ون يونٽ: سنڌ جي وجود تي وار
باوجود ان فيصلي جي ته آئينده عملي سياست ۾ حصو نه وٺڻو اٿم، پر وقت جي ضرورتن ۽ اوهان جي محبت، عارضي طرح ڇڪي آڻي پبلڪ پليٽفارم تي اوهان سان شامل ڪرايو آهي.
منهنجو عملي سياست کان ڪناره ڪشيءَ جو فيصلو قطعي اڻٽر ۽ آخري آهي. ان جا ڪارڻ طبيعت جي ناسازي ۽ سياست عمليءَ جي محرڪ جذبن؛ جهڙوڪ شهرت جي بک، عزت جي اڃ ۽ اقتدار جي حصول جي اهميت، قدر ۽ قيمت گهٽجڻ آهن. تنهنڪري عمرجي تقاضا ۽ طبعي رجحان جي ڪري زندگيءَ جو باقي حصو قومي اخلاق، تزڪيه نفس ۽ صحيح تعليم جي فروغ ۽ تبليغ لاءِ صرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو اٿم، جنهن لاءِ ڪتابن جو مطالعو ۽ تصنيف هڪ مشغلو هو.
ليڪن هن وقت جڏهن ته اسان جو ملڪ ۽ قوم، نازڪ دور مان گذري رهيا آهن ته اهڙي وقت ان جي خدمت ۽ مشوره کان انڪار ڪرڻ کي ڪفران نعمت ۽ فرض ناشناسيءَ سان برابر سمجهندي، اوهان جي سڏ تي لبيڪ چئي اٿم ۽ باوجود طبيعت جي مخالف لاڙي جي، اوهان جي درميان حاضر آهيان.
سنڌ کي 1843ع ۾، انگريزن فتح ڪري، انتظامي سهوليت خاطر سنڌين جي هزارها سالن جي روايات ۽ قومي عزت جي خلاف، 1847ع ۾ بمبئي علائقي سان گڏي ڇڏيو. آخر 1935ع ۾ گهڻين ڪوششن کانپوءِ، سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪرايو ويو. مون ان جي مختصر تاريخ، ”بمبئيءَ کان سنڌ جي آزادي“ نالي، پنهنجي هڪ شايع ٿيل ڪتاب ۾ ڏني آهي.
1938ع ۾، سنڌ جي جدا اسيمبلي قائم ٿي ۽ سنڌي وزارت وجود ۾ آئي، ۽ 1954ع تائين باوجود وزارتن بدلجڻ جي ان جو جدا وجود قائم رهندو آهي. ان کانپوءِ، هڪ وڏي صوبي جي مستقل مفاد خاطر، سنڌ کي زبردستيءَ سان ون يونٽ ۾ داخل ڪيو ويو.
ان دؤر ۾ سنڌي ميمبرن اقتدار جي حصول، شخصي اختلافن ۽ مختلف سببن ڪري جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو ڪنهن کان به لڪل نه آهي، ون يونٽ جو ٺهڻ، باهمي اختلافن ۽ ميمبرن جي خود مطلبيءَ ڪري هو.
هن وقت شاگردن، قومي ڪارڪنن ۽ عوام جي بيداريءَ، حالتن مان تبديلي آڻي ڇڏي آهي ۽ وڏا بت ڊهڻ کي نزديڪ اچي بيٺا آهن. مرڪزي اسيمبليءَ ۾ تبديلي اچڻ واري آهي ۽ مڪاني سياست ۾ نئين دور جو آغاز ٿيڻ وارو آهي. هيستائين اسان سڀني کان گهڻيون غلطيون ٿيون آهن، تنهنڪري گذشته ڪمزورين کي درگذر ڪري، نئين دؤر جو اهڙو آغاز ڪرڻو آهي جو وري اسان کان ساڳئي قسم جون غلطيون سرزد نه ٿين.
هن وقت تائين اسيمبلين ۾ ملڪي سياست ۾ اسان جي مٿانهين طبقي ذاتي اقتدار، عزت جو ڪارڻ ۽ ملڪيت ٺاهڻ جو ذريعو سمجهي پئي حصو ورتو آهي. پر هينئر اسان کي اڳين طريقن کي ڇڏي خدمت خلق، ملڪي سلامتي، عوامي فلاح ۽ بهبوديءَ جي بنيادن تي حصو وٺڻ گهرجي. ان لاءِ جيڪڏهن آئون ڪجهه صاف گوئيءَ کان ڪم وٺان ته مون کي معاف ڪندا، ڇاڪاڻ ته هينئر ملڪي سياست ۾ هيٺين مقصدن کي مشعله راه طور ڪم آڻڻو آهي:
سنڌ کي مغربي پاڪستان (ون يونٽ) کان آزاد ڪرائي، اڳوڻا صوبا بحال ڪرائڻا آهن.
ملڪي سياست کي آئينده لاءِ حتيٰ لامڪان اقتدار جي بکين، عزت جي طالبن ۽ حصول املاڪ جي خواهشمندن کان پاڪ رکڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي.
آئينده لاءِ سياسي پارٽين جي واڳ، بي لوث قومي ڪارڪنن، قربانيءَ جي پتلن ۽ درد دل رکندڙ ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيڻي آهي.
اسان کي شخصي پارٽيبازي، گذشته اختلافن، اڳوڻين ڪيل غلطين جي انتقامي جذبي ۽ اڳوڻن ۽ نون سنڌين جي تفاوتن کان برتر ۽ بالا رهڻو آهي. هر اهو سنڌي جو اسان جي مٿي ذڪر ڪيل مقصدن لاءِ بنا ڪنهن شرط شروط جي ون يونٽ جي خلاف شامل ٿيڻ ۽ مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي، اسان کي ان جي مدد حاصل ڪرڻي آهي.
هن وقت جن ماڻهن کي ڪن سببن ڪري شريڪ ڪري نه سگهيا آهيون ۽ ڪن ڪوتاهين ڪري کين دعوت نه موڪلي سگهيا آهيون، يا باوجود موڪلڻ جي هو مختلف وجوهات سببان هن مجلس ۾ شريڪ نه ٿيا آهن، تن کي هن قومي محاذ کان ٻاهر رکڻ جو ڪو به ارادو ڪو نه آهي. غلطيون هر هڪ کان ٿين ٿيون، انهن کي درگذر ڪرڻ قومي مفاد ۽ مصلحت وقت جي اهم تقاضا آهي.
سنڌ جي آزاد ڪرڻ بعد، اسان جي محاذ جا مکيه ۽ بنيادي اصول: قوم پرستي، معاشي انصاف ۽ جمهوريت رکڻا آهن.
آخر اسان کي مستقبل ۾ ملڪ جي سياسي ليڊر شپ، عوام جي هٿن ۾ آڻـڻي آهي؛ ليڪن ون يونٽ جي ڊاهڻ تائين اهڙا اختلافي مسئلا پيدا نه ڪرڻا آهن، جن جي ڪري اسان ۾ اختلاف پيدا ٿئي ۽ مقصد جي حصول ۾ رڪاوٽ جو ڪارڻ بڻجن.
1. جي صاحب اسان سان هن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ گهرن ٿا، تن کي شاهه لطيف عليھ رحه جي هيٺين بيت کي پنهنجي ذهن ۾ ضرور رکڻو پوندو:
سرتيون سڄي سڃ، متان ڪا مونسين هلي،
پاڻي ناهه پٽن ۾، رائو سجهي رڃ،
متان مري اڃ، ڪا ڏئي پاراتو پنهونءَ کي.
2. خدا جي مهربانيءَ ۽ مخلص ڪارڪنن جي همت ۽ قربانيءَ سان ڏکيا ڏينهن جلد دور ٿيڻ وارا آهن ۽ سنڌ کي وري آزاد ڪري، ان جي از سرنو تعمير ڪرڻي آهي.
3. اسان کي آئينده، ماڻهن ۾ اهو شعور پيدا ڪرڻو آهي ته هو کري ۽ کوٽي جي شناخت ڪري سياسي اقتدار، ذاتي وقار، عزت ۽ املاڪ جي طالبن جي پوئلڳن کان پاڻ کي پاسي رکن، ۽ خدمت خلق، اصولن جي پابندن ۽ قربانين جي پتلن کي پنهنجو رهبر بنائين.
4. مون اهو فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين سياسي معاملن ۾ اوهان سان شامل رهندس، اسيمبليءَ جي ميمبريءَ ۽ وزارت وغيره ۾ پاڻ نه ڦاسائيندس. اسان کي هن وقت سنڌ ۾ هر گروهه ۽ هر شخص جي مدد جي ضرورت آهي، ليڪن اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته آءٌ هميشه اهو خيال مد نظر رکندس ته ڪي ماڻهو يا گروهه، اسان کي ڪنهن به صورت ۾ هٿيو بنائي، استعمال نه ڪن.
5. هن وقت جن ماڻهن کي صدر صاحب جي ڍاڪا وارين مصلحتن ۾ شرڪت ڪرڻ، سندن دور وزارت ۾ ون يونٽ قائم رکڻ يا ان جي حمايت ڪرڻ وارن کي شامل نه ڪري سگهيا آهيون ته ان جو مقصد عارضي آزمائش آهي. جڏهن انهن مان ڪي به شخص بنا شرط شروط جي اسان جي مقصد جي حصول لاءِ شامل ٿيڻ گهرندا، تڏهن انهن کي شامل ڪرڻ ۾ ڪو به اعتراض ڪرڻ نه گهرجي.
6. اسان جي هن محاذ جا ٽي مکيه مقصد رهندا.
(الف) ون يونٽ ڊاهرائي، ننڍن صوبن کي مڪمل آٽونامي وٺائي ڏيڻ.
(ب) سنڌ جي ٻيهر آزاد ٿيڻ بعد، سنڌي سياست کي پاڪ صاف ڪري، عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ ملڪي تعمير لاءِ ڪتب آڻڻو آهي.
(ج) معاشي انصاف هڪ اهڙو ذريعو آهي، جنهن وسيلي عوام جي زندگيءَ جو معيار بلند ٿي، ملڪ مان بک، بيروزگاري، جهالت، بيماري، بداخلاقي دور ٿي سگهن ٿيون.
7. ون يونٽ جي کلم کلا مخالفت ڪرڻ وارن کي، هن محاذ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. هنن کي 1956ع جي آئين جي بحالي ۽ زونل فيڊريشن ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪرڻا آهن. جيڪي ماڻهو اهل پنجاب جي رضامنديءَ خاطر ون يونٽ جي خلاف آواز اٿارڻ جي باوجود مٿي ذڪر ڪيل ٻن شرطن سان شامل راءِ آهن، سي اسان سان شامل نه ٿين.
8. مون کي خبر آهي ته اسان جي جن نوجوان شاگردن ۽ قومي ڪارڪنن هن انقلاب آڻڻ ۾ حصو ورتو آهي، تن کي چند شخصن ۽ گروهن جي ابنالوقتيءَ واري پاليسيءَ خلاف سخت رنجيدگي آهي. ليڪن آءٌ کين سندن قربانين، همت ۽ صداقت جو واسطو وجهي، عرض ڪندس ته ون يونٽ ڊاهڻ تائين ذرا ٿڌائيءَ کان ڪم وٺن. ڇاڪاڻ ته ون يونٽ جي ڊاهڻ ۾ اسان کي هر سنڌيءَ جي مدد جي ضرورت آهي. اسان جي عوام ۾ اڃا ايترو شعور پيدا نه ٿيو آهي، جو انهن قومي ڪارڪنن ۽ خادمن کي ڪثير تعداد ۾، اسيمبلين ۾ چونڊي موڪلين. پئسي، ذاتي اقتدار، لڳ لاڳاپي، زميندار، پير ۽ مولويءَ کي اڃا اسان جي معاشري ۾ گهڻو اثر آهي، ٻه ڪم هڪ ئي وقت ٿي نه سگهندا. تنهنڪري ون يونٽ ڊاهڻ تائين اختلافي مسئلا ڇيڙڻ، دانشمندي نه آهي.
9. اسان جي نوجوان قومي ڪارڪنن کي ملڪ ۽عوام جي مستقبل درست ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکڻو پوندو؛ ليڪن حال ۽ مستقبل جي مسئلن جي وچ ۾ تميز ڪرڻ لازمي ٿيندي. سنڌ جي جدائيءَ کانپوءِ اقتصادي ۽ اخلاقي مسئلا ڇيڙي، فضا صاف ڪرائي سگهن ٿا.
10. شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ آئون پوڙها ٿي چڪا آهيون، آئينده جي رهبريءَ جي واڳ نوجوانن کي وٺڻي آهي. پر آئون ڪافي عمر سياست جي ميدان تي رهندي ۽ مختلف تجربن ۽ معلومات جي بنياد تي ڏسي رهيو آهيان ته گهڻن نوجوانن ۾ صداقت، جذبه ايماني ۽ دلي همت جي باوجود، هوش کان وڌيڪ جوش غالب پئجيو وڃي. جوش ۽ جذبو لازمي آهن، پر حقائق دهر کي سامهون رکي، قدم کڻڻ، سياسي ڪاميابيءَ لاءِ تمام ضروري آهي.
11. نيشنل اسيمبليءَ جي جن ميمبرن همت ڪري، ون يونٽ جي مخالفت ۾ آواز کڙو ڪيو آهي، تن کي آءٌ مبارڪباد ڏيان ٿو. اميد اٿم ته هو آئينده به ساڳي راهه اختيار ڪندا ايندا ۽ ذاتي لالچ يا ڪنهن ڊپ جي ڪري موجوده اختيار ڪيل رويه کان ڦري نه ويندا.
12. هن محاذ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ بلوچستان ۽ سرحد جي صوبن ۾ به اهڙا محاذ قائم ڪرائي، ان کانپوءِ سڀني صوبن جو متحده محاذ قائم ڪرڻو پوندو، ته جيئن وڏن صوبن، خاص ڪري بينگال جا سياستدان، اسان جي مدد ڪرڻ ۾ پنهنجو به فائدو سمجهن.
13. آخر ۾ آئون عوامي ليگ جي ليڊر، شيخ مجيب الرحمان ۽ اهل بينگال جي انهن سڀني پارٽين جو شڪريو ادا ڪرڻ کان رهي نٿو سگهان، جن بنا ڪنهن شرط شروط جي ون يونٽ ڊاهڻ ۽ مغربي پاڪستان جي ننڍن صوبن کي مڪمل آٽو نامي ڏيارڻ جو آواز اٿاريو آهي.
آخر ۾ آئون اوهان سڀني صاحبن جو شڪريه ادا ڪريان ٿو، جو اوهان سنڌ جي هر گوشي کان ڪهي، هتي اچي، اسان جي همت افزائي ۽ مدد لاءِ گڏ ٿيا آهيو.
(هي تقرير سائين جي ايم سيد، حيدرآباد سنڌ ۾ ڪوٺايل، ائنٽي ون يونٽ ڪانفرنس جي موقعي تي 9 مارچ 1969ع تي ڪئي)