آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قاضي فيض محمد (سوانح حيات)

هن ڪتاب ۾ قاضي فيض محمد جي ننڍپڻ، تعليم، سياسي زندگي، ون يونٽ تحريڪ کان وٺي هاري تحريڪ ۾ ڪردار، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل جدوجهد، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو مختصر پر جامع ذڪر ٿيل آهي. رڪ سنڌي پنهنجي اکرن ۾ قاضي فيض محمد کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته: ’قاضي فيض محمد سنڌ وطن جو سچو خادم، پورهيتن جو همدرد ۽ بهترين ساٿي هيو، پاڻ سڄي عمر سنڌي قوم جي بقا ۽ ان جي حقن جي بچاءَ جي جنگ ۾ شامل رهيا. جڏهن به، جتي به هتان جي پورهيت عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ٿي، پاڻ ان ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا. سندن سنڌ دوستي هتان جي هارين ۽ مزدورن سان محبت هر مذهب ۽ مسلڪ کان مٿانهين رهي. پاڻ نهايت جاکوڙي انسان هئا، زندگي جي آخري گهڙي تائين حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. سندن قول ۽ فعل سنڌ جي قومي تاريخ ۾ نهايت اهم جڳهه والاريندا. اهڙي قابل فخر ۽ عزت لائق انسان جي سوانح لکندي، مون ساڻن ڪيترو انصاف ڪيو آهي، ان جي شاهدي هي ڪتاب ڏيندو‘.
  • 4.5/5.0
  • 3960
  • 847
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قاضي فيض محمد  (سوانح حيات)

ادبي ۽ ثقافتي زندگي

1. ادبي زندگي
قاضي فيض محمد جن بااصول سياستدان ۽ قومي ورڪر هجڻ سان گڏ سٺا اديب، شاعر ۽ فنڪار پڻ هيا. پاڻ سياسي لٽريچر ۽ فلسفي جي ڏکين مسئلن تي لکڻ سان گڏ بامقصد ناول ۽ شاعري پڻ لکي اٿن. سندن لکڻيون سنڌي سماج جي عڪاسي ڪن ٿيون، جن ۾ هتان جي پورهيت عوام، هاري ۽ مزدور جو دک درد سمايل آهي. سندن قلم طبقاتي سماج جي ڏاڍ ڏهڪاءَ، ظلم ۽ زورآوري، مذهبي نفرت ۽ ڪدورت خلاف منظم جهاد ڪيو آهي. پاڻ پنهنجي لکڻين وسيلي نه صرف معاشري جي ڪچاين ۽ خامين کي ننديو ۽ اگهاڙو ڪيو اٿن، پر ان سان گڏ هڪ سوشلسٽ ۽ سيڪيولر معاشري جي تعمير لاءِ گس ۽ گهيڙ پڻ ٻڌايا اٿن. يعني سندن لکڻيون نه صرف اسان جي سماج جي خرابين ۽ قباحتن جون زنده تصويرون آهن، پر انهن ۾ هن سماج کي بدلائڻ ۽ نئين سماج جي اڏاوت جو پڻ نقشو ڏنل آهي.
پاڻ سنڌي ادب کي ٽن ضخيم ناولن سان مالامال ڪيو اٿن. اڄ تائين سنڌ ۾ هنن ناولن جهڙا اصلوڪا، ضخيم ۽ بامقصد ناول ڪنهن ڪو نه تخليق ڪيا آهن.
پاڻ پنهنجون مڙئي تصنيفون جيل اندر يا وطن کان ٻاهر هجڻ وقت لکيون اٿن. ٻاهر وٺ پڪڙ واري سياست، رات ڏينهن ڊڪ ڊڪان ڪري سواءِ ننڍن پمفليٽن، مضمونن ۽ پريس بيانن جي ٻيو ڪجهه لکي نه سگهندا هئا. جڏهن وقت جا حاڪم کين جيل موڪليندا هئا ته اتي پاڻ ٻاهرين دنيا کان دور هجڻ ڪري پنهنجو اهو وقت لکڻ پڙهڻ تي صرف ڪندا هئا. پاڻ پنهنجو ناول ”اڻ ڄاڻ“ ۽ ”جنسار“ ۽ پنهنجي جيون ڪهاڻي ”منهنجو سفر“ جيل ۾ لکيائون. باقي ٻيا ڪتاب ”ٻاويهه سو ٻاويهه ع“، ”لطيفي سنڌ ان سرچ آف ٽرٿ“ ۽ ”دردن سندو داستان“ (ٻه حصا) شاعري سنڌ کان ٻاهر لنڊن ۾ جلاوطن هئڻ واري عرصي ۾ لکين.
پاڻ مستند ڪتاب لکڻ کان سواءِ ڪافي مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا اٿن. جيڪي گهڻو ڪري سنڌ ۾ اٿندڙ ڪرنٽ مسئلن تي ان دور جي اخبارن ۾ لکيا اٿن. جيڪڏهن سندن مضمون، تقريرون، پمفليٽ، دوستن ڏانهن لکيل خط ۽ آيل خط گڏ ڪري شايع ڪجن ته هوند سنڌي ادب ۾ پنجن ڇهن ضخيم تصنيفن جو واڌارو ٿي پوي ۽ سندن اهي اهم تخليقون محفوظ ٿي تاريخ جو حصو بنجي وڃن. هيٺ اسان قاضي صاحب جي تصنيفن جو تفصيل ڏيون ٿا.

جنسار
سندن هي ناول حيدرآباد مان ٻيو دفعو 1980 ۾ شايع ٿيو. جيڪو ڪرائون سائيز جي 348 صفحن تي مشتمل آهي. پاڻ هيءُ ناول 1954 ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ لکين . پاڻ هن شاهڪار ناول ۾ ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي سماج جو نقشو چٽيو اٿن. ناول ۾ پاڻ سنڌ ۾ جاگيردارن جا ظلم ۽ انهن طرفان سنڌ جي هندو مسلم عوام ۾ نفاق پيدا ڪرڻ وارن ڪوششن جو ذڪر ڪيو اٿن.

ٻاويهه سو ٻاويهه ع
سندن هي ناول حيدرآباد مان 1979 ۾ شايع ٿيو. جيڪو ڊيمي سائيز جي 309 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ قاضي صاحب دنيا جي مستقبل جو نقشو چٽيو اٿن ۽ سائنسي ترقي جي فائدن جو تذڪرو ڪيو آهي. پاڻ جنهن سماج جا خواهشمند هيا، ان سماج جي تهذيب ۽ تمدن، قدرن ۽ ماپن بابت لکيو اٿن ۽ انسانذات جي بهتر مستقبل جو خواب بيان ڪيو اٿن.

سورن سندي سيج
هيءُ ڪتاب پاڻ نواب شاهه مان 1970ع ۾ شايع ڪراين. جنهن ۾ ٽي مضمون اڳ ڪتابچن جي صورت ۾ ڇپيل ۽ باقي ٻه نوان مضمون ڏنل آهن. ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب 251 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي پهرين حصي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جا سندن ڏانهن لکيل خط آهن، ان بعد علامه صاحب جي وفات تي قاضي فيض محمد جا تاثرات ڏنل آهن. ان بعد سندن ڀاءُ قاضي محمد لائق جا ڪجهه شعر ۽ قاضي فيض محمد جا والده جي وفات تي تاثراتي خط شامل آهن.
ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ ”منهنجون مون سان ٻه ٽي ڳالهيون“ (حصو:1) ڇپيل 1964ع نواب شاهه جيئن جو تيئن ڏنل آهي. هن مقالي ۾ ڪائنات، زندگي، موت‏، انسان ۽ ٻين فلسفي جي بنيادي مسئلن تي بحث ڪيل آهن. هن ساڳي مقالي جي حصي ٻئي ۾ (ڇپيل نواب شاهه 1965ع) ۾ پڻ تحريڪ، سماج، وطن، قانون، منزل، راڳ ۽ ان جا مختلف سر ۽ ٻين نقطن تي بحث ڪيل آهي.
ڪتاب جي چوٿين حصي بعنوان ”ڳوڙهيون ڳالهيون“ ۾ سندن مختصر سوانح حيات 1970ع جي دور تائين ڏنل آهي. ڪتاب جي پنجين حصي بعنوان ”شاگردن جي هلچل“ ۾ سندن سنڌي ٻولي جي تسليمي خاطر 1969ع ۾ ووٽرن جون لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪرائڻ واري مطالبي جي حمايت ۾ ڪيل بک هڙتال جو تفصيل ڏنل آهي.

(4) علامه آءِ آءِ قاضي
سندن هي ڪتاب حيدرآباد مان 1981 ۾ شايع ٿيو، جيڪو ڪرائون سائيز جي 60 صفحن تي مشتمل آهي. سندن هيءُ ڪتاب سنڌ جي عظيم انسان علامه آءِ آءِ قاضي سان وابستا يادن تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ سنڌ جي همعصر دور جي سياست ۽ سماج تي سٺي روشني وڌل آهي.

(5) هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ
سندن هيءُ ڪتاب حيدرآباد مان 1984ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو ڪرائون سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل آهي. سندن هيءُ ڪتاب سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ هارين جي الاٽي تحريڪ جي ڪارنامن ۽ ڪارگذارين تي مشتمل آهي. جديد دور جي تحقيق ڪندڙن ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ طبقاتي تحريڪ تي لکندڙن لاءِ هيءُ هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ سنڌي هارين جي طبقاتي جدوجهد تي سٺي روشني وڌل آهي.

(6) دردن سندو داستان
هي سندن شاعري جو ڪتاب آهي. جيڪو ٻن حصن ۾ نواب شاهه مان 1980 ۽ 1982 ۾ شايع ڪراين. هي ٻئي حصا ڪرائون سائيز جي 1000 صفحن تي مشتمل آهن. پاڻ پنهنجي شاعري ۾ لطيفي سنڌ جون روحاني منزلون، مارئي جي وطن لاءِ حب، سسئي جي جدوجهد ۽ جستجو، سهڻي جي مقصد لاءِ فنائي جهڙن موضوعن کي اظهار جو ذريعو بنايو آهي.
سندن شاعري نه فن ۽ نه وري مقصد جي لحاظ سان ايتري پختي آهي. جهڙيون سندن ٻيون نثري تصنيفون آهن.

(7) Lateefee Sindh in Search of Truth
پاڻ هيءُ ڪتاب نواب شاهه مان 1979ع ۾ شايع ڪرايو. جيڪو ڊبل ڊيمي سائيز جي 134 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هڪ خاص قسم جي فلاسافي جو ذڪر ڪيو اٿن. پاڻ هن ڪتاب ۾ ڪيترن فلاسافيڪل نقطن تي بحث ڪيو اٿن. جيئن مادو، وجود، سمجهه، خودي دماغ، سوچ، عمل، سياست، پيار، حسن ۽ راڳ وغيره.
پاڻ هن ڪتاب ۾ لطيفي سنڌ جو روحاني مترلون، لطيف سائين جي مکيه سورمين مارئي، سسئي، سهڻي جي حوالي سان ٻڌايون آهن. جن ۾ سنڌ سان محبت ۽ ان جي وجود لاءِ جدوجهد اهم عنصر آهي.

(8) منهنجو سفر
سندن هي اڻ ڇپيل ڪتاب، سندن جيون ڪٿا آهي.(جيڪو هن ڪتاب لکجڻ کان پوءِ شايع ٿي چڪو آهي.) پاڻ هن هڪ هزار صفحن جي ضخيم ڪتاب ۾ پنهنجي دور جي سياست، سنڌ جي حالتن، سياستدانن جي ڪارنامن ۽ ڪرتوتن سميت پنهنجي زندگيءَ جي اهم سياسي واقعن ۽ تحريڪن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. سندن هيءَ تصنيف موجوده دور تي لکندڙن لاءِ هڪ اهم ماخذ هجڻ سان گڏ 20 صدي جي تاريخ جو اهم دستاويز آهي.

(9) اڻ ڄاڻ
سندن هيءُ ناول پڻ اڻ ڇپيل آهي، جيڪو 200 صفحن تي ڦهليل آهي. سندن هيءُ ناول پڻ اڳين ٻن ڇپيل ناولن جهڙو وزندار ۽ ڪارائتو آهي. جنهن جو ڇپجڻ وقت جي اهم ضروت آهي.
ان کانسواءِ سندن ٻيا به ڪيترا ننڍا ڪتابچا ڇپيل آهن ۽ ڪيئي مضمون، مقالا (ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل) مختلف رسالن ۾ ۽ ماڻهن وٽ محفوظ آهن. جيڪي ايترا ئي اهم آهن. جيترا مٿي ڏنل ڪتاب.

2. راڳ سان محبت
قاضي فيض محمد جن اديب هجڻ سان گڏ سٺا فنڪار پڻ هيا. سندن آواز ڏاڍو سريلو ۽ من موهيندڙ هوندو هيو. پاڻ پنجن ڇهن سالن جي عمر کان وٺي پوڙهپڻ تائين راڳ سان لاڳاپيل رهيا. پاڻ پنهنجي وقت جي برصغير جي اتم راڳيندڙن الهڏني نوناري، استاد بڙي غلام علي خان ۽ برڪت علي خان جا دوست هئا. پاڻ انهن سان گڏ محفلون ڪندا هئا ۽ کين گهرائي راڳ جون محفلون به مچرائيندا هئا. سندن چوڻ مطابق ته پاڻ گهڻو اثر استاد بڙي غلام علي خان کان ورتو ۽ سندن راڳ ۾ استاد الهڏنو نوناري هيو. پاڻ پنهنجي استاد سان درٻاري، ڀيروي ۽ ميان جي ٽوڙي راڳ گڏ ڳائيندا هيا ۽ انهن راڳڻين جي فن مان پڻ واقف هيا.
پاڻ ننڍي هوندي ڪاليجي دور ۾ سرن کي ٺاهڻ لاءِ اسر جو تنبورو کڻي سمنڊ جي ڪناري تي ويندا هئا ۽ وڃي رياض ڪندا هئا. پاڻ پنهنجي آخري عمر ۾ حيدرآباد وڃي پنهنجي راڳ جون ٻه ڪيسٽون ڀراين. جيڪي ڪلاسيڪل ڪلام تي مبني هيون. راڳ جي فن تي ڪيترا مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا اٿن. ان کانسواءِ راڳ تي هڪ خاص انٽرويو کانئن آخري ڏينهن ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي وارن پڻ ورتو. جنهن ۾ پاڻ سنڌ ۾ راڳ جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي سٺي نموني ڳالهايو اٿن.
جڏهن 1971ع ۾ پاڻ سياست کان پري ٿيا ته ان بعد راڳ کي ئي اظهار جو ذريعو بڻاين. پاڻ هارمونيم کڻي ڳوٺن ۾ ڪاهي پيا. پهريان هاري ناري گڏ ڪري کين راڳ ٻڌائيندا هئا، ان بعد هارين سان سندن مسئلن تي ڳالهائيندا هئا ۽ کين صحيح سماجي شعور ڏيڻ ۽ منجهن عوامي هلچل هلائڻ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ليڪچر ڏيندا هئا.
پاڻ پنهنجي آخري عمر ۾ ڪوشش ڪين ته سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳ کي وري جيارجي ۽ سنڌ ۾ راڳ سيکارڻ ۽ ان کي صحيح نموني اظهار جو وسيلو بنائڻ لاءِ هڪ اڪيڊمي کولجي. پر سندن عمر وفا ڪين ڪئي، پاڻ پنهنجون حسرتون ۽ ارمان دل ۾ سانڍي هتان رمندا ر هيا.
کين سنڌ جي موجوده راڳ متعلق ڏاڍو فڪر هوندو هو ۽ چوندا هئا ته سنڌ مان راڳ ختم ٿي ويو آهي. سندن چئي مطابق ته حقيقي راڳ ڪلاسيڪل راڳ آهي، جيڪو خود هڪڙي سائنس آهي. جنهن کان هن دور جا فنڪار وانجهيل آهن. پاڻ هن دور جي ڳائڻن بابت چوندا هئا ته هنن کي نه ڳائڻ جو رياض ۽ نه فن جي خبر آهي. هينئر ڪو به ڳائڻو تانون، پلٽا ۽ سرگم ڪو نه ٿو پڙهي. هن وقت جي موسيقي ڀڳل دلي جا ٺڪاءَ آهن.
مطلب ته پاڻ هڪڙي نه ته ٻئي پليٽ فارم تان پنهنجو حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪندا رهيا ۽ ههڙي ڪاري ٻاٽ اونڌاهيءَ ۾ به مايوس ڪونه ٿيا، پر جاڳ جي جوت جلائيندا هليا ويا.