ننڍپڻ ۽ تعليم
قاضي صاحب، جن اڃا ڇهن مهينن جا مس ٿيا ته سندن والد صاحب فوت ٿي ويو. ان بعد سندن وڏي ڪٽنب ۾ اچي موتن جو سلسلو شروع ٿيو. چند مهينن ۾ گهر جا مڙئي ڀاتي فوت ٿي ويا. گهر ۾ صرف قاضي صاحب اڪيلو ۽ چند عورتون ئي وڃي بچيون. (6)
پاڻ تعليم جي شروعات پنهنجي ڳوٺ جي سرڪاري سنڌي اسڪول ۾ گهڙڻ سان ڪئي. اڃان 10 سالن جا مس ٿيا ته 1918ع ڌاري پهرين عالمي جنگ ڇڙي وئي ۽ 1919ع ڌاري برصغير ۾ خلافت ۽ ڪانگريس هلچل پڻ زور ورتو. ان وقت قاضي ٻين هندو شاگردن ۽ ڪانگريسي ڪارڪنن جي صحبت ۾ اچي قومي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ اهڙي طرح پاڻ 11 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي قومي ڪمن ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيائون. جڏهن پاڻ ٽيون درجو پڙهندا هئا ته پاڻ کاڌي پائڻ، چرخو ڪتڻ، اَسر وقت ڦيريون ڪڍڻ ۽ قومي ترانا ڳائڻ شروع ڪين.
قاضي صاحب جن مختلف اسڪولن مان ابتدائي تعليم حاصل ڪيائون. پهريان هالاڻي ۾، بعد ۾ 1922ع ۾ خيرپور هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺا. ان بعد وري پاڻ نوشهري فيروز جي مدرسي ۾ داخل ٿيا. جتان ئي سندن سياسي زندگيءَ جو صحيح معنيٰ ۾ آغاز ٿيو ۽ پاڻ 1927 کان عملي سياست جي ميدان ۾ داخل ٿيا. پاڻ ”ڪئٽ انڊيا“ (انڊيا خالي ڪريو) واري تحريڪ جي وچ وارن مرحلن ۾ ”سائمن گوبيڪ“ (سائمن ڪميشن واپس وڃ) تحريڪ ۾ حصو ورتن. (7)
1927ع ۾ انگلينڊ جي پارليامينٽ سر جان سائمن جي اڳواڻي هيٺ هڪ ڪميشن مقرر ڪري جاچ لاءِ موڪلي ته هندستان جي حڪومت جي انتظام ۾ ڪهڙي بدل سدل ڪجي، جو اتان اڀرندڙ آزادي جون تحريڪون ڪجهه وقت لاءِ ٿڌيون ٿي وڃن ۽ ”انڊيا خالي ڪريو“ هلچل دٻجي وڃي. (8) جڏهن هيءَ ڪميشن ڪراچي ۾ آئي ته هتان جي عوام سندن اڳيان سنڌ جي بمبئي سرڪار کان علحدگي جو مطالبو رکيو ته هن ان تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ۽ هتان جي عوام جي ان گُهر کي ٺڪرائي ڇڏيو. ان لاءِ ملڪ جي ٻين حصن وانگر سنڌ جي سامراج دشمن ترقي پسند سنڌين پروگرام رٿيو ته ”سائمن ڪميشن“ جي ميمبرن جي اچڻ تي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا وڃن. ۽ اها ڳالهه سندن ذهنن تي آندي وڃي ته بر صغير جو عوام آئيني سڌارا يا آزاديءَ جي هلچل کي نقصان رسائيندڙ ٻيا سڌارا برطانوي سامراج جي غلامي هيٺ رهي وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. ان ڪري سائمن ڪميشن جا سڌارا اسان کي منظور ناهن. عوامي ردعمل ڪري سائمن ڪميشن ناڪامي جو منهن ڏسي واپس ٿي وئي.
ان وقت قاضي صاحب جن نوشهري ۾ پڙهندا هئا. پاڻ سنڌ جي قومي اڳواڻن جي فيصلي کي اثرائتي موٽ ڏيندي، پنهنجي هم عمر ساٿين کي ان ڳالهه تي متفق ڪيو. پنهنجي اسڪول ۾ تقريرون ڪري، هٿ لکيل پمفليٽ ورهائي، بينر لڳائي ڪافي دوست تيار ڪري پنهنجي اڳواڻيءَ هيٺ وٺي وڃي، پڊعيدن اسٽيشن تي نڪتا. جتان سائمن ڪميشن جا ميمبر ريل گاڏيءَ رستي اڳتي لنگهي رهيا هئا. پاڻ مڙني ساٿين سان گاڏي اچڻ وقت ”سائمن گو بيڪ“ جا نعرا هڻايا، (9) ۽ ميمبرن جو ڪارين جهنڊين سان استقبال ڪيو.
قاضي صاحب کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس نوشهري اسڪول ۾ آئي ۽ استاد عثمان علي انصاري سان ملي ته هو قاضي صاحب جي ٻانهن ڏئي. پر هڪ شفيق استاد نه گهريو ته ائين سندن موجودگي ۾ هڪ ننڍي نيٽي نينگر کي گورن جا دلال پوليس وارا کنڀي کڻي وڃن. سو هن قاضي فيض محمد کي ڪنهن طريقي سان اسڪول جي حدن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. (10) پوليس سڄو اسڪول ڳولي ناڪام ٿي واپس هلي وئي.
قاضي صاحب جن 1929ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ساماري ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. پر کين سرڪاري نوڪري ڀانءِ ڪانه پئي، سو پاڻ ماءُ جي مدد سان علي ڳڙهه ۾ داخلا ورتن. جيڪا ان وقت برصغير جي سياست جو اڏو بڻيل هئي ۽ مختلف قومي اڳواڻن جو آمجگاهه پڻ هيو. علي ڳڙهه ۾ رهڻ ڪري پاڻ ڪافي ڪجهه پراين ۽ سندن ذهني سوچ ۽ فڪر ۾ وڌيڪ پختگي پيدا ٿي. پاڻ علي ڳڙهه ۾ 2 سال رهڻ بعد اتان واپس اچي ڪراچي انجنيئرنگ ڪاليج ۾داخلا ورتن، ان بعد اتان ڇڏي سائنس ڪاليج ۾ داخلا ورتن. ڪراچي ۾ پڙهائي واري عرصي دوران سندن ملاقاتون پنڊت نهرو، مولانا ابوالڪلام آزاد، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٻين سان ٿيون. ڪراچي ۾ جڏهن اهڙن رهنمائن جو اچڻ ٿيندو هو ته پاڻ دوري دوران قاضي صاحب کي گڏ کڻندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ سباش چندر بوس جي جلسن ۾ وڃڻ ۽ سندن پُراثر تقريرون ٻڌڻ جو موقعو ملين. پاڻ سباش بوس کان گهڻو متاثر ٿيا ۽ سندن جلسن ۾ وڃي، اتي پوليس جا ڏنڊا ۽ مارون پڻ کاڌن. (11)
پاڻ ننڍي هوندي کان ئي وطن دوست ۽ پورهيت دوست هوندا هئا. جتي به وطن ۽ ان جي ڏتڙيل عوام جي آزاديءَ جي چڻنگ دکندي ڏسندا هئا، اتي پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا هئا. سندن شاگرديءَ واري دور ۾ شهيد الهه بخش سومري، مذهبي قومي نظريي جي مخالفت ڪندي، قومن جي لساني ۽ جاگرافيائي خطن جي بنياد تي آزاديءَ جو نعرو بلند ڪيو ۽ سنڌ کي مڪمل قومي خودمختياري وٺي ڏيڻ لاءِ ميدان هموار ڪرڻ لڳو، ته قاضي صاحب جن کانئن ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ الهه بخش جا حمايتي بنجي پيا. الهه بخش شهيد، مسلم ليگ کي انگريزن جي ڪٺپتلي جماعت ڪوٺيندو هو. جنهن طرفان مليل مذهبي بنيادن تي آزادي کي پاڻ حقيقي آزادي ڪونه سمجهندو هو ۽ ان جي شديد مخالفت ڪرڻ لڳو. سال 36-1935ع ڌاري ”خالق ڏني هال“ ۾ شهيد الهه بخش جي حمايت ۾ هڪ جلسو ٿيو. جنهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي پڻ شريڪ ٿيو. قاضي فيض محمد ۽ محترم جي ايم سيد ان جلسي ۾ وڏي شد مد سان بهرو وٺڻ لڳا. جلسي جي انتظام ڪندڙن، قاضي فيض محمد کي علامه آءِ آءِ قاضي جي ڪرسي پويان محافظ ڪري بيهاريو. ڇو جو حڪومت جي ڪارندن ۽ مسلم ليگي غنڊن جي حملي جو خطرو هيو. نيٺ اهو ئي ٿيو، جنهن جو شڪ هيو. جلسي هلندي حڪومت جي ڪارندن ۽ مسلم ليگين جلسي ۾ مداخلت ڪري، ان کي درهم برهم ڪيو ۽ ماڻهن کي مارڪٽ ڪرڻ لڳا. قاضي فيض محمد ۽ ٻين محافظن کي غنڊن مارڪٽ ڪري ڌڪي، جلسي گاهه کان ٻاهر ڦٽو ڪيو. (12) جنهن ڪري کين جسم تي اونها زخم رسيا ۽ پاڻ رت ۾ رڱجي ويا.
قاضي صاحب 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان بي ايس سي (B.Sc) جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ بي. ايس. سي ڪرڻ بعد مختلف نوڪرين ڪرڻ ۾ لڳي ويا، 1933ع کان 1940ع تائين تعليم کاتي ۾ ملازم رهيا. ان بعد 1940ع ۾ بمبئي يونيورسٽي منجهان ايل ايل بي (L.L.B) جي ڊگري ورتن ۽ 1941ع کان باقاعدي وڪالت شروع ڪيائون. اهڙي طرح قاضي صاحب سنڌ هاءِ ڪورٽ جا مرڻ گهڙي تائين سينئر وڪيل رهيا.