الاٽي تحريڪ
الاٽ ٿيل زمينن کان سواءِ سنڌ جي بئراجن جون زمينون، جن تي سنڌي ماڻهن جو پئسو ۽ پگهر استعمال ٿيو هو. اهي زمينون به سنڌين بجاءِ، مهاجرن، پنجابي فوجين ۽ چوڌرين، ڪشميرين ۽ پٺاڻن ۾ مفت ورهايون ويون يا کين ٿوري معاوضي تي ڏنيون ويون.
حڪومت جي ان کلئي ڏاڍائي ۽ استحصال خلاف سنڌ جا مڙئي ساڃهه وند ماڻهو اٿي پيا، احتجاج ٿيا، تحريڪون هليون. هن ظلم ۽ ڏاڍ خلاف هتان جي مڙني ليڊرن جدوجهد ڪئي. هن تحريڪ ۾ قاضي صاحب جي ڪردار تي اڳتي لکڻ کان اڳ انهن ڦريل ۽ مفت ۾ ڌارين جي حوالي ڪيل زمينن جا انگ اکر ڏجن ٿا:
ان وقت جي سرڪاري رپورٽن مطابق سنڌ جي صرف ڏاکڻين حصي ۾ هڪ ڪروڙ ٽيهه لک روپين جي غيرقانوني جائداد جو پتو لڳايو ويو، جيڪا غيرقانوني طور مهاجرن کي الاٽ ڪئي وئي هئي. (روزانه ڪاروان حيدرآباد- 18 ڊسمبر 1958)
حيدرآباد ۽ خيرپور جي اسپيشل آبادڪاري ڪمشنر اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزن ۾ ٽن مهينن اندر 8650 مهاجر دعويدارن کي 2 لک ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي ۽ گذريل 11 سالن ۾ مهاجرن کي 4 لک ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي. (ساڳيو حوالو تاريخ 23.1.1959)
ڪوٽڙي بئراج جي ڏهه هزار ايڪڙ زمين آزاد ڪشمير جي ماڻهن ۾ ورهائي وئي. (ساڳيو 3.2.1959)
ڪوٽڙي بيراج ججي چاليهه هزار ايڪڙ زمين ڪراچي جي مهاجرن لاءِ رکي وئي آهي. ضلع سانگهڙ ۾ هڪ هزار فوجي خاندانن کي آباد ڪيو ويو آهي. انهن خاندانن کي 50 هزار ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي. (ساڳيو 31.12.58)
مکي ڍنڍ ۾ هڪ لک ايڪڙ زمين تي فوجي خاندان آباد ڪيا ويندا. (ساڳيو 24.4.54)
ڪوٽڙي بئراج کان سواءِ گڊو بئراج جي به لکين ايڪڙ زمين ساڳي غير مستحق ۽ غير حاضر زميندارن جي حوالي ڪئي وئي. ايتري قدر جو جتي سوين سالن کان مقامي ماڻهو ڳوٺ ٺاهي ٻارن ٻچن سوڌو ويٺا هئا. اهي زمينون به ڌارين کي ڏنيون ويون ۽ اصل رهواسين کي پنهنجن اباڻن پڊن تان ڌڪي ڪڍيو ويو.
مٿين انگن اکرن مان اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ون-يونٽي حڪومت کي هتان جي ماڻهن جي سلامتي جو ڪيترو نه اونو ۽ الڪو هو. اهڙن ئي حالتن هيٺ، اهڙي ئي ماحول ۾ قاضي فيض محمد سنڌ جي پورهيتن جي بچاءَ ۽ انهن جي حقن جي حفاظت لاءِ الاٽي تحريڪ هلائي. پاڻ هي تحريڪ نعپ جي پليٽ فارم تان هلاين، ڪجهه سنڌ هاري ڪاميٽي جي ورڪرن ۽ ڪميونسٽن به سندن مدد ڪئي. (75)
پاڻ پهريان لنڊي اسٽيشن ۾ هارين جو وڏو جلسو ڪوٺايو. جنهن ۾ مولانا ڀاشاني، خان عبدالصمد خان ۽ ٻِين چوٽي جي ليڊرن شرڪت ڪئي. (76)
قاضي فيض محمد، جيئن ته بي انتها جذباتي ۽ حساس دل انسان هيو. تنهنڪري پاڻ هارين جي بربادي سهي ڪين سگهيو. هارين تي ٿيندڙ ظلم ڪري احتجاجي طور مرڻ گهڙي تائين نواب شاهه ۾ بک هڙتال ڪين. اٺڻ ڏينهن بعد به جڏهن حڪومت جي ڪن تي جون به ڪا نه سُري ته مڙني ساٿين ڪنهن ٻئي نموني تحريڪ هلائڻ جو سوچيو ۽ هارين جو جلسو ڪرائي قاضي صاحب کان بک هڙتال ختم ڪرائي وئي. (77)
ان بعد پاڻ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪين. اها تحريڪ تعلقي ڪنڊياري جي شهر محرابپور کان شروع ڪيائون. پاڻ ڪنڊياري ۽ نوشهري تعلقي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي ’هاري جيپ‘ ۾ چڙهي هارين تائين پهتا. ان بعد محرابپور ڀرسان هڪ غريب هارياڻي جي ڳوٺ ۾ ڪئمپ هنئي. ڪئمپ تي ڪامريڊ جمال الدين بخاري ساڻن گڏ رهيو. گورنمينٽ شهر سان 144 جو سيڪشن لاڳو ڪيو. جيستائين پوليس اتي کين گرفتار ڪرڻ آئي ته ان کان اڳ پاڻ ڪئمپ پٽي شهر کان اڌ ميل جي فاصلي تي هنئي. جيڪو هنڌ 144 قلم جي حدن کان ٻاهر هو. اتي 10-15 ليڊر رهڻ لڳا. پاڻ 144 قلم کي جٿن جي صورت ۾ ٽوڙائڻ لڳا. روز هارين جو گرفتاري ڏيڻ ويندو هو. اهڙي طرح 111 هاري قيد ٿي ويا. (78) حڪومت ان هوندي به هارين سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ کين حق ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿي. ان بعد قاضي صاحب اعلان ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار هاري گڏ ٿين ته پاڻ به ساڻن گرفتاري ڏيندا. پر ان ڏينهن فقط سو هاري گڏ ٿيا ۽ پاڻ اهو تعداد اثرانداز ٿيڻ جوڳو نه سمجهين، ان ڪري پاڻ جيل ۾ ڪو نه ويا.
حڪومت به هارين تي ظلم ۽ تشدد جي بازار گرم ڪري ڏني. جيڪي هاري گرفتاريون پيش ڪري رهيا هئا. حڪومت نه صرف انهن کي جيلن ۾ اذيتون ڏئي رهي هئي پر انهن جون ملڪيتون به ڪرڻ ضبط ڪرڻ لڳي. جيئن هاري جهُڪي ماٺ ڪري وڃن ۽ تحريڪ وڌيڪ اپڙي نه سگهي. ڇو جو ان تحريڪ جو ڪامياب وڃڻ ڌارين ۽ ڏيهي ڦورن لاءِ موت جو پيغام بنجڻو هو. سو حڪومت جي سڄي مشنري ڪمزور ۽ نٻل ۽ بي هٿيار هارين مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي وڌا. هارين جي ججهي انداز ۾ گرفتاري ۽ ملڪيتن جي ضبطي تحريڪ کي نقصان رسائي رهيون هيون. ان ڪري قاضي صاحب ۽ ٻين تحريڪ جي مکيه ڪارڪنن فيصلو ڪيو ته تحريڪ کي باقي رکڻ ۽ پورهيتن جا حوصلا بلند رکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرائجي ۽ ملڪيتون واپس ڪرائجن نه ته هارين ۾ مايوسي ۽ بي چيني ڦلهجندي. ان بعد پاڻ ڊپٽي ڪمشنر وٽ اپيلون وڌن ۽ سڀني هارين کي آزاد ڪرايائون ۽ سندن ڏنڊ به معاف ڪرايائون. (79)
جنهن وقت قاضي صاحب محرابپور ڀرسان سول نافرماني جي هي تحريڪ هلائي رهيو هو ته انهن ڏينهن ۾ نعپ جي ميٽنگ حيدرآباد ۾ ٿي. پاڻ ڪئمپ ۾ هجڻ ڪري ميٽنگ ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا. ان ميٽنگ ۾ پارٽي جون چونڊون ٿيون. قاضي صاحب جيئن ته اڳئي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري هيو. ان ڪري دوستن سندن غير موجودگي ۾ کين جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ بيهاريو. سندن مقابلو ڪامريڊ غلام محمد لغاري ڪيو. جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جي ورڪ ڪئي ۽ سندس پٽ امداد محمد شاهه ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي قاضي صاحب جي ورڪ ڪئي. اليڪشن ۾ قاضي صاحب چونڊجي ويو ۽ پاڻ ٻيهر سنڌ نعپ جا جنرل سيڪريٽري ٿي ويا. (80)
جڏهن سول نافرماني تحريڪ ناڪام ٿي ته قاضي ۽ سندن دوستن فيصلو ڪيو ته مرڪزي حڪومت تي حملو ڪيو وڃي. جيئن ڪراچي وارن کي خبر پوي ته سنڌي هارين سان ڪيڏا ويل وهايا پيا وڃن. پاڻ پنهنجن ساٿين سان سڄي سنڌ جو دورو ڪين. هارين کي ڪراچي ۾ مظاهري ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ لڳا.
پاڻ 1958 جي آڪٽومبر مهيني ۾ ڪراچي جي گوليمار علائقي ۾ هڪ وڏي هاري ڪانفرنس ڪين. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان هزارين هاري شريڪ ٿيا. ان ڪانفرنس جي صدارت سنڌ نعپ جي صدر شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪئي. ڪانفرنس ۾ پاڻ گهر ڪين ته الاٽي هارين کي الاٽ ٿيل زمينون، مناسب اگهن تي وڪرو ڪري ڏنيون وڃن. ڪانفرنس بعد ڪراچي ۾ هڪ وڏو جلوس ڪڍيو ويو. جنهن جي هڪ پوڙهي هارياڻي سرواڻي ڪئي. ڪيترن ئي عورتن پڻ جلوس ۾ شرڪت ڪئي. (81) وري ٻئي ڏينهن صدر جي علائقي ۾ جلسو رکيو ويو. جنهن ۾ پڻ هزارين هاري شريڪ ٿيا.
هارين جي هن قدم حڪومت جا ڪپاٽ کولي ڇڏيا. حڪومت سنڌي پورهيتن جي صحيح طاقت جو اندازو لڳائڻ بعد هاري ليڊرن سان ڳالهيون ڪرڻ قبوليو. صدر اسڪندرمرزا سان قاضي فيض محمد جي اڳواڻي هيٺ هڪ وفد ملاقات ڪئي. هن وفد ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، عثماني ۽ ڪامريڊ عبدالقادر شامل هئا. (82) صدر اسڪندر مرزا قاضي صاحب جي رٿن سان متفق ٿيو. پر پاڻ چيائين ته جيستائين سنڌ جا وزير ۽ هتان جي هڪ طبقي جا ماڻهو متفق نه ٿيندا، تيستائين حڪومت ڪو به قدم کڻي نه سگهندي.
اڃان اهي ڳالهيون هلي ئي رهيون هيون جو جلد ملڪ سان مارشل لا لڳائي وئي. سول حڪومت ختم ٿي وئي، سڀ وزارتون ڊهي ويون. جمهوري طريقي ڪم ڪرڻ جا سڀ رستا بند ٿي ويا. تحريڪ اڌ ۾ رهجي وئي. مارشل لا حڪومت قاضي صاحب کي جيل ۾ رکيو. (83)
مارشل لا بعد سنڌي هارين ظلم ۽ زور آوريون وڌنديون رهيون. سنڌ جي سون اپائيندڙ زميند سنڌي هارين کان ڏنڊي جي زور تي ڦري ٻين جي حوالي ڪئي وئي. هاري دربدر ٿي ويا.
قاضي صاحب ان صورتحال هوندي به مايوس ڪو نه ٿيو، پر لڳاتار عمل جي ميدان ۾ رهيو. نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ڪم ڪرڻ جا طريقا ڳولهڻ لڳو. ڇو جو عارضي شڪستون دائمي فتحن لاءِ راهه هموار ڪنديون آهن. ائين سمجهڻ ته ڪجهه نه ٿيندو، اهو وڏو ڪوڙ آهي. سڀ ڪجهه ٿيندو. هاري نيٺ هڪ ڏينهن سوڀارا ٿيندا، غلام قومون هڪ ڏينهن آزادي جا جهنڊا جهولائينديون. ان لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو لڳاتار عمل ۾ رهجي، مايوس نه ٿجي، ٿڪجي نه پئجي.