ڀرتري هري : قديم دور جو جديد شاعر
هر مزي ۾ بيماريءَ جو خوف آهي، هر شان، مان ۾ بي عزتيءَ جو خوف آهي، دولت ۾ غربت جو خوف آهي، طاقت ۾ دشمنن جو خوف آهي، حُسن ۾ مخالف جنس جو خوف آهي، ڄاڻ ۾ ناڪاميءَ جو خوف آهي، جسم کي موت جو خوف آهي پر جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي خوف نه آهي ته اهو آهي تياڳ.
ڀرتري هريءَ جي شعرن ۾ دنياوي مزن کان ويندي تياڳ جي سڪون واريون سڀ ڪيفيتون آهن.
دنيا جي ٻين عظيم شاعرن وانگر ڀرتري هريءَ جي باري ۾ به مون کي پهريون ڀيرو شيخ اياز جي ڪتابن ۾ ئي ڄاڻ ملي. اياز نه فقط جديد سنڌي ادب جو عظيم تخليقار هو پر هو عظيم ادب متعارف ڪرائڻ وارو اهم ماڻهو به هو. هن جي ڪتاب “رڻ تي رم جهم” ۾ موجود محبت جي احساسن ۾ ٻُڏل هڪڙو ڇهه سٽو ڀرتري هريءَ جي ذڪر سان به آيل آهي. اهو هيئن آهي ته :
ڀرتري هريءَ وانگر،
ڪالهه هي چيو هو مون،
”رات جيڪا گذري وئي،
چاندنيءَ ۾ چمڪي،
ڄڻ ته لهر سنڌوءَ جي،
سمنڊ ڏانهن موٽي وئي.“
۽ ان کان پوءِ وري علامه اقبال وٽان ڀرتري هريءَ جو هي نهايت سهڻو شعر مليو:
ڦول ڪي پتي سي ڪٽ سڪتا هي هيري ڪا جگر،
مردِ نادان پير ڪلامِ نرم و نازڪ بي اثر!
ان شعر کان پوءِ منهنجي دل ۾ ڀرتري هريءَ کي پڙهڻ جي تمام گهڻي خواهش پيدا ٿي ۽ ڪافي وقت کان پوءِ مون کي سنسڪرتي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب Poems from *he Sanskri* مليو جنهن مان مون ڀرتريءَ هريءَ جي شعرن مان پنهنجي ان خواهش جي اُڃ اُجهائي. ان منجھان ئي هي ڪجهه ترجما مون ڪيا آهن، جيڪي پڙهندڙن آڏو پيش ڪجن ٿا.
****
هن جيون ۾ سُکُّ ڪٿي آ ؟
ننڍڙي آهي هيءَ حياتي،
۽ اُن جو ڀي اَڌُ وڃي ٿو،
ننڊ ڪرڻ، آرام ڪرڻ ۾،
بيڪار رهڻ، بيمار رهڻ ۾،
باقي جيڪو وقت بچي ٿو،
سو به اجايو ڄڻ ته وڃي ٿو،
ٻالڪپڻ، پوڙهائپ وارن،
گمنام، اجاين خوفن ۾.
۽ جوڀن ڀي جو گذري ٿو،
سو به جُداين منجھه جھُري ٿو،
پئسي لاءِ پريشانيءَ ۾،
وقت سمورو هي گذري ٿو،
ٻارن ۽ گهر وارن جي ڀي،
ڳڻتيءَ ۾ هي وقت وڃي ٿو.
هاڻي يار! ٻُڌاءِ مون کي،
هن جيون ۾ سُکُّ ڪٿي آ؟
( ڀرتري هريءَ جي خيال کان متاثر ٿي لکيل )
****
سِجُّ آهي،
چنڊ آهي،
۽ ستارا،
سَڀُّ آهن،
پوءِ ڀي پر
تنهنجي نيڻن
۾ ڏسڻ بن
انءَ لڳي ٿو
آ انڌيرو!
****
هن چيو هو:
”ياد پيو مون کي ڪجان!“
مون چيو هو:
”ايئن مون کان ڪين ٿيندو،
ڇو ته جيڪا دل ڪندي آ ياد توکي،
سا ته توسان سنگ ويندي!“
****
هيءَ سڄي ڌرتي آهي بس منهنجو بستر،
ٻانهون منهنجي لاءِ وهاڻا،
نيرو هي آڪاس سندم آ چادر پياري،
هِيرَ شام جي ٿڌڙي ڄڻ ته پکو آ مون لئه
چنڊ، ستارا منهنجي لاءِ بتيون آهن،
منهنجي زال “تياڳ ” سُمهي پئي
آهي مون سان،
اهڙي سُک سان ڪين سُمهي ٿو
ڪو شهزادو،
جهڙي سُک سان
آنءُ سمهان ٿو.
****
اڳ ۾ تون، مان چوندا هئا سين:
مان تون آهيان، تون مان آهيان!“
هاڻي ڇا ٿيو توکي، مون کي؟
جو تون تون آن، مان، مان آهيان!
****
هن جو چهرو چنڊ جيان ڀي ڪونهي ڪو
هن جون اکڙيون نيل ڪنول جا گُلڙا ناهن،
هن جون ٻانهون سون سچي جهڙيون ناهن،
هوءَ ته آ هڏ ماس سندو بس ڪوئي پُتلو.
شاعرَ ڀي ڏِس ڪهڙا ڪهڙا ڪُوڙ هڻن ٿا!
ها پر پاڻ ته پيار ڪريون ٿا پوءِ به هن سان.
۽ هن بابت ڪوڙ سمورا سچُ ئي لڳن ٿا.
****
ڏاڍو چنڊ! اُداس لڳين ٿو
رات سموري ڪين سُمهين ٿو،
ڳرندو ڏينهون ڏينهن وڃين ٿو ،
ڇا تون مون وانگر ئي مٺڙا!
هن جي باري ۾ سوچين ٿو؟
****
اڌ دل هن جي آهه ڀريل،
محبت سان محبوب سندي،
باقي اڌ ۾ شرم اٿس.
هڪ اک هن جي آهه کُتل،
چهري تي محبوب سندي،
در تي باقي هِڪّ اٿس.
هن جو هڪ آ پير رکيل،
بستر تي محبوب سندي،
باقي هڪ آ ڌرتيءَ تي.
ڪين ڪري هوءَ پيار سگهي،
۽ نه ڇڏي ئي يارُ سگهي.
****
هڪڙي سان هوءَ ٽهڪ ڏيئي ٿي،
ٻئي کي هوءَ اشارا ڪري ٿي،
ٽئين جي باري ۾ سوچي ٿي،
ڪنهن سان آخر پيار ڪري ٿي؟