تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)

ڪتاب ”پرهه جو پيغمبر“ سنڌ جي قومپرست سياست جي امين، ليکڪ، اديب ۽ عالم سائين جي ايم سيد جي يادگار تقريرن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب مسيح ڪالاڻي آهي.
سائين جي ايم سيد جون هي 16 تقريرون اڳ ۾ مختلف رسالن، اخبارن توڙي ڪتابن ۾ ٽـڙيل پکڙيل هيون، جن کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻي ڇپائڻ لاءِ جيڪا محنت ۽ جاکوڙ مسيح ڪالاڻيءَ ڪئي آهي، ان لاءِ کيس داد ئي ڏئي سگهجي ٿو. هي تقريرون 1943ع کان 1995ع تائين سائين جي ايم سيد جي سياسي بصيرت ۽ ڏاهپ جو عڪس پيش ڪن ٿيون ته گڏوگڏ هڪ تاريخي رڪارڊ پڻ آهي. جيڪو ايندڙ نسل لاءِ رهنمائي ۽ معلومات لاءِ دروازا پڻ کوليندو رهندو.
  • 4.5/5.0
  • 5761
  • 2464
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پرهه جو پيغمبر (جي ايم سيد جون يادگار تقريرون)

ڀٽ شاهه: سنڌي ثقافت جو مرڪز

دوستو!
مون کي هيءَ ڳالهه معلوم ڪري نهايت خوشي حاصل ٿي آهي، ته سنڌ جي موجوده وزارت هتي ڀٽ شاهه جي ڳوٺ ۾ شاهه عبداللطيف جي اعزاز ۾ ”ثقافت جو مرڪز“ کولڻ جو ارادو ڪيو آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ان مرڪز کي مدراس جي ٿياسافيڪل مرڪز، اديار، يا ڪلڪتي جي ڀر واري ڊاڪٽر ٽئگور جي مرڪز، شانتي نيڪيتن، وانگر اعليٰ نموني جو ادارو بنائڻ جو ارادو رکن ٿا.
آءٌ حزب مخالف جو رڪن آهيان، جن جو مقصد هميشه حڪومت جي عيبن جي اپٽار ڪرڻ، ملڪ جي اهنجن ۽ ايذاون کي اسيمبليءَ جي ايوان ۾ پيش ڪرڻ، ۽ رشوت خورن، خود مطلبن، بلئڪ مارڪيٽرن جي اوگهڙ ڪرڻ رهندو آهي. هنن جو ڪم وزارت جي تعريف ڪرڻ ۽ ساراهه جا ڍڪ ڀرڻ نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪم لاءِ وزيرن وٽ ثناگوين جي ڪا کوٽي ڪا نه رهندي آهي. ليڪن هيءُ هڪڙو اهڙو چڱو ڪم هو ڪن ٿا، جو جيڪڏهن ان جي ساراهه نه ڪري سندن همت افزائي نه ڪبي، ته ان کي خود حزب مخالف جي بدديانتيءَ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. هن وقت هر ڪنهن کي معلوم آهي ته ٻين ملڪن مان لکها ماڻهن جي اچڻ ڪري، جن جي زبان، تهذيب، لباس وغيره اسان کان جداگانه آهي ۽ ان کان علاوه ڪيترن ٻين سببن ڪري اسان جي سنڌي زبان، تهذيب، روايات ۽ ٻين ثقافتي ڳالهين کي نقصان پهچڻ جو خطرو محسوس ٿي رهيو آهي. اهڙي نازڪ موقعي تي حڪومت جو سجاڳ ٿي ههڙو اهم قدم کڻڻ کين بيشڪ مبارڪ جو مستحق بنائي ٿو. آءٌ مسٽر عبدالستار پيرزادي، وزيراعظم سنڌ، کي ان نيڪ ڪم لاءِ سنڌين طرفان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
ان بعد ان مرڪز جي ٺاهڻ بنسبت جيڪي تجويزون منهنجي خيال ۾ آيون آهن، سي هن مجلس اڳيان مناسب ويچار لاءِ پيش ڪريان ٿو. هن مرڪز لاءِ انهن تجويزن کي ٽن ڀاڱن ۾ روهائي پيش ڪندس.
هن سنڌي ثقافت جي مرڪز جا غرض ۽ مقصد
انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جا طريقا
هن مرڪز جي اسڪيم جو تعميري پروگرام

[b](1) سنڌي ثقافتي مرڪز جا غرض ۽ مقصد:
[/b]سمجهدار ماڻهن جو اهو دستور هوندو آهي ته هر نئين تجويز جي رٿڻ ۽ بنائڻ کان اڳ انهيءَ بنسبت واضح مقصد سامهون رکي پوءِ ان کي شروع ڪرڻ جو ارادو ڪندا آهن. ڪا به تجويز ڪيڏي به خرچ ۽ محنت سان تيار ڪجي، پر جيسيتائين ان جا مقصد صحيح ۽ سالم نه هوندا آهن، ته ان مان ڪنهن خاص فائدي حاصل ڪرڻ جي اميد نٿي اڀري سگهي. ان لاءِ اهو نهايت ضروري آهي ته هن مرڪز جي بنائڻ کان پهرين ان جي مقصدن کي ذهن ۾ رکيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ آءٌ پنهنجا خيال هن مجلس جي سامهون پيش ڪريان ٿو، جن مان ممڪن آهي ته مقصدن جي مقرريءَ ۾ اهي ڪجهه مدد ڏيئي سگهن.
پهرين خود ”سنڌي ثقافت“ لفظ جي تشريح ڪرڻ ضروري ڳالهه آهي. ثقافت لفظ جي وسعت ۾ انساني زندگيءَ جي اندروني خواه ظاهري آراستگي ۽ صلاح جملي اچي وڃي ٿي. ثقافت در حقيقت علم، مذهب ۽ اخلاق محسنه جو نچوڙ آهي. پيدائش ڪائنات جا راز معلوم ڪرڻ، فطرت جي هر شيءَ ۾ حسن پرکڻ، ڪثرت ۾ وحدت کي ڏسڻ، محبت ۽ عشق کي مذهب جو جوهر سمجهڻ، حق جي ڳولا ۾ زندگي صرف ڪرڻ، دائمي خوشيءَ جي ذريعن ۽ وسيلن جي سڃاڻپ ۽ حاصلات، ملڪ کي آراسته ڪري بهشت وانگر بنائڻ- اهي سڀ ڳالهيون ثقافت ۾ سمائجي وڃن ٿيون. ادب، فلسفو، نفسيات، سائنس، شعر، مصوري، موسيقي، رقص، ڊراما سڀ ثقافت جا جزا آهن. ثقافت هڪ اڻ کٽ اظهار خيال ۽ خواهش ڪمال جو نالو آهي، جنهن لاءِ شاهه صاحب فرمائي ٿو.
ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ مِلان هوت،
من اندر جي لوچ، مڇڻ ملڻ سين ماٺي ٿئي.
جهڙي طرح سج جي روشني جملي انسان ۽ حيوان ذات کي فائدو پهچائي ٿي، اهڙيءَ طرح ثقافت به جملي انسان ذات جي اندروني خواه ظاهري اصلاح ۽ آراستگيءَ لاءِ ڪارآمد آهي. ليڪن جيئن ساري انسان ذات، شناخت ۽ نظام خاطر، فردن ۽ قومن ۾ ورهايل آهي، اهڙيءَ طرح تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت ڏئي ٿي ته هر ملڪ جي رهاڪن وٽ هزارين ورهين جي تجربي ۽ معلومات بعد ثقافتي ورثا ڪٺا ٿين ٿا، جن کي هو پنهنجو قيمتي ذخيرو سمجهي، محفوظ رکندا آهن ۽ انهن کي هو پنهنجي ترقيءَ جي رستي ۾ مشعل راهه ڪري منزل مقصود کي پهچڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهيءَ نقطي نگاهه کان سنڌي ثقافت به هڪ مستقل جداگانه هستي رکي ٿي.
انهيءَ ثقافت جي ٺاهڻ ۾ گذريل چئن هزارن ورهين کان وٺي سنڌ جي ڪروڙها رهاڪن حصو ورتو آهي. هينئر اسان وٽ اها صدين جو ورثو ۽ امانت آهي. جنهن ۾ سسسئيءَ جهڙين سلڇڻين پنهنجي پنهل لاءِ جهنگ ۽ جبل جهاڳيا هوندا، مومل جهڙين گجرين پنهنجي راڻن لاءِ رات وهائي ڏينهن ڪيا هوندا، مارئيءَ جهڙين محب وطن عورتن پنهنجن پکن ۾ وڃي محلن جي مر لاهڻ لاءِ روڄ ۽ رياض ڪيا هوندا ۽ سهڻيءَ جهڙين سرويچين پنهنجن ميهارن لاءِ ڪاريءَ رات ڪن گهڙيا هوندا ۽ ڪيترن عالمن، صوفين، نقاشن، ڳائيندڙن، پهلوائن وغيره جو حصو آهي. پر ان جو تاج تحقيق اسان جي شاهه لطيف جي سر تي ٿو سونهي، جنهن انهن سنڌ جي قديم قصن ۽ ڪهاڻين کي گڏ ڪري سنڌ جي روايات ۽ تهذيب کي زندهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ملڪ جي ڪنهن به گوشي کي نه وساريو آهي. جيڪڏهن هڪ طرف سندس نظر جهونا ڳڙهه ۾ راءِ ڏياچ جي سرويچيءَ تي پيئي، ته ٻئي پاسي اتر سنڌ جي سهڻيءَ ميهار کي به وساريو اٿس؛ جيسلمير طرف کان مومل ۽ راڻي جو قصو چونڊيو اٿس، ته اولهه طرف مڪران جي پنهل کي ياد فرمايو اٿس، سنڌ جي ڍنڍن ۽ ڍورن، درياءَ ۽ سمنڊ، ٿر ۽ بر، جهنگ ۽ جبل، ڪونجن ۽ ڪانگن، پهن ۽ مينهن سڀ جي تصوير چٽي اٿس. انهن سڀني ملڪ جي ڀاڱن ۽ شين کي سنڌ جي سوکڙي سمجهي، وڏي فخر سان وڏيءَ محبت سان انهن جو ذڪر ڪيو اٿس، ۽ پوءِ ديس کي دعا ڪري چوي ٿو ته:
سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
انهيءَ وطن جي حب ۽ اڪير کي ايمان جو جزو سمجهي، ان جا گيت ڳايا اٿس.
”سندي جا ساڻيهه، کهه کٿوري ڀانيان.“
سنڌ ۾ گهڻي وقت کان هر صديءَ ۾ ڌرتيءَ جي ڌٻڻ، سنڌو نديءَ جي ڦيرين گهيرين، ٻوڏن ۽ سوڪن جي واقعات، آبپاشيءَ جي ذريعن جي پوري انتظام نه هئڻ، بارش گهٽ پوڻ ۽ اندروني ۽ بيروني ڌاڙيلن جي حملن ڪري (پوءِ اهي حاڪمن طرفان هئا يا ڊاڪن طرفان) حالتون غير تسلي بخش پئي رهيون آهن. شهري زندگي ڇٽي پئي رهي آهي. ماڻهن جي گهڻي تعداد جي زندگي بدويانه پئي رهي آهي. ان جي مقابلي ۾ دهلي، گجرات ۽ پنجاب طرف حالتون مختلف هيون. بارش گهڻي، آبادي جام ۽ خانه بدوش زندگي گهٽ هئڻ ڪري امن امان وڌيڪ هو، جنهنڪري شهري زندگي اتي زياده هئي. اتي جا رهاڪو علم ۽ آسودگيءَ ۾ سنڌين کان وڌيڪ هئا ۽ انهيءَ ڪري، هر آيل ماڻهو مشهور مثال وانگر ”ولايت جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا“ ڪجهه وڏي شيءَ شمار ٿيڻ ٿي لڳو. سنڌ جي مٿئين طبقي جي اڪثر ماڻهن، پاڻ وساري، ابن الوقتيءَ جي پاليسي اختيار پئي ڪئي آهي. انهن مان گهڻن ماڻهن کي قومي تهذيب، زبان ۽ آزاديءَ جون ڳالهيون وسري ويل هيون. پر شاهه صاحب نهايت درد دل سان اهي ڳالهيون محسوس ڪيون هيون. کيس خبر هئي ته سنڌ جا اصل رهاڪو غريب، خانه بدوش، بدويانه زندگي گذاريندڙ، دنياوي ساز ۽ سامان کان بي بهره، ۽ ٿرن، برن، جهنگن ۽ پٽن تي گذاريندڙ، سمنڊ ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي رهندڙ، پهون ۽ مينهون چاريندڙ کٿا ۽ لويون پهريندڙ، ڏٿ ۽ پيرن تي گذارو ڪندڙ هئا. ليڪن باوجود ان جي به کيس پنهنجي ان بدويانه تهذيب تي فخر هو. انهيءَ ۾ سادگي، سچائي، فطرت کي ويجهائي، محبت، سخاوت، سرويچي، حليمائي، حب الوطني، سوز ۽ گداز سڀ ڏسڻ ۾ آيا هئس. تنهنڪري پنهنجي ڪلام ۾ انهن صفتن جو چونڊي ذڪر ڪيو اٿس. هو ڌارين جي بنگلن ۽ ماڙين، عمدن طعامن، پٽيهرن، شاهي دٻدٻي ۽علم عقل ڀر هيسجي، انهن جي تابعداري ڪرڻ نٿو گهري، ۽ چئي ڏئي ٿو ته:
”جيها جي تيها، مون مارو مڃيا!“
هو انهن سنڌين کي، جي خود مطلبيءَ يا ڌارين جي رعب هيٺ اچي وڃڻ ڪري، پاڻ وساري ويهي رهن ٿا چوي ٿو ته:
”ايءَ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون تي !“
مارئيءَ جي قصي کي جهڙي طرح شاهه پيش ڪيو آهي، ان تي جيڪڏهن نظر ڪجي ته معلوم ٿيندو ته مارئي محب وطن هئي، عمر ڌاريون حڪمران هو، ۽ عمرڪوٽ کي غلاميءَ جي زندگيءَ سان مشابهت ڏني اٿس. ملير کي آزاديءَ جي دنيا ڪري سمجهيو اٿس. جڏهن پنهنجي مارن کي ڌارين جي غلاميءَ ۾ جڪڙيل ڏسي ٿو ته چوي ٿو ته:
مون جيڏيون ملير ۾، چونڊن موڪ ميها!
منهنجي آس اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي!
تنهنڪري جيڪڏهن اسان کي شاهه صاحب جي پيغام جي پوئلڳي ڪرڻي آهي، ته پوءِ هن مرڪز جا هيٺيان مقصد ٿيڻ گهرجن:
سنڌين ۾ حب الوطنيءَ جو جذبو پيدا ڪري، منجهن قومي بيداري آڻڻ.
سنڌي ادب، موسيقي، شاعريءَ ۽ ٻئي فن لطيف کي زور وٺائڻ.
سنڌي ثقافت جي معيار بلند ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش وٺڻ؛ جيئن سنڌي دنيا جي ٻين مهذب قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي بيهڻ جا لائق بنجي سگهن.
اسان سنڌي تاريخ جي نهايت نازڪ دور مان لنگهي رهيا آهيون. هن وقت سنڌي زبان، تهذيب، روايات، اقتصادي ۽ سياسي آزادي سڀ خطري ۾ آهن. گذريل ٽن هزارن ورهين جي اندر اهڙو وڏي پئماني تي خطرو سنڌي ثقافت کي ڪڏهن ڪو نه پيدا ٿيو، جهڙو اڄڪلهه پيدا ٿيو آهي. اٽڪل 12 لک کن قديم سنڌي جن ۾ ڪيترا پروفيسر، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان، ادب ۽ فن لطيف جا ماهر هئا، جن مان ڪيترن شاهه لطيف، سچل، بيدل وغيره تي بي مثل ڪتاب لکيا هئا، سي اسان کان جدا ٿي ويا آهن. انهن جي عيوض اٽڪل 15 لک ٻاهريان ماڻهو جدا گانه زبان ۽ تهذيب جا مالڪ فاتحانه انداز ۾ اچي وارد ٿيا آهن. انهن اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي، جو سنڌي زبان، تهذيب ۽ روايات جي نالي وٺڻ يا ان جي حفاظت ڪرڻ جي سعيي کي به صوبائي تعصب سڏي، ان کي سٺو نٿو وڃي. اهو دنيا جي فاتح ۽ اڳرائي ڪندڙ قومن جو دستور ٿيندو آهي ته جڏهن پٺتي پيل قومن کي غلام بنائڻو هوندو اٿن، ته پهريون وار انهن جي ثقافت تي ڪندا آهن. اهو حملو نهايت هوشياريءَ سان ڪندا آهن، جنهن ۾ طرح طرح جي نظرين جو ايجاد ڪرڻ (جي انهيءَ ملڪ جي قوميت ۽ ثقافت لاءِ نقصانڪار هوندا آهن) ۽ انهيِءَ قوم جي صاحب اقتدار طبقي کي لالچ ۽ ڊپ ڏيئي هيسائڻ، انهن جا خاص حربا هوندا آهن. اسان کي نهايت خبرداريءَ سان هن آيل سيلاب جي زد کان پاڻ کي بچائڻو آهي.
ستين ڪهڙيءَ سار، وڄ کنونديئي ويسرا،
تو جيڏا تو يار، لهرين لهوارا ڪيا.
اسان جي قومي هستي صرف پنهنجي ثقافت کي زور وٺائڻ سان ئي سلامت رهي سگهي ٿي. اسان کي سنڌ جي هر شيءَ کي ڌارين جي شين تي ترجيح ڏيارڻي پوندي. هشيار ۽ باهمت محب وطن ڪنهن به ڦندي ۾ ڦاسي، گمراهه نه ٿي سگهندو آهي. هو وطن ۽ قوم جي محبت کي ايمان جو جزو ڪري سمجهندو آهي. محبت سان رقابت لازم ملزوم شيءَ آهي. ٻين شين جي محبت هڪ وقت رکڻ دوئي آهي. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
اکڙيون پرين ري، جي ڪي ٻيو پسن،
ته ڪڍي کي ڪانگن، نيوالا نيڻ ڏيان.
وري چوي ٿو ته:
”ٻن ترارين جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾.“
شاهه صاحب چوي ٿو ته:
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين:
وري چوي ٿو ته:
ڌريائي ڌاريان، مٽ مئيءَ جا نه ٿيا!
مون کي ته سنڌي قوميت اهڙو رنڱي ڇڏيو آهي، جو ان کانسواءِ ٻئي طرف نگاهه ڪرڻ تي دل ئي نٿي ٿئي. هينئر آءٌ ان حالت تي پهتل آهيان، جو اسلام، پاڪستان، مسلماني وغيره جي سهڻن الفاظن ۽ نظرين جي نالي ۾ به مون کي پنهنجي اصليت کان ڪير جدا ڪري ڪين سگهندو. شاهه صاحب فرمائي ٿو:
الست بربڪم، جڏهين ڪن پيوم،
”قالوبليٰ“ قلب سين، تڏهين تت چيوم،
تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان.
مون کي سنڌي ثقافت جي آخري ڪاميابيءَ جو مڪمل يقين آهي. ان کي عرب، پارسي ۽ انگريز مٽائي نه سگهيا، ته هاڻي ڪيئن مٽجي سگهندي؟ آخر ان جو رنگ ڪچو نه آهي، جو ظاهري حڪومت جي ڊپ ۽ ٻاهران آيلن جي سيلاب ڪري ڦٽي وڃي. شاهه فرمائي ٿو :
رچي جي ريٽو ٿيا، ڪين اٻاٽجن اوءِ،
کنڀ نه کاري، ان کي جوهالاري هوءَ،
توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالي نه لهي.
اهڙي قسم جون مصيبتون ۽ آزمائشون اڪثر قومن مٿان اينديون آهن. پر اهي قومون اتحاد، ايمان ڪامل ۽ همت جي وسيلي حل ٿي سگهن ٿيون. اهڙين حالتن هيٺ آيل ماڻهن کي شاهه صاحب دلاسو ڏيئي چوي ٿو ته:
ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾، لوئي هڏ مَ لاهه،
ڪامڻ انهن جي ڪري جي، ايءَ آڏو ڏائي آهه،
ستي سيل نباهه، ملير ويندينءَ ماروئي.
صرف ثقافتي مرڪزي کي کولڻ ڪافي نه ٿيندو. اسان کي وڏن مقابلن سان منهن ڏيڻو پوندو. سنڌ جي گذريل ٽن هزارن ورهين جي ورثي ثقافت کي بچائڻ جو ذمو ۽ امانت اسان تي آهي. کٽون يا هارايون مهل اها اٿئون. اهي مقصد آهن، جن کي مشعل راهه بنائي هن مرڪز کي زور وٺائي سگهون ٿا.

[b](2) انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جا طريقا
[/b]هاڻ آءٌ مٿين مقصدن جي حاصل ڪرڻ جي طريقن جو مختصر ذڪر ڪندس. منهنجي نظر ۾ سنڌي ثقافت کي زندهه رکڻ ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ اسان هيٺيان ٽي طريقا استعمال ڪري سگهون ٿا.

[b](الف) علم کي زور وٺائڻ:
[/b]ڪا به قوم ترقي ڪري ڪين سگهندي ۽ نه ڪا سندن ثقافت سلامت رهي سگهندي، جيستائين انهن وٽ سندن مادري زبان ۾ دنيا جي هر علم، معلومات ۽ فن جو ذخيرو ڪتابي صورت ۾ پيدا نه ڪيو ويو آهي، جو سندن هر فرد سولائي سان پڙهي سگهي. ان واسطي ادب، تاريخ، سائنس، فلسفي وغيره علمن تي نوان يا ٻين ٻولين مان ترجما ڪري ڪتاب لکائڻا پوندا آهن، اڳوڻن قلمي ڪتابن جي اشاعت ڪرڻي پوندي آهي، ملڪ جي قديم قصن، ڪهاڻين، پهاڪن، شعر، موسيقيءَ ۽ ٻئي فن لطيف کي زندهه ڪري پنهنجي ڪتابي ذخيري کي وڌائڻو پوندو آهي، جيئن اعليٰ تعليم پنهنجي مادري زبان ۾ حاصل ڪري سگهجي.

[b](ب) موسيقي کي زور وٺائڻ:
[/b]قومي ثقافت جي زور وٺائڻ جو ٻيو ذريعو موسيقي آهي. راڳ روح جي راحت ۽ دماغي تراوت جو باعث بڻجي ٿو. ان کي اندر اجارڻ، همت ۽ قومي جذبي پيدا ڪرڻ، مرده دلين کي جيارڻ جو ذريعو بنائي سگهجي ٿو. فطرت جي هر تحريڪ ۾ تار ۽ سر سمايل آهي پاڻيءَ جي وهڪري، هوا جي جهوٽن، پکين ۽ جانورن جي ٻولين ۾ تار ۽ سر شامل آهن. در حقيقت زندگيءَ جو مدار ئي تحريڪ تي آهي ۽ تحريڪ راڳ جو جزو آهي. راڳ کي سمجهڻ ۽ زور وٺائڻ زندگي جي راز کي سمجهڻ ۽ زندهه رکڻ جي برابر آهي. موسيقي ثقافت جو روح آهي. سنڌ ساز ۽ سرود کان خالي نه پئي رهي آهي، اگرچ ڪٽر مذهبي خيالن جي ماڻهن ۽ قومي پست حاليءَ ڪري ان جي ترقيءَ جي راهه ۾ گهڻيون رڪاوٽون پئي پيون آهن. هينئر وقت آهي، جڏهين اسان موسيقيءَ کي زور وٺائي، قوم ۾ بيداري ۽ زندهه دلي جو باعث بنايون.

[b](ج) نقاشيءَ کي زور وٺائڻ:
[/b]خدا خود حسين آهي ۽ حسن کي پسند ڪري ٿو. جتي سچو نيڪ حسن آهي، اتي خدا جو نور آهي. عشق حسن کانسواءِ پيدا ٿي نه ٿو سگهي. صوفين جو چوڻ آهي ته ”عشق سمورو اسلام آهي.“ قرآن ۾ آهي ته ”اسلام دين فطرت (لا آف نيچر) آهي.“ انهيءَ اصول پٽاندر عشق قانون فطرت ٿيندو، ۽ حسن ان جو محرڪ جذبو تنهنڪري هر قوم جي مهذب ۽ زندهه دل هجڻ جو ثبوت سندس حسن پرستيءَ ۽ فطرت نگاريءَ تي مدار رکي ٿو. ثقافت ملڪ جي ترقي وٺائڻ جو ٽيون طريقو مصوري آهي. شاعر جو رتبو به ان ڪري وڌيو آهي، جو هو فطرت نگاري ڪري ٿو. انهيءَ فن لطيف جي زور وٺائڻ لاءِ ملڪ جا واڍا، رازا، معمار، نقاش، ڪمانگر، فوٽو گرافر، انجنيئر، مصور، بت تراش ۽ درزي سڀ ڪارآمد ٿي سگهن ٿا. تهذيب ۽ ثقافت انسان کي حيوان مان فرشتو بنائي ٿي. نه صرف ماڻهن کي آراسته ڪرڻ ان جي مقاصد ۾ داخل آهي ليڪن انهن جي ماحول جي آرايش به ثقافت جو جزو آهي.
ڪنهن به ملڪ جو ثقافتي مرڪز ان وقت تائين مڪمل نه ٿيندو جيستائين ان ۾ مٿي ذڪر ڪيل ٽن ڳالهين جي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪو انتظام نه ٿيل هوندو. تنهنڪري اسان جيڪڏهن سنڌ جي ثقافتي مرڪز کي واقعي ڪارآمد بنائڻ گهرون ٿا، ته پوءِ انهن ذڪر ڪيل ڳالهين جي ترقيءَ واسطي ضرور انتظام ڪرڻ گهرجي.
ان واسطي منهنجي تجويز آهي ته هن مرڪز ۾ هيٺين ادارن جو انتظام ڪرڻ گهرجي،
راڳ جي ترقي لاءِ اسڪول کولجن،
مصوري ۽ بت تراشي لاءِ اسڪول کولجن،
اديبن، شاعرن، نقاشن ۽ مصنفن جي رهائڻ لاءِ مرڪزي جڳهه ٺهرائجي، جتي هو فراغت سان ويهي علمي تحقيق ۽ ادبي ۽ فني تخليق جو ڪم ڪري سگهن.
ان کانسواءِ درگاهه تي جو هر هفتي راڳ ٿئي ٿو، ان کي ترقي ڏياري بهترين نموني تي راڳ ڪرائڻ جو انتظام ڪجي. راڳ ٿيڻ واري جڳهه تي لائوڊ اسپيڪرن جو انتظام ٿيل هجي، جيئن هرڪو سولائيءَ سان ٻڌي سگهي. اڳتي هلي ممڪن آهي ته هن هفته وار راڳ جي مجلس کي ريڊئي تان نشر ڪرائڻ جو انتظام ڪرائي سگهجي. هر ٻارهي جي ميلي جي موقعي تي اتي راڳ جي ڪانفرنس ۽ فنون لطيفه جي نمائش جو انتظام ڪجي.

[b](3) مرڪز جي اسڪيم جو تعميري پروگرام
[/b]هن وقت ڀٽ شاهه جو ڳوٺ ڦٽو ۽ زبون ٿيو پيو آهي. منجهس گندگيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن. ان کي اسان موجوده حالت ۾ رکي سنڌي تهذيب جو مرڪز ڪري نٿا سگهون. جيڪڏهن اسان ان کي واقعي صحيح طريقي تي سنڌ جو ثقافتي مرڪز بنائڻ گهرون ٿا، ته پوءِ ڳوٺ کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ان جي ازسر نو تعمير ڪرڻي پوندي. هڪڙو عام ماڻهن جي رهڻ جو حصو ڪبو ۽ ٻيو ثقافتي مرڪز جو حصو.

[b](الف) ماڻھن جي رهڻ وارو حصو:
[/b]درگاهه جي اتر ۽ اولهه طرف کي عام ماڻهن جي رهڻ لاءِ ڳوٺ واسطي مخصوص ڪجي. موجوده ڳوٺ ڊهرائي، ان کي نئين مثالي نموني تي تعمير ڪرائجي، جنهن ۾ ننڍا، هوادار، صاف ۽ پڪا گهر ٺهرايا وڃن. ڳوٺ جون گهٽيون ڪشاديون ۽ سڌيون چونڪن سان هئڻ گهرجن، جي پڪين سرن يا سيمنٽ سان ٻڌل هجن. ڳوٺ جي روشنائيءَ لاءِ بجليءَ جو انتظام ڪيو وڃي. ان ۾ تفريح گاهه، ابتدائي اسڪول، اسپتال، پاڻيءَ جي نيڪال جو انتظام ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جو سٺو بندوبست رکيل هجي. وچ ڳوٺ ۾ ننڍا دڪان ٺهرايل هجن. ازنسواءِ ميلي جي ڏينهن ۾ گهڻي تعداد ۾ ايندڙ زائرين جي رهڻ لاءِ مسواڙ تي رهڻ لاءِ بندوبست پڻ هجي. مناسب جاءِ تي سئنيما امفي ٿئٽر (ملاکڙي واسطي) ٺهرائڻ جو انتظام پڻ ڪرڻ گهرجي.

[b](ب) ثقافتي مرڪز وارو حصو:
[/b]درگاهه ۽ ان جي ڏکڻ ۽ اوڀر وارو حصو، جنهن ۾ ڪراڙ جي ڍنڍ به اچي وڃي ٿي، ثقافتي مرڪز واسطي مخصوص ڪرڻ گهرجي. درگاهه تي اندر وڃڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ جا ٻه دروازا هجن. درگاهه جي ٻاهرئين صحن واري ساري ميدان تي فرش ٻڌائڻ گهرجي. ان جي چو طرف ويهڻ لاءِ گئلريون ٺهرائڻ گهرجن. درگاهه تي هيٺان اچڻ لاءِ ٻه رستا ثقافتي مرڪز جي طرف کان هئڻ گهرجن. هڪ اوڀر طرف، ٻيو ڏکڻ طرف. هر هڪ رستي کي ٻه طرفو رستو آمدرفت لاءِ بنائڻ گهرجي. ڍنڍ ۽ درگاهه جي وچ واريون جايون ڊهرائي، انهن ۾ باغ رکائڻ گهرجي. ڪراڙ جي ڍنڍ کي ٻن حصن ۾ ورهائي، ان جي وچ م هڪ عمدو ڦوهارو رکائجي. ڍنڍ کي چو طرف پڪو ڪري عمدي نموني ٺهرائڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪنول جا گل ۽ عمده پکي هئڻ گهرجن. انهن تلاون جي چو طرف لوهه جي ڄاري پکين جي حفاظت لاءِ لڳل هجي. ڍنڍ جي اوڀر ۽ ڏکڻ طرف هڪ عمدو پارڪ ٺهرائجي. وچ ۾ هڪ عاليشان مهمانسراءِ ”داراالتهذيب“ جي نالي سان ٺهرائي وڃي، جنهن ۾ ڏهه کن روم هجن، جتي چونڊ مصنفن، شاعرن ۽ مصورن جي رهائڻ جو انتظام هجي. ان جڳهه ۾ هڪ عمدي لئبرري هئڻ گهرجي. انهن عالمن، اديبن ۽ فنڪارن جي کاڌي جو انتظام حڪومت طرفان ٿيڻ گهرجي. اتي رهڻ ۽ آسائش جو اهڙو پورو انتظام ٿيل هجي، جو جيڪڏهن ڪنهن وزير يا عملدار کي رپورٽ لکڻي هجي يا ڪا اسڪيم تيار ڪرڻي هجي، ته هو فتح مبارڪ ۾ رهڻ جي عيوض هن جڳهه تي وڌيڪ آسائش ۽ آرام سان رهي سگهي. اهي صاحب هتي ڏينهن جو ڪم ڪري رات جو راڳ ٻڌي سگهن ٿا.
ڳوٺ جي ٻاهران هڪ سٺو انسپيڪشن بنگلو ٺهرائڻ گهرجي، جتي وزير، وڏا عملدار، ٻاهرين ملڪن جا ڊپلوميٽ اچي رهي سگهن. آهستي ڪري ڳوٺ کان ڪجهه پري ائروڊروم به ٺهرائجي.
جيڪڏهن انهن تجويزن تي عمل ڪيو ويو، ته پوءِ اسان سنڌ جا ٻه مرڪز دنيا جي ٻاهران آيل مهمانن کي ڏيکارڻ لائق ٿي سگهنداسين. هڪ قديم تهذيب جو يادگار موهن جو دڙو ۽ ٻيو جديد ثقافتي مرڪز ”ڀٽ شاهه.“
آهستي ڪري اسان انهيءَ مرڪز جون سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ شاخون کولي سگهون ٿا.
جيڪڏهن ارباب حڪومت کي منهنجون اهي تجويزون يا ان جو ڪو حصو قبول هجي، ته انهن کي ان مرڪز جي انتظام کي هڪ بورڊ جي حوالي ڪرڻ گهرجي، جنهن جو چيئرمين ڪو وزير هجي. ان تي هڪ انجنيئر، هڪ آرٽسٽ، هڪ عورت ۽ پنج ٻيا ميمبر هئڻ گهرجن. ڀٽ شاهه جي سموري ڳوٺ ۽ ثقافتي مرڪز جو انتظام انهي بورڊ جي خرچ جي پورائي لاءِ ميلي جي ٽئڪس، سرڪاري گرانٽ، ۽ ڪجهه وقف جي جائداد ۽ ٻيا اهڙا مستقل ذريعا مقرر ڪيا وڃن.

(هيءَ تقرير سائين جي ايم سيد ڀٽ شاهه تي ڪانفرنس ۾ 1954ع ۾ ڪئي.)