ٽئگور : نوبل پرائز ماڻيندڙ اُپکنڊ جو عظيم شاعر
ٽئگور هن دنيا کي گهڻو گُهمي ڏٺو ۽ پرکيو. هن پنجن کنڊن جا پنجٽيهن کان وڌيڪ مُلڪ گُهميا. هن پنهنجي طرز جي يونيورسٽي ”شانتينڪينتن“ قائم ڪئي، جنهن ڀارت جو ڳانڊايو ٻاهرين اولهه جي ملڪن سان قائم ڪيو ۽ جتي نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ فنڪاراڻي ۽ صوفياڻي تربيت پڻ ڏني ويندي هئي. سنڌ جو عظيم دانشور ۽ سياستدان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پڻ شانتي نڪيتن مان پڙهيو ۽ هن کي ٽئگور ”موهن جي دڙي جو ماڻهو“ چوندو هو.
عظيم ڀارتي سياستدان مهاتما گانڌي ٽئگور جو تمام گهڻو قدر ڪندو هو ۽ جڏهن ٽئگور بيمار هو تڏهن گانڌي هن کي پڇڻ ايندو هيو.
ٽئگور جي مشهور ڪتاب ”گيتانجلي“ کي وليم بٽلر ييٽس (W.B Yea*s) جڏهن انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ته دنيا حيران ٿي وئي. ان ئي ڪتاب تي هن کي نوبل پرائز پڻ مليو. ”گيتا نجلي“ دراصل اهي گيت آهن جيڪي ٽئگور خدا جي حضور ۾ ڳايا / لکيا آهن، جيڪي پنهنجي مزاج ۾ صوفياڻا ڪلام آهن. ٽئگور چوندو هو ته ”مون وٽ خدا کي ڏيڻ لاءِ نذراني طور فقط هي گيت ئي آهن. مان هڪ پکي آهيان، جيڪو فقط اهي گيت ڳائي، لاتيون لنوي ڌڻيءَ جو شڪر ادا ڪري سگهان ٿو. اهي ئي گيت منهنجي عبادت آهن.“
ٽئگور چوندو هو ته ”مون کي ڪو پير مرشد ڪري نہ مڃو، مون کي هڪ شاعر، فنڪار ۽ رقاص طور ياد ڪجو. مان نه ٿو چاهيان ته منهنجي پوڄا ڪئي وڃي.“
ٽئگور 7 آگسٽ 1941 ۾ ڪلڪتي ۾ هن دنيا کي سدائين لاءِ ڇڏي هليو ويو.
اسان جي عظيم شاعر شيخ اياز ٽئگور کي “هڪ دور” چيو هو ۽ هي ٽيڙو لکيو هو:
ٽئگور مري ويو آ،
ٿي هند ٻُڌي خبرون،
هڪ دور مري ويو آ.
مون ٽئگور جا هي نظم ”گيتا نجلي“ مان ترجمو ڪيا آهن.
****
گهڙي پل لاءِ تون مون کي
وِهڻ ڏي پنهنجي پاسي ۾،
گهڙي پل لئه اهو تون عيش ڏي مون کي.
کنيا ڪم جي به مون آهن،
اهي پورا ڪندس پوءِ مان.
سندم دل کي سڪون آهي،
نه چين، آرام ڪو آهي،
بنان ديدار تنهنجي جي.
پنهنجي آهُن ۽ دانهُن سان،
هليو آيو دريءَ وٽ آهه سانوڻ،
اڄ وري پيارا!
۽ ماکيءَ جون مکيون ساريون،
مگن آهن رڳو بس گيت ڳائڻ ۾.
اِهائي بس گهڙي آهي،
سندءِ ويجھو وِهڻ جي ۽
اُهو ئي گيت ڳائڻ جي
جو آ حاصل حياتيءَ جو.
گهڙي پل لاءِ تون مون کي،
وِهڻ ڏي پنهنجي پاسي ۾.
****
بڻايو تو مون کي بي انت آهي،
انهي ۾ ئي خوشي آ تنهنجي سائين!
سندم ڪمزور، ڪوري ٿانوَ جهڙي دل
ڀرين ٿو روز راڻا ڄڻ نئين هڪ زندگيءَ سان.
وتين ٿو يار پيو گهمندو
کڻي تون بانسري ننڍڙي،
۽ ان مان ٿو ڪڍين سُر،
ڇُهن ٿا جيئن مون کي هٿڙا،
امر تنهنجا، سدا هٿڙا،
ته منهنجي دل،
خوشيءَ مان ڄڻ ته ڦاتي ٿي پوي پيارا!
خوشيءَ مان پوءِ ٿو ڳايان،
اکٽ آئون پيو نغما،
سندم هٿ هي ننڍا آهن،
وٺن ٿا جي وڏا انعام تنهنجا،
پيو ٿو ڏين، پيو ٿو ڏين،
سندم سائين!
۽ منهنجي دل اهي انعام سارا،
جھلي ٿي پائي جھولي اوءِ سائين!
رهي هردم ٿي خالي اوءِ سائين!
****
اهو ٻار جنهن کي،
ڪا پوشاڪ شاهي ٿي پهرائجي،
۽ جنهن جي ڳچيءَ ۾،
ڪو هيرن سندو هار
آ هوندو پاتل،
سو راندين جي سارن
مزن کان پري آ.
سندس شاهي پوشاڪ آهي،
رڪاوٽ مزن ۾،
هو هر دم ڊڄي ٿو،
ته ڪٿ اهڙي پوشاڪ ميري نه ٿئي.
اهو هار سينگار آ ڪهڙي ڪم جو؟
اهو عيش، آرام آ ڪهڙي ڪم جو؟
پري جو رکي ٿو،
انهيءَ زندگيءَ کان،
جا ڌرتيءَ جي آهي ڌڌڙ ۾،
جا ماڻهن جي ميلي،
۾ هوندي آهر دم.
****
ڇڏي ڏي عبادت،
۽ تسبيح سورڻ،
ڇڏي ڏي هي خطبا،
نمازون ۽ سجدا،
ڪري بند در تون،
پيو ڪنهن کي پُوڄين؟
اکيون کول ۽ ڏِس!
ته تنهنجو خدا ڪين
آ تنهنجي سامهون.
مگر هُو اُتي آ،
جتي سخت محنت،
ڪري ٿو هُو هاري،
ڪو مزدور ماڻهو،
تتي ڏينهن ۽ مِينهن ۾ پيو سدائين،
لٽا جنهن جا ميرا،
پگهر جنهن جي مُنهن تي.
اها لاهه الفي،
۽ وڃ تون ڌڌڙ ۾،
ته توکي ملي هاڻ مُڪتي.
ڀلا ڇا جي ٿيندو،
جو ميرا لٽا تنهنجا ٿيندا!
۽ تن تي وڏا داغ لڳندا!
پگهر ڳاڙ ۽ هاڻ پورهيو ڪري ڏس!
ته توکي ملي هاڻ مُڪتي.
****
لهي آئين تون پنهنجي تخت تان ۽
اچي بيٺين تون منهنجي جھوپڙيءَ ٻهران.
انهي پل مون پئي ڳاتو،
اڪيلي ڪنڊ ۾.
۽ سندم آواز آيو هو ڇڪي توکي.
سندءِ درٻار ۾ ڪيئي وڏا گائڪ
به هوندا جي،
سُريلو ڳائيندا هوندا،
مگر توکي الائي ڪيئن منهنجي سادڙي سُر آ
ڇڪي ورتو ائين سائين!
پرين! مان سيکڙاٽ آهيان،
مگر مون لئه اهو انعام اعليٰ آ،
جو منهنجي جھوپڙيءَ آڏو،
اچي بيٺين،
ٻڌڻ لئه گيت هي منهنجو.
****
منهنجا ٻچڙا!
جڏهين تهنجي لئه ٿو آڻيان،
رنگبرنگي رانديڪا مان،
تڏهين ٿو معلوم ٿئي،
ته ڪڪرن تي ۽ پاڻيءَ تي ۽ گلڙن تي،
ايڏا رنگ ڀلا ڪئن آهن!
منهنجا ٻچڙا!
جڏهين توکي وندرائڻ ۽ جُهومائڻ لئه،
ڪجهه ڀي جھونگاريان ٿو مان،
تڏهين ٿو معلوم ٿئي،
ته پنن ۾ موسيقي آهي،
۽ هي ڇوليون،
ڳائن ساگر جا ٿيون ڳيتَ
منهنجا ٻچڙا!
جڏهين تن جو مُکُ چمان ٿو،
تڏهين ٿو معلوم ٿئي،
ته پرهه ڦُٽيءَ جي سُجهندي ۾،
اُڀ منجھا ڪئن نڪري ٿي،
نهر خوشيءَ جي.
منهنجا ٻچڙا!
منهنجا ٻچڙا!
****
پنهنجي گيتن ساڻ توکي عمر ساري،
آنءُ ڳوليندو رهيس.
گيت، جيڪي هئا مون کي در در وٺي ويا،
گيت، جن مون کي پَسايو پنهنجو پاڻ،
گيت، جن دنيا کي ڳوليو .
گيت منهنجا جن مون کي سارا سبق
آهن پڙهايا،
تن مون کي ڏيکاريا رستا ڳجھا،
تن ئي سمجھايو مون کي،
ڏُکُ ڇاهي!
سُکُ ڇاهي!
تن مون کي اسرار سمجھايا سمورا،
نيٺ گيتن
زندگيءَ جي شام جو،
آهه پهچايو مون کي،
تنهنجي شاهي محل آڏو.