آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قاضي فيض محمد (سوانح حيات)

هن ڪتاب ۾ قاضي فيض محمد جي ننڍپڻ، تعليم، سياسي زندگي، ون يونٽ تحريڪ کان وٺي هاري تحريڪ ۾ ڪردار، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل جدوجهد، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو مختصر پر جامع ذڪر ٿيل آهي. رڪ سنڌي پنهنجي اکرن ۾ قاضي فيض محمد کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته: ’قاضي فيض محمد سنڌ وطن جو سچو خادم، پورهيتن جو همدرد ۽ بهترين ساٿي هيو، پاڻ سڄي عمر سنڌي قوم جي بقا ۽ ان جي حقن جي بچاءَ جي جنگ ۾ شامل رهيا. جڏهن به، جتي به هتان جي پورهيت عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ٿي، پاڻ ان ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا. سندن سنڌ دوستي هتان جي هارين ۽ مزدورن سان محبت هر مذهب ۽ مسلڪ کان مٿانهين رهي. پاڻ نهايت جاکوڙي انسان هئا، زندگي جي آخري گهڙي تائين حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. سندن قول ۽ فعل سنڌ جي قومي تاريخ ۾ نهايت اهم جڳهه والاريندا. اهڙي قابل فخر ۽ عزت لائق انسان جي سوانح لکندي، مون ساڻن ڪيترو انصاف ڪيو آهي، ان جي شاهدي هي ڪتاب ڏيندو‘.
  • 4.5/5.0
  • 3960
  • 847
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قاضي فيض محمد  (سوانح حيات)

سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ جنگ

قاضي فيض محمد جي زندگي جتي سياسي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جو مظهر رهي، اتي پاڻ سنڌي زبان جي بقا ۽ بچاءَ جي جنگ ۾ پڻ پٺتي ڪين رهيا. پاڻ پنهنجي مادري ٻوليءَ سان ازلي عشق ڪندا هئا ۽ جڏهن به سنڌي زبان تي ڪي ڏکيا ڏينهن آيا ته پاڻ خاموش ويهي ڪين سگهيا. تقرير، تحرير، بک هڙتال، جيل ۽ خوني حملن کي منهن ڏيڻ تائين جدوجهد ڪندا رهيا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي ٻاهرين غير مقامي باشندن جي زبان سان جنگ هلندي آئي. ان بقا ۽ بچاءَ جي جنگ ۾ ڪيترن ئي قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، هارين ۽ مزدورن، شاگردن ۽ عورتن حصو ورتو. سنڌ ۾ ٻوليءَ جو مسئلو 1954ع جي آئين ٺهڻ وقت ۽ ان کان پوءِ وري 1956ع ۾ آئين ٺهڻ جي موقعي تي اڀريو. ان بعد ان مسئلي 1961ع ۾ ان وقت شدت اختيار ڪري ورتي، جڏهن ايوب خان جي دور حڪومت ۾ تعليمي سڌارن لاءِ قائم ڪيل ڪميشن 1962ع ڌاري پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. انهن سفارشن تحت سنڌي ٻوليءَ کي مليل حقن ۽ سهوليتن کان انحراف ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي گهٽايو ويو. ان کي گهٽائي نصاب ۾ پنجين درجي تائين لازمي قرار ڏنو ويو. سنڌي پڙهندڙن جي ذريعي تعليم کي اردو بڻايو ويو. اردو ٻارن لاءِ سنڌيءَ جو لازمي پيپر ختم ڪيو ويو وغيره.(108) سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ان ظلم ۽ ناانصافيءَ خلاف سنڌ سميت سڄو ملڪ اٿي کڙو ٿيو ۽ مڙني ان فيصلي جي مذمت ڪندي ان کي شرمناڪ قدم ڪوٺيو. ملڪ جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن، سياستدانن، شاگردن، اديبن ۽ ٻين طبقن ان جي مخالفت ڪئي. نه صرف سنڌ واسين ان خلاف احتجاج ڪيو، پر اوڀر پاڪستان (هاڻوڪي بنگلاديش)، بلوچستان ۽ سرحد جي ليڊرن به تعليمي ڪميشن جون سفارشون سنڌين سان ناانصافي قرار ڏنيون. ان ڏس ۾ قاضي فيض محمد به پٺتي ڪين رهيو. اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي ليڊرن جيڪو حڪومت کان گڏيل مطالبو ڪيو، ان تي جن 21 اهم ليڊرن صحيحون ڪيون، انهن ۾ قاضي صاحب به هڪ هيو. قاضي صاحب ان دور ۾ هر پليٽ فارم تان سنڌي ٻوليءَ جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو. نيٺ وقت جي حاڪمن عوام جي دٻاءَ کان مجبور ٿي، سنڌي ٻوليءَ جي ساڳي حيثيت کي برقرار رکيو.

ووٽرن جون لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ ڪاڻ جدوجهد
1970ع جي اليڪشن ٿيڻ واري هئي، ان لاءِ حڪومت اعلان ڪيو ته ووٽرن جون لسٽون صرف اردو ۽ بنگالي زبان ۾ ٺهنديون. حڪومت جو اهو اعلان سنڌي زبان سان ٻه اکيائي ۽ دشمني تي مبني هو. ڇو جو هن کان 22 سال اڳ انگريزن جي دور ۾ لسٽون سنڌي ۾ ڇپيون هيون. ان بعد ون يونٽ جي شروعاتي دور ۾ به لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپيون هيون، پر هن وقت سنڌي ٻوليءَ کي نظر انداز ڪري ان سنئين سڌي مسئلي تي حڪومت اڙي ڪري بيٺي. حڪومت جي ان غلط فيصلي کي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن ننديو ۽ پنهنجي جائز حق جي گهر ڪئي. اخبارن ايڊيٽوريل لکيا. ٺهراءَ پاس ٿيا، بيان نڪتا ۽ احتجاج ٿيا، پر حڪومت ان تي ڪا به توجهه نه ڏني. ان ڪري سنڌي شاگردن ان مسئلي جي حل واسطي تحريڪ هلائڻ شروع ڪئي ته لسٽون سنڌي ۾ به ڇپجڻ گهرجن. 8 نومبر 1969ع تي شاگردن مظاهرا ڪيا. ان بعد شاگرد ليڊر لالا قادر بک هڙتال تي ويٺو. سڄي سنڌ ۾ علامتي بک هڙتالون شروع ٿي ويون. جلوس ڪڍيا ويا ۽ جلسا ڪيا ويا.(109) شاگردن سنڌي ۾ لسٽون ڇپرائڻ کانسواءِ ٻيا به هيٺيان مطالبا ڪيا ته:
(1) ون يونٽ ٽوڙيو وڃي. (2) سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن خلاف ڪيس واپس ورتا وڃن. پر اهم مطالبو سنڌي لسٽن جو ئي هو. شاگردن جي انهن مطالبن جي پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سنڌ متحد محاذ جي صدر جي ايم سيد پڻ حمايت ڪئي. قاضي فيض محمد جيڪو ان وقت آل پاڪستان عوامي ليگ جو مرڪزي نائب صدر هو. ان پڻ حڪومت جي ان هٺ ڌرمي کي ننديو ۽ شاگردن جي جائز مطالبن جي حمايت ڪئي. 11 نومبر 69ع تي پاڻ حمايتي پريس بيان سان گڏ اهو به اعلان ڪيو ته گهرجون پوريون نه ٿيون ته پاڻ به مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪندا.(110) شاگردن جي انهن مطالبن جي صحيح معني ۾ عملي پٺڀرائي عوامي ليگ ئي ڪئي ۽ سندن مرڪزي نائب صدر شاگردن جو ڀرپور ساٿ ڏنو. شاگردن جي تحريڪ بابت قاضي صاحب جن لکن ٿا ته ”هي سنڌي لسٽن جي گهر سياستدانن کي ڪرڻ گهربي هئي، نه ٻچن شاگردن کي.“(111)
قاضي صاحب جن کي 10 نومبر 69ع تي ”شام سنڌ“ وارن جي دعوت پهتل هئي، اهو فنڪشن شاگرد ڪرائي رهيا هئا. پاڻ ان فنڪشن ۾ شريڪ ٿيا. ان ۾ پاڻ تقرير ڪندي چيائون ته ”اسان جا ٻچا سنڌ ۽ سنڌي زبان لاءِ بک هڙتالون ڪري رهيا آهن. اسان کي به انهن جي همدرديءَ ۾ ڪجهه قرباني ڏيڻ گهرجي.“(112) فنڪشن ختم ٿيڻ بعد پاڻ بک هڙتالي شاگردن وٽ ويا ۽ کين گلن جا هار پارايا. پاڻ ٻئي دفعي شاگردن سان ملڻ ويا ته شاگردن جي حالت ڏسي جوش ۾ اچي ويا ۽ اعلان ڪيائون ته ”جيڪڏهن شاگردن جون گهرجون قبول نه ڪيون ويون ته مان به مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪندس.“(113) نيٺ پاڻ 14 نومبر 69ع تي اچي بک هڙتال تي ويٺا. سندن بک هڙتال سبب هيءَ تحريڪ وڌي عوامي تحريڪ جو رخ اختيار ڪري وئي. عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان پڻ تحريڪ جي حمايت ڪئي. جڏهن تحريڪ زور وٺڻ لڳي ۽ سڄي سنڌ ان جي حمايت ۾ اٿي پئي ته وڏن وڏن ليڊرن جي دڪانداريءَ کي ڌڪ لڳڻ لڳو. جنهن ڪري جي ايم سيد ان جي مخالفت ڪندي، ان کي ختم ڪرڻ جي صلاح ڏني. ان بابت قاضي صاحب جن لکن ٿا ته؛ ”جي ايم سيد هن تحريڪ جي مخالفت ڪئي ۽ قانوني طرح حق وٺڻ لاءِ جدوجهد تي زور ڏنو، پر اها رٿ اسان کي ناپسند هئي.“(114) جي ايم سيد جي مخالفت سبب ڪيترائي بک هڙتالي شاگرد بي دليا ٿي پيا ۽ بک هڙتال ختم ڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳا. پر قاضي صاحب شاگردن کي سمجهايو ته اها اسان جي بي عزتي آهي، جو بنا مطالبن مڃرائڻ جي خودبخود تحريڪ ختم ڪيون. دشمن اسان کي ٽوڪيندا، بزدل ۽ ڀاڙيو سڏيندا. پوءِ ڪير اسان جي پويان لڳندو. ان بعد شاگرد بک هڙتال جاري رکڻ تي راضي ٿيا. بک هڙتالين جي همت افزائي لاءِ سندن وٽ فلسطيني، بنگالي ۽ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشنن جا شاگرد به اچڻ لڳا. قاضي صاحب بک هڙتال دوران هيٺيون بيان ڪڍيو؛ ”سنڌ عظيم ۽ قديم ملڪ آهي. سنڌي زبان ۽ ثقافت جون پاڙون عوام جي دلين ۾ پختگيءَ سان کتل آهن. بدقسمتي سان غير ملڪي ثقافت جي ذريعي سنڌ ۽ سنڌين کي تباهه ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، پر اسين ان جي خلاف جدوجهد ڪري شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن جي تصور مطابق هڪ نئين سنڌ وجود ۾ آڻينداسين.“(115) قاضي صاحب سنڌ جو پهريون سياستدان هو، جنهن عملي طرح ان تحريڪ ۾ ٽپي پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌين جو سچو خادم تسليم ڪرايو. تحريڪ جو سڄو ڪريڊٽ جيڪو اڳ چند بيان باز ۽ لٻاڙي ليڊرن جي کنڌي ۾ اچڻو هو، سو قاضي صاحب، عوامي ليگ ۽ محب وطن شاگردن جي کاتي ۾ اچي ويو.
قاضي صاحب جي تحريڪ ۾ ٽپڻ سان سنڌ دشمنن طرفان وڏي پئماني تي مخالفت شروع ٿي چڪي هئي. ڌاريا هن تحريڪ جي دشمنيءَ تي لهي آيا. مخالفت ۾ جلسا جلوس ڪڍيا ويا. مهاجر اڳواڻ نواب مظفر هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته؛ ”سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ بک هڙتالين جي ڪري امن امان جون ڪوششون ڪمزور ٿي ويون آهن ۽ پاڪستان عوامي ليگ جي نائب صدر قاضي فيض محمد جي بک هڙتال ۾ شامل ٿيڻ بعد شهر جي فضا بيحد خراب ٿي وئي آهي. قاضي فيض محمد سياسي فائدو وٺڻ ٿو چاهي.“(116) ٻئي ڏينهن سورنهن نومبر تي قاضي صاحب نواب صاحب کي جواب ڏيندي پريس بيان ۾ چيو ته؛ ”آئون حيدرآباد جي هڪ فوٽ پاٿ تي پيو آهيان. انهيءَ مان جهيڙا يا لاقانونيت شروع ٿيڻ جو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي. اسان پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ جي مقصد سان پُرامن جدوجهد شروع ڪئي آهي.“(117) 17 نومبر تي ڪامريڊ غلام محمد لغاري به بيمار هوندي پاڻ کڻائي اچي بک هڙتال ٿي ويٺو. بک هڙتالين وٽ هاري، شاگرد، هارياڻيون، ڪارڪن ۽ ليڊر اچڻ لڳا. تحريڪ جيئن پوءِ تيئن تيز ٿيندي رهي. جيڪا ڳالهه سنڌ دشمنن کان سٺي نه ٿي. حڪومت ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان هن حق جي آواز کي ختم ڪرڻ لاءِ 18 نومبر جي رات جو هڪ وڳي بک هڙتالي ڪارڪنن جي ڪيمپ تي حملو ڪيو. پوليس ۽ مهاجر غنڊن بک هڙتالين تي لٺين، ڌڪن، ڪنڌاقن جي برسات وسائي ڏني. هنن سڀني جا هڏ گُڏ ڀڃي وڌائون. ڪامريڊ لغاري کي ڏاڍا ڌڪ لڳا، سندن مٿو ڦاٽي پيو. پوليس سڀني کي کڻي اچي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ رکيو. ان جي ٻئي ڏينهن سڄي سنڌ ۾ بک هڙتالين جون گرفتاريون شروع ٿي ويون.(118) قاضي فيض محمد ۽ ٻيا ڪارڪن جيل ۾ به بک هڙتال تي رهيا. پنجن ڏينهن بعد ڀٽو صاحب به بک هڙتالين سان ملڻ آيو. قاضي صاحب ڀٽي کي چيو ته اسان جا مطالبا پورا ڪيا وڃن ته تحريڪ بند ڪنداسين. پهريون مطالبو ون يونٽ ٽوڙيو وڃي ۽ ٻيو ووٽرن جون لسٽون سنڌيءَ ۾ شايع ڪيون وڃن. جيل ۾ 8 ڏينهن ٻيا به گذري ويا. سڄي سنڌ ۾ بک هڙتالين جي حمايت ۾ مظاهرا ٿيڻ لڳا. هڪ ڏينهن ميڊيڪل جي شاگردن ۽ شاگردياڻين اچي جيل ٻاهران ڌرڻو هنيو ته بک هڙتالين کي طبي امداد ڏني وڃي. جنهن بعد قاضي صاحب ۽ سندس ساٿين کي تپاسڻ لاءِ هڪ ڊاڪٽرن جي ٽيم آئي. جيل ۾ قاضي صاحب ۽ غلام محمد لغاري کي شاگردن کان الڳ رکيو ويو. ڪيترائي شاگرد روز گرفتار ٿيندا رهيا ۽ بهادر نياڻي اختر بلوچ پڻ گرفتار ٿي آئي. قاضي صاحب هن نياڻيءَ جي همت افزائي لاءِ ڏانهس روز چٺيون لکندو هو. 26 نومبر تي قاضي صاحب جي حالت ڏاڍي خراب ٿي وئي ۽ پاڻ بستري تي موت جو انتظار ڪرڻ لڳا. نيٺ حڪومت جدوجهد ڪندڙن جي آڏو گوڏا کوڙيا ۽ سنڌي عوام جي سالن کان هلندڙ جدوجهد رنگ لاتو. 28 نومبر تي ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ 29 نومبر تي لسٽون سنڌيءَ ۾ شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. 30 نومبر تي ايڪشن ڪاميٽي طرفان بک هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ٿيو.(119) ان بعد قاضي صاحب ۽ سندس ساٿين بک هڙتال ختم ڪئي. جنهن بعد پاڻ 8 ڊسمبر تي جيل مان سنڌ جي نئين وجود ۽ سنڌي ٻولي جي حيثيت جي مڃتا جو تحفو کڻي آزاد ٿيا.

سنڌي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ
سنڌ ۾ ٻوليءَ جي مسئلي تي وري ان وقت ڇڪتاڻ وڌي، جڏهن 1973ع جي آئين ٺهڻ وقت سنڌين جي پراڻي جائز مطالبي کي نظرانداز ڪندي حڪومت 8 سيڪڙو اقليت جي ٻولي اردوءَ کي ملڪ جي قومي ٻولي بڻايو. حڪومت جي ان قدم کي ناجائز ۽ غير واجبي ڪوٺيندي سنڌي عوام جدوجهد جي ميدان ۾ لهي آيو. هر طبقي سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ناانصافي خلاف آواز بلند ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته سنڌي کي به پاڪستان جي قومي ٻولي تسليم ڪيو وڃي ۽ ان کي سنڌ جي واحد سرڪاري زبان بڻايو وڃي.(120) صرف اردو کي قومي ٻولي بڻائڻ سنڌين جي سياسي، ثقافتي، معاشي ۽ لساني حقن جو کليو کلايو استحصال آهي. صرف اردوءَ کي قومي ٻولي بنائڻ سان سنڌين جا حق غضب ٿيندا ۽ اردو جي آڌار تي ڌاريان ماڻهو سنڌ ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي داخل ٿي سنڌين کي اقليت ۾ آڻي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪندا.(121) جي ايم سيد، قاضي فيض محمد ۽ ٻين اڳواڻن ان ظلم خلاف آواز بلند ڪيو ۽ حڪومت جي ان قدم جي سخت مذمت ۽ مخالفت ڪئي.(122) انهن ڏينهن ۾ صدر ذوالفقار علي ڀٽو ڪراچي ۾ دوري تي آيو. اتي ڀٽي صاحب قاضي صاحب سميت ٻين سياستدانن کي گهرايو ۽ کانئن راءِ ورتي ته بنگلاديش ۽ هندستان سان ڪهڙا لاڳاپا رکجن؟ ان گڏجاڻيءَ ۾ قاضي صاحب ڀٽي کي پاسي تي وٺي چيو ته سنڌي زبان جو مسئلو خوامخواهه اڇلي، اجايو طوفان کڙو ڪيو ويو آهي. صدر ڀٽي قاضي صاحب کي سنڌي ٻولي جي حق ۾ اهڙو نوٽ لکي ڏيڻ لاءِ چيو.(123) جيڪو قاضي صاحب انگريزيءَ ۾ لکي کين اماڻيو. ان نوٽ ۾ قاضي صاحب سنڌي ٻولي جي تسليمي لاءِ واضح ۽ وزندار دليل ڏئي ثابت ڪيو ته سنڌ پاڪستان جي واحد ترقي يافته ۽ سڌريل زبان آهي، جيڪا زندگي جي هر شعبي ۾ ڪاميابي سان استعمال ٿي سگهي ٿي.(124) پاڻ ان نوٽ ۾ صدر ڀٽي کي سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کان واقف ڪندي مطالبو ڪيو ته؛
1- سنڌي کي قومي ٻولي تسليم ڪيو وڃي.
2- سنڌي سنڌ جي واحد سرڪاري زبان تسليم ڪئي وڃي.
قاضي صاحب صدر ڀٽي کي گذارش ڪئي ته جي انهيءَ لاءِ حالتون سازگار نه آهن ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌيءَ کي انهيءَ حالت ۾ ڇڏيو وڃي، جيڪا پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ رهندي اچي. ان نوٽ ۾ پاڻ ذوالفقار ڀٽي کي خبردار ڪيائون ته سنڌ صوبي ۾ ٻن زبانن جو سرڪاري ٿي رهڻ سنڌي ٻولي لاءِ تباهي ٿيندي، جا ڳالهه سنڌ جا ماڻهو ۽ خاص ڪري سنڌ جو نوجوان طبقو ڪنهن به حالت ۾ برداشت نه ڪندو. 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ٻوليءَ وارو بل پيش ڪيو ويو. جيڪو وڏي اڪثريت سان پاس ٿي ويو. صرف 11 غير سنڌي ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي ۽ سنڌ ۾ هنگاما ڪرائڻ شروع ڪيا، جن جو ڪو به جواز ڪونه هو. اردو پاڪستان جي قومي ٻولي تسليم ٿي چڪي هئي، پر هو سنڌي کي صرف سنڌ اندر به انڌو منڊو مقام ملڻ تي ارها هئا. ٻوليءَ جي مسئلي کي بنياد بڻائي غير سنڌين ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو ڄام ۽ ٽنڊو الهيار ۾ سنڌين مٿان حملا ڪري کين قتل ڪيو. انهن جون جائيدادون تباهه ڪيون، گهر ساڙيا ۽ کين پنهنجا اجها ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. صدر ڀٽي رجعت پرستن ۽ اردو شاونسٽن جي انهن هنگامن کان متاثر ٿي 10 جولاءِ تي راولپنڊيءَ ۾ ”لساني ڪانفرنس“ سڏائڻ جو اعلان ڪيو. سرڪاري طرح 5 سنڌي دانشورن ۽ 20 اردو دانشورن کي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جو دعوت نامو ڏنو ويو. سنڌ مان شروعات ۾ جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، شيخ اياز ۽ قاضي فيض محمد ان ڪانفرنس ۾ وڃڻ لاءِ سنبريا. قاضي صاحب جن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نواب شاهه کان ڪراچي روانا ٿيا، اتي پهچي کين خبر پئي ته جي ايم سيد ۽ حسام الدين راشدي ڪانفرنس ۾ هلڻ کان انڪار ڪيو آهي. مجبورن قاضي صاحب کي اڪيلي سر سنڌين جي نمائندگي لاءِ راولپنڊي روانو ٿيڻو پيو.
جڏهن پاڻ ڪانفرنس هال ۾ پهتا ته اتي 20 کن اردو دانشورن جي وچ ۾ پاڻ اڪيلا سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ هئا. پاڻ محسوس ڪيائون ته جيڪڏهن اردو جي 20 حمايتن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته اتي مون هڪ ڄڻي جو آواز نقار خاني ۾ طوطي جو آواز ثابت ٿيندو. تنهن ڪري پاڻ صدر ڀٽي کان مطالبو ڪيائون ته کين سڀ کان پهرين تقرير ڪرڻ ڏني وڃي. صدر صاحب سندن اها گهر مڃي ۽ قاضي صاحب جن سڀني کان اول تقرير ڪئي ۽ سنڌي ٻولي جو ڪيس پيش ڪيو. اسان سندن ان تاريخي تقرير جا ڪي اهم ٽڪرا ماهوار ملير ڊائجسٽ آگسٽ 1972ع جي پرچي تان ڏئي رهيا آهيون: ”سنڌي صرف زبان نه آهي، مگر هيءَ سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جي صورت آهي، هي شخصيت آهي، سنڌ جي روح جي پوشاڪ آهي، جان آهي.... سنڌي زبان جي مرڻ سان سنڌ مري ويندي، باقي هن زمين جي ٽڪري جي ڪابه معنيٰ نه رهندي.... اسان سنڌ جي ماڻهن جي اها گهر آهي، جا حق ۽ انصاف تي مبني آهي ته سنڌي زبان کي به قومي زبان ٺهرايو وڃي ۽ نئون آئين جڏهن ٺهي تڏهن پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سنڌي زبانن کي قومي زبانون تسليم ڪيو وڃي. اردو کي به قومي ۽ رابطي جي زبان بنايو وڃي ته اسان اعتراض نه ڪنداسين. صدر صاحب! توهان جو هي ’لساني بل‘ حقيقتن اسان سان انصافي آهي، ناحق آهي، گهربو ته ائين هو ته اسان سنڌي پنهنجي حق لاءِ قرباني جي ميدان ۾ گهڙي پئون ها ۽ سنڌيءَ کي پنهنجي حقي جڳهه وٺائي ڏيڻ لاءِ قربانيون ڏيون ها، مگر اسان ائين نه ڪيو، جنهن لاءِ اسان وٽ سبب آهن. صدر صاحب! هي چار صوبا توهان جي طفيل گڏ رهي سگهن ٿا. مگر جيڪڏهن توهان کي ڪنهن فوجي ڪوپ جي معرفت ڪڍيو ويو ته پوءِ هن پاڪستان جو بچڻ محال آهي، نه فقط محال آهي، مگر جيڪو هتي ڪوس ٿيندو ۽ ظلم ٿيندو، تنهن جو تصور ڪندي دل دهلجيو وڃي ٿي. اهو ٻيو سبب آهي جو اسان ماٺ ڪري ويٺا آهيون. انهيءَ ڪري اسان جي صبر کي غلط طرح تعبير نه ڪيو وڃي. اسان توهان جي بل کي پاڻ تي ظلم ٿا سمجهون، جيڪڏهن بل ۾ ڪا ردوبدل ڪئي وئي ته پوءِ اسان جا نوجوان پنهنجون جانيون جلائي ڇڏيندا ۽ اها هڪ ننڍي قيامت ٿيندي. اسان جي گهر آهي ته سنڌ ۾ صرف سنڌي واحد سرڪاري زبان ٿيڻ گهرجي ۽ اسان نه ٿا چاهيون ته اردو ۽ سنڌي ٻئي گڏ سرڪاري زبانون ٿين.... مگر ڇا چئجي اردو جي آڙ ۾ سڄا 25 سال سنڌ جو استحصال ڪيو ويو آهي. جيڪي هندو وياج خورن هڪ سئو سالن ۾ اسان کي نيوڙيو، انهيءَ کان وڌيڪ 25 سالن ۾ اردودان سرمائيدارن اسان کي ڦريو آهي. سڀ ڪجهه کڻي ويا. هاڻي اردو کي آڙ ڪري پاڻ حڪمران قوم بڻجي، اسان تي حڪومت ڪرڻ گهرن ٿا ۽ انهيءَ ڪري سنڌين کي حڪومت مان ڪڍڻ گهرن ٿا. سنڌ کي اسان هرگز ختم ڪرڻ نه ڏينداسين. پهريان اسان سڀني سنڌين کي مون سميت ڪهي عربي سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي، پوءِ سنڌ ختم ٿي سگهي ٿي. اسان سنڌ کي پاڪستان ۾ عزت وارو ۽ خود دار صوبو بڻائڻ گهرون ٿا. اسان ڀائرن واري زندگي گذارڻ چاهيون ٿا.“(125)
حڪومت تي هنن دانهن ۽ ڪوڪن جو ڪو اثر ڪونه ٿيو. ڀٽي صاحب جي حڪومت ۽ پارٽي، وڏي صوبي ۽ هڪ مخصوص اقليت جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي موت واري دستاويز تي صحيح ڪري سنڌ کي ٻن ٻولين وارو صوبو بڻايو. جيڪا سنڌ جي ماڻهن سان سراسر ناانصافي ۽ ظلم هو. اڄ تائين سنڌي عوام پنهنجي ان قومي جمهوري مطالبي جي مڃتا لاءِ مختلف محاذن تي جنگ ڪري رهيو آهي. جنهن ڏينهن اسان جدوجهد ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت تسليم ڪرائي ۽ ان کي پاڪستان جي قومي ۽ سنڌ جي واحد سرڪاري زبان مڃرايو. ان ڏينهن اسان جي مٿين جدوجهد پنهنجي ڪاميابي تي پهچندي.