آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قاضي فيض محمد (سوانح حيات)

هن ڪتاب ۾ قاضي فيض محمد جي ننڍپڻ، تعليم، سياسي زندگي، ون يونٽ تحريڪ کان وٺي هاري تحريڪ ۾ ڪردار، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل جدوجهد، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو مختصر پر جامع ذڪر ٿيل آهي. رڪ سنڌي پنهنجي اکرن ۾ قاضي فيض محمد کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته: ’قاضي فيض محمد سنڌ وطن جو سچو خادم، پورهيتن جو همدرد ۽ بهترين ساٿي هيو، پاڻ سڄي عمر سنڌي قوم جي بقا ۽ ان جي حقن جي بچاءَ جي جنگ ۾ شامل رهيا. جڏهن به، جتي به هتان جي پورهيت عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ٿي، پاڻ ان ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا. سندن سنڌ دوستي هتان جي هارين ۽ مزدورن سان محبت هر مذهب ۽ مسلڪ کان مٿانهين رهي. پاڻ نهايت جاکوڙي انسان هئا، زندگي جي آخري گهڙي تائين حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. سندن قول ۽ فعل سنڌ جي قومي تاريخ ۾ نهايت اهم جڳهه والاريندا. اهڙي قابل فخر ۽ عزت لائق انسان جي سوانح لکندي، مون ساڻن ڪيترو انصاف ڪيو آهي، ان جي شاهدي هي ڪتاب ڏيندو‘.
  • 4.5/5.0
  • 3960
  • 847
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قاضي فيض محمد  (سوانح حيات)

شروعات

20 صدي پوري انسانذات لاءِ انقلابي ۽ تيز رفتاري جي صدي رهي آهي. هن ئي صدي جي پيٽ ۾ ٻن عالمي جنگين جنم ورتو. غلام قومن پنهنجيون آزاديون ٻيهر حاصل ڪيون. پورهيتن پنهنجيون پهريون ڀيرو عالمي نقشي تي سماجوادي رياستون قائم ڪيون. دنيا ٻن نظرياتي ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. هن صدي پنهنجي ڪک مان جتي ڪيترن جابرن، ظالمن ۽ انسانيت جي تباهيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ وحشي انسانن کي جنم ڏنو. اتي ڪيترائي مظلوم قومن ۽ انسانن، پيڙيل پورهيتن ۽ مزدورن جا همدرد ۽ هڏڏوکي، رهبر ۽ سرواڻ جنم وٺي، سڀ لاڳاپا لاهي، زندگي جي آسائشن ۽ آرائشن کي خيرباد چئي ميدان عمل ۾ نڪري آيا. پاڻ هيڻن جا همراهه ۽ ڏکويلن جا ڏڍ بڻيا.
هن ئي صدي ۾ لينن، مائو، چي گويرا، هوچي منهه، فيڊل ڪاسٽرو ۽ ٻين بي انتها عظيم انقلابي انسانن جنم ورتو. جن مظلوم پورهيتن ۽ مظلوم قومن جي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ، خوشحاليءَ ۽ آبياريءَ لاءِ ڪٺن جدوجهد ڪئي. منجهن حوصلو ۽ همت پيدا ڪري، پنهنجن حقن لاءِ وڙهڻ سيکاريو. هن ئي صدي ۾ اسان جي سنڌ، اسان جي هن سرزمين به پنهنجي ڪک مان اهڙن ارڏن ۽ اڙٻنگ انسانن کي جنم ڏنو. جن پنهنجي امڙ جي سينڌ ۾ سينڌور ڀرڻ کان وسان ڪين گهٽايو. جن سنڌ جي حيثيت مڃرائڻ ۽ سنڌين کي هڪ مستقل ۽ ترقي يافته قوم بنائڻ لاءِ سڄي برصغير جي ذهنن کي ڌونڌاڙيو. پنهنجي قومي وقار بحال ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. پنهنجي ڀٽڪندڙ قوم کي صحيح ۽ سائنسي سچائي سان ٺهيل واٽ وٺائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون.
20-صديءَ جي سنڌ ۾ اسان کي اهڙا ڪيترائي نالا ملندا، جن کي ڏيهين ته ڇڏيو پر پرڏيهه وارن به مڃيو ۽ سندن جذبي ۽ ڪم جي واکاڻ ڪئي. اڄ به انهن عظيم هستين جي عالمي سياست ۾ ادا ڪيل ڪردار کي زندهه دل قومون عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿيون. اهڙن ماڻهن مان قاضي فيض محمد به هڪ آهي. سندس مڙئي ڪارناما ۽ عمل سنڌ توڙي پوري عالم جي 'عوامي تاريخ' ۾ نهايت اهم جاءِ والاريندا.
قاضي صاحب جي زندگيءَ جي مطالعي بعد ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کان پوءِ قاضي فيض محمد ٻيو شخص هو، جنهن سنڌي قوم ۽ هتان جي پورهيت عوام جي خوشحاليءَ لاءِ هلندڙ هر جدوجهد جو ساٿ پئي ڏنو آهي ۽ اهڙين سنڌ دوست تحريڪن ۾ قاضي صاحب جو ڪردار نرالو پئي رهيو آهي. جڏهن به، جتي به سنڌ ۽ هتان جي پورهيتن جي مفادن سان هٿ چراند ٿي آهي، يا ڪنهن ميري اک سان هن سرزمين کي تڪيو آهي ته اهو قاضي صاحب جي تيزڌار واري تلوار جو نشانو بڻيو آهي. پاڻ وقت جي هر جابر ۽ ظالم سان ٽڪر کائيندا ۽ ان اڳيان سينو ساهيندا آيا آهن. اهڙي مرد مجاهد جي زندگي جو مطالعو بلاشڪ وڏي ڪارج وارو ٿيندو.
قاضي صاحب جن بااصول سياستدان، اعليٰ دانشور، ماهر تعليم، برک قانوندان، ترقي پسند اديب، ڪلاسيڪي راڳ جا ڄاڻو ۽ پورهيتن جا بهترين ساٿي هئا. سندن حياتي جو پل پل نهايت مصروف ۽ قومي ڪاز لاءِ صرف ٿيندڙ هو. پاڻ اصولن تي سودي بازي ڄاڻيندا ئي ڪونه هئا. ڪنهن به ڳالهه تي سچ کي لڪائي مصلحت ڪانه ڪيائون، ڪڏهن به وڏيرڪي سياست جي چڪر ۾ ڪين آيا. هميشه هيڻن جا همراهه ۽ پورهيتن جا پاسبان رهيا. سندن سياست اليڪشن رستي ظالم سامراج جي مشنري ۾ گهڙي، ان جي پرزي طور ڪم ڪرڻ جي نه هئي، پر رت جي راند هئي، سر جو سودو هيو. ”سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي“ واري ڪار هئي. پاڻ سياست کي وڏيرڪي وندر جو ذريعي ۽ شغل نه پر مڪمل سائنس سمجهندا هئا. پاڻ لکن ٿا ته، ”سياست هڪ اهم سائنس ۽ زندگي جو سڀ کان وڌيڪ اثرائتو عمل آهي.“ (1)
پاڻ پنهنجي دور جي جاگيردارانه ۽ سرمائيدارانه طرز جي سياست ۽ ان قسم جي سياستدانن جي ڪٽر دشمن ۽ مخالف رهيا. برصغير ۾ غلاميءَ وقت جيڪا وزارتن وٺڻ ۽ سياسي تنظيمن رستي فيصله ڪن جنگ ڪري جدوجهد ذريعي آزادي حاصل ڪرڻ بجاءِ سامراج جي چمچاگيري ڪري ڪجهه رعايتون ۽ منافعا حاصل ڪرڻ واري سياست هلندڙ هئي. پاڻ ان سياست بابت فرمائن ٿا ته، ”سياست قومن جي نه پر سڄي انسانذات جي زندگي آهي، خبر ناهي ته ماڻهو سياست کي ڇا ٿا سمجهن، ڪن وري ان کي بازيگري تصور ڪيو آهي. مگر انهن سڀني روپن وارا ماڻهو جاهل آهن. جن سياست جو جنازو ڪڍي، انسانذات کي تباهي جي در تي اچي بيهاريو آهي. حقيقت ۾ سياست هڪ تمام اوچي سائنس آهي، جيڪا منطقي طور تي انسانذات جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم آڻڻي آهي. مگر افسوس جو هتي، خاص طرح مسلمانن جي ملڪن ۾ خودپرستيءَ جي لاءِ سياست هڪ اوزار آهي. جنهن جي معرفت پنهنجن کي ته تباهه ڪري ڇڏيائون پر هاڻي ته سڄي دنيا جي تباهي جو ڪارڻ هي سياسي سورما بنجي رهيا آهن.“ (2)
قاضي فيض محمد، شخصيت پرستي ۽ خودپرستي کان مٿانهون رهيو. پاڻ هميشه چوندو رهندو هو ته، ”ماڻهو چوندا آهن ته پنهنجي نالي کي قائم ڪجي ۽ ڪجهه ڪري وڃجي. پر پاڻ اهڙي منزل تي پهتا آهيون، جو سمجهان ٿو ته اهڙو خيال به وڏي نفس پرستي آهي.“ (3) ٻئي هنڌ لکن ٿا ته، ”شخصيت پرستي کان مان ڏاڍو ڊڄندو آهيان. عوامي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. عوام جي هر هڪ ماڻهو کي موتي ۽ هيرو بڻائجي ....... شخصيت پنهنجي ليکي ڪابه شيءَ نه آهي. انهيءَ کي بت بڻائي پوڄا پاٺ شروع ڪجي. خود تخليق جي پوڄا ڪرڻ بيماري آهي، ماڻهو انهن وسوسن ۾ گهٽجيو مريو وڃن. هر هڪ شخصيت پنهنجي وقت ۽ سندس جفاڪشين جو نتيجو آهي.“ (4)
برطانوي سامراج جي ڇتپڻي جي ڏينهن ۾ پاڻ کلئي عام انقلابي رنگ ۽ ڍنگ سان غلام قومن ۽ پيڙيل طبقن جي حمايت ڪري، سياسي فضا ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي. انگريز سامراج جي غصي ۽ غضب جو هميشه شڪار رهندا آيا. پر ته به ”آهه نه سليائون عام سان.“ ڪنهن سان شڪايت ڪونه ڪيائون، ۽ نه وري ايئن ئي دانهون ڪيائون ته مان هيترو ڪي هيترو سٺو، هيڏيون تڪليفون ۽ عذاب ڀوڳيا آهن. پاڻ خاموشيءَ سان پنهنجي فرض جي بجا آوري ڪندا رهيا. سندن سچائي ۽ خلوص، بهادري ۽ بي باڪي جا دوست توڙي دشمن مداح رهيا آهن. ڪوبه سندن انقلابي ڪردار تي پردو وجهي نه ٿو سگهي.
قاضي صاحب، جنهن پيشي سان تعلق رکندو هو، اهو پيشو مال ملڪيت ميڙڻ لاءِ، بنگلا ۽ ماڙيون ٺهرائڻ لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. وڪيل هن ملڪ ۾ سڀ کان سکيا ستابا، پنهنجن ڪارن موٽرن وارا امير ليکيا ويندا آهن. هن ملڪ ۾ وڪيلن جون ڇنون ڏسندي ڏسندي بنگلن ۾ تبديل ٿي ويون. پر قاضي صاحب جي جڳهه ۽ مال ملڪيت ارتقا ڪري نه سگهي. پاڻ وڪالت صرف پيٽ پالڻ لاءِ ڪندا هئا، نه ڪارن ۽ بنگلن جي حاصلات لاءِ، پاڻ هميشه سادي زندگي گذاريندا رهيا.
قاضي صاحب جن جيڪي ڪجهه ڪمايو، سو سياست ۾ اچي ملڪ ۽ قوم لاءِ خرچ ڪري ڇڏين. پاڻ جهڙا اڳ هئا، آخري گهڙي تائين اهڙا ئي رهيا. پاڻ جيڪي ڪجهه وڪالت مان ڪمائيندا هيا، ان مان ڪجهه پيٽ قوت لاءِ ڪڍندا هئا، باقي ڪتابن ڇپائڻ، پمفليٽ ڪڍي ورهائڻ، هارين، مزدورن ۽ ٻين پارٽي جي سياسي قيدين جا ڪيس لڙڻ، انهن جون جيل ۾ مددون ڪرڻ، پارٽي فنڊ ۾ چندا ڏيڻ، غريبن ۽ گهرجائن جي مدد ڪرڻ تي خرچ ڪندا هئا. پاڻ پنهنجي آخري زندگيءَ جي معاشي حالتن جو نقشو هن طرح چٽيو اٿن، ”مان هن وقت بلڪل فقير ٿي چڪو آهيان، يعني جيڪي سموري عمر ۾ وڪالت جي ڌنڌي مان لکن روپين جي انداز ۾ ڪمايو، سو سڀ وطن ۽ وطن جي ماڻهن جي بهتريءَ لاءِ سياست ۾ اچي خرچ ڪري ڇڏيم. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ سچي سياست جي ميدان ۾ پنهنجي جان، مال، سڀ ڪجهه قربان ڪرڻو پوي ٿو. وقت سر زماني جون حڪومتون گهر ۽ زمينون به سياست ۾ عداوت ڪري کسي کنيو وڃن. هن وقت مون وٽ 15 سو روپيه ۽ گندي ڪپڙا اٿم.“ (5)