شاعري

سِپُون سُوجهي ڪڍيون

ڪتاب ”سِپون سوجهي ڪڍيون“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر مسرور پيرزادي پاران دنيا جي عظيم شاعرن جي شاعريءَ جي سنڌي ترجمي جو مجموعو آهي.
امداد حسيني لکي ٿو:
مسرور ”سپوُن سُوجھي ڪڍيون“ جهڙو اهم ڪتاب اسان کي ڏنو آهي. جنهن ۾ هُن ڪلا، فن ۽ آرٽ جا اهي امُلهه ماڻڪ اسان جي اکڙين آڏو آندا آهن، جن جي جوت ڪڏهن به جهڪي نه ٿي آهي. هزارن سالن جو سفر طيءِ ڪري اها شاعري اسان تائين پڳي آهي ۽ اڄ به اهڙي تازي تواني آهي، جهڙي رچڻ مهل هئي. ان جي سِٽن ۾ اڄ به شاعر جو خون جگر روان آهي. ان جي لفظن ۾ اڄ به شاعر جي دل ڌڙڪي ٿي.
Title Cover of book سِپُون سُوجهي ڪڍيون

وليم شيڪسپيئر: عظيم انگريز شاعر

شيڪسپيئر کي سڄي دنيا ۾ جيتري مڃتا ملي آهي، اوتري شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر ۽ ليکڪ کي ملي هجي. هن جي حيثيت دنيا جي عظيم ترين ۽ مشهور ترين ليکڪ واري آهي. هو اسٽر اٽفورڊ ۾ 1564ع ۾ ڄائو. هتي سندس تعارف ۾ مان سنڌي ٻوليءَ جي شاندار ليکڪ، دانشور، سياستدان محترم رسول بخش پليجي جي تحرير جو ٽڪرو ڏيان ٿو جيڪو سندس اهم ادبي تنقيد جي ڪتاب ”انڌا اونڌا ويڄ“ مان ورتل آهي:
انگلينڊ جي هڪڙي ننڍڙي واپاريءَ کي هڪ پٽ ڄائو. هن ٻه چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيا، پر پوءِ کري پيو. پاڻ کان گهڻو وڏيءَ هڪڙيءَ عورت کي کڻي زال ڪيائين. ڪم ڪار کان جواب، سڄو ڏينهن پيو رلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڇا ڪندو هوجوترجي زميندار جي ٻيلن ۾ بنا موڪل وڃي شڪار ڪندو هو. هڪڙي ڀيري پڪڙجي پيو. ٻڌي ٿاڻي تي وٺي آيس، پر پڻس هو ڳوٺ جي ڪائونسل جو ميمبر، تنهن ميڙ منٿ ڪري پٽ کي ڇڏايو. پوءِ گهر وڃي پڇائي مار ڪڍيائينس. هوڏانهن جوڻس به اچي ڪوڪر ڪري کنيس ته ”مئا، بي ڪما! ڪو ڌنڌو ڌاڙي ته نٿو ڪرين، پر اٽلو وڃيو هچائون ڪرين!“ تنهن تي مڙس رسي، وڃي لنڊن کان نڪتو. اتي نوڪريءَ لاءِ گهڻائي مٿا ڏنائين پر ڀلا پڙهيل هو پورو سارو، سو ڪٿان ٿي نوڪري مليس. آخر رلي رلي ٿڪو، سو وڃي هڪڙي ناٽڪ ڪمپنيءَ ۾ ڀرتي ٿيو. شڪل جو هو پورو سارو، سو مڙئي انڌا منڊا پارٽ پيو ڪندو هو.
هي اهو زمانو هو، جڏهن دنيا تي هڪ نامور شاهي جوڙي جو سڪو هلندو هو. مغرب ۾ هاڪاري راڻي ايلزبيٿ جو ڌاڪو هو ته مشرق ۾ اڪبر اعظم جو نالو روشن هو! اسپين ۾ مسلمانن جو ڪوس پئي ٿيو ۽ سنڌ ۾ مرزا باقي چرئي ڪلور پئي ڪيا. يورپ سڄو پوپ جي خرمستن سبب تفرقي ۾ هو. هي انگلينڊ جي ڦوهه جوانيءَ جو دور هو. انگلينڊ سمنڊن جو والي هو. انگريز ملاح ڊريڪ سڄيءَ دنيا کي چوڌاري ڦري آيو هو. انگلينڊ ۾ علم ۽ هنر جا درياءَ پئي وهيا. هي ڳوٺاڻو ڇوڪرو، لنڊن جهڙي عظيم ترين شهر ۾ ويڳاڻو ٿيو پيو هلندو هو. ڪمائي هيس پوري ساري، سو ڪنهن سان ڪونه ملندو هو. آخر هڪ دفعي ڇا ڪيائين، جو لڪ ڇپ ۾ ويهي هڪڙي کيل جي آکاڻي لکيائين. جڏهن ناٽڪ جي آکاڻي سنگتين کي پڙهي ٻڌايائين، تڏهن اهي اچي کل ۾ ڇٽڪيا، چي، ”ميان، ڏيڏريءَ کي زڪام ٿيو آهي! اهي ڪم ڪن ته ڀلي لنڊن جا وڏا قابل اديب ۽ ڊراما نويس ڪن، تون اڍائي اکر مس پڙهيو آهين ۽ اڃا ڪالهه جهنگ مان رلي رلي شهر ۾ آيو آهين، سو ٿو اهڙا ڪم ڪري سگهين!“ همراھ اچي ڦڪو ٿيو ۽ کڻي ماٺ ڪيائين. پر کانئس رهيو نه ٿيو، سو ٻيو به کيل لکيائين، ٽيون به لکيائين، پر ڪنهن پڇيس به ڪونه. آخر هڪڙو کيل ڇپايائين، ماڻهن پڙهي اڇلي ڇڏيو. ”ڀلا ائين به ڪو کيل لکبو آهي؟ نه ٻوليءَ ۾ چس، نه ڳالهه ۾ سواد!“ پر هيءَ همراھ نه مڙيو. سڄا سارا ۲۵ کيل لکيائين. مس مس وڃي ڪي اسٽيج تي پيش ٿيا. گهڻا فيل ٿيا، پر ڪي مڙيئي پسند پيا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن پنهنجي ناٽڪ ڪمپني کولي، جنهن ۾ ائڪٽنگ به پيو ڪندو هو ته ناٽڪ به لکندو هو. آخر ۵۲ ورهين جي عمر ۾ مري ويو. مرڻ کان اڳ البت هڪڙو ٻنيءَ ٽڪرو ورتو هئائين، ٻيو ٿيو ڀلو. اڪثر ماڻهو سندس ناٽڪن کي بيڪار ۽ واهيات سمجهندا هئا ۽ چوندا هئا ته ”جهڙو پاڻ جهنگ جو ڄٽ هو، تهڙا ڄٽاڻا ناٽڪ لکيا اٿس، سندس ناٽڪن جو ڪوبه چٽو مقصد ڪونه آهي، سڀ ڳالهيون گڏ وچڙ ٿيون پيون آهن، پڇاڙيءَ تائين پتو نٿو پوي ته مطلب ڪهڙو اٿس، وغيره وغيره. ڪن چيو ته فلاڻي ناٽڪ جي ڪاپي ڪئي اٿس، ادبي چور آهي. مطلب ته ڪنهن ڪم جو ڪونهي. ڀلا، ٻيلن جو چور، ٻاهراڙيءَ جو ڄٽ، لنڊن جي اعلى اديبن ۽ زبردست ڊراما نويسن جي اڳيان ڇا بيهي سگهندو؟
انهيءَ ڳالهه کي گهڻو وقت ٿي ويو. زمانو بدلجي ويو. زماني جا معيار بدلجي ويا. وقت جون ڇوليون نامورن جي ناموس کي گهلي گمناميءَ جي سمنڊ ۾ اڇلي آيون، ته ڪن کي اتان ڪڍي آڻي ڪناري تي رکيائون. ماڻهن پراڻا ادبي دفتر پٽيا، انهن کي پڙهايائون، توريائون تڪيائون.... اوچتو رڙ مچي ويئي ته ”اهو ٻهراڙيءَ جو ڄٽ، ٻيلن جو چور ۽ گمنام ائڪٽر وڏو اديب هو، وڏو دانا هو. يگانو ڊرامه نويس هو، انگلينڊ جو عظيم ترين شاعر هو! هن جهڙو نه ٿيو نه ٿيندو!“
400 سال ٿي ويا آهن. اڄ سموري مذهبي دنيا انهيءَ راءِ سان شريڪ ٿي ويئي آهي. کيس دنيا جي مٺ جيترن عظيم ترين شاعرن ۽ اديبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ علم ۽ ادب جي سلطنتن ۾ هن جو سڪو رائج آهي. هن جا عاشق دنيا جي ڇهن ئي کنڊن ۾ ويٺا آهن. دنيا جي ڪابه ٻولي ڪانهي جنهن ۾ هن جا شاهڪار ترجمو نه ٿيل هجن ۽ ها، جن ”قابلن“، ”دانائن“ ۽ ”عالمن“ کيس ”ڄٽ“، ”جاهل“ ۽ ”ادبي چور“ ٿي سڏيو، تن جو نالو نشان به ڪونه بچيو آهي. ڪنهن کي خبر ڪانهي ته اهي ”وڏا بزرگ“ ڪهڙي باغ جي موري هئا.
ان ٻهراڙيءَ جي ڄٽ، ٻيلن جي چور ۽ ڪوجهيءَ شڪل واري ائڪٽر ۽ ناٽڪ لکندڙ جو نالو شيڪسپيئر هو!

****

[b]جيون ڇا هي؟
[/b]
بس ڪو گهُمندڙ، ڦرندڙ پاڇو!
ناٽڪ جو ويچارو ڪو ڪردار اِهو،
جيڪو آڪڙ ۽ چڙ ۾ ٿو،
پنهنجو وقت گذاري ويٺو،
۽ پو ڪين ڪڏهن ٻُڌجي سو.

جيون ڀي ڪنهن احمق پاران
آهه ٻُڌايل قِصّو ڪوئي،
جنهن ۾ بس ڪو شور ڀريل آ،
جنهن ۾ بس ڪو خوف ڀريل آ،
جنهن جو ڪوئي ڪارج ڪونهي.


****

جئن رؤنشائي ٻارن لاءِ مکيون آهن،
تيئن خدائن لاءِ اسين آهيون پيارا!
هُو پنهنجي ئي راند رُوند لئه
ماڻهو مارن ٿا موچارا!



زندگي هڪ منچ آهي،
۽ سمورا مرد ساريون عورتون،
پنهنجو پنهنجو ٿا ادا ڪردار ڪن.
هُو اچن ٿا ۽ وڃن ٿا،
پنهنجي پنهنجي وقت سان.
زندگيءَ ۾ هرڪو ماڻهو
ڪيترائي ٿو مَٽائي روپ پنهنجا،
زندگيءَ جا سَتَ دور
هو گذاري ٿو وڃي.
سڀ کان پهرين هُو ڄمي ٿو،
نرس جي ٻانهن ۾ هُو دانهون ڪري ٿو،
پوءِ ٿيلهو هُو کڻي اسڪول ڏي،
ڪين چاهيندي به ويندو ٿو رهي.
پوءِ عاشق هو ٿئي ٿو،
ساهه ٿڌڙا هُو ڀري ٿو،
۽ اکين تي هُو پرينءَ جي
ڪي غزل ويٺو لکي ٿو.
پوءِ سپاهي هو ٿئي ٿو،
۽ وڙهي ٿو،
ها، لڙي ٿو،
پوءِ هُو منصف ٿئي ٿو،
پوءِ هو پوڙهو ٿئي ٿو،
۽ وري بچپن ڏي ڄڻ واپس وڃي ٿو،
۽ ڍرا ٿي وڃن هن جا جُوراب
ڏند، اکڙيون ۽ ٻيو سڀڪجهه،
ختم ٿئي ٿو هوريان،
بس ٿئي ٿو هوريان.


****


ڪين ٿڌڙا ساهه ڀريو، ڇوڪريون!
مردَ دوکيباز ئي آهن سدا،
جن جو هڪڙو پير ساگر ۾ ته ٻيو
آ وري هوندو ڪناري تي پيو.
مستقل ڪنهن جاءِ تي ناهن اُهي
ڪين ٿڌڙا ساهه ڀريو، ڇوڪريون!

****

سائين! مون کي وڃڻو آهي،
دُور سفر تي ڪهڻو آهي،
منهنجو مالڪ مون کي سڏي ٿو،
ڪين ڪري انڪار سگهان ٿو،
چڱو سائين!
آنءُ وڃان ٿو،
آنءُ وڃان ٿو.

****

اَڻ مُندائتي برفباريءَ
جئن لٿو آ مُوت هُن تي،
هوءَ جيڪا
ساري واديءَ جو سڀن کان،
خوبصورت گُل هئي.

****

دردَ ڪمري کي ڀري آهي ڇڏيو،
درد جيڪو دل ۾ آهي
پُٽَّ پنهنجي جي جدائيءَ جو مون کي.
دردُ هن جي هنڌ تي ليٽي پيو آ،
درد هُن جا لفظ دُهرائي رهيو آ،
درد مون سان ٿو هلي پيو،
آنءُ جاڏي ڀي وڃان ٿو.

****

موت اهو آ مُلڪ مٺا!
جيڪو ڪين دريافت ٿيو آ.
جو به مسافر اُسهيو ايڏهن،
ڪين وري سو موٽيو هيڏهن!


****

هن دنيا ۾
ڪا به نه اهڙي شيءِ آ جيڪا،
لطف ڏئي،
جنهن مان ڪوئي مزو وٺجي.

جيون اهڙو آهي قِصّو،
جو ورجايل آهي ڏاڍو،
ٻُڌي ٻُڌي ڀي هاڻي جيڪو،
ڪنَّ پچي پيا آهن يارو!

****

ديوتائو !
ڇو ڏيو ٿا سُهڻا تحفا،
جن سان ڏاڍو پيار ٿئي ٿو،
جن سان سهڻو
هي سڄو سنسار ٿئي ٿو،
۽ وري سارا سي تحفا،
ٿا اسان کان سڀ کسيو،
ديوتائو!
ديوتائو!

****

ڏُکَّ جڏهن ڀي ايندو آهي،
ڪين اڪيلو ايندو آهي،
فوج ڏُکن جي ايندي آهي،
دل تي حملا ڪندي آهي.


انڌو هوندو آهي عشق،
۽ سڀ عاشق،
ڪين ڏسي سگهندا آهن،
سهڻيون سي سڀ غلطيون،
عشق ۾ جيڪي ڪندا آهن.

****

سائين سڀ سان پيار ڪريو!
۽ ڪن تي اعتبار ڪريو!
ڪنهن سان ڪين بُرو هلجو،
سائين! سڀ سان پيار ڪريو!

****

هيءَ پِيري ۽ جواني ،
ڪين گڏجي ٿا سگهن ڪڏهين رهي.

آهه بي پرواهه سائين! هيءَ جواني،
۽ وري پِيري رڳو آ احتياط.
هيءَ جواني آ بهار،
۽ خزان جي مُند پِيري آهه ڪا.
آ جواني راند روند،
۽ وڏو آرام پِيري آه ڪا.
آ جواني گرم ڪوئي جوش، جذبو،
۽ وري پِيري ٿڌي، ڪمزور آهي.

مان جوانيءَ سان ڪيان ٿو پيار ۽
ڪين ٿي مون کي وڻي پِيري اِها!
پيار منهنجو آ سدا سُهڻو، جوان،
پيار منهنجو آ سدا سُهڻو جوان.