سنڌي ادب ڇو ۽ ڇالاءِ؟
جڏهين به آءٌ سنڌين کي سندن زبان ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندو ڏسان ٿو ته نهايت خوش ٿو ٿيان. هر ملڪ جي رهاڪن وٽ هڪٻئي سان تعلقات قائم ڪرڻ، خيالن جي ڏي وٺ جذبن جي اظهار، گذريل واقعن جي بيان ڪرڻ وغيره واسطي هڪ عام ٻولي هوندي آهن. اها ٻولي پنهنجي ابتدائي زماني ۾ خام ۽ اڻ پوري ٿيندي آهي. ليڪن وقت گذرڻ ۽ ملڪي رهاڪن جي ترقي ڪرڻ سان انهيءَ زبان ۾ لفظن، ڪهاڻين ۽ پهاڪن وغيره جو هڪ وڏو ذخيرو ڪٺو ٿئي ٿو، جنهن جي ڪل مجموعي کي ان ٻوليءَ جو ادب يا ساهت سڏيو وڃي ٿو. ساڳئي وطن ۾ رهي هڪ زبان ڳالهائڻ ۽ هڪٻئي سان تعلقات قائم ڪرڻ وسيلي ماڻهن ۾ هڪ قسم جي هم جنسيت جو مادو پئدا ٿئي ٿو، جنهنڪري منجهن هڪ قسم جو خاص ڪلچر يا تهذيب ۽ قومي ڪردار پيدا ٿين ٿا، جن جي بنيادن تي هو قوم بنجيو پون. هر قوم جي ڪلچر يا سڀيتا جو ذخيرو سندن ادب ذريعي محفوظ ٿئي ٿو. ڪو به ماڻهن جو مجموعو زبان ۽ ڪلچر کانسواءِ قوم سڏائڻ جو لائق نٿو ٿئي. ساڳيءَ طرح ڪا به زبان ۽ ڪلچر قوم جي وجود کان عليحده رهي نٿا سگهن.
دنيا جو هر ڪم ضرور ڪنهن نه ڪنهن مقصد ۽ مراد سان ٿيندو آهي. ادب به انهي عام قانون کان جدا ٿي نٿو سگهي. جيڪڏهن اوهان سنڌي ادب کي زور وٺائڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ اوهان کي مقصد ۽ مرادون مقرر ڪرڻيون پونديون. هن ڳالهه کان انڪار ٿي نٿو سگهي ته ڪا به قوم سياسي، اقتصادي ۽ ذهني آزاديءَ کانسواءِ ترقي ڪري نٿي سگهي. ساڳي ڳالهه ادب سان به لاڳو آهي. ادب جي ترقي ۽ تنزل قومن جي قسمت سان وابسته رهي ٿو.
دنيا ”وڙهي جيئڻ“ جو ميدان آهي، جنهن ۾ صرف مضبوط ۽ صالح ماڻهو يا قومون سلامت ۽ زندهه رهن ٿيون ۽ ڪمزور ۽ غير صالح فنا ٿيو وڃن. جي قوم جو وجود سلامت آهي ته ادب به سلامت رهي سگهندو، پر جي قوم خطري ۾ آهي ته پوءِ کڻي سئو ادبي ڪانفرنسون ڪوٺائجن، مشاعرا ڪجن، ڪتاب لکجن پر ادب بچي ڪين سگهندو. حاڪم جي قلم جي هڪ نوڪ محڪوم جي سمورين ڪوششن تي پاڻي ڦيرڻ لاءِ ڪافي ٿئي ٿي.
پاڪستان هن وقت ننڍين ۽ وڏين قوميتن لاءِ پاڻ ۾ ”وڙهي جيئڻ“ جو ميدان ڪارزار بڻيل آهي. ڪي ماڻهو ان ۾ سنڌي قوم کي ختم ڪرڻ جي درپي آهن. سنڌ جي برسراقتدار طبقي جي خود مطلبي ۽ ڪمزوريءَ ڪري، هو سنڌ جي صوبائي حيثيت کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. سندن ٻيو وار سنڌ جي ڪلچر ۽ ادب تي ٿيڻ وارو آهي. آئينده سنڌي زبان ۽ ادب کي موت ۽ حياتيءَ جا مقابلا ڪرڻا پوندا. ريڊئي، سئنيما، اخبارن ۽ حڪومت جي سرپرستي کي سندن برخلاف ڪتب آندو ويندو. هن وقت نه صرف سنڌي زبان کي قومي ۽ سرڪاري زبان تان لاٿو ويو آهي ليڪن اڳتي هلي شايد ان جي ذريعي ابتدائي تعليم ڏيڻ کان به سنڌين کي محروم ڪيو وڃي.
اهڙين حالتن هيٺ سنڌي زبان ۽ ادب کي بچائڻ ڪو معمولي ڪم ڪو نه آهي. اوهان جا سياسي ”عيوضي“ سنڌ کي ڌارين جي ماتحت ٿيڻ کان بچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا. هاڻ اديبن جي آزمائش جو وقت آيو آهي. جيڪڏهن اوهان ان ڳالهه ۾ ڪامياب ٿيڻ گهرو ٿا ته اوهان کي ڪن خاص بنيادي اصولن جي آڌار تي سنڌي ادب کي تعمير ڪرڻو پوندو. منهنجي سمجهه ۾ هيٺيان ٽي نقطا انهي مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري نظر اچن ٿا.
سنڌين جي جداگانه قوميت جي بنياد تي سنڌي ادب جي تعمير ڪرڻ.
سنڌي ادب کي سنڌ جي ڪلچر ۽ زبان جو محافظ ڪري سمجهڻ، ۽
سنڌي ادب کي جذباتي ۽ مذهبي بنيادن جي عيوض عقل ۽ علم جي بنياد تي سنڌي ادب جي تعمير ڪرڻ:
[b]1. سنڌ جي جداگانه قوميت جي بنياد تي سنڌي ادب جي تعمير ڪرڻ:
[/b]سڀ کان اول اديبن کي هن مسئلي بابت پنهنجن ذهنن کي صاف ڪرڻو پوندو ته آيا سنڌ جا رهاڪو وطن، زبان، ڪلچر، قومي ڪردار ۽ اقتصادي مفاد جي بنيادن تي جدا قوم آهن يا نه؟ جي سنڌي قوم نه آهن ته پوءِ سندن جداگانه زبان ۽ ادب هئڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ان حالت ۾ ساري پاڪستان جي ملڪ جي زبان ۽ ادب کي گڏي هڪ ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ۽ سنڌين جي جدا زبان ۽ ادب کي قائم رکڻ ”قوم“ ۾ انتشار ۽ ڪمزوريءَ جو باعث شمار ڪيو ويندو. پر جي اسين سنڌين کي سندن قديم روايات، تاريخي ۽ فطري حقيقتن جي لحاظ کان وطن، زبان ڪلچر، قومي ڪردار ۽ اقتصادي مفاد جي بنيادن تي جدا قوم تسليم ڪنداسون، ته پوءِ سندن اهو بنيادي حق ٿيندو ته پنهنجي ڪلچر، زبان ۽ ادب جي حفاظت ڪن ۽ اها ڳالهه به پڌري پئي آهي ته انهن جي صحيح معنيٰ ۾ حفاظت تيستائين ٿي ڪين سگهندي، جيستائين انهيءَ قوم جي ماڻهن کي سياسي ۽ اقتصادي آزادي نصيب نه هوندي. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”وڪاڻل گهوڙن جا ملهه ڪو نه چڪائبا آهن.“ ان وانگر جا قوم پاڻ غلام هوندي سا پنهنجي ڪلچر، زبان ۽ ادب کي ڪهڙي طرح محفوظ رکي سگهندي؟ ون يونٽ ڪرڻ سان صوبي سنڌ جي جداگانه حيثيت ختم ڪري ان کي اهڙي نموني رکيو ويو آهي، جنهن ۾ هتي جا رهاڪو ڀرواري وڏي صوبي جا تابع ٿي چڪا آهن، جنهن صوبي جي رهاڪن جا مفاد اسان جي مفادن کان علحده آهن. موجوده حالت ۾ اسان ڪيڏي به ڪوشش ڪنداسون، سنڌي ڪلچر، زبان ۽ ادب کي بچائڻ مشڪل ڪم آهي. ان جي بچائڻ جو راز سنڌ کي وري جداگانه صوبي جي حيثيت ۾ آڻڻ منجهه آهي. هن وقت جنهن صورت ۾ سنڌ ديس جي ڪا جدا هستي ڪا نه آهي،ان صورت ۾ سنڌ جو ادب ڪهڙن بنيادن تي قائم ۽ سلامت رهي سگهندو، سو منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي.
ڀائرو! جيڪڏهين سنڌ جي ادب ۽ زبان کي بچائڻو آهي، ته سنڌي ادب جي مقصدن ۾ هڪ ڳالهه داخل ڪرڻ لازمي آهي ۽ اها هيءَ آهي ته عوام ۾ قومي بيداري ۽ سياسي شعور پيدا ڪري منجهن آزاديءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ ادب جو لازمي مقصد آهي. اسان جو مٿيون طبقو مردار ۽ نڪمو ٿي چڪو آهي. ڪن صاحبن ته حالتن جي بدلجڻ ڪري گهرن ۾ به سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڪن وري ٻين صوبن مان شادين ڪرڻ يا انهن کي سڱ ڏيڻ پسند ڪيو آهي، جنهن جو لازمي نتيجو اهو نڪرڻو آهي ته آهستي آهستي ٿي انهن ماڻهن جي گهرن مان به سنڌي زبان غائب ٿي ويندي. تنهن ڪري جيڪڏهن ملڪ ۾ قومي بيداري پيدا ڪرڻي آهي ته پوءَ اسان جا شعر، مضمون، افسانا ۽ ڪتاب سمورا حب الوطنيءَ ۽ قومي غيرت جي جذبي سان ڀرپور هئڻ گهرجن. هاڻ اسان جو توجهه سنڌي دب کي عشقيه مضمونن جي عيوض ان جي بلاغت ۽ وضاحب کي قومي محبت، آزاديءَ جي جذبي ۽ قوم مٿان پروانه وانگر قربانيءَ جي ڳالهين ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي. زندهه قومن جي ادب ۾ روح ۽ زندگي ٿئي ٿي. مرده ۽ پست پيل قومن جو ادب ۽ مرثيه خواني، دنيا جي فاني هجڻ، آخرت جي قصن ۽ محض درد فراق ۽ معشوق جي ساراهه سان ڀريل ٿئي ٿي.
تازو آءٌ اڀرندي بنگال مان ٿي آيو آهيان. اتي سياسي بيداري ٿيڻ ڪري ادب جي نثر ۽ نظم جو گهڻو حصو قومي محبت، آزاديءَ جي جذبي، عوام جي ڀلي، هاريءَ ۽ مزدور طبقي جي همت افزائي لاءِ صرف ڪيو وڃي ٿو. اتي معشوق جي نازن نخرن، بلبل ۽ گل، چنڊ ۽ تارن جي ساراهه وغيره جهڙا موضوع پنهنجا اثر گهڻي قدر وڃائي ويٺا آهن. ايئن پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ هڪ جوان قوم نئون پيغام ساڻ ڪري صفحي هستيءَ تي ظاهر ٿي رهي آهي. اسان کي انهيءَ مان سبق وٺڻ گهرجي. هنن جا مسئلا گهڻي قدر اسان جي مسئلن جھڙا آهن. هنن چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري نئين حڪومت طاقت ۾ آندي، ته انهي کي ڊسمس ڪري گورنري راڄ قائم ڪيو ويو ۽ ملڪي ڪارڪنن کي جيل ۾ اماڻيو ويو. جڏهين اتي جا عيوضي پاڻ ۾ لڙي، مرڪزي حڪام جي تابع ٿيا، ته کين وري طاقت ۾ آندو ويو. بنگال سان ٻولي، اقتصادي مفاد، نوڪرين وغيره ۾ ماٽيلي ماءُ وارو برتاءُ ورتو ويو آهي. پر هاڻي هو سجاڳ ٿيا آهن. گهڻو وقت هو پنهنجي قومي بي عزتي برداشت ڪري نه سگهندا. هاڻ اوهان جو وارو آهي، اسان سان ڪافي بي انصافيون ٿي چڪيون آهن.
سنڌ جي وجود کي ختم ڪيو ويو آهي. اسان جي ڪارڪنن کي جيلن ۾ ٻوساٽيو ويو آهي. سنڌي زبان کي سرڪاري زبان تسليم نه ڪيو ويو آهي. سنڌ جي نون براجن جي زمينن تي ٻاهرين جي ڪالونين بنائڻ جا سانباهه آهن. سنڌ جي تعمير جي جملي نين تجويزن کي بند ڪيو ويو آهي. نوڪرين واپار ۽ ڪارخانن ۾ سنڌين سان ماٽي جي ماءُ وارو برتاءُ اختيار ڪيو ويو آهي. اوهان جا سياسي عيوضي قومي غيرت وڃائي، طوق غلاميءَ پائڻ لاءِ رضامند ٿي چڪا آهن. هاڻ اديبن تي ڇڏيل آهي ته قوم کي خواب غفلت مان بيدار ڪري، منجهن آزاديءَ جو امر جذبو پيدا ڪري.
تازو ”مهراڻ“ رسالي ۾ ميان عبدالڪريم گدائيءَ جا چند بيت نظر مان گذريم، جي پڙهي نھات خوشي ٿيم. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هتي به شاعرن ان طرف توجهه ڏيڻ شروع ڪيو آهي. پر حقيقي خوشي تڏهن ٿينديم، جڏهين سنڌيءَ جو هر شعر ۽ هر مضمون ۽ افسانو انهيءَ جذبي سان لکيل ڏسان. هن وقت سنڌي ڪلچر ۽ زبان واقعي خطري جي گهيري هيٺ آيل آهن. انهن جي بچائڻ جو راز ان ڳالهه ۾ لڪل آهي ته اسان پنهنجي ادب کي قومي خوشناسيءَ، آزاديءَ جي جذبي فردن جي قوم لاءِ قربانيءَ، ڪلچر ۽ زبان جي حفاظت جي ذخيري سان ڀري ڇڏيون.
اسان جي سنڌي زبان ۽ ڪلچر چئن هزارن ورهين جي روايت جا حامل آهن. سنڌي زبان انڊو آرين جي نسل ۾ خاص حيثيت رکي ٿي. اها سنسڪرت جي وڏي ڀيڻ آهي. اڄ ڪي ڪم فهم ماڻهو اردوءَ جهڙي بي وطن ۽ بي قوم زبان جي ڄار ۾ ڦاسي پنهنجي زبان جي اهميت کي وساري رهيا آهن. انهيءَ مرض کان انهن کي بچائڻو پوندو. پنهنجي ماڻهن کي ”سون تي به سيڻ نه مٽڻ“ جو سبق سيکارڻو پوندو. هتي ته پتل تي سيڻ مٽجڻ جا سعيا ٿي رهيا آهن! اسان کي پنهنجي ۽ پرائي جي تميز ڌارڻي آهي ۽ ٻين جي محلن، زربفتن، ست رڇي طعامن کان پنهنجي جهوپڙين، کٿن ۽ لوين، ڏٿ ۽ پيرن کي وڌيڪ سمجهڻ جي تعليم ڏيڻي آهي.
اها ڳالهه ڪنهن کان مخفي نه آهي ته ڪي ماڻهو سنڌي زبان کي ختم ڪري، ان جي جاءِ تي اردو زبان کي رائج ڪرڻ گهرن ٿا. اهي هينئر سنڌي زبان ۽ ڪلچر تي مسخريون ڪري رهيا آهن. ڪي ته منجهائن ايتري قدر جوش ۾ اچي وڃن ٿا ۽ ظاهر ظهور چيو ڏين ته ”خود پاڪستان به انهيءَ مقصد خاطر ٺاهيو هو؛ جي اهو مقصد حاصل نه ٿيو ته پو پاڪستان ڪهڙي ڪم جو ٿيندو؟ تنهنڪري اردو سنڌي جي پهاج بنجي چڪي آهي. سنڌي ۾ مثل مشهور آهي ”ٻن ترارين جاءِ ڪانهي هڪ مياڻ ۾“ ٻنهي ٻولين جي محبت هڪ دل ۾ رکڻ بيڪار آهي. اسان کي سنڌيءَ جي زور وٺائڻ جو قطعي فيصلو ڪرڻو پوندو. ڪتابن جي زخيري، شعر اخبار، سئنيما ۽ راڳ جي جملي ذريعن کي ان جي زور وٺائڻ لاءِ ڪتب آڻڻو آهي. سنڌي زبان کي قومي ۽ سرڪاري زبان جي درجي تي آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي.
ڀارت ۾ لڏي ويل هندن جي سنڌيءَ لاءِ جدوجهد مان اسان کي سبق وٺڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي گذشته تاريخ مان به سبق وٺڻ گهرجي. هڪ وقت جڏهن ملن ۽ مولوين مذهب کي تنگ دائري ۾ آڻي ڇڏيو هو، ته سوين صوفي ۽ شاعر نڪري نروار ٿيا، جن هزارها ڪلام مذهبي تنگ دليءَ جي بر خلاف چيا، ۽ هر هنڌ راڳ جي مجلس ۾ انهن ڪلامن کي ڳارايو ويو. سوين سيلاني فقير ۽ راڳيندڙ پيدا ڪيا ويا، جن گهٽين، بازارين ۽ مجلسن ۾ انهن کي ڳائي، سندن تعليم جو پرچار ڪيو. اسان کي به نئين قسم جا شعر مجلسن ۾ ڳائڻ لاءِ فقيرن ۽ راڳيندڙن کي سيکارڻ گهرجن. سنڌي فلم ۽ رڪارڊ وغيره ڏسڻ ۽ ٻڌڻ گهرجن. سنڌي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن کي زياده پڙهجي. جيستائين اسين اهو جذبو نه رکنداسون، ان وقت تائين نه اسان جي اديبن جو قدر ٿيندو، نه راڳيندڙن جي همت افزائي ٿيندي، نه قومي غيرت ئي اسان جي دلين ۾ پختي ٿيندي.
اڄڪلهه پاڪستان ۾ قوميت جي ٽن نظرين ۾ ويساهه رکندڙ ماڻهو موجود آهن. هڪ نظرئي وارا پاڪستان جي جملي مسلمانن کي اعتقاد جي بنياد تي جدا قوم ٿا مڃين. ٻيا وري اهي آهن، جي پاڪستان جي جملي رهاڪن کي بنا تميز مذهب جي هڪ يڪي پاڪستاني قوم مڃڻ جا حامي آهن. ٽيان وري اهي آهن، جي وطن، قوم، ڪلچر، قومي ڪردار ۽ اقتصادي مفاد جي بنيادن تي پاڪستان کي بنگالي، سنڌي، پنجابي ۽ بلوچ ۽ پختون قومن جا وطن ٿا سمجهن. انهن ٽنهي نظرين ۾ اعتماد رکندڙ حضرات کي پنهنجا جدا فلسفا، دليل ۽ رايا آهن ۽ منجهائن هر هڪ پنهنجي پنهنجي نظرئي جي ثبوت ۾ ڪافي ڪتاب لکي، ادب کي خاص رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان جي اديبن ۽ عالمن کي به انهن ڳالهين بنسبت پنهنجن ذهنن کي صاف ڪرڻو پوندو. جماعت اسلامي، اسلامي ليگ، علامه اقبال ۽ ڪيترن پنجاب ۽ يوپيءَ جي حضرات جي ڪتابن ۽ مضمونن جي سموري ڪوشش ادب کي پهرئين نظرئي جي رنگ ۾ رڱڻ طرف رڌل آهي: ”اسلام“، ”پاڪستان“ ۽ ”مسلمان قوم“ جي حربن کي هو پنهنجي جدوجهد ۾ استعمال ڪن ٿا. سنڌي قوم، ان جي ڪلچر، زبان ۽ ادب جا سوال ساڳئي وقت مٿئين قسم جي تعليم سان گڏ هلي ڪو نه سگهندا. جيڪڏهن پاڪستان جي مسلمانن کي هڪ قوم ڪري قبول ڪبو، ته پوءِ انهن جو ڪلچر، زبان ۽ ادب به هڪ ئي ڪرڻو پوندو. جي سنڌي ڪلچر، زبان ۽ ادب کي بچائڻو آهي ته سنڌين جي جداگانه قوميت جي اصول کي مڃڻو ئي پوندو.
مٿي ذڪر ڪيل جماعتن جا حضرات جي تعليم، سنڌي قوميت جي منافي آهي. تنهنڪري جيڪي ماڻهو سنڌ جا خيرخواهه ٿيڻ گهرجن ٿا، تن کي اهڙين جماعتن ۽ حضرات جي جذباتي ڳالهين جي ڌوڪي کان خبردار رهڻو پوندو. سنڌين کي اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ گهڻو ڌوڪو ڏنو ويو آهي. ان ڪري سنڌي ادب کي وطن جي محبت ۽ ماروئڙن جي سڪ سان ڀرپور ڪرڻو پوندو. ان کي اهڙيءَ هر ڳالهه کان پاسي رکڻو پوندو، جا اسان کي سنڌ جي محبت کان دور ڪري.
سنڌي شعر تي تصوف، درد، فراق، مرثيه خواني، گل ۽ بلبل جهڙا موضوع ۽ طرز بيان گهڻو حاوي آهن. انهيءَ ڪري ماڻهن ۾ ڪمزوري، بزدلي، گوشه نشيني، عياشي تقليد ۽ نقاليءَ جون عادتون پيدا ٿين ٿيون. هاڻ وقت آيو آهي ته ماڻهن کي بهادريءَ، سرفروشيءَ،آزاديءَ جذبي، قربانيءَ ۽ قومي غيرت جي تعليم ڏني وڃي. ان ڪري سنڌي ادب کي انهيءَ رنگ ۾ رڱڻو آهي.
منهنجي دعا آهي ته اوهان اديب ۽ شاعر اسان جي يعني سنڌ جي مستقبل کي درست ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو!
انهن لفظن سان هن ڪانفرنس جو افتتاح ٿو ڪريان.
(هي تقرير سائين جي ايم سيد 28 جنوري 1956ع ۾ ميرپور بٺورو ۾ ادبي ڪانفرنس جو افتتاح ڪندي ڪئي)