تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)

ڪتاب ”پرهه جو پيغمبر“ سنڌ جي قومپرست سياست جي امين، ليکڪ، اديب ۽ عالم سائين جي ايم سيد جي يادگار تقريرن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب مسيح ڪالاڻي آهي.
سائين جي ايم سيد جون هي 16 تقريرون اڳ ۾ مختلف رسالن، اخبارن توڙي ڪتابن ۾ ٽـڙيل پکڙيل هيون، جن کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻي ڇپائڻ لاءِ جيڪا محنت ۽ جاکوڙ مسيح ڪالاڻيءَ ڪئي آهي، ان لاءِ کيس داد ئي ڏئي سگهجي ٿو. هي تقريرون 1943ع کان 1995ع تائين سائين جي ايم سيد جي سياسي بصيرت ۽ ڏاهپ جو عڪس پيش ڪن ٿيون ته گڏوگڏ هڪ تاريخي رڪارڊ پڻ آهي. جيڪو ايندڙ نسل لاءِ رهنمائي ۽ معلومات لاءِ دروازا پڻ کوليندو رهندو.
  • 4.5/5.0
  • 5761
  • 2464
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)

روشن مستقبل جي تلاش

قائداعظم: خواتين و معزز حضرات!
آءٌ آل انڊيا مسلم ليگ جي 31- اجلاس جي استقباليه ڪاميٽيءَ طرفان واديءَ سنڌ ۾ آيل حضرات جي خوش آمديد ۽ مرحبا ٿو ڪريان.. واديءَ سنڌ مان منهنجي مراد براعظم ايشيا جي سنڌو درياءَ ۽ انهيءَ جي متعلق ندين تي مشتمل ملڪ آهي.
گهڻي زماني کان ٻاهر وارن ماڻهن سنڌ ۽ هند کي علحده پئي شمار ڪيو آهي. سنڌ ۾ ڪشمير، سرحدي پرڳڻو، پنجاب، بلوچستان ۽ موجوده صوبه سنڌ شمار ڪيا ويندا هئا. پر جيئن وقت گذرندو ويو تيئن اهو نالو آهستي آهستي ٿي وڃي انهيءَ ٽڪري زمين تي پيو جو سنڌو درياءَ جي پڇڙيءَ مان سيراب ٿئي ٿو.
دوستو! فطرت هن زمين جو ماضي نهايت شاندار ڪيو هو ۽ اسان کي اميد آهي ته ان جو مستقبل به اهڙو ئي روشن ٿيندو. ڪيترين ڳالهين ڪري هن زمين جي تاريخ بي نظير پئي رهي آهي. اها قديم تهذيبن جو آشيانو هئي، جنهن جي ثابتي موهن جي دڙي ۽ ٽيڪسيلا جي آثار قديمه مان ملي سگهي ٿي. هي ئي سر زمين آهي، جتي دنيا جا ڪيئي نسل گڏجي، ملي جلي ويا. دراوڙ، آريا، سامي، منگول نسلن جا نشان هتي آسانيءَ سان ڳولي سگهبا. نه صرف نسلن جو ميل جول هن زمين ۾ ٿيو ليڪن مختلف مذهبن ۽ انهن جي فلاسافين جو هڪ ٻئي تي اثر ۽ ميلاپ پڻ هتي جهڙو ٻيءَ جاءِ تي ڇٽو ٿيو. ٻڌ ڌرم جيتوڻيڪ وچ هندستان ۾ پيدا ٿيو ليڪن اهو وڌيو ويجهيو هن سر زمين ۾. هتي جي رهاڪن مهاتما گوتم جو نفيءَ وارو سبق اڃا نه وساريو آهي. جڏهن اسلام هن سر زمين تي پير پاتو ته ٻڌ ڌرم اڃا مروج هو. اسلام فقط اڳينءَ تعليم ۾ اثبات جو اضافو ڪيو. ويدانيت ۽ وحدانيت جا فلسفا ۽ متا هتي ئي هڪٻئي تي اثر انداز ٿيا. هڪ طرف وحدانيت هندو يوگيءَ تي اثر وڌو ۽ بت پرستي کي گهٽايو ته ٻئي طرف مسلم درويشن سنياس مان سبق ورتا ۽ راڳ کي تصوف جو جزو بنايو.
هندو مسلم عقيدا باهمي سمجهه ۽ رواداريءَ سان هڪ ٻئي جي نزديڪ اچڻ لڳا. گرونانڪ جي سکيا انهيءَ ميل جول جي نچوڙ جو مکيه مثال ۽ نتيجو آهي.
مسلم صوفين هن ملڪ ۾ شاهه عبداللطيف جي سرڪردگيءَ هيٺ مذهبن جي بنيادي اتحاد جو پرچار ڪري مختلف مذهبن جي پوئلڳن ۾ محبت ۽ رواداري پيدا ڪئي. جنهن جو عملي ثبوت هتي جي هندو مسلم رهاڪن جي باهمي خوشگوار تعلقات مان ملي سگهندو. هندستان جي ٻين حصن وانگر ڇوت ڇات جو مرض ڳوليو به نه لڀندو.
قدرت هن ملڪ کي واپار جي ذريعي، جنهن جو مرڪز سامونڊي رستي ديبل جو بندر هو ۽ خشڪيءَ جي رستي بخارا ۽ سمرقند هو، دنيا جي گهڻي حصي سان ڳنڍي ڇڏيو هو. جنهن ڪري واپار سان گڏ مختلف ملڪن جون تهذيبون هڪ ٻين تي هن ملڪ ۾ اثر انداز ٿيون.
هن ملڪ جي زرخيزيءَ گهڻن ئي نسلن کي هتي لڏي اچڻ لاءِ ترغيب ڏني جن اچي ان کي پنهنجو وطن بنايو. ان بابت آثار قديم ۽ تاريخي ڪتاب ڪافي ڪجهه معلومات ڏين ٿا.
سياسي نقطه نگاهه کان هيءَ زمين ڪيترين ئي ڌرين جي، ان تي قبضي حاصل ڪرڻ لاءِ، ميدان ڪارزار پئي رهي آهي.
هن سر زمين جي شادابيءَ جي ڪيترن ئي طاقتور قبيلن کي هن طرف اچڻ لاءِ حرصايو. پوءِ ان کي ڦري لٽي موٽي ويا ٿي ته ڪي وري اتي رهي پيا ٿي ۽ موٽي وڃڻ تي دل نه ٿين. اهڙيءَ طرح هر دور ۾ هتي نوان نسل تازي رت ۽ تازي ولولي سان آباد ٿيندا پئي رهيا آهن.
سرسري نظر وجهڻ سان هتي بابل، مصر، ايران، يونان، عرب ۽ افغانستان جا سياسي ۽ ڪلچرل اثر زياده نمايان صورت ۾ ڏسڻ ۾ ايندا.
مون هن زمين جي قديم شان شوڪت جو ذڪر صرف معزز مهمانن جي حافظي تازي ڪرڻ جي ارادي سان ڪيو آهي.ليڪن منهنجو اصل مقصد هن سر زمين جي روشن مستقبل بابت چند تجويزون پيش ڪرڻ جو آهي.
انسان ذات ابتدائي زمان کان وٺي مختلف ارتقائي دور طئه ڪندي پنهنجي آخري مقصد، انساني وحدت، خيال ۽ عمل طرف وڌي رهي آهي ۽ انهيءَ جي مختلف گروهن جي مذهبي، سياسي، اقتصادي تحريڪن ۽ ڪوششن ان منزل مقصود کي پهچڻ لاءِ جدا جدا طريقن ۽ واٽن جو ڪم پئي ڏنو آهي.
تاريخ جو هر ورق ان ارتقائي جدوجهد جي مثالن سان ڀريو پيو آهي. شروعات ۾ ماڻهو ننڍن ننڍن ڪٽنبن ۾ ورهايل هئا. ٿوري وقت گذرڻ بعد اهي ڪٽنب وڌي ويجهي، قبيلن جي صورت اختيار ڪري ويا. آخر ۾ اهي قبيلا ڦري قومون بڻيون. ماڻهن جي وچ ۾ باهمي اتفاق ۽ ميلاپ جا مختلف بنياد پئي رهيا آهن. جاءِ رهائش زبان، زندگيءَ جو طريقو ۽ خيالات انهن مان مکيه آهن.
جيئن وقت گذرندو ويو تيئن هن باهمي اتفاق ۽ ميلاپ جي پيدا ڪرڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ مادي طريقن جي بنياد جي اهميت گهٽ ٿيندي وئي ۽ مختلف نمونن ۾ باهمي اتفاق لاءِ خيالات جي بنياد جي اهميت وڌندي ويئي. سگهوئي عرب جي سر زمين مان پيدا ٿيل آواز نئين سر خيالات جي بنياد تي انساني اتحاد جي تعمير ۾ تازو روح ڦوڪيو. انهيءَ ڪري نسل، رنگ، طريقه زندگي، جاءِ رهائش، زبان وغيره پنهنجي طاقت وڃائڻ لڳا. پر جيتوڻيڪ ابتدائي جوش ۾ اهو آواز دنيا جي مختلف حصن ۾ پکيڙي اثر پذير ٿيڻ لڳو ليڪن ٿوري وقت گذرڻ بعد ماڻهو بهرحال قديم مادي طريقن ڏانهن موٽڻ لڳا.
ٻين کي ڇڏي، خود مسلمانن ۾ به ساڳين مادي تفاوتن ويڇو وجهڻ شروع ڪيو. وقت بوقت مسلمانن ۾ انهيءَ سلسلي جي وساريل سبق کي وري ياد ڏيارڻ لاءِ ڪيئي بزرگ پيدا ٿيا. جن مان آخري دور ۾ شاهه ولي الله دهلوي ۽ جمال الدين افغانيءَ جا نالا مکيه آهن.
اڄ ڪلهه ڊاڪٽر محمد اقبال وري انهيءَ ساڳئي آواز کي نئين صورت ۾ پيش ڪري مسلمانن ۾ نئون جذبو پيدا ڪيو آهي.
ٻئي طرف مغربي ملڪ به مادي بنياد پيدا ڪيل نيشنلزم جي باهمي جنگ و جدال مان ڪڪ ٿي، امن عالم قائم ڪرڻ جي خيال کان ڪنهن بين الاقوامي جوڙ جڪ جي ڳولا ۾ آهن. جنهن جومدار مادي طريقي اتفاق کان مٿي چڙهي ڪن نظرياتي طريقن تي منحصر هجي.
”آئيڊيالاجيز“ يعني ”نظريات“ اڄ ڪلهه چؤطرف فيشن بڻيا وڃن پر اهي نظريا اهڙا ناقص آهن جو اهي امن آڻڻ جي عيوض مورڳو زياده فساد جا ڪارڻ بڻجي پيا آهن. جزوي حل، جدا جدا نالن ۾، عارضي عرصي لاءِ مشتعل رهڻ کان پوءِ تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پرکجڻ بعد ازخود بيڪار بنجيو پون. جيتوڻيڪ عالمگير برادري ۽ اتحاد جي ابتدا شروع ٿي چڪي آهي. ليڪن جيستائين مختلف سياسي، اقتصادي ۽ مذهبي نظرين جي اختلاف مٽائڻ لاءِ حل ڳولي نه لڌو ويو آهي. دنيا ۾ دائمي امن ۽ ماڻهن ۾ حقيقي اتحاد قائم ٿيڻ مشڪل پيو نظر اچي. انهيءَ حل ڳولي لهڻ لاءِ خاص ماحول ۽ تاريخي روايتن هيٺ ذهني تربيت جي حاصلات هڪ لازمي شرط آهي.
انهيءَ مشن جي سر انجاميءَ لاءِ سنڌو ديش جا رهاڪو زياده موزون آهن. قديم تاريخ جا دفتر ان جا گواهه آهن ته ڪيئن نه هتي مختلف نسل، تهذيبون، مذهبي فلسفا ۽ سياسي طريقا ملي جلي يڪ رنگي اختيار ڪري سگهيا آهن.
دنيا جي نئين تعمير لاءِ جنهن ۾ مشرق ۽ مغرب جا ويڇا مٽجي، هڪ وحدت ۾ گڏجڻا آهن، سر زمين سنڌ کي خاص پروگرام پيش ڪرڻو آهي. مون کي هن انڌوڪار جي زماني ۾ به ڪي روشنيءَ جا تروار نظر اچي رهيا آهن.
هن جسماني ولوڙ بعد، ذهني مکڻ هتان ئي نڪرڻو آهي. جيڪڏهن رشيا ۽ آمريڪا، باوجود مختلف سياسي ۽ اقتصادي مقصدن ۽ مرادن جي گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا ته ان ۾ ڪهڙي ڏکيائي آهي ته ملڪ خضر حيات خان ۽ چوڌهري ڇوٽورام گڏجي ڪم ڪري سگهن.
اها نهايت افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌو ديش کان ٻاهر رهندڙ ماڻهن، هندو خواهه مسلمانن جا هتي جي رهاڪن تي نفرت ۽ جدائي بابت غلط اثر پوندا وڃن. تاريخ کان غير واقف ماڻهو انهيءَ ڦندي ۾ ڦاسي پون ٿا. اڄڪلهه بنا سمجهوتي جي عارضي اتحاد پيدا ڪرڻ جي ارادي سان هندستان جي متحده قوميت جو خام آواز اٿاريو وڃي ٿو.
سنڌ جا رهاڪو نه صرف هندستان جي اتحاد جو طالبو آهن، بلڪ هو اتحاد عالم ۾ اعتقاد رکندڙ آهن پر انهيءَ جي حاصل ڪرڻ لاءِ طريقا عارضي ۽ مصنوعي ڪتب آڻڻ بدران باهمي سمجهوتي تاريخي حالات ۽ ضروريات پٽاندر اختيار ڪرڻا آهن. خدا اسان کي شل سنئين راهه ڏيکاري پر جيڪڏهن سر زمين سنڌ جا رهاڪو هندستاني صوبن جي تنگ نظريءَ کان پاڻ بچائي ڪو حل ڳولي نه سگهيا ته ان جو نتيجو باهمي نفاق ۽ خطرناڪ صورتن ۾ رونما ٿيندو.
مون کي اميد آهي ته سنڌ جي رهاڪن جي ڪثرت بيدار آهي ۽ هو دنيا جي تعمير نو ۾ حصي وٺڻ خاطر انهن غلط ۽ نقصان ڪندڙ خيالن کان پاسو ڪندا.
آءٌ پنهنجي غير مسلم وطني ڀائرن کي عرض ڪندس ته اهي اسان سان ملي، سنڌو ديش کي آزاد ڪرائڻ ۾ مدد ڪن. ليڪن ڏسڻ ۾ ايئن پيو اچي ته ڪن هندو ڀائرن طرفان پٺتي پيل مسلم عوام جي ترقيءَ لاءِ هر قدم کي غلط نقطه نگاهه سان ڏسڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي ان جو مثال هن مان ملي سگهندو ته اسان مان ڪن مسلمانن کي واپار طرف گهٽ توجهه ڏيندي ڏسي ڪيترن ماڻهن کي همٿايو ته واپار ۾ دلچسپي وٺن پر پيسي جي تنگيءَ ۽ غير تجربيڪاريءَ سبب کليل مقابلي ۾ جڏهن مسلمان واپارين کي ناڪاميءَ ۽ دل شڪستگيءَ جو در ڏسڻو پيو، ته انهيءَ جي مدد ۽ همت افزائي ڪرڻ لاءِ ٻهراڙيءَ جي مسلمان کي اپيل ڪئي ويئي ته انهن نون دڪاندارن جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ هو انهن کان سودو خريد ڪن. هن سنئينءَ سڌيءَ ڳالهه کي به فرقيوار رنگ ڏيئي، اخبارن ۾ خوب ننديو ويو.
ليڪن ان سوال جو ٻيو طرف نه ڏٺو ويو ته ان مان سندن پاڙي وارن ڀائرن تي ڪهڙو اثر پوندو. ڇا متحده قوم بنجڻ لاءِ اهڙا رستا ۽ رد عمل اقليت وارن ۽ پٺتي پيل جاتين کي اڀاري يا آماده ڪري سگهندا.
اهڙين حالتن ۾ مثالن کي مد نظر رکندي سنڌ جي مسلمانن لاءِ به ٻيو ڪو چارو نٿو بچي ته مجبور ٿي هندستان جي مسلمانن جي همدردي حاصل ڪري پاڪستان جي صورت ۾ پنهنجي آزادي حاصل ڪن. اڄ هن اجلاس ۾ اسان صرف ٺهراءُ پاس ڪرڻ لاءِ ڪو نه گڏ ٿيا آهيون پر حالتن کي نظر ۾ رکي ساري هندستان جي گڏ ٿيل مسلم عيوضين کي عرض ڪنداسون ته سندن هر هڪ مرد ۽ عورت جي مدد جي ان مقصد جي حصول لاءِ اسان کي ضرورت ٿيندي.
هتي اسان جي خطي ۾ رهندڙ مسلمان واپار جي ميدان ۾ ۽ سياسي زندگيءَ ۾ ڪارڪنن جي قلت محسوس ڪن ٿا. انهيءَ واسطي اوهان جي مدد ۽ خدمت جي ضرورت ٿيندي. اڳي اوهان سيد بريلوي ۽ اسماعيل شهيد هن طرف موڪلي هتي جي ستل مسلمانن کي بيدار ڪرڻو گهريو. ڇا هاڻ اوهان اهڙا ماڻهو پيدا ڪري نٿا سگهو؟ مون کي يقين آهي ته اوهان وٽ قومي ڪارڪنن جي ڪا به ڪمي ڪا نه آهي پر اهي ملڪ ڇڏي هتي اچي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار نٿا ڏسجن.
ڏسڻ ۾ ايئن پيو اچي ته اوهان جو مستقل هن ملڪ جي ماڻهن جي مستقل سان ملڻ وارو آهي تنهنڪري هن ملڪ ۽ ماڻهن جي خدمت ۾ اوهان جو نفعو به سمايل آهي. مسلمانن کي متحد ڪرڻ لاءِ هيٺين ٽن ڳالهين جي ضرورت آهي.
مسلمانن جي منتشر ۽ غير منظم نظام کي اتحاد ۽ اتفاق جي رشتي ۾ پوئڻ.
سندن اقتصادي حالت درست ڪرڻ ۽
مستقبل لاءِ سندن سياست جو بنياد مساوات ۽ اخوت جي اصولن تي رکڻ.
پهرين خاميءَ کي دور ڪرڻ لاءِ رضاڪارن جا جٿا نڪري کين منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ٻيءَ خاميءَ جي دور ڪرڻ لاءِ هندستاني مسلمان واپاري هتي اچي واپار ڪرڻ لڳن ۽ مڪاني مسلمان واپارين جي همت افزائي ڪن.
ٽين خامي اها آهي ته مسلمانن ۾ غريب گهڻا ۽ پيسي وارا ٿورا آهن. پيسي وارا سندن غريب ڀائرن جي حالت درست ڪرڻ لاءِ ڪجهه نٿا ڪن. انهن حالتن جو فائدو وٺي ڪي هوشيار ماڻهو طبقاتي جنگ لاءِ ميدان هموار ڪري مسلم شيرازي کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا.
انهن حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهو نهايت ضروري آهي ته اسان مسلم ليگ لاءِ عوام جي غربت دور ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيون. ان مان عام مسلمانن کي محسوس ٿيندو ته آزاديءَ جي حاصلات جو مقصد عوام جي غربت دور ڪرڻ آهي ۽ نه چند جاگيردار ۽ ڪامورا ڪلاس جي حڪومت قائم ڪرڻ جو.
دوستو! تاريخي نقطه نگاهه کان هن ڪانفرنس کي وڏي اهميت حاصل آهي. مسلمانن متحد ٿيڻ شروع ڪيو آهي هاڻ اميد آهي ته هو پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي حقن جي حفاظت ڪري سگهندا.
پڇاڙيءَ ۾ آءٌ وري اوهان سڀني آيل صاحبن جي شڪر گذاري ادا ڪري عرض ڪندس ته اسان کان جيڪڏهن اوهان جي مهمانداري ۽ آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ٿي هجي ته پنهنجي ڪشاده دليءَ ۽ محبت واريءَ نظر سان انهن ڪوتاهين ۽ خامين کي در گذر ڪري معافي ڏيڻ فرمائيندا.


(هي تقرير سائين جي ايم سيد آل انڊيا مسلم ليگ جي 31 اجلاس منعقد ٿيڻ وقت 24،25،26 ڊسمبر 1943ع تي ڪراچيءَ ۾ افتتاح ڪندي ڪئي.)