپون سوجهي ڪڍيون“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر مسرور پيرزادي پاران دنيا جي عظيم شاعرن جي شاعريءَ جي سنڌي ترجمي جو مجموعو آهي.
امداد حسيني لکي ٿو:
مسرور ”سپوُن سُوجھي ڪڍيون“ جهڙو اهم ڪتاب اسان کي ڏنو آهي. جنهن ۾ هُن ڪلا، فن ۽ آرٽ جا اهي امُلهه ماڻڪ اسان جي اکڙين آڏو آندا آهن، جن جي جوت ڪڏهن به جهڪي نه ٿي آهي. هزارن سالن جو سفر طيءِ ڪري اها شاعري اسان تائين پڳي آهي ۽ اڄ به اهڙي تازي تواني آهي، جهڙي رچڻ مهل هئي. ان جي سِٽن ۾ اڄ به شاعر جو خون جگر روان آهي. ان جي لفظن ۾ اڄ به شاعر جي دل ڌڙڪي ٿي.
Title Cover of book سِپُون سُوجهي ڪڍيون

مولانا رومي: عظيم صوفي شاعر

مولانا جلال الدين روميءَ کي دنيا جو عظيم صوفي شاعر مڃيو وڃي ٿو. عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ لاءِ به چوندا آهن ته هو ”مثنوي مولانا روم“ وارو ڪتاب اڪثر پاڻ سان رکندو هو ۽ ان مان پيو ”مطالع محبت“ ڪندو هو. شاهه سائينءَ تي مولانا روميءَ جو ڪافي اثر آهي، جيڪو سندس بيتن مان ظاهر آهي.
روميءَ بلخ شهر ۾ جنم ورتو جيڪو هينئر اُتر افغانستان ۾ آهي. ڄم جي تاريخ بابت ڪتاب ٻڌائين ٿا ته رومي هن دنيا ۾ 6 ربيع الاول 604 هه (30 سيپٽمر 1207ع) واري ڏينهن آيو. ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ رومي قديم شهر لارند (جنهن کي هينئر ڪرمان چيو وڃي ٿو) ۾ رهندو هو. ۽ اتي هن پهرين شادي ڪئي جنهن مان هن کي ٻه پُٽ ڄاوا جن جا نالا سلطان ۽ علاءالدين محمد رکيا ويا. روميءَ جو پيءُ پڻ پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ صوفي هو جنهن کي سلطان العلماء جو خطاب پڻ مليو.
چوويهن سالن جي عمر ۾ رومي قونيا ۾ آيو. وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ شام ويو. هو چار سال دمشق ۾ رهيو جتي سندس ملاقات شيخ محي الدين عربيءَ (ابن عربي) سان ٿي جيڪو پڻ ڪمال جو صوفي ۽ شاعر هو. ڪتاب اهو به ٻڌائين ٿا ته دمشق مان ئي رومي واپس قونيا طرف وريو جتي هن جي علم ۽ شاعريءَ جي گهڻي مشهوري ٿي. هن جا هزارين شاگرد هئا.
28 نومبر 1244ع ۾ شمس تبريز قونيا آيو ۽ روميءَ سان مليو. ان کان پوءِ قونيا ۾ سڀڪجهه تبديل ٿي ويو. روميءَ جي شخصيت ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ شمس تبريز هن کي نئون روپ بخشي ڇڏيو. شمس تبريز روميءَ جو مرشد ۽ محبوب هو. ديوان شمس تبريز انهيءَ عشق جو داستان آهي. شمس تبريزي رومي صاحب تي اهڙو ته جادو ڪيو جو هن علم ۽ تدريس جا دفتر ويڙهي ڇڏيا ۽ رقص ۽ موسيقيءَ طرف راغب ٿي ويو ۽ ”مي رقصم“ جون صدائون هڻندو رهيو. پوءِ هن کي ڪائنات جي هر ذري ۽ شمس تبريزيءَ ۾ خدا جو جلوو نظر اچڻ لڳو. قونيا جي ماڻهن کي اها ڳالهه بلڪل ڪين وڻي. هو سڀ ان ڳالهه تي پريشان ۽ اَرها هئا ته شمس تبريز (جيڪو ان وقت گهڻو معتبر ماڻهو نه سمجھيو ويندو هو) روميءَ جهڙي عالمِ دين ۽ پرهيز گار ماڻهوءَ کي خراب ڪري ڇڏيو. اهو سڀڪجهه ڏسندي قونيا جي ماڻهن شمس تبريز جي سرعام بي عزتي ۽ توهين ڪرڻ شروع ڪري ڏني، جنهن کان پوءِ شمس تبريز چپ چاپ قونيا ڇڏي هليو ويو.
هن جي وڃڻ کان پوءِ روميءَ جو جيءُ جدائيءَ جي آڳ ۾ جلڻ لڳو ۽ ان عشق جي آتش ۾ هو شعر لکڻ لڳو. روميءَ کي جڏهن پتو پيو ته شمس تبريز دمشق ۾ آهي ته هن ان ڏانهن پنهنجا اهي غزل اُماڻيا جيڪي روميءَ هن جي فراق ۾ لکيا ھئا. روميءَ جي پُٽ سلطان وڏي جاکوڙ کان پوءِ شمس تبريز کي قونيا واپس آندو. هن جو اچڻ روميءَ جي زندگيءَ ۾ ڄڻ زندگيءَ جو واپس اچڻ هو. پنهنجو مرشد ۽ محبوب ڏسي، روميءَ ۾ ڄڻ ته نئون ساهه پئجي ويو. پر اهو دور گهڻي دير نه هليو ۽ قونيا جي ماڻهن شمس تبريز کي ايڏو تنگ ڪيو، جو هو اُتان ويو ۽ وري واپس نه وريو. ڪجھه ڪتابن ۾ ائين به لکيل آهي ته شمس تبريز کي ماريو ويو ۽ سندس لاش کوهه ۾ ڦٽو ڪيو ويو.
ان کان پوءِ روميءَ شمس تبريز جي ياد ۾ جيڪي غزل لکيا اُهي ”ديوان شمس تبريز“ جي نالي سان مشهور ڪتاب ۾ موجود آهن. 1245ع ۾ تبريز جي وفات کان پوءِ رومي هڪ نئون صوفياڻو، درويشاڻو سلسلو قائم ڪيو جنهن کي تصوف جي اصطلاح ۾ ”سماع“ چيو وڃي ٿو.
شاهه سائينءَ وانگر روميءَ پڻ آيتن جهڙا بيت ۽ شعر لکيا. جن ۾ هن اهو شعر پڻ لکيو ته:
”مثنوي و مولوي و معنوي
هست قرآن در زبان پهلوي“
روميءَ قونيا ۾ ئي وفات ڪئي. هن جي آخري آرام گاهه شمس تبريز جي مزار جي ويجھو آهي.

*
ڇا شڪل آ، ڇا سُونهن آ، ڇا قَدُ بُت، ڇا هٿَ پيرَ!
ڇا رنگ، ڇا آهنگ آ! مَھ کي لڪائي ٿي قبا.

تون سَروَ آهين يا چمن؟ تون آنهه لاله يا سمن؟
تون شمع يا قنديل آن؟ يا رقصِ گل ۾ آ هوا؟

دل جو قرار آخر وِيو، سڀ ڪاروبار آخر وِيو،
بس رات جو ۽ ڏينهن جو، هڪ خواب تنهنجو آ پِيا!

اي عشق! توکي آ ڏنو، سڀني الڳ ڪوئي لقب،
پر مان چوان توکي پِيو، هڪ درد ڪوئي لادوا.

*


بي ذات ڪرتون ذات کي، خيرات ڏي درويش کي!
کڻ ساڻ تون بي ذات کي، خيرات ڏي درويش کي!

ڇا چنڊ جئن جلوو اٿئي! ڇا حُسن ۽ تجلو اٿئي!
احسان ڪر مون تي به تون، خيرات ڏي درويش کي!

آدم به تون ۽ دم به تون، عيسيٰ به تون مريم به تون،
تون راز آن، محرم به تون، خيرات ڏي درويش کي!

ڪوڙاڻ کي ميٺاج ۽ تو خار کي گُل آ ڪيو،
تون دين ڪر هن ڪفر کي، خيرات ڏي درويش کي!

تون ڪفر آن، ايمان ڀي، منهنجا مٺا! منهنجا مٺا!
منهنجا مٺا! منهنجا مٺا! خيرات ڏي درويش کي!

*


اي عاشقو! اي عاشقو! مان خاڪ کي گوهر ڪيان،
پياسا ٻُڌو، پياسا ٻُڌو! هن رُڃّ کي ڪوثر ڪيان.

اي ڪيميا! اي ڪيميا! ڏسجانءِ ڪئن ٿو مان ڪيان،
مسجد بڻايان دير کي ۽ دار کي منبر ڪيان.

اي ڪافرو! اي ڪافرو! ڏسجو ته ڇا ٿو مان ڪيان،
جنهن کي وڻي مومن ڪيان، جنهن کي وڻي ڪافر ڪيان.

اي آدمي! اي آدمي! تون ڇا هئين ڇا ٿي وئين،
اچ! اورتي مون ڏي اڃا، توکي اڃا بهتر ڪيان.

*


هڪ باهه منجھان ڪڍندس توکي،
ٻي باهه ۾ مان وجھندس توکي،
ها، نظرِ بد کان بچائيندس،
تڪليفن ۾ وجھندس توکي.

*


اي عاشقو! اي عاشقو! ڪيڏو ڏکيو آهي جيڻ،
آهيون ٻُڏا درياهه ۾ ۽ ڪين ايندو آ ترڻ.

ڀل ٻوڏ اهڙي ڀي اچي، جيڪا وڃي لوڙهي جهانُ،
پر جو پکي پاڻيءَ سندو، ان لاءِ ڪهڙو آ ڊڄڻ!؟


*


ڇا جُرم هن دل آ ڪيو، تنهنجي تمنا کان سوا؟
ڇاڪاڻ تو مون کان پرين! مُنهنڙو لڪايو آ ڀلا؟

رستا ٻه آهن بس رڳو، هڪ صبر جو، هڪ شڪر جو،
پر ڪين ڏسجن ٿا ٻئي، منهنجا پرين! توکان سوا!

*


مان اماوس آهِيان، جو ماهه کان ٿيو آ خفا،
مان گدا آهيان اهو جو شاهه کان ٿيو آ خفا.

مهربان هو ٿو سڏي، گهر ڏانهن مون کي بار بار،
مان ڀُليل هر دم رهيس جو راهه کان ٿيو آ خفا.

*


فنڪار ڪو مان آهيان، بُت روز بڻايان ٿو،
ڊاهيان ٿو سڀئي جڏهين، تو ڏانهن نهاريان ٿو.

سَوَ نقشَ بڻائي پوءِ، ٿو جان وجھان تن ۾،
پر حُسن ڏسي تنهنجو، سڀ نقش جلايان ٿو.