زندگيءَ جا آخري ڏينهن
جيئن ته قاضي صاحب، شيخ مجيب الرحمان جو سٺو دوست ۽ ساٿي هيو. ان ڪري ڀٽي، شيخ مجيب جا خيالات معلوم ڪرڻ لاءِ قاضي صاحب سان رابطو قائم ڪيو. قاضي صاحب ان رابطي کان اڳ حڪومت کي درخواست ڪئي هئي ته کيس شيخ مجيب سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي. حڪومت سندن اها درخواست ان بنياد تي قبول ڪئي، جيئن شيخ مجيب جا خيالات معلوم ڪري سگهجن. ان سلسلي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، قاضي صاحب وٽ نواب شاهه آيو ۽ کين لنڊن وڃڻ جي اجازت ڏنائين. قاضي صاحب، شيخ مجيب سان ملاقات ڪرڻ لاءِ لنڊن پهتو. شيخ مجيب الرحمان کين ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين ڏاڍي پيار ۽ محبت سان مليو. شيخ مجيب، قاضي صاحب کي لنڊن ۾ رهڻ جي آڇ ڪئي. پر قاضي صاحب جن لنڊن ۾ صرف 3 هفتا رهڻ بعد واپس پاڪستان موٽي آيا. (127)
بنگال جي ٽٽڻ کان پوءِ سنڌ ۾ حالتون خراب ٿيڻ لڳيون. هڪ مخصوص اقليت،مجيب الرحمان جي حامين ۽ صوبائي خودمختياري گهرندڙ ليڊرن پويان باهه ٻاري ڏني. قاضي صاحب کي شڪ جي نظرن سان ڏسڻ لڳا ۽ سندن هر چر پر تي نظرداري ٿيڻ لڳي. وري جو ٻوليءَ وارا فساد ٿيا ته، سنڌي ٻوليءَ جي حقن لاءِ قاضي صاحب جيڪو تحرڪ ورتو. ان سنڌ دشمنن کي هيڪاري قاضي صاحب کان ڊيڄاري وڌو. حڪومت پڻ قاضي صاحب جي سخت مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. انهن مڙني ڳالهين قاضي صاحب جي جيءَ کي جهوري وڌو ۽ پاڻ ڪجهه وقت وطن کان ٻاهر رهڻ جو فيصلو ڪين. هڪ ڏينهن پاڻ پنهنجي گهر واريءَ سميت سعودي عرب وڃڻ لاءِ هوائي اڏي تي پهتا ته حڪومت سندن ٻاهر وڃڻ تي بندش وجهي، کين هوائي اڏي تان واپس گهر روانو ڪيو.
حڪومت جي انهن قدمن کين سخت صدمو رسايو. حڪومت جي ڪارندن ۽ مخصوص اقليت کان قاضي صاحب جو وجود برداشت ٿي نه سگهيو. ڇو جو قاضي صاحب، سنڌ لاءِ پڻ اهي حق گهري رهيو هو، جيڪي حق مجيب بنگالين لاءِ گهريا ٿي. ان ڪري سنڌ دشمنن قاضي صاحب کي مارائڻ جو منصوبو سٽيو. جيئن هيءُ حق ۽ سچ جو آواز هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي.
جڏهن قاضي صاحب کي اهي خبرون پهتيون ۽ پاڻ ڏٺن ته هتي رهي، سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪو به ڪم ڪري نه ٿو سگهجي، ته پاڻ غيرقانوني طور تي هن ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪين. سپٽمبر 1974ع جي هڪ ڏينهن پاڻ بنا ڪنهن ٻڌائڻ جي ٿر پارڪر کان هندستان روانا ٿيا. رستي ۾ ڪيترين تڪليفن سهڻ کان پوءِ وڃي هندستان جي سرحد تي پهتا، جتي کين هندستاني فوج گرفتار ڪيو. جڏهن هندستان سرڪار کي سندن خبر پئي ته کين آزاد ڪري پاڻ وٽ مهمان جي حيثيت سان رهايو. هندستان سرڪار سندن آمد جو اطلاع شيخ مجيب کي ڏياري موڪليو. پاڻ ڪجهه هفتا دهلي ۾ رهڻ کان پوءِ بنگلاديش پهتا. اتي سندن اچڻ مخفي رکيو ويو ۽ کين بنگلاديش جو خاص مهمان ڪري رهايو ويو. شيخ مجيب، قاضي صاحب کي بنگلاديش حڪومت جي خرچ تي ڊاڪا ۾ رهڻ جي آڇ ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ويو ته اوهان جا ٻار ٻچا پڻ هتي گهرايا ويندا. جي پاڻ هتي رهڻ بجاءِ لنڊن رهندا ته به سندن سمورو خرچ عوامي ليگ برداشت ڪندي. پر جيئن ته ان وقت بنگلاديش جي معاشي حالت سخت خراب ٿي چڪي هئي، ان ڪري قاضي صاحب، انهن مٿان بوجهه بنجڻ سٺو نه ڄاتو. ان ڪري قاضي صاحب جن لنڊن وڃڻ لاءِ ڪابل پهتا. جتي سندن ٻن ڏينهن جو خرچ، عوامي ليگ وارن برداشت ڪيو. جتان پاڻ لنڊن روانا ٿي ويا.
پاڻ لنڊن ۾ سال کن رهائش اختيار ڪين. اتي رهندڙ سنڌي شاگردن سان لاڳاپا وڌاين. اتان جي تعليمي ادارن جي نظام جو ڳوڙهو مطالعو ڪين. پاڪستان سرڪار، قاضي صاحب مٿان غير قانوني طور ٻاهر وڃڻ جو ڪيس داخل ڪيو ۽ سندن شيخ مجيب سان ملاقات کي خراب نظرن سان ڏٺو. وزيراعظم ڀٽي گهڻي ڪوشش ڪئي ته قاضي صاحب جن پنهنجي وطن واپس موٽي اچن. وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ غلام مصطفى جتوئي کين واپس اچڻ لاءِ نياپا موڪليا. ان بعد جڏهن جتوئي لنڊن ويو ته اتي به قاضي صاحب سان مليو ۽ کين واپس هلڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳو.
قاضي صاحب جن جڏهن ڏٺو ته ملڪ کان ٻاهر رهي سنڌ وارن جي خدمت ڪري نه ٿي سگهجي، ان ڪري پاڻ واپس موٽڻ لاءِ تيار ٿيا. هڪ دفعي برٽش ايئر لائينس ذريعي هڪ غير ملڪي جي حيثيت سان ڪراچي هوائي اڏي تي پهتا. جتان ٻه ڏينهن پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت حاصل ڪري، اچي گهر نڪتا. سندن پهچڻ کان پوءِ هڪ مهيني گذرڻ بعد حڪومت کين هالاڻي مان گرفتار ڪيو ۽ کين ڪلفٽن پوليس لاڪ اپ ۾ رکيو ويو. جتان پوءِ کين ضلعي ٺٽي جي گهاري بنگلي ۾ قيد رکيو ويو. ٻه ٽي هفتا پڇا ڳڇا ٿيندي رهي. ان بعد 4 مهينن گذرڻ کان پوءِ کين گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو. (128) جتان پڻ ڪجهه مهينن کان پوءِ آزاد ٿيا.
ان بعد قاضي صاحب جن عملي سياست تان رٽائر ٿيا ۽ باقي زندگي سنڌي ادب جي جهولي ڀرڻ لاءِ وقف ڪري، پنهنجا لکيل ڪتاب ڇپرائڻ طرف توجهه ڏنن. ان سان گڏ وڪالت پڻ ڪندا رهيا.
پاڻ سياست کان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ سنڌي هارين کي سجاڳ ڪرڻ جي خيال کان ”سنڌ هاري ڪاميٽي“ جي ويجهو رهيا. واندڪائي واري وقت ۾ پاڻ ٻهراڙين ۾ نڪري ويندا هئا ۽ اتي وڃي هارين سان ڪچهريون ڪندا هئا ۽ کين سندن مسئلن کان آگاهه ڪندا هئا.
وفات کان ڪجهه هفتا اڳ سندن ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ۽ ٻانهن ڀڄي پين. اها اڃان مس ٺيڪ ٿي ته سندن ٻڌڻ جي حواسن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. وفات کان ٻه ڏينهن اڳ پاڻ نواب شاهه کان هالاڻي پهتا. اتي کين دل جو دورو پيو. جنهن مان پاڻ چڙهي ڪو نه سگهيا ۽ 13 آڪٽومبر 1982ع تي وفات ڪري ويا. کين هالاڻي جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
وڏي وٿ هئا، ٻاروچا ته ڀنڀور ۾.